قوم جو آئيندو قوم جا ٻار آهن
مٿين حقيقت جي هوندي بہ هتي آئون اهو چونديس تہ جيئن هر نئون ڄاول ٻار اها شاهدي ٿو ڏئي تہ ڌڻي سڳورو اڃان انسان مان نااميد نہ ٿيو آهي، تيئن اهو ضرور ذهن نشين ڪرڻ گهرجي تہ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٽڪراءُ واريءَ هن ڌرتيءَ تي نيڪي وڏي واڪي ڄاڻائي ٿي تہ ”آئون موجود آهيان“ ۽ بدي خودبخود نامراديءَ ۽ زوال جي صورت اختيار ڪري ٿي.
شاعر، اديب ۽ عالم پنھنجي قومن جا سفير آهن ۽ سندن قلمي سفر قوم کي ماڻھپي ڏي موڙڻ آهي. اهو سفر ڪٺن هوندي بہ قوت وارو آهي. قلم جي طاقت آهستي آهستي لفظن جي ذريعي سڌي روح تي اثر انداز ٿي دلين کي فتح ڪري ٿي. ٽئگور، ٽالسٽاءِ، شيڪسپيئر، ڪاليداس، هرمن هريس، ڊانٽي، ورجل، هومر، ملٽن، گورڪي، رومي، جامي، حافظ، لطيف، اياز، بخاري، تنوير عباسي ۽ ڪنھن بہ ڏيھي/پرڏيھي اديب يا شاعر کي پڙهي ڏسو تہ انساني عظمت، محبت ۽ ڀائيچاري جي فلاسافي ڏسڻ ۾ ايندي، سندن قلمن جا چٽيل نقش سدا بھار ۽ سدا قائم رهڻ وارا آهن. ڇو تہ قلم جي ئي قوت آهي جا علم جو بنياد ۽ قومن جي تقدير جي پاسبان آهي. ڪنھن بہ قوم جو آئيندو ان قوم جا ٻار آهن، اسان جو ايندڙ نسل تڏهن ڪاميابي ۽ ڪامراني ماڻيندو جڏهن سندن تعليم ۽ تربيت انساني اخلاقي معيارن مطابق ٿيئي نوجوان نسل هن ڌرتيءَ جو ناياب سرمايو ۽ بقا جو نشان آهن. انھن جي تعليم، تربيت ۽ سڌاري لاءِ جيترا بہ اُپاءُ ورتا وڃن جيتريون بہ ڪوششون ڪيون وڃن اهي گهٽ آهن. هن کان اڳ مون تحقيق، تنقيد، تاريخ، لطيفيات ۽ ٻين موضوعن تي ٽيھہ کن ڪتاب لکيا آهن. اخلاقي ڪتاب کي ڏاڍي ذوق ۽ شوق سان لکيو اٿم، جنھن کي نيشنل بُڪ فائونڊيشن وارن مئرٽ تي سيڪنڊ ڪئٽيگري ۾ منظور ڪري سرٽيفڪيٽ ڏيڻو ڪيو آهي.
آئون سمجهان ٿي تہ منھنجو هي ڪتاب سنڌي قوم جي ٻارن جي لاءِ مقصديت ۾ فائديمند ثابت ٿيو آهي. جو ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. جنھن مان يقيناً کين مطالعي ۽ محنت جو شوق ٿيندو ۽ هو مضمون نويسيءَ جي اهم ادبي صنف ڏي بہ مائل ٿيندا، هونئن بہ جيستائين چڱو ادب ڇپبو رهبو، تيستائين انسانيت جو مستقبل اونداهو نہ رهندو. سو اڄ جي ٻارن کي سھل پسنديءَ مان ڪڍي کين معياري مطالعي ڏي موڙڻ ضروري آهي، مطالعو ئي آهي جو سندن ذهن کي مهٽي، رڳڙي، چمڪائي، اڇو اجرو ڪري، کين نوان گس ۽ راهون ڏسيندو.
درسي طور مضمون نويسيءَ جي تمام گهڻي اهميت آهي، عام طور (Creative writing) يا مضمون نويسي شاگردن کي ٻوليءَ جي سبجيڪٽ يعني انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ سيکاري ويندي آهي، اڄڪلھہ تہ اسڪولن ۾ ننڍين ڪلاسن کان ئي (Creative writing) جي عادت وڌي پئي وڃي تہ جيئن هو ننڍن ننڍن موضوعن تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪن. انھيءَ سان شاگردن جون سوچڻ ۽ سمجهڻ جون صلاحيتون وڌن ٿيون ۽ Vocabulary يعني لفظن جي سرمايي ۾ اضافو ٿئي ٿو. کين ٻوليءَ ۾ گرامر جي صحيح استعمال جي خبر پوي ٿي. انھيءَ لحاظ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ شاگردن لاءِ ضروري آهي تہ هو مختلف موضوعن تي مضمون لکڻ جي مشق ڪن، موضوع تي تفصيلي غور ويچار ڪري، لکڻ جي ڏانءَ کان واقف ٿين. اسان وٽ رائج موضوعن کان هٽي ڪري جيڪڏهن ڪو بہ موضوع شاگردن وٽ لکڻ لاءِ پيش ٿيندو آهي تہ هو گهٻرائجي ويندا آهن. ان جو سبب اهو آهي تہ کين اڪثر هنڌن تي مضمون ياد ڪرايا وڃن ٿا. حالانڪہ جيڪڏهن کين مضمونن جا موضوع سمجهايا ۽ لکڻ جا طريقا سيکاريا وڃن تہ هوند اهي رٽو لڳائڻ کان بچي وڃن. انھيءَ لاءِ ضروري اهي تہ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون نويسي تي مختلف ۽ منفرد موضوعن سان سجيل ڪارائتا ڪتاب لکيا وڃن. مضمون نويسيءَ جا مقابلا منعقد ڪيا وڃن ۽ مضمون لکڻ جا اصول سمجهايا وڃن تہ پوءِ يقينن شاگرد ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ سونھن کان ۽ علم ادب جي هن اهم صنف کان صحيح با خبر ٿيندا. هيٺ مضمون لکڻ لاءِ ڪجهہ اصول پيش ڪجن ٿا:
(1) مضمون نويسيءَ جو تعلق سڌو سنئون نثر نويسيءَ سان آهي. شاگردن لاءِ نثر نويسيءَ جي اصولن ۽ ڄاڻ جو مطالعو ضروري آهي. (2) مضمون نگاريءَ لاءِ موضوع مطابق مطالعو، مشاهدو، بياني قوت جو ڍنگ، ادبي انداز، عام فھم ۽ اثرائتي ٻوليءَ جو استعمال ضروري آهي. (3) مضمَون يا مقالي کي ٽن حصن ۾ ترتيب مطابق ورهائي لکيو وڃي، جنھن ۾ پھرين موضوع جو تعارف، ٻئي حصي ۾ موضوع کي مثالن سان سمجهايو وڃي تہ ٽئي حصي ۾ سڄيءَ ڄاڻ جو تتِ پيش ڪيو وڃي. (4) مضمون ۾ خاص طور اختصار، جامعيت، مقصديت، لطافت ۽ انفراديت هئڻ ضروري آهي. درسي طور مضمون نويسيءَ جي اهميت سمجهائڻ کانپوءِ پڙهندڙن کي انساني اخلاقي قدرن جو هيءُ ڪتاب انتھائي مفيد محسوس ٿيندو، هن ڪتاب جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن ۽ هيءُ چوٿون وڌايل ايڊيشن سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر تي رکائي رهي آهيان. اميد تہ قبول پوندو.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
نومبر، 2023ع