علم ڇا آهي؟
علم انساني آزادي ۽ پيار جو واحد سرچشمو آهي، جنھن مان عالم ۽ علم حاصل ڪندڙ مستقبل جا پانڌيئڙا فيضياب تہ ٿيندا آهن، پر پوري سماج ۾ نور جي سوجهري جيان علم جي بدولت روشني ٿيندي آهي. موجودہ تعليم جي معيار جي جڏهن ڳالھہ ڪريون ٿا تہ هڪ نظر اسان کي پويان ڏسڻو بہ ضروري پوندو. انگريز دور کان اڳ اسان وٽ عربي، فارسي ۽ ٻيون علائقائي ٻوليون هلندڙ هيون، جن ۾ مختلف فنن ۽ علمن جي ڄاڻ شاگردن کي ڏني ويندي هئي.
موجودہ تعليم جي نظريي ۽ ان جي اصولن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي جديد تعليم جو سرشتو سمجهڻو پوندو. جيڪو هن نئين دور جي پيداوار آهي. انگريزن جي دور کان ئي انگريزي تعليم اسان وٽ رائج ٿي آهي. انھيءَ نئين تعليمي سلسلي ۾ انگريزي ٻوليءَ جي اهميت اُتم آهي، انھيءَ کانپوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا مضمون آهن تہ گڏوگڏ شاگردن کي اردو، سنڌي، اسلاميات، تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا مضمون پڙهايا وڃن ٿا، جيڪي سڀ پنھنجي پنھنجي طور تي اهم آهن. پر پوءِ بہ ڏٺو وڃي تہ اڄ اسان تعليم جي معيار کي انھيءَ بلنديءَ تائين پھچائي نہ سگهيا آهيون. جتي ان کي هئڻ کپي. آخر انھيءَ جو ڪھڙو سبب آهي؟ حقيقت ۾ تہ انھيءَ مسئلي جي هئڻ جا ڪيترائي سبب آهن، پر مختصر طور ايئن چونداسين تہ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ بہ پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي بيچيني ۽ غير موافق علمي حالتون رهيون آهن، جن جو اثر نئين نسل تي پيو آهي. نہ فقط علمي طور پر سندن تربيت ۾ پڻ اسان کان ڪوتاهيون ٿيون آهن. تعليم ۽ تربيت ٻہ الڳ لفظ هوندي بہ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. تعليم بغير تربيت ۽ تربيت بغير تعليم اڌوري آهي. اڄ تعليمي نظام جي تبديليءَ جي اشد ضرورت آهي. پراڻا نصابي ڪتاب، ناقص امتحاني سرشتو، استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ ويڇا، والدين جو اولاد سان رويو، مھانگائي ۽ ٻيا مسئلا گڏجي هن نظام کي متاثر ڪري رهيا آهن. اسان جي وڏن تمام مشڪل حالتن ۾ علم حاصل ڪيو. هو علم جا مينار هئا، اسان جي نئين نسل کي اڄ علم جي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سھولتون ميسر آهن. قدرت کين اعليٰ ۽ روشن دماغ عطا ڪيا آهن، سو انشاءَ الله هو ضرور اڳيان ايندا ۽ اچي رهيا آهن، پر اها بہ حقيقت آهي تہ هيءُ مقابلي جو دور آهي. ڪالھہ ملڪ جي آبادي ايتري نہ هُئي جيتري اڄ آهي. موجودہ وقت جي شاگرد کي، نرسري ڪلاس کان پوسٽ گريجوئيشن تائين وڏين مشڪل حالتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. تہ بہ هو محنت ڪري رهيو آهي. اهڙين ڏکين حالتن ۾ پنھنجي ايندڙ نسل جي حوصلي ۽ همٿ لاءِ ۽ کين غلط رستي کان بچائڻ لاءِ، مائيٽن ۽ استادن کي گهُرجي تہ هُو کين سھڻي نموني سان همٿائين ۽ سندن مڪمل طور مدد ڪن، پنھنجي قابليت ۽ تجربي جي قوت جي بنياد تي ايندڙ نسل کي عقلمنديءَ سان پنھنجي ويجهو ڪن. انساني عقل الاهي تحفو آهي. عقل ۽ علم جي ميلاپ سان عملي قوت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھن ٽنھي جي گڏجڻ سان ڪاميابي حاصل ٿيڻ ناممڪن نہ آهي. انھيءَ ڪري حياتيءَ ۾ اصل ڪمال عقل سان علم ۽ عمل کي جمع ڪرڻ آهي. حضرت علي رضي الله جو قول آهي تہ، ”اي نوجوانو! ادب جي ذريعي پنھنجي عزت ۽ علم جي ذريعي پنھنجي دين جي حفاظت ڪريو“.
انساني ترقيءَ جو راز، لڳاتار عمل ۽ وري وري عمل ڪرڻ ۾ لڪيل آهي ڪم ڪرڻ سان غلطي ۽ غلطيءَ سان تجربو ۽ تجربي سان عقل ايندو آهي هڪ عالم جي چوڻ مطابق تہ، ”بلند مرتبو حاصل ڪرڻ لاءِ فڪرمند نہ ٿيءُ البت صحيح ڪم ڪرڻ جو فڪر ڪر، انھيءَ تي بہ پريشان نہ ٿي تہ ڪو توکي سڃاڻي ڪونہ ٿو، پر پاڻ کي لائق بنائڻ جي جستجو ۾ لڳو رھہ“.
حقيقت ۾ اها ئي تعليم جي مقصديت آهي. جيستائين علم جي مقصد يعني ”ڄاڻ“ کي وڌائڻ جي سگھہ پاڻ ۾ پيداڪونہ ڪبي، تيستائين ماڻھو اهو مرتبو حاصل نہ ڪري سگهندو، جيڪا هن جي خواهش هوندي يا جيڪو کيس ڪو باعزت مقام عطا ڪري ۽ اهڙي اعليٰ رتبي ۽ منصب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍپڻ کان ئي ٻار جي صحيح تعليم ۽ تربيت تي توجھہ ڏيڻ ضروري آهي. قديم يونان جو ڏاهو، فلسفي، ارسطو (ارسطاطاليس) ننڍپڻ جي علم جي اهميت تي لکي ٿو تہ، ”جو شخص علم حاصل ڪرڻ ۾ ننڍپڻ جا ٿورا ورهيہ خرچ نٿو ڪري، ان کي سڄي عمر جي جھل جون سختيون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون“.
اهو علم ۽ عقل ئي آهي، جنھن جي ڪري انسان کي ”اشرف المخلوقات“ جو لقب مليو ۽ هُو ڪماليت جي انتھائي درجي تي پھتو ۽ اهو علم ئي آهي جنھن جي وسيلي ماڻھو فراخ دل ۽ روشن خيال ٿو ٿئي ۽ ان جي ٿورائي جھالت سان گڏ ذهني تعصب ٿي پيدا ڪري، اڄ اسان جي دنيا تہ علم جي دنيا آهي، پر اسين ڏاهپ کان محروم آهيون. اسين علم ۽ امن کان وڌيڪ جنگ جو علم ڄاڻون ٿا. سچو علم اهو آهي، جنھن مان ماڻھو پنھنجي پاڻ کي سڃاڻي ۽ انسان کي پنھنجي منزل مقصود جي ڄاڻ پوي، علامہ آءِ آءِ قاضيءَ چواڻي تہ ” هيءُ سجاڳيءَ جو زمانو آهي“، اڳي چوندا هئا تہ ”تن درست تہ من درست“، پر هاڻي چون ٿا تہ ”من درست تہ تن درست“ سو صحيح حاصل ڪيل علم مان ئي سُٺا انسان اسان اڳيان ايندا“.
صدين ۾ ٿيو بہ هڪڙو ديده ور پيدا تہ ڇا ٿي پيو؟
اسان جي ڏيھہ کي، ڏهن هزارن جي ضرورت آ،
نوان سقراط، افلاطون پيو استاد پيدا ڪر،
زماني کي نڪورن شاهڪارن جي ضرورت آ.
(استاد بخاري)
ملڪ ۽ قوم ۾ سڌارو تڏهن ايندو، جڏهن علم جي نور کي عام ڪيو ويندو. علم کي خرچ ڪرڻ سان ئي علم وڌي ٿو ۽ علم زندگيءَ جي علامت ۽ ان جي دلڪشي سڀني انسانن جي گڏيل ميراث آهي. نہ ان جي ڪا حد مقرر آهي ۽ نہ ئي اها ڪنھن هڪ ماڻھوءَ جي جاگير آهي. علم وارو ستڙ ۽ سالم تہ عالم جي اعليٰ مقام تائين پھتل هجي ٿو، علم لاءِ دين ۾ دُعائون گهرڻ ۽ عمل ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي.
علم عمل کان سواءِ بيڪار آهي ۽ عمل کي هٿي ڏيڻ ۾ وري ڪارگر قوت مطالعي جي آهي. مطالعو صرف پڙهڻ جو نالو نہ آهي، پر سمجهڻ، پرکڻ، پروڙڻ ۽ عمل جو نالو آهي، دنيا جي وڏن وڏن ماڻھن مطالعي جي قوت سان پنھنجي عزت ۽ شان، عقل ۽ سمجهہ، علم ۽ عمل ۾ نہ فقط واڌارو ڪيو، پر سندن ذات مان پڻ ڪيترائي ماڻھو فيضياب ٿيا. چوندا آهن تہ ”پڙهڻ آهي رُڪ جا ڄڻا چٻڻ“ سو پڙهڻ لکڻ تمام محنت جو ڪم آهي. ان جي اهميت ۽ ڄاڻ پڻ انھن ڪامياب ماڻھن کي آهي، جن اهي محنتون ڪيون. دنيا ترقي پسند ۽ عملي تبديليءَ جي آهي. مٿي بہ شاگردن کي آئون اهو ڄاڻائي آئي آهيان تہ اڄ جيڪي دنيا جون حالتون آهن، سي ڪالھہ ڪونہ هيون ۽ سڀاڻي جيڪي تبديليون اينديون. اهي اسان جي اڄ واري دنيا کان مختلف هونديون، هيءَ دنيا بلڪل عملي ڪار گذاري آهي ۽ ماڻھوءَ جو اعتبار لفظن ۾ نہ، پر عمل ۾ قائم ٿيندو آهي. هر عمدو ڪم پھرين شروع ۾ ناممڪن ڏسڻ ۾ ايندو آهي پر ڪم ۾ گهڙڻ ۽ محنت ڪرڻ سان اهو آسان ٿي وڃي ٿو. سو شاگردن لاءِ اها ڳالھہ اهم آهي تہ هو ڄاڻ حاصل ڪري ان تي عمل ڪن. علم ڏيڻ، پکيڙڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ آهي. شاگرد ۽ استاد جھاد جي رتبي تي آهن. جهڙيءَ ريت شاگرد جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ استاد جي عزت، علم تي توجھہ ڏيڻ ضروري آهي، تھڙيءَ ئي ريت عالم ۽ استاد لاءِ علم ڏيڻ جو شوق، پنھنجي شاگردن سان محبت ۽ خدمت جو جذبو اهم آهي. جنھن ۾ ڪنھن بہ ريت غرور ۽ فخر کي جاءِ حاصل ڪونھي، امام غزاليءَ موجب تہ، ”علم وارو ماڻھو جڏهن پاڻ کي ”پڙهيل“ سمجهندو آهي، تڏهن ايئن ڀائيندو آهي تہ ”اڻپڙهيل“ جانورن وانگر آهن. انھيءَ ڪري تڪبر مٿس حاوي ٿي ويندو آهي. تڪبر جي غالب پوڻ جي نشاني هيءَ آهي جو مُتڪبر علم وارو عوام مان خدمت، ادب، مانَ ۽ وڏائي ملڻ جي اميد رکندو آهي“.
انساني شخصيت جي سڌرڻ ۽ ڪامل ٿيڻ ۾ سٺي ۽ معياري مطالعي جو وڏو حصو آهي، مطالعو ڪتابي هجي يا ڪائناتي، سمجهہ، ساڃاھہ، ادراڪ ۽ شعور سان گڏ انسان کي مڪمل بنائڻ جو وسيلو آهي. پر هتي آئون ڪتابي مطالعي جو ذڪر ڪنديس، خاص طور ادب جي وسيلي شاگردن جي لاءِ معياري مطالعي جو ذڪر ڪنديس، ادب جي اهميت وڌائڻ لاءِ اڄ جي موثر ذريعي يعني ميڊيا معرفت مھم هلائي وڃي تہ جيئن ادب جي افاديت ۽ اهميت هن ڪمپيوٽر دور ۾ پڻ زور شور سان قائم رهي. جيستائين چڱو ادب ڇپبو رهبو. تيستائين انسانيت جو مستقبل اونداهو نہ رهندو، سو سھل پسنديءَ مان ٻارن کي ڪڍي، زندگيءَ جي حاصلات جو معيار مطالعي ۽ محنت کي مقرر ڪرڻ گهرجي.