دوستيءَ جو بنياد خُلوص ۽ صداقت
دوستيءَ جو دم هڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،
ڪنڌ تي پربت، کڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي،
ڪلڪيوليٽر کي ڇڏيو، انسان کي،
يار جو هڪ ”ڳُڻ“ ڳڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
دوستي هڪ اهڙو سمنڊ آهي، جنھن جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ سان محبت جا موتي ملن ٿا. محبت سان پوکيل هيءُ فصل شڪر گذاريءَ سان لڻبو آهي. يعني دوستيءَ ۾ مطلب پرستي نہ هجي، صداقت ۽ خلوص ئي دوستيءَ جا بنياد آهن، جنھن ۾ آزمائش ۽ پرک وٺڻ سان رڪاوٽ اچي ٿي. خوشامدي ۽ چاپلوس دوستن کان بچڻ کپي. هونئن بہ سنگت هڪ جھڙي ۽ هڪ جيڏي سان ٺهندي آهي. چوڻي آهي تہ، ”صحبت رکجي پنھنجي جيس سان بگهڙ جي صحبت بہ ڪا گهيٽي سان سونھي؟“ حقيقت ۾ سٺي دوستيءَ جي پرک اها آهي تہ هُو نيڪ، ذهين، محبتي، پر خلوص، سمجھدار ۽ ڏکن سکن جو ساٿي ۽ مھل ڪُمھل ڪم ايندڙ ۽ وفادار هجي ۽ دوست کي سنئين رستي ڏي موڙي.
”ٻانھياريءَ جو بُجو بہ سونو“ سو سچي دوست جي هٺ ڦٺ ۽ حق چوڻ تي ڪڏهن بہ رنج نہ ٿيڻ گهرجي. دوستن جي حق چوڻ تي ڏمرجڻ وارن جا دشمن گهڻا هوندا آهن، پر اڄ سچا دوست ملڻ مشڪل ٿي پيا آهن. موجودہ دور ۾ ماڻھن جي اندر ۾ آيل اخلاقي ڪمزورين سبب دوستيءَ ۾ پڻ لالچ لوڀ، ريس، ڪَسرَ، اميري، غريبي ۽ سماجي رتبن جا فرق آهن. ماڻھو دل آزاريءَ جي لاءِ سندرو ٻڌي بيٺا آهن. سچو دوست تہ ڄڻ ڳولھيو ئي نٿو ملي تڏهن تہ احتياط پسند هيءُ ڏاهو چوي ٿو تہ؛
I forgive those who have injured me; I declare friendship with all living beings. I have enmity towards none.
جن مون کي پيڙا ۽ تڪليف پھچائي، آئون انھن کي بہ معاف ٿو ڪريان. سڀني سان منھنجي دوستي آهي ڪو بہ منھنجو دشمن نہ آهي.
دوستيءَ جي موٽ ۾ مليل پيڙا ۽ ايذاءَ کي سھڻ تمام ڏکيو ٿئي ٿو. ڇو جو دوستي دل جو رشتو آهي. دل جي ٽٽڻ سان دنيا جي هر ماڻھوءَ تان اعتبار کڄي ويندو آهي، پر ٿئي ايئن ٿو تہ اڄ جي مادي دور ۾ فقط ۽ فقط پئسي سان محبت جي ڪري دوستيءَ جا معيار تبديل ٿيندا پيا وڃن، ان ڪري هن دور ۾ دشمنن جي اضافي کان بھتر آهي تہ سڀني سان سٺو ميل ميلاپ رکيو وڃي ۽ ڪنھن ۾ بہ توقع نہ رکجي، خليفو مامون رشيد، سچو دوست انھيءَ کي ٿو سڏي، جو دوست جا عيب کيس اڪيلائيءَ ۾ ڄاڻائي تہ پرپٺ تعريف ڪري ۽ مشڪل وقت ۾ سندس مدد ڪري جڏهن سچا دوست ڳولھيا نہ ملن تہ شاگردن کي پنھنجي والدين، استادن، ڀائرن ڀينرن ۽ ڪتابن جي عظيم سرمايي سان دوستي ڪرڻ گهرجي تہ جيئن هو نقصان کان بچي سگهن.