ٻاراڻو ادب

اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

ھن ڪتاب ۾ ڏهن سالن کان سورهن سالن جي ٻارن لاءِ 27 اخلاقي(Ethical)  ۽ علمي(Educational)  مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ننڍن ننڍن موضوعن کي کڻي انساني اخلاقن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ هي ڪتاب بنيادي طور تي ٻارن جي لاءِ ئي لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن والدين ۽ استاد بہ غور سان پڙهندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪتاب ۾ ڏسيل نيڪ نقطن جي روشنيءَ ۾ پنھنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تربيت ڪندا تہ اسان جو سماج ۽ انھيءَ سماج جي هونھارن کي مستقبل جي زندگيءَ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي.

Title Cover of book اخلاقي قَدر (ٻارن لاءِ اخلاقي ۽ تعليمي مضمون)

وطن جي حُب

محبت هڪ اهڙو جادو آهي، جنھن سان دنيا جي ادنيٰ کان ادنيٰ شيءِ پڻ بلند بنجيو وڃي، حقيقت ۾ اهو پيار جو جذبو شمار ئي نٿو ٿي. جو انسانيت جا قدر نہ سيکاري دنيا جو ڪو بہ مذهب پيار جي پرچار کان خالي نہ آهي، دنيا جي ڪنھن بہ عالمي برادريءَ جي ليکڪ، شاعر ۽ ڏاهي جو پيغام ڏسنداسين تہ پيار ۽ محبت جو پيام نظر ايندو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، انسانذات جي لاءِ پيار ۽ محبت جي جذبي جي اهميت کي هن ريت ڄاڻايو آهي. فرمائي ٿو.
وڳر ڪِيو وَتَن، پِرتِ نہ ڇِنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙڻ ماڻھونئان ميٺ گهڻو.
(سر ڏهر، 4-5)

پرت ۽ پيار ضروري نہ آهي تہ اسين فقط پنھنجي والدين، استادن، دوستن يا پسنديدہ شخص سان رکون، بلڪہ هتي مراد آهي ڪل عالم جي لاءِ پيار، پنھنجي وطن سان پيار آهي تڏهن تہ شاھہ سائين سنڌ ۾ پوريءَ دنيا لاءِ دُعاڳو آهي.
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
دوست مٺا دلدار، عالَم سڀ آباد ڪرين

پيار هڪ شخصي مذهب جو نمونو آهي، جيڪو ماڻھوءَ ۾ شخصي طور ڏيڻ جي قوت وڌائي ٿو. تڏهن وٺڻ ۽ دليون رنجائڻ بجاءِ هُو فقط ۽ فقط دليون خوش ڪرڻ ۽ ڏيڻ ڄاڻي ٿو. اهڙو ماڻھو هر دلعزيز تہ ٿئي ٿو، پر منجهس سھپ جي قوت بہ وڌي ٿي. حقيقت ۾ دنيا جو سڀ کان بدنصيب ماڻھو اهو آهي، جيڪو ڪنھن دل ۾ پنھنجي لاءِ جڳھہ ٺاهي نہ سگهي. شاندار دِلين وارا نہ ڪڏهن حاسد هوندا آهن ۽ نہ ڊڄڻا، ڇاڪاڻ تہ حسد هٿي ڏئي ٿو شڪ کي ۽ خوف همٿائي ٿو براين کي. انھيءَ ڪري دل جي مضبوطي محبتن جي پروان چڙهائڻ ۾ آهي. محبتين جا ميڙا ڪل عالم ۾ خوشبو ٿا پکيڙين ۽ انھن سان ئي ڀائيچاري ۽ امن جي پيغام کي واڌارو ٿو حاصل ٿئي. سچي محبت ۽ پيار جو جذبو انسان کي پاڪيزگي، عظمت، انسان دوستي، خوشحالي ۽ امن جو درس ڏئي ٿو. ”محبت روح جو گلاب آهي، جيڪو گناهن جي تپش سان ڪومائجي وڃي ٿو“(شيخ عبدالقادر جيلاني) پيار جو هڪ اعليٰ درجو وطن سان محبت آهي.
اسان جي وطن جي ٻچي ٻچي تي اهو فرض آهي تہ هو وطن جي محبت جي جذبي سان واڳيل ٿي، دل ۽ جان سان ملڪ جي خدمت جو عھد ڪن. علم حاصل ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي هر هڪ ننڍيءَ شيءِکي بہ قومي ملڪيت ۽ هڪ اهم اثاثو ڪري سمجهن، تڏهن ئي اسين صحيح معنيٰ ۾ آزاديءَ جي نعمت کان لطف اندوز ٿينداسين. جڏهن بہ ڪو ملڪ مڪمل طور آزاد ۽ خودمختيار آهي ۽ ان جا وطن واسي آزاديءَ جي نعمت جي قدر کان چڱيءَ ريت واقف آهن ۽ هو ملڪ ۽ قوم جي فائدن کي عزيز رکڻ کي حياتيءَ جو اصول بنائين ٿا، تڏهن ان ملڪ ۾ سياڻپ، صلح، عدل ۽ انصاف ۽ بھادريءَ جو راڄ قائم ٿيندو آهي. نہ ڪه ظلم زور آوريءَ ۽ ناانصافيءَ جو. وطن جي محبت کي سڀني اخلاقي قدرن تي اهميت ڏيندي ڊاڪٽر تنوير عباسي چوي ٿو تہ،
رات مون کي خواب ۾ هوشوءَ ڏنو هڪڙو پيام،
سنڌ وارن کي ڏجان، منھنجا ڳڻي سئو سئو سلام،
نوجوانن کي وڃي، شاعر اهو پيغام ڏئي،
ڪين پيارو ڪن وطن کان پنھنجي ساھہ کي.
ساھہ کان پياري وطن کي شاھہ، ڀٽائيءَ تہ مرڻ کان پوءِ بہ اهميت جوڳو قرار ڏنو آهي. مارئيءَ جي واتان چوائين ٿا تہ، ”مُيائي جياس، جي وڃي مڙھہ ملير ڏي“
وطن جي حب انساني اخلاق جو چوٽ چڙهيل جذبو ۽ وڏي خوبي آهي. انھيءَ خوبيءَ واري قوم ڪڏهن بہ پنھنجي ملڪ جو مدو نہ چاهيندي ۽ بلڪل ڀليءَ ڀت پنھنجي ملڪ جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳيان اڳيان هوندي. اهائي ان قوم ۽ ملڪ جي ترقي آهي. انھيءَ سان فرض شناسيءَ ۽ پيار جو جذبو پروان چڙهي ٿو. قوم جي هر ماڻھوءَ ۾ خوداعتمادي وڌي ٿي. عملي قوتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، ڇو جو ماڻھوءَ جو عمل سندس سوچ جو ئي ترجمان آهي ۽ سندس ترقيءَ جو راز فقط ۽ فقط لڳاتار عمل ۾ آهي. موجودہ وقت اسان جي چئوطرف ماڻھن ۾ پئسي ڪمائڻ ۽ خرچ ڪرڻ جا قدر پراڻي وقت کان مختلف ۽ غير معياري ٿي رهيا آهن. ملڪي ناڻي کي مضبوط ڪرڻ جا احساس ختم ٿيندا پيا نظر اچن. ذاتي ملڪيتن کي وڌائڻ ۽ اسراف ۽ ڏيکاءُ واري حياتي گذارڻ جا نوان غير معياري قدر وڌي رهيا اهن. جن سبب ايمانداري ۽ وطن جي محبت ختم ٿيندي پئي وڃي. اڄ ذخيره اندوزي، چور بازاري ۽ ٺڳيءَ جي ٺاهن سان هڪٻئي جو خون چوسيو پيو وڃي. پر اهو ياد رکڻ گهرجي تہ ٻين جو رت چوسيل ناجائز پسئو، بي بقا آهي. جنھن کي نہ جٽاءُ آهي. نہ ئي اڳيان ان ۾ ڪو بہ فائدو ٿيندو. تاريخ شاهد آهي تہ غير اخلاقي ڪمن ۽ غير معياري عملن سبب هميشہ انسانيت نقصان ۾ آئي آهي. سماج ۾ برابري ۽ انصاف سان هلڻ سان ئي ماڻھو چڱائي حاصل ڪري سگهندا. اهڙو جذبو فقط ۽ فقط وطن ۽ قوم سان سچي محبت ۾ پسي سگهجي ٿو.