تعليم سڀن لاءِ
تنين سندو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي.
(3-20، يمن ڪلياڻ)
اسين نعرو تہ هڻون ٿا تہ، ”تعليم سڀن لاءِ“ ڇا اسين ان تي عمل ڪري رهيا آهيون؟ علم جڏهن ڪوڙ ۽ سچ، نيڪي ۽ بدي، گناھہ ۽ ثواب، سونھن ۽ ڪو جهائپ، ترقي ۽ تنزلي، حيوانيت ۽ انسانيت جا فرق سمجهائي ٿو تہ ڇا اهو علم اسان سڀني کي حاصل ٿئي ٿو؟
علم وارو ستڙ ۽ سالم آهي، انھيءَ علم جي روشن واٽ جي روشنيءَ کي عام تائين پھچائڻ ڏاهن، دانشورن ۽ عالمن سان گڏ اسان سڀني جو گڏيل فڪر هئڻ گهرجي. علم جي سونھن ۽ سوڀيا، ڏات، ڏانءُ ۽ ادراڪ ۽ يقين جي سچي قوت هر هڪ جو حق آهي، علم شائستگيءَ جي علامت ۽ زندگيءَ جي دلڪشيءَ جو راز هئڻ سان گڏ انساني ذهن کي سوچ ويچار ۽ غور و فڪر ٿو عطا ڪري، جيتري قدر وسيع علم هوندو انسان ايترو ئي سنوارجي ويندو. تھذيب جو دارو مدار تربيت ۽ اعليٰ تعليم تي آهي. مردن ۽ عورتن کي اسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي هڪ جھڙي هدايت ڪيل آهي. نبيءَ سڳوري جي حديث مطابق علم لاءِ سفر ڪرڻ نيڪ عمل ۽ علم جي رتبي کي جھاد جو درجو حاصل ٿيل آهي، جيئن تہ علم انسان کي بصيرت ٿو عطا ڪري ۽ انسان جي ٽئين اک آهي جيڪا سندس اندر کي اجاري ٿي، تيئن جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ علم ئي ڇوٽڪارو آهي. علم حاصل ڪرڻ عبادت سان گڏ هڪ اهڙي واٽ آهي جا انسان کي پنھنجي رب جي نور سان ملائي روشن ڪري کيس ممتاز ۽ اعليٰ مقام عطا ڪري ٿي.
ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم بہ هن دور جي ضرورت آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ هئڻ سان اسين هن ترقي يافتہ دور ۾ دنيا سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي هلنداسين ۽ جيڪڏهن اسين انھيءَ کان واقف نہ آهيون تہ اسان جو مثال کوھہ جي ڏيڏر وانگر آهي، انھي ڪري زماني سان قدم قدم سان ملائي هلڻو آهي. هنري تعليم جي هڪ الڳ خاص اهميت آهي جنھن ۾ هاڻي نئين ٽيڪنالاجيءُ سان گهڻي ترقي اچي وئي آهي. انھيءَ تي عمل ڪرڻ سان ئي اسان ڪامياب ٿي سگهون ٿا. معنيٰ تہ؛ Knowledge has no boundaries
علم جي ڪا بہ حد مقرر نہ آهي. علم معنيٰ ڄاڻ، معلومات، سگھہ، شعور ۽ اهو شعور فھم جيڪو اسان کي صحيح دڳ لائي، جيئن زمين جي سرسبز ٿيڻ لاءِ آسماني برسات جي ضرورت آهي. تيئن انساني ذهن لاءِ علم جي سوجهري جي ضرورت اهم آهي.
تعليم سڀن لاءِ عام ڪرڻ ۽ ان جي شرح وڌائڻ ۾ حڪومت کي بہ عوام جي سھڪار جي اشد ضرورت آهي. انھيءَ لاءِ اسان استادن ۽ شاگردن تي ٻٽي جوابداري آهي جو اسين پنھنجي آس پاس جي ماڻھن کي تعليم ڏانھن موڙيون. اسان جو ملڪ تيستائين ترقي نہ ڪري سگهندو جيستائين هن ملڪ جو هر شخص تعليم سان نوازيو نہ ويندو. چين، جپان، آسٽريليا، ڪئناڊا، آمريڪا، برطانيا، ويٽنام، ڪوريا، روس ۽ ڪيترائي ملڪ دنيا ۾ ترقي ڪري اڳيان آيا آهن فقط ۽ فقط علم جي ڪري. هڪ شاندار قوم علم جي ڪري ئي مانائتي ٿئي ٿي. جڏهن علم حاصل ڪرڻ اسان جو بنيادي حق آهي ۽ تعليم ڪنھن جي جاگير نہ آهي. تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪنھن جنس، مذهب، طبقي ۽ دين ڌرم جو عمل دخل نہ آهي تہ پوءِ ڇو اسين سجاڳيءَ کان اکيون پوري ويٺا آهيون؟ اسان کي گهرجي تہ دنيا تي گهري نظر رکون ۽ اعليٰ تعليم جو اتساھہ پنھنجي آسپاس پکيڙيون تہ جيئن دنيا ۾ بين الاقوامي سطح تي سڃاتا وڃون اسان کي رب العالمين کان اها دعا گهرڻ گهرجي تہ يا خدا! اسان کي علم عطا ڪر، هن ملڪ جي هر ماڻھو کي علم جي نور سان منور ڪر.
جانب! تون جيڏو آهين، شان شَعورسين،
مون تي ڪر منھنجا پرين! تُوھہ تُسي تَيڏو،
اي ڪامل! ڪَمُ ڪيڏو جيئن نوازينيم نگاھہ سين.
(2-1 بروو سنڌي)