شاگرد استاد جي قدمن مان اُڀري ٿو
استاد شاگرد جو رشتو علم ۽ هنر جي ڄاڻ جي منتقليءَ سان گڏ عزت، احترام، پيار، شفقت ۽ اطاعت جو رشتو آهي. جيڪڏهن شاگرد فرمانبردار نہ آهي تہ هو بي ادب ۽ بي مراد آهي ۽ کيس ڪجهہ حاصل ٿيڻ محال آهي. شاگرد جي لاءِ ضروري آهي تہ وٽس سکڻ جي شوق، محنت ۽ جستجوءَ سان گڏ استاد جي عزت ۽ وقار کي سمجهڻ جي ساڃھہ هجي. وڏن جي چوڻين کي جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ انھن ۾ ننڍي ٻار جي سڌارڻ ۽ وارڻ لاءِ سختيءَ کي بہ پسند ڪيو ويو آهي. چوڻ آهي تہ، ”استاد جي مار ٻار جي سنوار“ اهو چوڻ وارا ڪجهہ حد تائين حق بجانب آهي. پر اڄ اسين پسند نٿا ڪيون تہ ٻارن تي سختي ڪئي وڃي ۽ چاهيون ٿا تہ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ دوستيءَ جو رشتو هجي تہ جيئن شاگرد پر اعتماد هجن ۽ بنا حجاب کانئن سوال جواب ڪري ڄاڻ حاصل ڪن. اهو ڪجهہ حد تائين صحيح بہ آهي پر انھيءَ سسٽم ۾ بہ ڪي خرابيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انھيءَ سان استاد جي عزت ۾ ڪمي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪجهہ هنڌن تي استادن کي گهٽ نظر سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن استاد مالي ۽ ذهني طور مطمئن ۽ آسوده نہ آهن تہ کانئن گهڻين ڪوتاهين جي اميد ڪري سگهجي ٿي. ڪو وقت هو استاد جي عزت جو ڪو حساب نہ هو. والدين پنھنجي اولاد کي تنبيھہ ڪندا هئا تہ پنھنجي استاد جي عزت رکو. سندن ڪيل سختيءَ کي پنھنجي ٻارن جي حق ۾ بھتر سمجهندا هئا ۽ وٽن استاد جو وڏو مان هوندو هو استاد بخاريءَ موجب تہ،
هنن جون چماٽون، اڃان ياد آهن،
اکيون کول، او قوم، استاد آهن،
هنن جي حقن جو، حساب ئي نہ آهي،
سڄي قوم سرهي، جي هي شاد آهي.
مٿئين چئو سٽي مان معلوم ٿئي ٿو تہ اسان جي سماج ۾ هن وقت هڪ منفي تبديليءَ جي ڪري استادن جي عزت ۾ وڏي ڪمي آئي آهي. حالانڪہ استادن جي عزت رکڻ والدين جو بہ فرض آهي. جنھن سان سندن اولاد (شاگرد) بہ ساڳيو رويو اختيار ڪري ڪاميابي ماڻيندو. شاگرد جيستائين جان کي جفو ڏيئي محنت ۽ رياضت نہ ڪندو، ادب ۽ ساڃھہ سان، سچو جوڳ، تن ۽ من جي تياڳ سان حاصل نہ ڪندو. تيستائين هو نہ مقصد حاصل ڪندو ۽ نہ ئي ڪاميابي نصيب ٿينديس. محنتي ۽ ڄاڻو استاد جي سچي رهنمائي ئي. سندس زندگيءَ جو اثاثو ثابت ٿيندي.
”نيم حڪيم خطرہ جان ۽ نيم ملان خطرہ ايمان“، وانگر اڌوري ۽ اڻ پوري ڄاڻ وارو شخص فائدي جي بجاءِ مرڳو نقصان جو سبب ٿيندو آهي. قابل استاد پُر اعتماد هُجي ٿو ۽ وري جيڪڏهن منجهس ڏيڻ جو جذبو آهي تہ هو جنتي آهي. (ڄاڻ کي محدود ڪرڻ گناھہ آهي) علم حاصل ٿيڻ جي شڪر ادائي اها آهي تہ ان کي سچيءَ دل سان اڳيان وڌايو وڃي. نااهل استاد، رشوتي، سفارشي ۽ بدمزاج هوندو آهي جيڪو هر وقت پيو شاگردن کي داٻا ڏيندو ۽ لعن طعن ڪندو. چوندا آهن تہ ”ڌڪ رحماني ڌڪ شيطاني“ سو اهڙن بي وس ۽ غير مھذب استادن کان الله بچائي. ”جيڪي پاڻ نہ پڙهيا سي ڪھڙا اڪ ڪارا ڪندا“. منھنجي نظر ۾ سڀ کان پھرين استادن جي مقررين تي توجھہ ڏني وڃي کين سخت امتحاني مرحلن مان گذاري ميرٽ تي کنيو وڃي ۽ وڏي پگهار ۽ سھوليتن سان رکيو وڃي تہ نہ فقط قوم کي قابل استاد ملندا پر اڳيان هلي، اڻ پڙهيل، ڪاپي ڪندڙ، نااهل شاگردن جي فوج مان جان ڇٽندي ۽ ڄاڻو استادن جي اطاعت مان اڀريل شاگرد ئي قوم جا بھترين معمار ثابت ٿيندا.