ٻاراڻو ادب

اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

ھن ڪتاب ۾ ڏهن سالن کان سورهن سالن جي ٻارن لاءِ 27 اخلاقي(Ethical)  ۽ علمي(Educational)  مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ننڍن ننڍن موضوعن کي کڻي انساني اخلاقن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ هي ڪتاب بنيادي طور تي ٻارن جي لاءِ ئي لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪتاب ۾ ڏسيل نيڪ نقطن جي روشنيءَ ۾ پنھنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تربيت ڪندا تہ اسان جو سماج ۽ انھيءَ سماج جي هونھارن کي مستقبل جي زندگيءَ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي.

Title Cover of book اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

محنت جي عادت قدرت طرفان عظيم تحفو

محنت انساني فطرت جو عظيم مقصد ۽ اهو ئي هن زمين تي خوشيءَ جو ذريعو آهي، اها بہ حقيقت اهي تہ محنت خوشقسمتيءَ جي ماءُ ۽ انسان جي حياتيءَ جي گذران جو بنيادي ذريعو آهي. هر شخص پنھنجي قسمت جو پاڻ ٺاهيندڙ آهي. قسمت ڪنھن ٻئي هنڌان ڪانہ ايندي، بلڪہ اها محنتن سان ئي جوڙي ويندي آهي. محنت اسان جي هٿ ۾ ۽ نصيب الله جي هٿ ۾ آهي. اسان کي ان مان ڪم وٺڻو آهي، جيڪو اسان جي هٿ ۾ آهي.
ڏٺو وڃي تہ محنت جي عادت ماڻھوءَ ۾ ڪا هڪ اڌ ڏينھن ۾ پيدا ڪونہ ٿيندي آهي. هيءَ جسماني ۽ ذهني تڪليف، ذميواري، طاقت، توجھہ ۽ وقت جي پابنديءَ جي حامل آهي، جيڪڏهن ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي پنھنجي ڪمن پاڻ ڪرڻ جي عادت هوندي تہ هُو اڳيان هلي هڏڏوکي ٿيندا، نہ تہ منجهن سستي ۽ ڪاهليءَ جي عادت پوندي.
گوتم ٻڌ، جان کي جفا ڏيڻ جو قائل هو. هن مھان شخص جي ڄاڻايل اصولن ۾ محنت کي وڏي اهميت آهي، چوي ٿو تہ، ”جو شخص صاف دل آهي، سو پنھنجي بازن جي طاقت ۽ محنت سبب پنھنجو هٿ ٻئي اڳيان نٿو ٽنگي ۽ سستيءَ کان پري رهي ٿو. هو امير هجي، عالم هجي، هاري هجي خواھہ ڪاروباري هجي، مطلب تہ ڪنھن بہ حيثيت ۾ سماج جو فرد هجي اهڙي طريقي سان حياتي گذارڻ سان سندس نيڪنامي چوڌاري ڳائڻ ۾ ايندي“.
پورهئي يا محنت ۽ ڪم ڪرڻ کي ڪڏهن بہ عذاب نہ، بلڪہ دلچسپ وندر ۽ مشغولي سمجهندڙ ماڻھو ڪنھن بہ وقت محنت کان باز ڪونہ رهندا آهن، محنت نہ ڪندڙ ماڻھو نہ فقط پنھنجي لاءِ پر انسانيت جي لاءِ بہ ملامت ۽ بار آهن، ڇو جو اهڙيءَ ريت سڄو سماج سُست ۽ ٽوٽي ٿي ويندو. سستي ۽ ڪاهلي هن قيمتي حياتيءَ جو وڃاڻ آهي. هٿ هٿ تي رکي ويھڻ سان ڪو آسمان مان من وسلويٰ ماڻھوءَ کي ڪونہ ملندا، بلڪہ هو بُک مرندو، رزق ڪمائڻ لاءِ بہ هر انسان کي محنت ٿي ڪرڻي پوي تہ دنيا جو هر هڪ ڪم محنت سان مشروط آهي، چاهي اهو علم هجي يا عبادت، ادب هجي يا آرٽ، هارپو هجي يا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي. مطلب تہ محنت کان سواءِ ڪجهہ بہ ممڪن نہ آهي.
انساني عقل هڪ اهم سوغات آهي. عقل ۽ محنت جي ميلاپ سان ڪاميابي مڪمل يقيني آهي. حضرت علي رضي الله موجب تہ ”ڪوبہ دلاسو عقل جي دلاسي کان بھتر ڪونھي“ سو عقل ئي آهي جو محنت ۾ مددگار ۽ مشورا نواز آهي ۽ علامہ اقبال بہ ساڳيءَ ريت عقل ۽ علم کي فوقيت ڏني آهي. فرمائي ٿو تہ ”عقل جھڙي دولت ڪونھي ۽ جھالت جھڙي ڪا غربت ڪونھي“ سو عقلمند ماڻھو جيڪڏهن محنت ٿو ڪري تہ ڪاميابي ٿو ماڻي ۽ جيڪڏهن تعليم يافتہ آهي تہ هيڪاري وڌيڪ ڪامياب ۽ ڪامران آهي. معنيٰ تہ محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي ۽ محنت سان گڏ وقت تي هر ڪم ڪرڻ ۽ وقت جو قدر ڪرڻ هيڪاري اتم آهي.
وقت جي اهميت محنت جي معاملي ۾ تمام اهم آهي. عام طور چوندا آهن تہ ”وقت انھن کي ضايع ڪندو آهي، جيڪي وقت کي ضايع ڪندا آهن، دنيا ۾ توهان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ده اهو شخص هئڻ گهرجي جيڪو توهان جو قيمتي وقت برباد ڪندڙ آهي. هن تيز رفتار دور ۾ انساني ڪمن ۽ ڪوششن ۾ وقت جي تمام اهميت آهي، هتي اهو بلڪل صحيح سمجهہ ۾ ٿو اچي تہ، ” هن دور ۾ وقت گهٽ آهي ۽ مقابلو سخت آهي“ هيءُ مقابلي (Competition) جو دور آهي. جنھن ۾ ڪنھن بہ ڪم کي دل ۽ جان سان گڏ مڪمل ڄاڻ ۽ محنت سان مقرر وقت تي جيڪڏهن ڪبو، تڏهن ئي اهو مانُ ماڻيندو. وقت جھڙي اهم ترين ۽ ناياب شيءِ محنت سان مشروط آهي. زندگي فقط ۽ فقط وقت جو قدر آهي. وقت کي ضايع ڪرڻ معنيٰ تہ حياتيءَ کي ضايع ڪرڻ. ڪنھن شاعر چواڻي تہ،
محبت سان ڀرپور محنت ڪنداسين، ۽ محنت جي هر ريت عزت ڪنداسين،
۽ عزت اسان جي انھيءَ ۾ ئي آهي، تہ پيارن، پنھوارن جي خدمت ڪنداسين.
سُقراط چوي ٿو تہ، ”وقت جو هر ذرو سون جي ذري وانگر قيمتي آهي ۽ عقلمند وقت جو قدر ان جي موجودگيءَ ۾ ڪندا آهن، جڏهن تہ نادان وقت وڃائي پڇتائيندا آهن“.