استاد قوم جا معمار آهن
استاد جا ٻہ درجا آهن، هڪ روحاني ۽ ٻيا جسماني، روحاني استاد دين ۽ دنيا جو علم سيکاريندا آهن. جڏهن تہ جسماني استاد هنر ۽ ڪاريگريءَ جي ڄاڻ ڏيندا آهن. اڄ هي دنيا جون ايجادون ۽ اعليٰ ترقي صرف سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل سان وجود ۾ آئي آهي. شاگرد استادن کان هنر ۽ علم سکي ان ۾ نواڻ آڻي نوان تجربا ڪري پنھنجي نون شاگردن کي بہ سچائيءَ سان اها ڄاڻ منتقل ڪئي. جيڪڏهن اها ڄاڻ محدود ۽ مختصر ٿي ختم ٿي وڃي ها تہ دنيا جو زوال اچي وڃي ها. پر انھيءَ کي ڪماليت تي پھچائڻ وارو استاد ۽ شاگرد جو رشتو آهي. اڄ هر ڌنڌي سان لاڳاپيل ماڻھو جيئن رازو، لوهار، سونارو، درزي، ڪڙمي ڪاسبي مطلب تہ هنر مند کان سرجن، انجنيئر، سائنسدان ۽ تعليم دان تائين جيڪو بہ پنھنجو عمل پنھنجي شاگرد کي سچائيءَ سان سيکاري ٿو تہ خدا جي خدائيءَ جا بھترين دماغ انھيءَ ٽئليٽ کي اڳيان وڌيڪ ڪاريگريءَ سان وڌائين ٿا. معنيٰ تہ استاد ۽ شاگرد جي رشتي ۾ محنت، خلوص، عطا ۽ دل جي سچائي اهم آهن.
تعليم جي شعبي ۾ اسان وٽ نوڪرين جي ڀرتين ۾ خاص طور استادن جي ڀرتيءَ ۾ معيار جي بدران سفارش تي توجھہ آهي. خاص طور پرائمري استادن جي مقررين ۽ ترقين تي ڌيان ڌرڻ سان اسين پنھنجي تعليم جو بنياد مضبوط ڪنداسين. بنياد ئي سڀ ڪجهہ آهي. پرائمري استادن کي سٺا پگهار ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ جون سھولتون ڏيڻ حڪومت جو فرض آهي ( ڇو جو ملڪ جي آباديءَ جو وڏو انگ ڳوٺن ۾ رهي ٿو)
استادن تي واجب آهي تہ هو پنھنجي اعليٰ مرتبي ۽ مان کي سڃاڻن، شاگردن کي پنھنجي اولاد وانگر ڪري سمجهن ۽ دل ۽ جان سان کين هي علم جو سوجهرو عطا ڪن، پاڻ بہ وڌيڪ علم حاصل ڪري پنھنجي ڄاڻ وڌائي، پنھنجي رتبي کي بلند ڪن. ذاتي مسئلن ۽ انا کي پاسي رکي خدا پاڪ جي حڪم جي پوئواري ڪندي ضمير جي آواز تي لبيڪ چون، حاصل ٿيل علم کي امانت سمجهي شاگردن کي منتقل ڪري، هو حلال روزي کائين. ڏينھن قيامت تي کانئن پل پل جو حساب ورتو ويندو.
استادن کي اهو بہ عرض آهي تہ هو پنھنجي ٻڌيءَ ۽ ايڪي جي اظھار لاءِ بيشڪ استاد تنظيمون ٺاهين. پر انھيءَ جا مقصد ۽ عمل هاڪاري هجن جن سان ”شاگرد ڪاز“ کي ڪو بہ ڇيھو نہ رسي. استادن ۽ شاگردن جي رشتي کي مضبوط ڪرڻ ۾ والدين جي وڏي سھڪار جي ضرورت آهي.
استاد ۽ شاگرد جو تعلق مضبوط هوندي بہ اڄ جي دور ۾ لڳي ٿو تہ ايترو اهميت جوڳو نہ رهيو آهي. ڪو وقت هو جو شاگرد استادن جي وڏي عزت ڪندا هئا، پر سندن مائيٽ پڻ پنھنجن ٻچن جي استادن جي عزت ڪندا هئا. وقت جي تبديلين ۽ ماڻھن جي مٽيل قدرن مطابق هاڻي اهي محبتون ۽ عزتون ڄڻ تہ موڪلائينديون پيون وڃن، پر تہ بہ ”پنج ئي آڱريون برابر ڪينھن“. اڄ بہ اهڙا فرمانبردار ۽ سمجھدار شاگرد ۽ محنتي ۽ فرض شناس استاد ڪٿي ڪٿي موجود آهن، جيڪي علم ڏيئي ۽ وٺي ڄاڻن ٿا، هلندڙ دور ۾ اهو انگ تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مھانگائي، دين جي ڄاڻ ۽ اخلاقي اصولن جي ڪمي ۽ علمي ڊگرين جي ڊوڙ ۾ تعليم ڪمرشلائيز بہ ٿي وئي آهي.
اصل ۾ شاگرد آئيندي جا ابا آهن، تہ استاد جي حيثيت مائٽ جيان آهي. کين ”ٽَڪي جو ماستر“ ۽ ”خصيص ماستر“ سمجهڻ جي بدران معزز ۽ قوم جو هڪ تمام معتبر فرد سمجهڻ کپي، استاد جي عزت ڪرائڻ ۾ والدين جو بہ وڏو هٿ هوندو آهي. کين گهرجي تہ هو مطلب پرست ٿيڻ جي بدران هن رشتي جي احترام کي سمجهن. اڄ جيڪڏهن اسان اهي ڪوششون عمل ۾ نہ آنديون تہ سماج جا اهي ڪريل قدر وري سنوان ٿي نہ سگهندا. استاد پنھنجي ڪرت جي عظمت ۽ اهميت کان نہ واقف هئڻ سبب ان جي عزت بحال ڪري نہ سگهندو. ان لاءِ حڪومت کي استادن کي وڏي مئرٽ تي چونڊي ۽ کين وڏيون پگهارون ۽ سھولتون ڏيڻ گهرجن، ڄاڻو استاد قابل ۽ خود اعتماد هئڻ جي ڪري، بھترين شاگرد پيدا ڪندو آهي. باقي ”جيڪي پاڻ نہ پڙهيا سي ڪھڙا اَڪ ڪارا ڪندا“، وانگر نااهل ۽ سفارشي استاد اهڙي ئي نااهل شاگردن جي فوج تيار ڪندو، پوءِ هن ملڪ ۾ ڪوڙين ڊگرين جو راڄ هوندو، جيڪو ڪنھن حد تائين ٿيندو ڏسڻ ۾ اچي پيو. پر مٿي ڄاڻائي آئي آهيان تہ سڀ ماڻھو برابر ڪونھن، ان ڪري اڃان بہ وقت ڪونہ ويو آهي. اچو تہ هن پيغمبري پيشي جي عزت ڪريون ۽ پنھنجي ايندڙ نسل کي علم جي عظمت سان مشروط، استادن جي عزت واري رويي جي ڄاڻ ڏيون تہ جيئن هو فرض شناس ۽ محنتي ٿين.
سياست آ، فضيلت آ، حقيقت آ علم،
حڪومت آ، سياست آ، عبادت آ علم.