حسد ۽ ساڙ کان بچڻ گهرجي
حاسد جو حسد، محسود (جنھن تي حسد ڪيو وڃي) کي تہ نقصان ضرور پھچائيندو آهي. پر هُو پاڻ پڻ انھيءَ ساڙ ۽ حسد ۾ سڙڻ سبب ڪڏهن سائو (سکيو ستابو) نہ ٿيندو آهي. حسد، امير، غريب، ننڍي، وڏي ڪنھن ۾ بہ ٿي سگهي ٿو، بلڪہ گهڻي ڀاڱي اهو فطرت جو حصو ۽ خانداني عادت پڻ آهي تہ بي علمي ۽ بي سمجهيءَ جي نشاني پڻ. ڪيترن ماڻھن جي طبيعت فخر ۽ غرور واري هجي ٿي. حسد ۽ ساڙ جي لعنت پڻ اهڙن ئي وڏائيءَ وارن ۾ پيدا ٿيندي آهي. هُو چاهيندا آهن تہ کانئن مٿي ڪو بہ نہ هجي. حالانڪہ ٻين جي ترقيءَ تي حسد ڪرڻ وارن کي حسد جي بدران انھيءَ مان سبق پرائي خود ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، نيڪ نيتيءَ ۽محنت سان کيس بہ وارو ضرور ملندو. حسد ۽ ڪيني مان ڪجهہ بہ نٿو وري. شاھہ صاحب فرمائي ٿو تہ،
هُو چَوَنئي تون مَ چئو، واتان ورائي ويڻ،
سڀني سين سَيَدُ چي، مَن ماري ڪَر ميڻُ،
کاندِ وَڏائي، کيڻ، ڪيني منجهان ڪينَ ٿئي.
(سريمن ڪلياڻ، 8-18)
مٿئين بيت ۾ شاھہ صاحب بدزبانيءَ کي ننديو آهي. فرمائين ٿا تہ اڳيون جيڪڏهن توکي ڪجهہ چوي تہ بہ تون ڪو بہ وات مان ويڻ (بد لفظ) نہ ڪَڍُ. سڀني سان سٺي هلت ڪر ۽ پنھنجي اندر کي ماري ميڻ جھڙو نرم ڪر، ڪاوڙ کي گهٽائي ختم ڪري ڇڏ. حسد ۽ ساڙ مان ڪي بہ ڪين ورنديئي.
هٺ، فخر، غرور، تڪبر، وڏائو مطلب تہ سڀ ناڪاري روين جا نالا آهن، جن مان مراد آهي پاڻ کي مٿي ٻين کي هيٺ سمجهڻ. جنھن جي ڪري لاڳيتو ساڙ ۾ رهڻ ۾ ذهن ۽ دل جون پاڪايون ۽ خوبصورتيون ختم ٿي ٿيون وڃن. حسد جو جذبو آهي تہ ناڪاري، پر جيڪڏهن انھيءَ جو ڪجهہ حصو انسان ۾ هجي ٿو، جيڪو هو مثبت ڪمن لاءِ دل ۾ رکي ٿو تہ اهو ڪجهہ حالتن ۾ فائديمند پڻ ٿئي ٿو، جنھن ۾ علم جي چاھہ لاءِ ريس، ڪنھن جي عبادت، خير خيرات، صفائي، سٿرائي نرمي، خوش اخلاقي، سخاوت ۽ ٻين خوبين سان ريس ڪرڻ، جيڪو حسد جي بجاءِ ريس ۽ برابري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ شمار ٿيندو. حسد جي وضاحت هِن حديث مان صاف ظاهر ٿئي ٿي. خدا پاڪ جو رسول فرمائي ٿو تہ، ”خدا جي ويجهو سڀ کان وڌيڪ حسد، ان شخص جي دل ۾ آهي. جيڪو نھايت جهڳڙا جهيڙا ۽ (نفرت ويھاريندڙ) بحث مباحثا ڪندو وتي“ ۽ اهو بہ فرمايل آهي ته. ”حسد ۽ ايمان گڏ رهي نٿا سگهن، . غرور ۽ تڪبر خودپسنديءَ جي نشاني آهي، جنھن ۾ ماڻھوءَ کي پنھنجو پاڻ کانسواءِ ڪجهہ بہ نظر نہ اچي. خود پسند ماڻھو هميشہ هر موقعي مھل تي پاڻ کي مٿي ڪرڻ پسند ڪندا آهن ۽ هُو چاهيندا آهن تہ هر ڪو کين واکاڻي. ڪنھن ڏاهي چيو آهي تہ، ”غرور، حرص ۽ خودپسنديءَ جي حالتن ۾ خدا کان ڊڄو ۽ ڪاوڙ ٿوري دير لاءِ پر غرور ۽ فخر هميشہ لاءِ چريائپ آهي“. هٺ ۽ فخر گهڻين براين جو بنياد آهي. حضرت لقمان جو قول آهي تہ، ” ماڻھوءَ ۾ هٺ جاڳيو تہ اول اول پنھنجي پالڻھار کان منھن موڙيندو. هٺ ۽ فخر سڀ گناهن جو بنياد آهي ۽ اهو آخرڪار ماڻھوءَ جي ستياناس ڪندو“ ۽ اهو بہ چيل آهي تہ، ”غرور ستر سالن جي عبادت کي ضايع ڪري ڇڏي ٿو“. فخر ۽ غرور کان خود کي بچائي نياز ۽ نئڙت کي پنھنجو ڪرڻ سان ٻين جي دلين ۾ محبت پيدا ٿيندي.