ڪتاب دنيا جي عظيم ترين سوغات آهن
جڳ مشھور اديب شيڪسپيئر چوي ٿو تہ، ”سٺا ڪتاب سُٺا ماڻھو پيدا ڪن ٿا. برڪت وارا ماڻھو اهي آهن، جن اول ڪتابن جو علم ايجاد ڪيو“ معياري ۽ غير معياري ڪتابن ۾ وڏو فرق آهي. جان ملٽن جھڙو مفڪر هِنَ ڏس ۾ چوي ٿو تہ،
”جهڙيءَ ريت دوستن جي چونڊ جو معاملو نھايت اهم آهي، تھڙيءَ ريت ڪتابن جو انتخاب ڪرڻ بہ ڏاڍي ڏکي ڳالھہ آهي. هڪڙي مصنف جو املھہ خون آهي سندس عمدو ڪتاب“.
هيءَ دنيا ڪيترن ئي مصنفن جي عظيم تصنيفات سان سجيل آهي، جيڪي لکن ۽ ڪروڙن ماڻھن جي حياتين کي سڌارين ٿا تہ اها بہ حقيقت آهي تہ ڪيترائي فضول ڪتاب بہ ڇپجن ٿا، جن جو غير معياري مطالعو وهمن ۽ وسوسن ۽ برن خيالن کي ويجهو آڻي ٿو. سُٺن ڪتابن جي پذيرائي نئينءَ ۽ نڪوريءَ مثبت ڄاڻ جي وڌائڻ لاءِ ڪوششون مطالعي جي معيار کي بھتر بنائڻ ۾ مددگار آهن.
اڄ جو دور ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو آهي، جنھن ۾ نئين ۽ پراڻي نصابي تعليم ۾ وڏو فرق آهي. وقت جي رفتار سان گڏ هلڻ ئي هر دور جي اهم ضرورت هجي ٿي، پر ڪتابن جي اهميت هر دور ۾ ساڳي رهي آهي. وقت ثابت ڪيو آهي تہ ادب هميشہ ماڻھن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي، ماڻھن کي شعور بخشڻ سان گڏ انساني تھذيب جي سڌرڻ ۽ معيار ۾ اضافو ڪيو آهي. ڪتابن جا ڪيترائي قسم آهن. پر انھن سڀني قسمن ۾ علمي، ادبي، سائنسي، تاريخي ۽ ٻين اهم موضوعن جا ڪتاب معياري شامل ٿيندا. ڪتابن کي جمع ڪري، ڪتب خانن/لائبريرين ۾ رکيو وڃي ٿو، جتي انھن جي مناسب سار سنڀال ٿيندي آهي. لائبريريون علمي ۽ ادبي گهر آهن، جن جھڙو سڪون آور ۽ لاڀ ڏيندڙ ڪو بہ هنڌ ٿي نٿو سگهي. جن جي حفاظت ۽ نگهداشت سان علم ۽ ادب کي هٿي ملي ٿي. اڄ ڪتب خانن مان چوريون. انھن کي لڳل باهيون ۽ علم دشمنيون جڏهن پسجن ٿيون، تڏهن دل ڏکي ٿي. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن بھترين نادر قلمي نسخن ۽ ڪتابن جي وڏي بي قدري ٿي، ڪيترا اهم ڪتاب برٽس لائبريريءَ ۾ اڄ بہ موجود آهن، جيڪي هتي نہ آهن. ساڳيءَ ريت پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ ڪجهہ واقعا لائبريرين کي باھہ ڏيڻ جا ٿيا آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ ۾ باھہ لڳڻ جي واقعي تي ” باھہ نہ ساڙي علم کي“ جي غزل ۾ تنوير عباسي لکيو تہ،
ويري ماري جک، آڏو منھنجي علم کي،
ساڙن ٿا جيڪي، پوي تن جي منھن ۾ رک،
محبت جن جي مَنَ ۾، تن جا ڪَک بہ لَکَ،
ڪاريءَ وارا ڪَکَ، ويري تنھنجي پاند ۾.
اهڙن دکدائڪ واقعن جي باوجود بہ مبلغن، رهنمائن، اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي روشن ڪيل هيءَ علم ۽ ادب جي شمع منور آهي ۽ هن ڪمپيوٽر دور ۾ اڄ بہ دنيا جي عظيم ترين سوغات يعني ڪتاب مطالعو ڪيا وڃن ٿا ۽ انسان ذات انھيءَ مان فائدو وٺي رهي آهي.