سادگي جا فائدا ۽ فضول خرچيءَ جا نقصان
موجودہ دور مھانگائيءَ جو دور آهي، جنھن ۾ ڏينھون ڏينھن مھانگائي وڌندي ٿي وڃي. اڄ اسان جا وڏا جڏهن ڪنھن شيءِ کي چوٽ چڙهندي ڏسن ٿا، تڏهن حيرت مان اهو اظھار ضرور ڪن ٿا تہ، سندن زماني ۾ فلاڻي يا الاڻي شيءِ تہ هيتري ارزان اگھہ ۾ ملندي هئي. ۽ اها رقم ٻڌي تہ وڌيڪ حيرت ٿيندي آهي ۽ ايئن لڳي ٿو تہ مھانگائي ڪونہ ڏسڻ ۾ اچڻ وارو جنُ آهي يا ديو، جيڪو ڏينھون ڏينھن بغير ڏسڻ جي وڌندو پيو وڃي. اڄ ملڪن جا ملڪ پنھنجي ملڪن جون اقتصادي پاليسيون ٺاهڻ ۽ انھن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پريشان نظر اچن ٿا. اڄ هڪ ننڍو ٻار بہ سمجهي ٿو تہ پيٽرول، گئس ۽ سون جهڙين شين جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت وڌڻ سان ملڪ ۾ وري مھانگائي ٿيندي ۽ اهڙا ملڪ جيڪي پاڻ ڀرا نہ آهن ۽ انھن جي معيشت جو دارومدار ٻاهرين ملڪن جي مليل قرضن ۽ انھن جي وڌندڙ وياجن تي آهي سي تہ انھيءَ مھانگائيءَ جي بار هيٺ وڌيڪ دٻيل آهن.
دنيا ۾ مھانگائيءَ جي وڌڻ جا ڪيترائي سبب ڇو نہ هجن، پر ٻہ ڳالھيون بلڪل چٽيون ۽ پڌري پٽ پيون آهن، هڪ تہ پوريءَ دنيا ۾ آبادي وڌيڪ ۽ وسيلا گهٽجي رهيا آهن ۽ ٻيو تہ دنيا جا تقريبن سڀ ملڪ گهڻي ۾ گهڻو پئسو پنھنجي ملڪ جي دفاعي بجيٽ ۾ لڳائين ٿا. نيوڪليئر توانائيءَ جي هن ڊوڙ ۾ انسانيت جون آهُون ۽ سڏڪا بلند ۽ باآواز ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا. غريب عوام جي ترقيءَ، سڌاري ۽ ڀلائيءَ لاءِ وڌيڪ بجيٽ رکڻ جي بجاءِ اُها ائٽمي توانائيءَ جي نذر ڪئي وڃي ٿي. انھيءَ سان پوريءَ دنيا جي ملڪن ۾ ساڳيو حال ٿي رهيو آهي سواءِ چند ملڪن جي، جيڪي اڳيئي سپر پاور آهن.
پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي، پر ڌڻيءَ سڳوري جا لک لک شڪر آهن، تہ ائٽمي توانائيءَ جي طاقت سان واڳيل آهي، هن ملڪ کي الله تعاليٰ پنھنجي مھر جي نظر ۾ رکيو آهي. هتي قدرتي وسيلن جي ڪا بہ ڪمي ڪانھي زراعت ۾ پڻ وڏي ترقي ٿي رهي آهي. پر ان هوندي بہ اسان جو ملڪ مقروض ۽ معاشي بار هيٺ دٻيل آهي. انھيءَ جي چند اهم سببن ۾ ملڪ جون ناقص بجيٽ پاليسيون، عوام ۾ ڪفايت شعاريءَ جي ڪمي، آباديءَ جو وڌڻ، بيروزگاري، فضول خرچي، رشوت خوري ۽ خاص طور حياتيءَ ۾ اسلامي قدرن تي عمل نہ ڪرڻ آهي. اسان جي ملڪ ۾ جديد زراعت ۽ صنعتي ترقيءَ تي توجھہ جي بہ سخت ضرورت آهي، جنھن سان ملڪ پاڻ ڀرو ٿيندو، ان کانسواءِ ملڪي بجيٽ ۾ جوڙيل پلانن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي، ڪيترو ئي ناڻو اڻپورن پراجيڪٽس جي ڪري ضايع ٿي وڃي ٿو.
اسين ملڪ جي بجيٽ پاليسين ۽ حڪومتن جي ڪارڪردگين کي ڪيترو بہ ڏوھہ ڏيون، پر حقيقت ۾ پاڪستاني عوام ۾ ڪفايت شعاريءَ جي گهٽتائي آهي. سادگي هڪ تمام وڏي اخلاقي خوبي آهي. جيڪڏهن ملڪ جو هر ماڻھو ڪپڙي لٽي، کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويھڻ، ڏيڻ وٺڻ، تعميرات، مطلب تہ رهائش جي هر طريقي ۾ سادگي اختيار ڪري تہ هن ملڪ تي اڄ ايترو قرض نہ هجي ها. ڪو وقت هو جو ملڪ جي وڏن شھرن جي روڊن تي چند چڱيون گاڏيون وڏن امير امرائن جون هونديون هيون. اڄ هر ٻئي گهر تي وڏين وڏين ڪمپنين جون ايئر ڪنڊيشن گاڏيون سک ۽ آرام لاءِ موجود آهن. اڳيئي ٻار گهڻي ڀاڱي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندا هئا، جن جو معيار بہ بھتر هوندو هو. موجودہ دور ۾ شھر جي وچولي طبقي جي ماڻھن کان وٺي تمام مناسب حيثيت جي ماڻھن جا ٻار بہ انگريزي ميڊيم اسڪولن جي ڳاٽي ڀڳين فيسن جي خرچن جو پورائو ڪن ٿا. تہ گڏ ٽيوشن پڻ وٺن ٿا، ٽيليفون، موبائل، ايئر ڪنڊيشنڊ، گاڏين جي پيٽرول ۽ ٻين انيڪ خرچن ماڻھن جي چيلھہ ڄٻي ڪري ڇڏي آهي. ڪپڙو لٽو، رسمون رواج، مطلب تہ ڄمڻ کان مرڻ تائين هر موقعي مھل تي نہ فقط گهڻو خرچ ڪيو ٿو وڃي پر فضول خرچي ڪري ان کي ڪوڙيءَ عزت ۽ مان جي لاءِ لازمي قرار ڏنو ٿو وڃي.
اهي اسان جا هٿ ٺوڪيا معاشي قدر، جيڪي ڪنھن بہ ريت ڪنھن مسلمان کي نٿا سونھن، سي ڏينھون ڏينھن وڌندا ٿا وڃن، ٻار جو ڄمڻ، ڇٺي، طهر، سالگرھہ، مڱڻو، شادي ۽ مختلف قسمن جون پارٽيون، مطلب تہ خرچ ئي خرچ آهن ۽ ڪمائڻ جا وسيلا گهٽ آهن. انھيءَ ڪري ڪمائيندڙ ڀاتي ذهني پريشانين سبب بلڊپريشر، شگر ۽ هارٽ جي تڪليفن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. اهو سڀ غلط رسمن رواجن ۽ معاشري جي غلط سماجي قدرن جو نتيجو آهي، جڏهن اسلام ۾ سادگيءَ کي حياتيءَ جو معيار ۽ وچٿرو هلندڙ کي گمراهيءَ کان بچندڙ ڄاڻايو ويو آهي تہ پوءِ آخر اسين ڪيڏانھن وڃي رهيا آهيون؟ هڪ حديث آهي تہ "مَا عَالَ مَنِ اقْتَصِدَ ترجمو: جيڪو وچولي هلت هليو، سو ڪڏهن بہ گمراھہ نہ ٿيو.
پئسو نڪو آسمان مان لھي ٿو اچي ۽ نہ ئي زمين تي وڻن جي ٽارين ۾ ميوي وانگر لٽڪيل آهي. هن اڻمُلھہ خزاني جي حفاظت ڪرڻ جي عادت اسان کي پنھنجي ايندڙ نسل ۾ بلڪل وجهڻ گهرجي. زماني مان سبق سکڻ ضروري آهي. ايندڙ وقت اڃان بہ ڏکيو اچڻو آهي. مھانگائيءَ جي هن عفريت کي منھن ڏيڻ لاءِ اها وڏي گهرج آهي تہ اسين گهرن ۾، اسڪولن ۾، ڪاليجن ۾ ۽ آس پاس بچت جي لاڙي کي عام ڪريون، ايندڙ نسل کي مستقبل جي ان مايوسيءَ کان بچايون، جيڪا فضول خرچن ۽ اسراف ڪندڙن جي لاءِ يقيني هجي ٿي.
چوندا آهن تہ ”سوڙ آهر پير ڊگهيڙجي“ سو پھچ مطابق خرچ ڪرڻ ۽ ڪجهہ پاڇي رکڻ سان ماڻھو ڪڏهن بہ ڪنھن جي اڳيان هٿ ڪونہ ٽنگيندو. حقيقت ۾ غريب اهو نہ آهي، جنھن وٽ گهٽ آهي، بلڪہ غريب اهو آهي، جنھن کي گهڻي جي هوَسَ هجي ٿي. وڌيڪ خرچ ڪري ڪنھن غيبي مدد ۽ معجزي جي اميد رکڻ وارا خوابن جي دنيا جا رهاڪو آهن. درمياني رستو هلندڙ ڪڏهن بہ ڪنھن جي اڳيان محتاج ڪونہ ٿيندو. قناعت اهو مقام آهي، جتي پھچي غريبي، اميريءَ ۾ بدلجي ويندي آهي. سھڻي سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي تہ، ”ڪڏهن مَٽ ماٽيءَ تي آهي تہ ڪڏهن ماٽي مٽ تي“ سو ڏکيو ۽ سکيو وقت پڇي ڪونہ ايندا آهن. ڀلي ماڻھو باحيثيت بہ هجي، تہ بہ اهو ٺٺ ٺانگر، تڪبر، فضول خرچيءَ ۽ شوبازيءَ کان پاسو ڪري سادگيءَ جو معيار قائم رکي. آبادين جي وڌڻ سان پڻ ڪيترائي مسئلامنھن ڪڍن ٿا. باقي اجائي لالچ رکي گهڻو بچائڻ، نفس کي گهڻو تڪليف ۾ وجهڻ، يابخل ڪرڻ، ضروري خرچن کان لنوائڻ ڪنجوسي آهي. ڪفايت ۽ ڪنجوسيءَ جامعيار الڳ آهن. بخل ۽ بچت ۾ پڻ وڏو فرق آهي. هر عمل جي پرک لاءِ بچت جي معيار کي سمجهڻ ضروري آهي.
هتي شاگردن کي بچت ڏي موڙڻ مان مراد اها نہ آهي تہ هُو پنھنجي تعليم جي خرچ ۾ بچت ڪن. دنيا جو اهم ترين خرچ جنھن مان ڪجهہ حاصل ٿي سگهي ٿو، سو تعليم، هنر ۽ فن جي سکيا آهي. ذاتي خرچ ۾ سڀ کان ضروري خرچ صحت ۽ تعليم جو آهي. جيڪڏهن ”جيءُ خوش هوندو، تڏهن ئي جهان خوش ڏسڻ ۾ ايندو“ انھيءَ ڪري بچت مان مراد اها آهي تہ ضروري خرچن کي اهميت ڏيئي، باقي خرچن ۾ حياتيءَ جو معيار ٺٺ ٺانگر جي بجاءِ سادگيءَ واروهئڻ گهرجي. انساني اخلاقن، عادتن جي طور طريقن ۾ سادگيءَ کي افضل حيثيت حاصل آهي، جنھن ۾ صحت جي اصولن مطابق سادوکاڌو کائڻ، سادو پائڻ، برين عادتن جيئن پان، سگريٽ ۽ ٻين نشي وارين شين کان بچڻ جيڪي نہ فقط پئسي، پر صحت جو بہ زيان آهن. آرام واري حياتيءَ گذارڻ جي بدران خود کي محنت ۽ مشقت جو عادي بنائڻ گهرجي تہ جيئن زندگيءَ جي ڪنھن بہ موڙ تي ڪا بہ ڏکيائي محسوس نہ ٿئي سھڻو سخن آهي تہ، دنيا دار جو اُبتن رستن تي هلي، تنھن کان اهو غريب ڀلو، جنھن جي سادگيءَ جي هلت آهي. زيب دار لباس خود آرائيءَ ۾ مبتلا رکي ٿو. چمڪ ڌمڪ وارو لباس ۽ تيارين ۾ محو انسان نہ تہ قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندا ۽ نہ ئي پنھنجي آس پاس جي. اهي فقط خودنمائيءَ ۽ خود ثنائيءَ ۾ پورا هوندا.
پيار ٻارو! گهڻو خرچ ڪرڻ وارا جيڪڏهن ڪنھن مشڪل ۾ ڦاسندا آهن تہ عمومن قرضي ٿي ويندا آهن. چوندا آهن تہ ”قرض مرض آهي“ ڇو جو قرض حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪرڻي ٿي پوي. ماڻھوءَ جي انا ۽ خودداري تہ مجروح ٿين ٿيون، پر هُو بي مانائتو ٿي ذلت جي کڏ ۾ ڪرندو ٿو وڃي. ظاهر آهي تہ گهڻي خرچ ڪرڻ وارو ماڻھو قرض کڻڻ کانپوءِ ان کي واپس ڪرڻ ۾ ڏکيو ٿيندو آهي ۽ ٻيو تہ هُو ڪوڙ ڳالھائيندو ويندو ۽ وعدي خلافي بہ ڪندو ويندو. حديث پاڪ آهي تہ، ”جڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي قرض ادا ڪرڻو آهي، تہ ان کي اها ڳالھہ زيب نٿي ڏئي ت هو معمولي تيل بہ مٿي کي لڳائي“.
يعني قرض ادا ڪرڻ تائين، معمولي سينگارڪرڻ بہ جائز نہ آهي. انھيءَ مان اسين اندازو لڳائي سگهون ٿا تہ قرض وٺڻ ڪيڏي وڏي لعنت آهي ۽ ان جو ادا نہ ڪرڻ ان کان بہ وڏي لعنت آهي. قرض کڻڻ معنيٰ ”پنڻ“ يا ”خيرات گهرڻ“ ٻئي جي اڳيان هٿ ٽنگڻ ۽ اهو فقط اهي ماڻھو ڪندا آهن، جن ۾ سادگي ڪونہ هوندي آهي يا اتفاقن وڏي مجبوريءَ ۾ اچي ويندا آهن. انھيءَ ڪري گهڻي ٺاھہ ٺوھہ کان پاسو ڪري، خود کي قرض جھڙي مرض کان بچائجي. وڏا چوندا آهن تہ، ”شاهوڪار سان صحبت نہ رک، ڪُنو (مٽيءَ جو) ۽ ديڳڙو (لوھہ جو) بہ ڪڏهن پاڻ ۾ ٺھيا آهن؟ جي هڪڙو ٻئي کي لڳو تہ بہ مُٺو وري بہ ڪُنو“. يعني غريب مٽيءَ جي ڪُني جيان آهي، جنھن کي جهورڻ ۽ ڀڃڻ سولو آهي، پراڄ جي دور ۾ ڏسنداسين تہ ماڻھو احساسِ ڪمتريءَ ۾ پڻ مبتلا آهن. هو باحيثيت ماڻھن سان دوستي ۽ پوءِ ان جھڙي معيار جاخرچ ڪري پاڻ کي زوريءَ وڏو ماڻھو سمجهندا آهن. حقيقت ۾ جيڪو فخر ڪجي، سو پنھنجي شخصيت کي اخلاقي طور مڪمل سڌاري، محنت ذريعي مقام حاصل ڪري پنھنجي علم ۽ هنر تي ڪجي. ٻانھن جي ٻَلَ تي ڪجي، نہ حسب نسب ۽ نہ مٽي مائٽيءَ ۽ دوستيءَ ۽ وڏماڻھپي تي ٺِڳجي.
پيارا شاگردو! هڪ اهم ڳالھہ توهان کي اها بہ ٻڌايان تہ، اسلام ۾ مالي نظامِ تي ضابطو ئي ڪنھن ملڪ جي انتظامي ڍانچي ۾ اهم قرار ڏنل آهي، جنھن ۾ محصول جي اڳاڙڻ جو انتظام پڻ شامل آهي، پر هتي اسين ڪنھن بہ قسم جو ملڪي ٽيڪس ڀرڻ ۾ ڄڻ عار ٿا سمجهون. نوڪري ڪندڙ ۽ ڪجهہ ٻيا ماڻھو تہ اڃان ئي ڪجهہ ٽيڪسز ڏين ٿا، پر ٻين ڪيترن معاملن ۾ وڏا ماڻھو چند پئسا ڏيئي تمام مناسب ۽ ٿورو پئسو ٽيڪس جي مَدَ ۾ جمع ڪرائين ٿا تہ گهڻا پرائيويٽ ادارا پڻ اهڙي نموني ڪن ٿا. ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪڏهن عوام کي سھولتون آهن تہ اُتي هر ماڻھو ايمانداريءَ سان ٽيڪس ڏئي ٿو. جڏهن حب الوطنيءَ جو معيار ڪرندو ويندو آهي. ذاتي فائدن کي قومي فائدن تي مٿانھين حاصل ٿي ويندي آهي. تڏهن ئي تہ ملڪ مقروض ٿيندا آهن. ڇا اسان جي وڏن ڪڏهن ايئن ڪيو هو؟ جيڪڏهن اسين هن اسلامي رياست جي حفاظت لاءِ دل سان ٽيڪس ادا ڪريون. ملڪ جي پئسي پئسي جي سنڀال ڪريون ۽ پنھنجي ذاتي پئسي کي فضول اڏائڻ جي بجاءِ قومي سيڙپڪاريءَ جي سٺين اسڪيمن ۾ لڳايون تہ يقينن اسين پاڻ ڀرا ٿي وينداسين.
فضول خرچيءَ جا وڏا نقصان آهن. فضول خرچيءَ مان مراد آهي تہ بي سبب ۽ فالتو طريقي سان ناڻي جو ضايع ڪرڻ، فضول خرچي يا اسراف هڪ لعنتي عادت آهي. فضول خرچن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي تہ؛ ”بيشڪ فضول خرچ شيطان جا ڀائر آهن“
فضول خرچ انسان پنھنجي ذات لاءِ ۽ آل و عيال سان گڏ سماج لاءِ بہ هاڃيڪار آهي. ڪردار طور هو حريص، بي همٿ، بزدل، ڪوڙو، ٺڳ ۽ بداخلاق هوندو. خود غرضي ۽ لالچ سندس وطيرو هوندي ناجائز خرچ کيس ناجائز نموني پئسي حاصل ڪرڻ لاءِ آڀاريندو. ڪوڙي شان ۽ ڏيک پويان هو ڪڌا ڪم ڪندو. چوڻي آهي تہ؛ ”جتي ڪلدار رهي اُتي ڪرتار نہ رهي“
پئسي جي لالچ سان ڌڻيءَ جو خوف ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جنھن کي خدا جو خوف نہ آهي اهو ئي شيطان آهي. اعتدال جو رستو خدا ۽ خدا جي رسول کي هر عمل ۾ پسند آهي. انھيءَ ڪري پئسي جھڙي املھہ شيءِ جو اسراف تہ ڪنھن بہ ريت جائزنہ آهي. چوندا آهن تہ ”کاڌي کوھہ بہ کٽيو وڃن“ وقت هميشہ ساڳيو نہ هوندو آهي. ”ماڻھو ڪڏهن ڀريءَ ۾ تہ ڪڏهن ڀاڪر ۾“ ڪڏهن حيثيت آهي تہ ڪڏهن ڪونھي. ان ڪري ننڍپڻ لاڪون. پئسي کي سوچي سمجهي خرچ ڪرڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهڻ گهرجي. هوند سارو خرچ ڪرڻ وارو ڪڏهن بہ محتاج نہ ٿيندو آهي. هميشہ ”سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ گهرجي“ ”قرض مرض آهي“. پنھنجي مان پورت ڪرڻ وارا ۽ پاڇي بچائي رکڻ وارا آخرڪار پيرن تي بيھي ويندا آهن.
”اسراف“ جو عمل ناجائز پئسي سان مشروط ٿيندو ٿو نظر اچي جيڪو، لالچ، خود غرضي، بي ايماني ۽ ٺڳيءَ جو ٺاھہ آهي. لالچي ۽ ٺڳ شخص تہ هر وقت پيو گهاٽ گهڙيندو آهي. تہ ڪٿان پئسا ڪڍان؟. انھيءَ ڪري ضروري آهي تہ فضول خرچيءَکان بچجي بلڪہ فضول خرچن کان بہ بچجي ڇو جو اهڙن جي اک ٻئي جي کيسي تي هوندي ۽ هو غلط ڪم ڏي مائل ڪندا آهن. هر وقت نيون نيون ترڪيبون پيا گهڙيندا آهن ۽ انسان تي دوستيءَ جو اثر اَوَس ٿيندو آهي. چوندا آهن ”ڪارو وسي ڪٻري سان رنگ نہ مٽائي اوساڻ ضرور مٽائي“
ضروري آهي تہ بنيادي خرچ، جيئن اجهو، لٽو، کاڌو، تعليم، صحت، خير خيرات (جيڪي ڪجهہ ممڪن ٿي سگهي) پنھنجيحساب سان جائز نموني ڪرڻ گهرجن، غير ضروري ڏيکاءُ جي خرچن کان پاسو ڪري، پنھنجي ڪمائيءَ جو حساب ڪتاب رکي، ملڪي بچت اسڪيمن ۽ ٻين ڪارائتين سيڙپن ۾ پئسا استعمال ڪياوڃن. حڪومت طرفان ملڪ جي پاليسين ٺاهڻ مھل بہ عام ماڻھوءَ جي ڀلائيءَ لاءِ سٺا بچت پلان پيش ڪيا وڃن تہ بچت ترغيب عمل ۾ اچي حڪومت ۽ عوام ۾ سھڪار جي بہ گهڻي ضرورت آهي. فضول خرچيءَ کي ٻنجو ڏيئي اسين هڪ ترقي يافتہ ملڪ جو حصو ٿي سگهون ٿا.