فرض شناس باهمٿ ۽ بھادر آهن
استاد جو فقط اهو فرض ڪونھي تہ هو شاگرد کي علم عطا ڪري، بلڪہ شاگرد تي پڻ اهو مڪمل طور فرض عائد ٿئي ٿو تہ هُو استاد جي حقن جي سُڃاڻپ رکي، نہ تہ کانئس قيامت جي ڏينھن مليل علم جي فضيلت جي پڇا ڪئي ويندي. ساڳيءَ ريت والدين تي ٻارن جي پالنا جا انيڪ فرض آهن، پر اولاد تي بہ اها جوابداري آهي تہ هو والدين جي حقن کي نظر ۾ رکي. فرضن جي ادائگيءَ ۽ حقن جي وصوليءَ جو تفصيل تمام ڊگهو آهي، پر حقيقت صاف ظاهر آهي تہ ” هڪ هٿ سان ڏئي ٻئي هٿ سان وٺ“.
فرض شناسيءَ جو اهو محور آهي تہ ماڻھو لالچ ۽ هٻڇ کان ۽ خوف ۽ بي همٿيءَ کان پري هجياهو سوچي تہ کيس حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. بيشڪ هُو پٽيوالو آهي يا اعليٰ آفيسر، شاگرد آهي يا استاد، ننڍو آهي يا وڏو سندس حيثيت ۽ مرتبي مطابق مٿس بلڪل ڪي فرض مقرر آهن ۽ ساڳيءَ ريت سندس حق پڻ معاشري جي مختلف ماڻھن ڏانھن موجود آهن، پر ٿئي ايئن ٿو تہ هتي حقن جي وٺ پڪڙ گهڻي آهي. فرضن ڏي وڏي ڪوتاهي آهي. انھيءَ ڪري نہ آفيسن ۽ ادارن جو ماحول بھتر اهي نہ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو ۽ نہ ئي گهرن جو. پر بھر حال سڀ ماڻھو برابر ڪونہ آهن، جيڪي فرض ادائيءَ جي خوبيءَ ۽ حقن جي برابريءَ جي اصولن کان واقف آهن سي عمل بہ ڪن ٿا ۽ انھن جي حياتي گهڻين مشڪلن کان آجي آهي. فرضن جي ادائيگيءَ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي، جنھن لاءِ وڏي همٿ گهرجي.
همٿ ۽ بھادري ماڻھوءَ جي شخصي خوبين ۾ اهميت واريون خوبيون آهن. شخصي طور جيڪڏهن اهي خوبيون ڪنھن قوم جي ماڻھن ۾ آهن تہ اها قوم ڪڏهن بہ مفتوح ٿي نٿي سگهي. پنھنجي بھادرن ۽ جيالن جي ڪارنامن کان جيڪڏهن نئين نسل کي صحيح نموني سان واقف ڪرايو وڃي تہ مان نٿي سمجهان تہ ان قوم جا نوجوان پوئتي رهي سگهن ٿا، انسان کي سڀني ڪوششن جو حاصل ضرور ملي ٿو. ايئن نہ آهي تہ ماڻھوءَ جون محنتون رائگان ٿيو ٿيون وڃن. همٿ سان دنيا ۾ هر ناممڪن ڪم ممڪن ٿي وڃي ٿو. همٿ ئي آهي. جيڪا اندر جي قوت ٿي ماڻھوءَ کي ڪوشش ۽ عمل لاءِ وڌائي ٿي ۽ ماڻھو بي خوف و خطر مشڪلن کي منھن ڏيڻ لاءِ اڳيان وڌي ٿو.
ڪنھن بہ سماج جي نوجوانن ۾ جيڪڏهن بھادري ۽ همٿ جهڙيون خاصيتون نہ هونديون تہ هُو بزدل ۽ ڪمزور ٿي نہ پنھنجي لاءِ ڪجهہ ڪري سگهندا ۽ نہ گهر ڀاتين لاءِ ۽ نہ ئي قوم ۽ ملڪ جي لاءِ. بھادر، باهمٿ نوجوان هن ڌرتيءَ جو فخر ۽ شان آهن. سنڌ ۾ ”دودو چنيسر“ جو جنگي داستان هر شاگرد ٻُڌو ۽ پڙهيو هوندو. ”چنيسر“ جو نالو اڄ بہ سنڌ ۾ گار طور استعمال ٿئي ٿو، جنھن جو دين ايمان تخت ۽ تاج هو تہ ” دودو“ ، بھادر، باهمٿ سنڌ تي ساھہ ڏيڻ وارو فرض شناس حڪمران هو، جنھن سنڌ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ پنھنجي ۽ پنھنجي ساٿين جي جان قربان ڪئي.
دنيا ۾ اهي قومون ڌرتيءَ جي تختي تان هميشہ لاءِ ميسارجي ويون آهن، جن پنھنجي قوم واسين کي ننگ ۽ قوم جي حفاظت ڪرڻ ڪونہ سيکاري کين سختيون سھائي، بھادرن جي صف ۾ نہ بيھاريو. شيخ اياز ڌرتيءَ جي بھادرن کي ڀيٽا ڏيندي چوي ٿو تہ،
مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏٺا، مون ساڻا ساڻا سَنڌ ڏٺا،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي لوئي لڄ بچائي ويا،
جي جيءَ جيارا ماڻھو هئا، سي سڀ کان پيارا ماڻھو هُئا،
جن ساھہ ڏيئي ويساھہ ڏنو، سي دل ۾ درد دُکائي ويا.
بھادري اها ڪانھي تہ هڪٻئي کي پتوڙجي، پر بھادر اهو آهي، جيڪو پنھنجي ملڪ ۽ ننگ و ناموس جي حفاظت ڪري، اوڙي پاڙي، نياڻيءَ سياڻيءَ جو حياءُ ڪري، مھل ڪُمھل ڪم اچي. قومي محبت جي جذبي سان سرشار هجي ۽ وقت تي جان ڏيڻ کان بہ نہ ڪيٻائي. بزدلن ۽ ڪانئرن تي هميشہ هِٺ ڦِٺ ٿيندي آهي. پر بزدلي ۽ شرافت ۾ پڻ چٽو فرق آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو شريف آهي ۽ هُو انتقامي رستن تي نٿو هلي ۽ نہ ئي بدلو ٿو وٺي، بلڪہ معاف ٿو ڪري ڇڏي، جو خدا پاڪ ان کي اها خلاقي قوت ڏني آهي ۽ هو معافيءَ کي ئي بھترين انتقام ٿو ڄاڻي تہ اهو اعليٰ انسان آهي، پر ڪي ماڻھو سندن انھيءَ رويي کي بزدليءَ سان ڀيٽيندا آهن ۽ کين وڌيڪ تنگ ڪندا آهن. پوءِ ڄڻ ايئن لڳندو آهي تہ شرافت جو تہ زمانو ئي ڪانھي.
شرافت امن ۽ انصاف جو ليڪو،
عجب انداز سان اورانگهجي ٿو پيو.
جتان گهڙندي ٻُڏڻ جو ڊپ ٿيڻ گهرجي،
انھن گهيڙن جو پاڻي تانگهجي ٿو پيو.
بھر حال بزدل هئڻ ڪردار جو اَوَگڻ آهي. بھادري مومن جو شان آهي. انھيءَ جذبي هيٺ سئو سالن جي بزدليءَ واري جيون جي بدران مانجهي مڙسن، شينھن جھڙي هڪ ڏينھن جي زندگيءَ کي اهميت ڏيندي، پنھنجي قومن کي حياتيون ۽ بقا جا پروانا عطا ڪيا آهن. بھادر ۽ باهمٿ ماڻھو بااخلاق، فرض شناس ۽ ذميوار هجن ٿا.