رحمدلي، عظيم پغمبري صفت
لطف جي لطيف چي، تو وٽ ڪمي ڪان،
عدل ڇٽان، آنءُ نہ، ڪو ڦيرو ڪجِ فضل جو.
(2-1، سريراڳ)
رحمدلي، ڪرم، پيار ۽ مجبت آفاقي جذبا آهن، خدا پاڪ انساني جبلت ۾ اهي خوبيون قائم رکيون اهن، الله تعاليٰ انھن تي رحم نٿو ڪري، جيڪو مخلوق تي رحم نٿو ڪري، پيار ڪرڻ وارو، مھربان ۽ رحم دل هوندو آهي. رحم دلي هڪ بھترين انساني وصف آهي، جنھن سان دشمن دوست ۽ پراوا پنھنجا ٿي وڃن ٿا. معافي يا درگذر کان ڪم وٺڻ، سھپ ۽ برداشت جو عملي مظاهرو ڪرڻ سان نہ فقط قلب جو اطمينان حاصل ٿئي ٿو. بلڪہ ماڻھو بدلي جي باھہ ۾ سڙڻ کان بچي ٿو.
رحمدلي عظيم پيغمبري صفت آهي. جھالت جي دور ۾ خدا پاڪ جو پيارو رسول ﷺ جڏهن سڀ قوت هوندي بہ دشمن معاف ٿو ڪري تڏهن عرب قوم جي سردارن جا مٿا شرم وچان هيٺ ٿا وڃن. پاڻ ڪريم جن هر وقت محبت، پيار ۽ رحم جي هدايت ڪئي ۽ ڄاڻايو اٿن تہ زمين وارن کي تڪليف نہ ڏيو. خدا پاڪ وڏو رحيم ۽ ڪريم آهي پر انسانن جا هڪٻئي تي ڪيل ظلم معاف نہ ڪندو. اسلام ۾ حقوق العباد جي اهميت ڇا آهي؟ ٻين جا حق ڦٻائڻ وارا، زمين تي فساد ڪرڻ وارا ظالم انسان ڪڏهن اهو سوچيندا آهن تہ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟ خدا پاڪ جو انسان کي ستر مائرن جي محبت کان وڌيڪ چاهي ٿو. جنھن جي رحمت ۽ بخشش جي پکيڙ جو اندازو لڳائڻ ئي انساني وس کان مٿي آهي. سو بہ ان انسان تي رحم نٿو ڪري جيڪو دنيا ۾ بي رحميءَ جي هلت ٿو هلي.
رحم دلي، درگذر يا معاف ڪرڻ ۽ بزدلي ۽ بي سمجهيءَ سان معاملي کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. ڪڏهن ڪڏهن معاف ڪرڻ ۾ پنھنجن حقن ۽ فرضن کان غفلت بہ ٿي ويندي آهي جا غلط آهي پنھنجي ذات و قوم جي نفي بہ مذهب جي نفي آهي. دنيا جي هر مذهب رحم جي هدايت ضرور ڪئي آهي. پر گڏوگڏ بُري تي بڇ کي لازمي قرار ڏنو آهي، جيڪڏهن قاتلن، سفاڪن، ظالمن ۽ بي رحمن کي معاف ڪيو ويندو تہ تاريخ جي ڪنھن موڙ تي ايئن ٿيندو جو چڱايون براين ۾، نيڪيون بدين ۾ ميسارجي وينديون ۽ قومون فنا ٿي وينديون، انھيءَ ڪري، پنھنجي بچاءُ ۾ غفلت نہ ڪرڻ گهرجي. سوچي سمجهي ڪنھن کي بہ تڪليف ڏيڻ يا طاقت جي نشي ۾ بدلو وٺڻ غلط هلت آهي. باقي مجموعي طور معافي بھترين انتقام آهي. انھيءَ جي لاءِ دل ۾ رحم جو جذبو ئي اهم ذريعو آهي. نيڪ وصفن ۾ محبت ۽ پيار جي سبب ”رحمدلي“ جو جذبو پروان چڙهي ٿو، جنھن سان ماڻھوءَ ۾ ٻين جي ڪم اچڻ جي قوت وڌي ٿي ۽ ٻين جي ڪم اهي ايندا آهن، جن جي دل ۾ انسانيت جو درد هجي ٿو ۽ منجهن ”ماڻھپي“ جون خاصيتون اُتم هونديون آهن. محبت جو ضد ”نفرت“ شيطاني صفت آهي. ڪڏهن ڪڏهن محبت حد کان وڌيڪ وڌي بہ نفرت ۾ بدلجي ويندي آهي. گهڻي محبت بہ نقصانڪار آهي. پر وري بہ ايئن چونديس تہ وچولي راھہ اختيار ڪرڻ گهرجي ڪنھن بہ انسان سان نفرت جو سلوڪ نہ ڪجي محبت جي الھاميءَ ۽ آفاقي جذبي سان هن ڌرتيءَ تي انسان ذات جي وجود جي تڪميل آهي. رحم دلي هڪ عظيم پغيمبري صفت ۽ انسانيت جي معراج آهي.