ٻاراڻو ادب

اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

ھن ڪتاب ۾ ڏهن سالن کان سورهن سالن جي ٻارن لاءِ 27 اخلاقي(Ethical)  ۽ علمي(Educational)  مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ننڍن ننڍن موضوعن کي کڻي انساني اخلاقن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ هي ڪتاب بنيادي طور تي ٻارن جي لاءِ ئي لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪتاب ۾ ڏسيل نيڪ نقطن جي روشنيءَ ۾ پنھنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تربيت ڪندا تہ اسان جو سماج ۽ انھيءَ سماج جي هونھارن کي مستقبل جي زندگيءَ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي.

Title Cover of book اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

شيرين زباني ۽ بدزبانيءَ ۾ فرق

شيرين زباني/بدزباني اسان جي وَسَ ۽ اختيار ۾ آيل طاقتون آهن. زبان هڪ اهڙي قوت آهي، جنھن کي عقلمندي ۽ مٺاس سان استعمال ڪرڻ سان ماڻھو دشمنن کي دوست ڪري ٿو ۽ سندس دنيا جا سڀ ڪم ڪاريون بہ سولي نموني ٿين ٿا. ”اها ئي زبان آهي جا ماڻھوءَ کي کٽ تي ويھاري، اهائي زبان آهي، جا ماڻھوءَ کي پَٽ تي ويھاري“. شيرين زباني انساني شخصيت جي تمام وڏي خوبي آهي. بدزبانيءَ جھڙو ڪو ٻيو عذاب ڪونھي. جنھن ۾ گارگند، پِٽ پاراتو، کهرو ڳالھائڻ اچي وڃي ٿو. عام طور اسين ڏسنداسين تہ اڪثر ماڻھو مزاج ۾ ڪاوڙيلا ۽ بدمزاج هجن ٿا. ڪو بہ ماڻھو جڏهن ڪاوڙ ڪري ٿو تڏهن سندس عقل ڇڏائجي وڃي ٿو. ڪاوڙ عقل جي قينچي آهي. هلڪي طبيعت جا ماڻھو ٿوري ٿوري تي چڙي پوندا اهن. جنھن سان سندن شخصيت جو خراب اثر ٻين تي ٿيندو آهي، پر هُو پاڻ بہ هر وقت ناخوش لڳندا آهن. شاھہ لطيف ڪاوڙ کي وڏو نقصان ڄاڻايو آهي.
نمي کمي نھار تون، ڏمر ڏولائو،
ٿيئي ساڃائو، جي اڀيين انھين پير ٿي.

ڪاوڙ خود ڪاوڙ ڪندڙ لاءِ وڏو نقصان کڻي ايندي آهي. هڪ ڏاهي تہ ايتريقدر چيو آهي تہ ”آئون ٽانڊن تي بہ هليو آهيان ۽ گرم واريءَ کي بہ پيرن سان لتاڙيو اٿم، پر مون غصي کان وڌيڪ گرم چيز ڪا بہ ڪانہ ڏٺي“.
ڪاوڙ جي ابتدا جنون ۽ انتھا هميشہ پشيماني ٿيندي آهي. انتقام جي قوت هوندي بہ ڪاوڙ کائي وڃڻ افضل ترين عبادت آهي. ڪاوڙ نسوري باھہ آهي، جنھن کي روڪڻ جو حڪم قرآن ۽ حديثن ۾ آهي. حديث نبوي آهي تہ، ”توهان کي ڪاوڙ اچي تہ بيٺل هجو تہ ويھي رهو. ويٺل هجو تہ ليٽي پئو“. عام طور تي ڪاوڙ واري کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ يڪدم پاڻي پيئاريندا آهن تہ سندس دل جي باھہ ٿڌي ٿئي. جڏهن ڪو ماڻھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي بدشد ڳالھائي ٿو، تڏهن هُو نہ نياڻيءَ سياڻيءَ جو حيا رکندو آهي، نہ وڏي ننڍي جي ساڃھہ، نہ ئي سندس ڳالھايل لفظ هُن جو ساٿ ڏيندا آهن. خبر ناهي ڇاجو ڇا هُو چئي ويندو آهي، جو جوش ۾ هوش تہ هوندو ڪونہ اٿس. چڙ ۾ بيھودن لفظن، غلط ۽ غير معقول جملن سان پيو واڪا ڪندو آهي. هو نہ فقط بيوقوف پر چريو معلوم ٿيندو آهي. انھيءَ وقت کيس سامھون ٿيڻ ڄڻ پنھنجي بيوقوفيءَ جو اعلان ڪرڻ آهي. ڪاوڙ جھالت جي نشاني آهي. چوڻي آهي تہ، ”پٿر ڀاري ٿو ٿئي ۽ واري ڳري، پر جاهل جي ڪاوڙ ٻنھي کان ڳري“.
بدزباني ۾ فقط سخت ڪلامي شمار نٿي ٿئي، پر گار گند، فالتو بحث مباحثو، تلخي، ڪوڙ، چاپلوسي، منافقت، بيھودگي، بيوقوفي، غيبت، چغلي، زبان درازي، لعنت، ملامت ۽ ٻيون خاميون آهن. حديث پاڪ آهي تہ، ”مومن ڪڏهن بہ طعنا ڏيندڙ، لعنت ڪندڙ، بدگو ۽ زبان دراز نہ ٿيندو آهي“.
زبان مان نڪتل لفظ ڪمان مان نڪتل تير جيان آهن، جيڪي واپس نٿا اچن. اخلاق جي اها تقاضا آهي تہ هميشہ سوچي سمجهي ڳالھائڻ گهرجي تہ جيئن دليون رنج نہ ٿين. ڳالھائڻ ۾ بيپرواهي کان بچجي. عقلمنديءَ جو اهو بہ تقاضو آهي تہ مناسب، شيرين، نرم ۽ پُراثر نموني ڳالھايو وڃي. لفظن سان گڏ لھجي جي نرميءَ جو اثر وڌيڪ اثرائتو هجي ٿو.
”انسان جي قابليت سندس زبان هيٺ لڪيل آهي“. حضرت علي رضہ الله جي انھيءَ قول تي غور ڪبو تہ سئو سيڪڙو سچ لڳندو. انسان امن ۾ تڏهن رهي سگهي ٿو جڏهن گهٽ ڳالھائي، عام طور، گهڻو ڳالھائيندڙ ماڻھو بنا غور ۽ فڪر جي ڳالھائيندو، جنھن ۾ مقصديت گهٽ ۽ غير ضروري ڳالھيون وڌيڪ هونديون آهن. انھيءَ ڪري زبان کي درست نموني ۽ موقعي مطلب مطابق استعمال ڪجي تہ جيئن ذهني پختگي ۽ اخلاقي بلندي پيدا ٿئي. حڪيم لقمان چوي ٿو تہ، . ”جسم جو آرام گهٽ کائڻ تي، نفس جي راحت گهٽ گناھہ ڪرڻ تي، دل جي خوشي گهٽ ڳڻتي ڪرڻ تي ۽ زبان جي راحت ٿوري ڳالھائڻ تي آهي“.
زبان جي استعمال ۾ نرمي، اثر، شائستگي ۽ اختصار اهم آهن. گهڻو ڳالھائڻ گناھہ جو سبب بنجي ٿو ۽ ان سان دليون، بہ سخت ٿين ٿيون. دانشمندي خاموشيءَ ۽ گهٽ ڳالھائڻ ۾ آهي. حضرت علي رضي الله جو قول آهي تہ، ”عقل جڏهن ڪمال تي پھچي ٿو، تڏهن زبان گونگي ٿي وڃي ٿي“، هتي ”گونگيءَ“ مان مراد ٿورو ڳالھائڻ ۽ گهڻو غور فڪر ڪرڻ ۽ سمجهڻ آهي. ماڻھن سان بي رُخيءَ ۽ رکي منھن ڳالھائڻ جو پن مذهب ۾ منع آهي، ”قدرت انسان کي زبان هڪ ڏني آهي تہ ڪَنَ ٻہ ڏنا آهن تہ جيئن اسين ٻين سان ڳالھائڻ جي ڀيٽ ۾ ٻہ دفعا وڌيڪ ٻُڌون“. نوجوانن کي مٿين قرآني آيتن، حديثن ۽ چوڻين مان اهو بلڪل چڱيءَ ريت معلوم ٿيو هوندو تہ سندن زندگيءَ ۾ زبان جي استعمال جي اهميت ڇا آهي؟ جيڪڏهن هو ننڍيءَ عمر کان ئي احسن نموني ڳالھائڻ ۽ اٿڻ ويھڻ سکندا تہ سندن حياتي خوبين جو مجموعو ٿيندي، حاصل مطلب تہ شيرين زباني انساني اخلاق جو اهم عملي پھلو آهي، جنھن جو دارومدار ماڻھوءَ جي ماحول، وراثت، تعليم ۽ تربيت تي آهي، پر اها عادت پنھنجو پاڻ ۾ وقت سان گڏ پيدا ڪري، ڪو بہ ماڻھو بھترين انسان ٿي سگهي ٿو.
سھڻي سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي تہ، ”صبر جن جو سِير، تير نہ گُسي تن جو“ صبر جي اعليٰ وصف کي پنھنجو ڪرڻ وارن ۾ سھپ/برداشت جي قوت وڌي ٿي. هو لالچ، رياڪاري، منافقت، خود غرضي، ڪاوڙ، ڪوڙ ۽ ٻين انيڪ براين کي شڪست ڏئي ٿو. برداشت ڪرڻ ولين ۽ پيغمبرن جي خوبي آهي. هر ماڻھوءَ کي اها صفت مليل نہ آهي، پر گهڻا ماڻھو پاڻ ۾ اخلاقي قوتن جي مضبوطيءَ سان اها طاقت پيدا ڪندا آهن، جيڪڏهن سھپ جي خوبي هر ماڻھوءَ ۾ پيدا ٿي وڃي تہ هيءَ قوم هڪ بھترين ترقي يافتہ قوم ٿي سگهي ٿي. ظاهري طور تہ سھپ لفظ چوڻ سولو آهي ۽ هر ڪو هڪ ٻئي کي نصيحت ڪندو وتندو آهي تہ ” توهان پاڻ ۾ برداشت پيدا ڪريو، پر ڏٺو وڃي تہ چوڻ آسان آهي ۽ عمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو. برداشت معنيٰ صبر، ۽ صبر وارو ئي شڪر ڪندڙ هوندو آهي شڪر جي نعمت رکندڙن کي جنت جي خوشخبري ڏني وئي آهي. هڪ چوڻي موجب تہ، ”سورهيہ کان صابر وڌيڪ ۽ شھر فتح ڪندڙ کان اهو ڀلو جو پاڻ جيتي“. ”پاڻ جيتڻ“ يعني پنھنجي نفس تي ضابطو رکڻ. نفس جو جھاد هڪ اعليٰ قسم جو جھاد شمار ٿيئي ٿو. عبادتون ۽ رياضتون بہ اهي ڪري سگهندا. جن نفس کي مطيع ڪيو هوندو.
کم کمندن کٽيو، هارايو هوڙن،
چکيو نہ چُوَندن، هو جو ساءُ صبر جو.
(8-5، يمن ڪلياڻ)

شاھہ لطيف سائينءَ جي مٿئين بيت ۾ اها سمجهاڻي آهي تہ جي چپ رهيا، ڪڏهن بہ ترت بدلو نہ ورتائون، جهيڙي ۽ گرميءَ جو جواب جهيڙي سان نہ ڏنائون، زبان تي ضابطو رکيائون، اهي ئي کٽندڙ آهن تہ بي صبرا، بدزبان ۽ ڪاوڙ ڪندڙ ۽ وراڻي ڏيندڙ اهي هجن ٿا، جن ڪڏهن ماٺ نعمت جو مزو ئي ڪين چکيو آهي. کين خبر ئي ڪانھي تہ مٺي زبان جا ڪيترا فائدا آهن.