حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جا اخلاق مُبارڪ
”انھيءَ کان وڌيڪ ڪا عظيم ذات هوندي جنھن جي واکاڻ ۽ ساراھہ خود ربَ پاڪ ڪئي هجي. رسول پاڪ صلعم جن رحمت اللعالمين ۽ شفيع المذنبين آهن، ڏينھن قيامت لاءِ ڇوٽڪارو آهن. سندن ذات مبارڪ ڪل عالم لاءِ رحمت ۽ شفاعت آهي.
رسول پاڪ صلعم جن 12 ربيع الاول سومر جي ڏينھن اٽڪل پندرهن سئو سال اڳ مڪي پاڪ ۾ پيدا ٿيا. پاڻ سڳورن جو جنم هاشمي قريش خاندان ۾ ٿيو. والد جو نالو حضرت عبدالله ۽ والدہ جو نالو بيبي آمنہ آهي. رسول پاڪ جن کي سندن والد جي وفات جي ڪري پھرين ڏاڏي عبدالمطلب ۽ پوءِ چاچي ابو طالب پاليو. پاڻ ننڍيءَ عمر کان ئي بااخلاق ۽ سچار مشھور هئا. جنھن جي لاءِ ڪيترائي واقعا اسلامي تاريخ ۾ ذڪر ٿيل آهن. پياري رسول پاڪ جي چڱن گُڻن جي ڪري ئي عرب جي جهيڙاڪ قوم متاثر ٿي ۽ اسلام قبول ڪيو. سندن ڏنل اسلام جي تعليم طبقاتي فرق ختم ڪري ڇڏيا. پاڻ مسلمانن کي واضح طور سمجهايائون تہ ”توهان سڀ آدم جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽيءَ جي پيدائش آهي. اوهان مان ڪنھن کي ڪنھن تي فوقيت حاصل نہ آهي. سواءِ پرهيزگاريءَ جي. “ ”بيشڪ توهان مان الله وٽ ويجهو اهو آهي جيڪو پرهيزگار آهي، “(الحجرات/13)
الله جي رسول مسلمانن کي زندگيءَ گذارڻ جا صحيح اصول سمجهايا. کين ڄاڻايو تہ عورت جا مرد تي، مرد جا عورت تي، مزور جا مالڪ تي ۽ مالڪ جا مزور تي، اولاد جا والدين تي ۽ والدين جا اولاد تي، استاد جا شاگرد تي ۽ شاگرد جا استاد تي ڪھڙا حق ۽ فرض آهن. زندگيءَ جي هر رخ کي موقعي مھل مطابق سمجهائي، ڪيترن ئي مسئلن کي عملي طور زندگيءَ ۾ ثابت ڪيائون. سندن سچائي، نيڪي، نرم خووئي، محبت، همدردي، امانت، صداقت، صبر، سخاوت، عدل و انصاف ۽ ذمہ داريءَ جو احساس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي خوبيون هيون جن ماڻھن جي من کي موهي وڌو. پاڻ هميشہ، صبر، استقلال، عفو ۽ درگذر کان ڪم وٺندا هئا. ٻارن سان پيار ۽ شفقت ۽ عورتن سان عزت سان پيش ايندا هئا. يتيمن جا همدرد ۽ غلامن جا مولا هئا. قول ۽ فعل جو فرق کين سخت ناپسند هو. رسول اڪرم جن جيڪي چوندا هئا اُنھيءَ تي عمل ڪندا هئا. پاڻ فرمايو اٿن تہ : ”منھنجي اصل پونجي معرفت آهي، مون کي اعليٰ اخلاق جي تڪميل لاءِ موڪليو ويو آهي. نيڪ اخلاق منھنجو بنياد آهي ۽ علم منھنجو هٿيار آهي. الله جو ذڪر منھنجو ساٿي آهي، صبر منھنجي دوا آهي. عاجزي منھنجو سرمايو آهي. نماز منھنجي اکين جي لاءِ ٿڌ آهي!“.
پيارا ٻارو! اسان کي گهرجي تہ خدا پاڪ جي پياري رسول جي چڱن اخلاقن مان سبق پرايون ۽ ساڻن محبت رکون. مٿن درود ۽ سلام موڪليون تہ جيئن دين ۽ دنيا ۾ سوڀارا ٿيون.