”روحانيت“، اخلاقي قدرن جو اعليٰ درجو
هتي شاعرِ مشرق جو مقصد انسان جي تخليق جي بنيادي سبب يعني ڪائنات جي مطالعي کي اهميت ڏيڻ جو آهي. حقيقت ۾ انھيءَ سان ئي روحانيت جو درجو وڌندو ۽ مذهب جو مطلب مڪمل ٿيندو. اخلاقيات جو فلسفو ۽ عمل انساني ڪردار ۽ چڱائيءَ جي چئوگرد گهمي ٿو.
“Ethics is a moral philosophy which deals with moral values and theories of conduct and goodness”.
“goodness” يعني نيڪيءَ ۽ چڱائيءَ جي قوت جي سڃاڻپ اها آهي تہ اهو ڪم جنھن کي ڪرڻ کان پوءِ ضمير ۽ روح مطمئن هجن. هڪ پل بہ پڇتاءَ جو احساس نہ ٿئي.
انسان هن زمين تي ڪائنات جي باشعور ۽ جوابدار هستي آهي. کيس ئي خبر آهي تہ موجودہ وقت هُو ڪيڏانھن وڃي رهيو آهي؟ دنيا ۾ هو نمايان حيثيت رکي ٿو ۽ پنھنجي ذهانت ۽ محنت سان نين نين ايجادن کي دنيا ۾ آڻي ٿو ۽ سندس ترقي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ ۽ حيران ڪُن آهن تہ ٻئي طرف هو تمام هيٺانھين طرف وڃي رهيو آهي. ذليل ۽ پست خيالن ۾ مبتلا آهي. پنھنجي رب طرفان مليل ”شرف“ ۽ لقب جي انحرافي ڪري رهيو آهي، سندس اخلاقي ڪمزورين ۽ قانونن ٽوڙڻ سبب هو زوال پذير آهي، جنھن جو حل آهي ” علم جي حڪومت“ پر اُهو علم جو ماديت کان وڌيڪ ”روحانيت“ جي ترقيءَ ۾ وڏو ساٿ ڏئي. جنھن سان خودشناسيءَ جي ڄاڻ پوي ۽ ماڻھو نيڪ نيت ۽ نيڪ دل ٿئي ۽ مڪمل طور کيس هڪ رب ۾ يقين قائم هجي. ۽ کيس اهو بہ يقين هجي تہ موت اَوَس اچڻو آهي ۽ موت جو ڪارائتو هجڻ انھيءَ صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن حياتيءَ کي ڪارگر ڪٽيو وڃي ۽ اهو فقط نيڪ عمل ۽ نيڪ نيتن سان ٿي سگهي ٿو. هيءَ دنيا فاني آهي، پر چڱن جون چڱايون لافاني آهن ۽ چڱائيءَ جو معيار ذات پات ۽ حسب نسب تي ڪانھي، بلڪ اهو اندر جو اخلاق آهي، هتي تہ ”جيڪو وهي سو لھي“.
سو علم ۽ عمل ۾ مضبوط ٿيڻ سان اخلاق جي عمارت روحاني ۽ عملي طور مضبوط ٿيندي. ٿيو ايئن آهي تہ اسان وٽ نماز پڙهي وڃي ٿي، پر ان جي روح کي نٿو سمجهيو وڃي. نماز پڙهڻ مھل ان جي معنيٰ تي غور ۽ فڪر، خشوع ۽ توجھہ سان پڙهڻ تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي تہ ساڳيءَ ريت مذهب جي ٻين رڪنن، نماز، روزي، زڪوات ۽ حج جي اصل مقصد ۽ روح کان ڪيترا ماڻھو بي خبر آهن ۽ جيڪڏهن دنياوي علم آهي تہ ان ۾ فقط ڪاغذي ڊگريون ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ جو پروانو سمجهي علم حاصل ڪيو ٿو وڃي. حالانڪہ ان جي مقصديت تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. اخلاقي تعليم ۽ روحانيت جي پکيڙڻ سان اسين نہ فقط پنھنجي قوم ۽ ملڪ ۾ پر، پوريءَ دنيا ۾ پڻ مانائتا ٿي سگهون ٿا.
ڏٺو وڃي تہ اڄ انسانذات جديد ترقيءَ جي اثر هيٺ دٻيل آهي، سندس روح رڙيون ٿو ڪري پر کيس آئيندي جو ڪو بہ اونو ڪونھي، هُو اندر جي آواز کي دٻائيندو مَنِ ماني ڪندو اڳيان وڌندو ٿو رهي. حالانڪہ تقدير سندس ئي هٿن ۾ آهي، هو دائمي حاصلات کان غافل ۽ اڻ ڄاڻ ٿيندو پيو وڃي. اڄ ڪيترائي ملڪ هڪ ٻئي جون سرحدون ڦٻائڻ، نيوڪليئر توانائيءَ جي ذخيرن کي وڌائڻ ۽ طاقتور ٿيڻ جي شوق ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. مھلڪ ۽ موتمار هٿيارن جي ڊوڙ ۾ تيز تر ڊوڙي رهيا آهن. توانائين جي استعمال تي لاڳو قائدا قانون انسانيت جي قتل کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندا نظر پيا اچن. پوريءَ دنيا جي آباديءَ جي واڌاري سبب مھانگائيءَ کي منھن ڏيڻ مشڪل ٿي پيو آهي، گهُٽ ۽ ٻوسٽ جو راڄ آهي. انھيءَ سڄيءَ تڪليف ۽ مسئلي کي منھن ڏيڻ لاءِ فقط هڪ ئي حل آهي. اهو آهي ايندڙ نسل جي اخلاقي مذهبي ۽ علمي طور اعليٰ تربيت ٿئي تہ جيئن هو روحاني طور مضبوط ٿين. اهو مسئلو نہ فقط غور جوڳو آهي، پر گهڻي دلي جذبي سان انھيءَ تي عملي اپاءَ وٺڻ گهرجن، ڇو تہ جڏهن انسانيت ليڪو لتاڙي بدامني ۽ بداخلاقيءَ جون حدون پار ڪندي آهي، تڏهن مٿس الاهي ڏمر سان مصيبتون ۽ آفتون نازل ٿينديون آهن.
ڪٺور انسان اهو نٿو سوچي تہ اهو وقت ڪڏهن بہ ڪنھن بہ وقت ۽ ڪيڏيءَ مھل مٿس اچي سگهي ٿو. جزا سزا ۽ قيامت جو ڏينھن بلڪل موجود آهي، پر اهو بہ ڏٺو ويو آهي تہ آخرت کان اڳ بداخلاقين ۽ براين جي سزا هِن دنيا ۾ پڻ ملي ٿي. اڄ جي غير محفوظ دور ۾ اسين جوهري هٿيارن سان تہ ڀلي ليس آهيون، پر اخلاقي طور ڄامڙا آهيون. ڪو وقت هو، جو ماڻھو جهنگلي جانورن، جنن ۽ ڀوتن کان ڊڄندو هو. پر اڄ جو ماڻھو تہ ماڻھوءَ کان ٿو ڪنبي ۽ لرزي، استاد بخاريءَ چواڻيءَ تہ،
هن دور ۾ ڪھڙو رهيو حيوان جو ڊپ،
ڪنھن جِنَ، مَلَڪَ، ديو ۽ شيطانَ جو ڊپ،
الله کان انسان نہ ٿو پيو لرزي،
انسان کي کائي ويو انسان جو ڊَپ.
دنيا جي اهڙين ڏکين حالتن ۾ اچو تہ اسان اهڙي حڪمت عملي تيار ڪريون، جنھن ۾ محبت جو ڦھلاءُ ۽ امن جي ترغيب هجي. ويڇن لاءِ ڌڪار ۽ ڏاڍائيءَ ۽ افراتفريءَ خلاف سڏ هجي. اچو تہ سڀ گڏجي انساني بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريون. سڀني انسانن کي برابر سمجهون. حقن جي ڇڪڻ کان اڳ پنھنجي فرضن جي پورائيءَ تي توجھہ ڏيون.
سوين منزلن وارين عمارتون کڙيون ڪرڻ سان اسين آسمانن جي بلندين کي ڇُھي نہ سگهنداسين، بلڪہ آسمانن جي وسعتن ۾ اسان جي جڳھہ تڏهن پيدا ٿيندي، جڏهن اسين هن زمين جي ذري ذري سان پيار ڪنداسين. هن ڌرتيءَ تي اسان جي حياتي رب جي ڏنل امانت آهي، جيڪا هو پنھنجي مرضيءَ ۽ مختياريءَ سان ڪڏهن بہ واپس کڻي سگهي ٿو. پوءِ جڏهن اسان کي خود جي حياتيءَ جي هڪ پَلَ جي بہ پڪ ڪونھي، تہ هيڏا ٺٺ ٽانگر ڇو؟ هيڏيون ڪلفتون ۽ ويڇا ڇو؟ هيتريون بي حيائيون ۽ بداخلاقيون ڇو؟ فقط ۽ فقط ان ڪري جو اسين علمي ۽ روحاني طور مضبوط نہ آهيون، جھالت جو انڌيرو، مايوسي، برائي، نيستي، ناڪامي ۽ نامرادي آهي. علم جي روشني اندر جو سوجهرو ۽ نور آهي. هتي علم مان مراد فقط ڪاغذي ڊگريون ڪونھي، بلڪہ باقاعدہ طور شعور، سمجهہ، ايمانداري ۽ حب الوطني آهي. اهڙو علم جنھن ۾ هر ننڍو يا وڏو شخصي فائدي کان قومي فائدي کي اهميت ڏيندڙ هجي. اهڙو علم، جيڪو خدا جي معرفت جو ذريعو هجي. اهڙو علم جو انساني اخلاق جو بنياد ۽ روحانيت جي اعليٰ درجي جو پورائو ڪري.