عدل ۽ انصاف جي سماج ۾ ضرورت ۽ امن جي اهميت
هڪ ٻي حديث آهي تہ، ”مظلوم جي آھہ کان بچ، ڇاڪاڻ تہ ان جي وچ ۾ ۽ رب جي وچ ۾ ڪا بہ اوٽ ناهي“
رسول پاڪ اهو بہ فرمايو آهي تہ، ”مسافر، مظلوم ۽ ماءُ جي دعا قبول ٿيندي آهي“. قدرت جو اهو قانون آهي تہ حق جي آواز کي جيترو بہ دٻائبو، اهو ايترو ئي سختيءَ سان اڀرڻ جي طاقت رکندو آهي. مظلوميت، ظلم جي انتھا سان انتقام ۾ تبديل ٿيندي آهي. انھيءَ ڪري جيترو ٿي سگهي، ڪنھن سان بہ انياءِ ۽ ظلم ڪرڻ کان بچجي. بي انصافي ظلم آهي ۽ انصاف حق جو آواز آهي. ناانصافي، ڏاڍائي، افراتفري، ٻوسٽ ۽ غير برابريءَ کي روڪڻ لاءِ قانون سان گڏ اخلاقي گڻن جي قدر کي وڌائڻ سان روڪي سگهجي ٿو، نہ تہ ظلم جي اونداهيءَ ۾ روشني ڦُٽڻ ناممڪن آهي. حقيقي آزادي ۽ عدل انصاف وارو سماج اهو آهي، جنھن ۾ ظلم جو خاتمو ٿي وڃي. قرآن پاڪ ۾ آهي تہ، ”عدل ۽ توازن جو پورو پورو خيال رکو ۽ تارازيءَ کي هڪڙي پاسي نمڻ نہ ڏيو“.
ملڪ جي حاڪم جو اهو فرض آهي تہ هُو پنھنجي ماڻھن سان ويجهو رهي. قائداعظم محمد علي جناح فرمايو آهي تہ، ”منھنجي دعويٰ آهي تہ جيڪڏهن اوهين عوام جي راءِ ۽ سندن خواهش جو احترام نہ ڪندا تہ اوهين جيترا بہ وڻيو اوترا قانون کڻي بنايو، مگر اوهين انھن جي وسيلي بدامني ڦھلائيندڙ سڀني عناصرن جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نہ سگهندا“. سو بي انصافيءَ جو خوف ئي آهي جو ماڻھن ۾ انصاف جي لاءِ محبت پيدا ڪري ٿو. ظلم، تشدد ۽ بي انصافيءَ سان ڪڏهن بہ دنيا ۾ روحاني، اخلاقي يا مادي خوشحالي آڻي نٿي سگهجي. سُک جو رستو امن، پيار، محبت، فرض شناسيءَ سان گڏ نفاق ۽ بدامنيءَ کي ٻُنجو ڏيڻ جو آهي.
ڪيڏو نہ امن لاءِ جڳ منتظر بہ آهي؟ ڇا ڪار ساز قھرن کان بيخبر آهي؟
ڪو آسمان تان ڳائي، بارود ڌوڙ ٿي ويا، ان کان وڌيڪ نغمو ڪو معتبر بہ آهي.
”امن“ ظاهري طور تہ مختصر لفظ آهي، پر معنيٰ جي لحاظ کان وسيع ترين ۽ انساني اندر جو سڪون آهي. امن ئي آهي جنھن سان ڪنھن ملڪ ۽ قوم جي ترقي ممڪن ٿي سگهي ٿي. امن قومن جي ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي تہ سندن ترقيءَ جو راز پڻ. امن ضمير جي سجاڳي تہ امن عدل ۽ انصاف بہ آهي اڄ جي ائٽمي پاور واري دور ۾ هر ملڪ نہ فقط پنھنجي سرحدن جي بچاءَ لاءِ پريشان آهي، پر ملڪ جي اندروني حالتن کي منھن ڏيڻ ۾ پڻ گهڻو فڪرمند آهي، موجودہ وقت جيڪڏهن ڪنھن بہ گهر جو ڪو بہ ڀاتي گهر کان ٻاهر آهي تہ دير ٿي وڃڻ تي گهر ۾ موجود هر هڪ پريشان هجي ٿو تہ ”شل خدا خير ڪري“. ان جو سبب فقط ۽ فقط قتل، خودڪش حملا، چوريون، ڦر، اغوا وغيرہ آهن. عدل انصاف ۽ امن جي ماحول کي وڌائڻ ۾ انساني اخلاقي قدرن جو وڏو ڪمال آهي. اهڙين خوبين جيئن سچ، لالچ ۽ حرص و هَوَس کان بچاءُ، انسانيت جي لاءِ پيار ۽ محبت، فرض شناسي، بھادري ۽ همت، محنت، اميد جو جذبو، خوداعتمادي، شيرين زباني، وعدہ وفائي، صبر ۽ شڪر، حسد کان بچاءُ، نوڙت ۽ ٻيا نيڪ عمل ۽ چڱا اخلاق آهن، جن کي پنھنجو ڪرڻ سان هڪ سڌريل سماج جو بنياد پوندو، ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ذاتي چڱين خوبين جو سماج تي تمام وڏو اثر پوي ٿو. فقط هڪ انسان جي سڌرڻ سان هڪ مڪمل خاندان سڌري ٿو ۽ اهڙيءَ ريت ان خاندان جي ٻين ڀاتين جي سڌرڻ سان ڪيترائي خاندان سڌرن ٿا ۽ مڪمل طور هڪ مھذب قوم جي اوسر عمل ۾ اچي ٿي. گوتم ٻُڌ چوي ٿو تہ،
”غصي ۾ ڳالھايل هڪ لفظ بہ سڀ کان تکي تلوار آهي. لالچ سڀ کان خوفناڪ زهر تہ حرص و هوس سڀ کان تيز باھہ آهي. جھالت سڀ کان وڌيڪ اوندھہ تہ، سڀ کان خوفناڪ چور آهن خراب خيال ۽ سڀ کان دردناڪ بيماري آهي دل جي پليتي، سڀ کان تيز بخار آهي نفرت، سڀ کان وڌيڪ نقصان ڏيندڙ اهو شخص آهي، جو ٻين کي فائدي پھچائڻ بنا پاڻ کي فائدو رسائي ٿو. سڀ کان سٺو حڪيم آهي پروڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ فائدي ۾ اهو رهي ٿو، جو ٻين کي ڏئي ٿو ۽ سڀ کان قيمتي خزانو آهي نيڪي“.
اهڙيءَ ريت امن، عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ ۽ اهو شعور ڏيڻ لاءِ چڱن اخلاقي گڻن جو پکيڙڻ وڏي نيڪي آهي، جا ڪنھن سٺي سماج جي وڌڻ ويجهڻ جي اهم ضرورت پڻ آهي.