ٻاراڻو ادب

اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

ھن ڪتاب ۾ ڏهن سالن کان سورهن سالن جي ٻارن لاءِ 27 اخلاقي(Ethical)  ۽ علمي(Educational)  مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ننڍن ننڍن موضوعن کي کڻي انساني اخلاقن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ هي ڪتاب بنيادي طور تي ٻارن جي لاءِ ئي لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪتاب ۾ ڏسيل نيڪ نقطن جي روشنيءَ ۾ پنھنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تربيت ڪندا تہ اسان جو سماج ۽ انھيءَ سماج جي هونھارن کي مستقبل جي زندگيءَ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي.

Title Cover of book اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

سچ جي طاقت لالچ کي روڪي ٿي

پيارا ٻارو! سچ انساني گڻن جو سرتاج آهي اهو سچ ئي آهي، جيڪو ماڻھوءَ جو مانُ ۽ شان هر هنڌ وڌائي، کيس دين ۽ دنيا ۾ سوڀارو ڪري ٿو. سچارن تي تہ مالڪ جون اکيون آهن تہ سندس ڪَنَ انھن سچن سوالين جي سوالن ڏي جن بہ ڪوڙ ڳالھايو ۽ برائيون اختيار ڪيون. مالڪ تن کان مَن موڙيو ۽ انھن جو ڄڻ تہ نانءُ ۽ نشان ئي دنيا مان ختم ٿي ويو. سچ قائم ۽ دائم ۽ ڪوڙ بي بقا. سچ نور جو سوجهرو تہ ڪوڙ باھہ جو آڙاھہ. تڏهن ئي تہ سچ ۽ ڪوڙ هڪ ٻئي جي ابتڙ ۽ تصوير جا ٻہ الڳ رخ آهن. سچ سونھن آهي ۽ سونھن ئي فطرت آهي، جنھن کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ سورهيہ سوريءَ سزا وار ٿيا آهن.
سچ سوريءَ کي سونھن ڏئي ٿو، سوري سچ جو زيب،
هر ڪو عيسيٰ کڻي، ڪلھن تي پنھنجو پاڻ صليب.
سچ ئي آهي، جنھن لاءِ امام حسين عليہ السلام سجدي ۾ سَر ڪَٽايو.
سچ ڇالاءِ ڪوڙ جي بيعت مڃي، حق ڇو ناحق جي بيعت مڃي،
هڪ طرف جنت، جهنم ٻئي طرف، نور ڪيئن ٿو، نارجي سنگت مڃي.
واعدو پاڙڻ ۽ عھد پورو ڪرڻ سچ جي بدولت ئي ممڪن آهي. وعدہ وفائيءَ جي خوبيءَ سان ماڻھن ۾ اعتبار ۽ اعتماد وڌي ٿو. سچ ۽ ڪوڙ مختلف ۽ متضاد رويا آهن. سچ دين جو بنياد تہ ڪوڙ منافقي ۽ ڪفر، سچ انساني شخصيت جي تعمير جو اهم ٿنڀو تہ ڪوڙ ماڻھوءَ جي شخصيت جي لاءِ قينچي آهي. شيخ سعدي چوي ٿو تہ، ”سڀ کان وڏي خيانت اها آهي تہ تو پنھنجي ڀاءُ سان ڪوڙ ڳالھايو، جنھن کي هُو سچ سمجهي وڃي“. ڪوڙ ماڻھوءَ جي عزت گهٽائي، کيس دين دنيا ۾ خوار ۽ خراب ڪندڙ آهي. ڪوڙي جي عزت ڪنھن جا ءِ تي نہ ٿي هجي. آخرڪار سندس ڪارستانيون سڀني کي معلوم ٿي وينديون آهن. موجودہ دور ۾ ڪوڙ کي مختلف طريقن ۽ نمونن سان رائج ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي، ڳالھہ کي بدلائي ۽ ٺاهي پيش نہ ڪرڻ واري کي سادو ۽ بيوقوف سمجهيو ٿو وڃي پر ڏٺو وڃي تہ اهو وقتي ۽ دنياداريءَ جو رستو آهي. جنھن کي بقا ڪونھي، ڪوڙي ماڻھوءَ جو نسل بہ اڳيان هلي ڪوڙو ٿو ٿئي. اهڙيءَ ريت ڪيترائي خاندان هن قبيح عادت جو شڪار ٿا ٿين. جڏهن تہ سچ جو مقام تمام بلند آهي ۽ آخر سچ جي ئي فتح ٿئي ٿي.
سدائين ٿو سَرَ هو، گذاري سچار،
سدا آهي، ڪوڙ خراب ۽ خوار.
سھڻو سخن آهي تہ ”جي سُکيا ڏينھن ڪاٽڻ ٿو چاهين تہ زبان کي برائيءَ کان ۽ چپن کي ڪوڙ کان پري رک، بڇڙائيءَ کان باز ٿي نيڪي اختيار ڪر“. اسلام ۾ سچ ڳالھائڻ جي تمام گهڻي هدايت ٿيل آهي تہ صدين کان پوريءَ دنيا ۾ نيڪن، ڏاهن، ولين ۽ پيغمبرن سچ جي اهميت ڄاڻائي آهي. سماج جي اهم برائين ۾ ڪوڙ هڪ وڏي لعنت آهي. سچ جي نعمت جو قدر ڪري ان جو مانُ مٿانھون ڪرڻ سان اخلاقي قدرن ۾ واڌارو ٿيندو.
لالچ ۽ حرص کان بچاءُ سان انسان سچار ٿيئي ٿو. اسان جي گهڻين پريشانين جو سبب اسان جون غلط خواهشون، هٻڇ ۽ لالچ آهن. پُرسڪون زندگيءَ جو هڪ اصول قناعت پڻ آهي. خدا تعاليٰ خوشحالي بخشي تہ بہ پنھنجين تمنائن کي گهڻو وسيع نہ رکڻ گهرجي. خواهشون ۽ دنياوي لالچن جا انبار نہ فقط شخصي طور ماڻھوءَ کي جهوري ڀوري ٿا ڇڏين، پر انھن جو پورائو نہ ٿيڻ کيس نااميديءَ جي ڌٻڻ ۾ وجهي ٿو ڇڏي. جتان ئي هن جي اصل ناڪامي شروع ٿئي ٿي. ڇو جو جنھن ڊگهيون اميدون رکيون، تنھن پنھنجا عمل بگاڙي ڇڏيا. لاحاصل خواهشن جي پٺيان ڊوڙڻ ايئن آهي، جيئن سُڃ ۾ پاڻي ڳولھڻ سو گهڻيون خواهشون، حرص، هوس ۽ لالچ ۾ شمار ٿين ٿيون. هڪ ڏاهي جو قول آهي تہ، ”شين جي محبت، دل ۾ دائمي طور داخل ٿي وڃي تہ اتان دلين جو مالڪ لڏي ويندو آهي“.
خواهشن ۽ اميدن جا پڻ معيار مقرر ٿيل آهن. اهڙيون خراب خواهشون جن سان انسان ٻئي جا حق تلف ڪري ۽ فقط سندس ذاتي خوشيءَ لاءِ غلط طريقن سان لاڳاپيل هجن. سي لالچ ۽ حرص جو حصو آهن. باقي نيڪ اميدون ۽ نيڪ تمنائون ۽ نيڪ خواهشون ضرور رکڻ گهرجن. جيئن ديني دنياوي علم حاصل ڪرڻ جي خواهش، دنيا ۾ سرخرو ٿيڻ ۽ ڪاميابيون ماڻڻ جي خواهش يا ڪي ڪارائتا ڪم ڪرڻ جي خواهش لالچ کان مختلف آهن. لالچ معنيٰ تہ ٻئي جي شيءِ ۾ اک رکڻ ۽ هٻڇ سان پنھنجو ڌن ناجائز طريقن سان وڌائڻ، ٻئي جو حق غصب ڪري پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ، ٻئي سان حسد ڪري سندس جان ۽ مال کي نقصان ڏيڻ وغيرہ، انسانيت جي خدمت خدا پاڪ جي خدمت آهي ۽ انسانيت جي لاءِ پيار ۽ محبت جي جذبي جي تمام گهڻي اهميت آهي. محبت ۽ پيار جا جذبا روحاني جذبا آهن. هن روحاني خزاني مان فيضياب ٿيڻ سان اسان انسانيت جي تعمير بھترين نموني ڪري سگهون ٿا. هي ءَ دنيا انسانن لاءِ آهي ۽ انسان دنيا لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن، پر هتي اچڻ کانپوءِ هر ماڻھو ذاتي طور ايئن سمجهي ٿو تہ هتي موجود هر شيءِ صرف هن جي لاءِ آهي ۽ هُو خود غرض بڻجي ٿو. جنھن سان منجهس لالچ پيدا ٿيئي ٿي ۽ هو سچ جي رستي کان پري ٿي وڃي ٿو جو ذاتي ۽ قومي نقصان آهي.