سھڻا اخلاق ايمان جي مضبوطي آهن
جيڪي بَد خو ٿيا، اُهي بد خُو رهن سڀ سان سدا،
تڏهن هلي ڪھڙو بہ ڪيئن؟ ان کي نہ بَد چئو اي ”قليچ“!
نيڪَ سان ڪر نيڪي پر بد سان بہ نيڪي ڪر ادا!
(مرزا قليچ بيگ)
ڪائنات جي خالق پنھنجيءَ پياريءَ اشرف مخلوق کي ”احسن تقويم“ طور دنيا ۾ موڪليو ۽ سڳوري رسول پاڪ معرفت قرآن پاڪ ۾ ڄاڻايو تہ هُن انسان کي پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي. پر گڏوگڏ کيس دنيا ۾ سٺيءَ حياتي گهارڻ لاءِ اُٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ، رزق ڪمائڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ ٻين معاشي ۽ معاشرتي معاملن جا ادب ۽ اصول سمجهايا ويا. سندس رهنمائيءَ لاءِ ڪيترائي نبي ۽ رسول موڪليا ويا تہ صحيفا ۽ آسماني ڪتاب نازل ڪيا ويا تہ جيئن هي رب جو نائب خليفو هن ڌرتيءَ ۽ سماج لاءِ هڪ ڪارائتو انسان ثابت ٿي سگهي. ڌڻي سڳورو هر وقت حاضر ۽ ناظر، قائم ۽ دائم آهي، جنھن کي اسين دنيا ۾ ڪنھن خاص جاءِ تي ڳولھڻ جي بجاءِ پنھنجي ذات ۽ پنھنجي روح ۾ تلاش ڪنداسين تہ ڪڏهن بہ مايوسي پلئه نہ پوندي. فقط فطرت تي ئي غور ڪري ڏسون تہ الله تعاليٰ جي هستيءَ جي مڪمل طور موجود هئڻ جو احساس مضبوط ٿيندو.
انسان نہ فقط رب جي پياري ترين مخلوق آهي، بلڪہ مضبوط ترين ۽ عظيم هستي پڻ آهي، جنھن ۾ انيڪ خوبيون آهن تہ بشري تقاضائن هيٺ هُو خامين سان پڻ ڀرپور آهي. رب پاڪ جي حڪم سان دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ، هُن بنجر ۽ بيابان زمينن کي زرخيز ڪيو تہ نسل جي واڌاري سان ڌرتيءَ کي وڌايو ۽ ويجهايو ۽ اهڙيءَ ريت اڳيان هلي انساني نسل جا ڪيترائي گروھہ، شاخون ۽ قبيلا ٺھيا. پر سندس ذات جي مٿانھينءَ جو محور ڌڻيءَ سڳوري پرهيزگاريءَ کي قرار ڏنو. اهي قومون ۽ قبيلا تہ فقط سندس سڃاڻپ لاءِ مقرر ٿيا نہ تہ، سڀ انسان بلڪل برابر آهن. ڪنھن عجميءَ کي عربيءَ تي، ڪنھن ڳوري کي ڪاري تي ڪا بہ فضيلت نہ آهي. فقط ۽ فقط فوقيت آهي تہ پرهيزگاريءَ کي آهي.
حضرت آدم عليہ السلام کان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ تائين سوا لک پيغمبر ۽ رسول هن ڌرتيءَ تي آيا، جن ڌرتيءَ واسين جي سڌاري لاءِ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون، صحيح زندگي گهارڻ جا گَسَ ڄاڻايا. سٺي ۽ ڪارائتي جيون گذارڻ کي ترجيح ڏيندي الھامي ڪتابن، دنياوي مثالن ۽ پنھنجي ذاتي نيڪ عملن ذريعي انسان ذات جي حياتيءَ کي بھتر بنائڻ جون ڪوشش ڪيون. سندن تعليمات جي دائري جو دارومدار خود انسان جي ذاتي اصلاح جي چئوطرف گهمندڙ رهيو. ديني عبادتن ۽ جسماني رياضتن سان گڏ گهڻي ۾ گهڻو اندر اجارڻ تي زور ڏنائون. شاھہ صاحب چواڻي تہ،
اکَرُ پڙھہ اَلفَ جو، وَرَقَ ٻيا سَڀ وِسارِ،
اندَر تُون اُجارِ پَنا پڙهندين ڪيترا.
(يمن ڪلياڻ، 5-29)
اڄ اسين الحمد الله! مسلمان قوم آهيون ۽ اسلام مذهب هڪ مڪمل مذهب طور پوريءَ دنيا جي مذهبن جي رهنمائي ڪري ٿو. اسلام جي تعليم ۾ اخلاقيات تي تمام گهڻو زور ڀريل آهي. آخري نبي حضرت محمد ﷺ جن ڪيترن ئي هنڌن تي چڱن گُڻن جي هدايت ڪئي آهي. سندن پنھنجي حياتي مبارڪ مڪمل طور اعليٰ اخلاق جو نمونو هئي. قرآن پاڪ ۾ پياري رسول جي چڱن اخلاقن کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي: وَ اِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِیْمٍ(القلم/4) ترجمو: بيشڪ محمد ﷺ توهان اخلاق جا بلند آهيو. اهي سندن چڱا اخلاق ئي هئا، جن عرب کان عجم تائين جي ماڻھن جي مَن کي موهيو ۽ انيڪ قومن اسلام قبول ڪيو.
جڏهن اسين هن مادي دنيا جي نفسا نفسيءَ واريءَ ڊوڙ ۾ پنھنجي آس پاس جي حياتيءَ تي نظر ٿا ڪريون، تڏهن اهو غور ڪرڻ جو اهم نُڪتو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا اڄ اسين اهڙيءَ ريت زندگي گذاري رهيا آهيون، جهڙيءَ ريت اسان جا رهبر، رهنما ۽ هادي هدايت ڪري ويا هئا؟ ڇا اسان وٽ انھن جوڏسيل رستو موجود نہ آهي؟ ڇا اسان پنھنجي مذهبي، اخلاقي، علمي، تھذيبي ۽ سماجي قدرن تي عمل ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اڄ جو انسان انسانيت جي عظيم جذبي ۽ عملي قوت کان واقف آهي؟ جيڪڏهن اسين مٿين سڀني سوالن جو جواب فقط علامہ محمد اقبال جي هن چوڻيءَ ۾ ڏينداسين تہ بہ مطلب چٽو ٿي سامھون ايندو. علامہ اقبال صاحب فرمائي ٿو تہ، ”انسان جي بقا جو راز انسانيت جي احترام ۾ آهي. جيستائين سڄي دنيا جون تعليمي قوتون پنھنجو سمورو توجھہ انسان جي احترام ڏانھن نہ ڪنديون، تيستائين هيءَ دنيا حيوانن ۽ درندن جي بستي ٿي رهندي“.
هاڻي هتي اها چٽائي بلڪل ٿئي ٿي، تہ انسان جو انسان بنجڻ ئي ان جي فتح آهي، انسانيت جي بغير واري حياتي مٽيءَ جي ڍير موجب آهي.
حقيقت ۾ ماڻھوءَ جي حياتيءَ جو مطلب اهو ڪونھي تہ هن کي نيٺ قبرستان ۾ پھچايو وڃي. بلڪہ سندس حياتيءَ جو ڪو مقرر مقصد ضرور هئڻ گهرجي، نہ تہ هن جي ڄمڻ جو ضرور ئي ڪونہ هو. بي مقصد زندگي هڪ ريگستان مثل آهي، جنھن ۾ هر طرف ويراني هجي ٿي. پر جيڪڏهن صحيح ۽ مقصدي حياتي گذارجي ٿي تہ اها گلستان مثل آهي ۽ زندگيءَ جو ڏک اهو بہ ڪانھي تہ ماڻھو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو، بلڪہ صدمو اهو آهي تہ هن جي اڳيان ڪو بہ مقصد مقرر ڪونہ هو. مقصدِ حيات مقرر ڪرڻ ئي ڪوشش آهي. ڪوشش آخر تہ ڪاميابيءَ جي ڪُنجي ثابت ٿيندي. مسلسل ڪوشش واري زندگيءَ ۾ حياتيءَ جون حقيقتون، سچايون، رعنائيون، فطري فرحتون پنھنجي اندر ۾ اوتڻ ۽ نفس ۾ سمائي لطف اندوز ٿيڻ سان ڏک سکن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هن حياتيءَ ۾ خوشيون آهن تہ غميون پڻ، فرحتون آهن تہ مصيبتون ۽ مشڪلون پڻ، چئوطرف عجيب رنگ پيا پسجن، تہ بہ حياتي ايتري مختصر ڪانھي جو اسين ان ۾ ڪجهہ حاصل ڪري نہ سگهون، هڪ ڏاهي موجب تہ،
“life is long enough and sufficiently generous amount has been given to us for highest achievements, if it were well invested. ”
ڪيترين ڪمزورين جي هوندي بہ انسان کي الله تعاليٰ بھادر، باهمت ۽ مضبوط ٺاهي، کيس ئي انسانيت جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي. بنگال جو مھا ڪوي نوبل انعام يافتہ ليکڪ رابندر ناٿ ٽئگور چوي ٿو تہ؛ ”مون کي ان ڳالھہ جي خوشي آهي جو مان انسان آهيان. منھنجو مذهب آهي انسانيت جنھن جو مان قائل آهيان“ (ٽئگور)
حقيقت ۾ هر شيءِ جي ڪانہ ڪا قيمت هوندي آهي، پر انسان جي قيمت سندس ذاتي خوبيون ۽ چڱا اخلاق آهن. جن سان سندس ايمان مضبوط رهندو. اڄ جنھن معاشري ۾ اسين آزاديءَ سان جِي رهيا آهيون، اسان کي انھيءَ تي خوش ٿيڻ گهرجي. الله تعاليٰ جا لک شڪر آهن، جو پاڪستان هڪ آزاد اسلامي ملڪ آهي، جنھن ۾ اسين شانَ ۽ مانَ سان حياتي گذاري رهيا آهيون. پر هتي ڪي ماڻھو اهڙا بہ آهن، جن مان هن ملڪ ۽ قوم کي خطرا درپيش آهن. انھيءَ جو اهم سبب اسان جي زندگي گذارڻ جي طور طريقن ۾ نقص آهن. سماج ڪيڏانھن وڃي رهيو آهي ۽ اسان وٽ زندگيءَ جا اصول ۽ ماپا ڪھڙا آهن؟ اخلاق قدرن جو مانُ ۽ معيار ڇا آهي؟ انھيءَ تي سوچ ويچار ضروري آهي. اسان جو ايندڙ نسل ڪھڙيءَ ريت پروان چڙهندو؟ ڇا اسان کين مذهب جو مڪمل واقفيت سان گڏ قومي جذبي ۽ ذاتي سُڃاڻپ لاءِ ڪجهہ سمجهايو آهي؟ لا محالہ ٻار اهو ئي سکندو، جيڪي وڏن کي ڪندي ڏسندو. جيڪڏهن اسين پنھنجي نوجوان نسل جي بھتري چاهيون ٿا ۽ پنھنجي ملڪ جو مانُ مٿانھون ڪرڻ ۽ پنھنجي آخرت سڌارڻ چاهيون ٿا تہ اسان کي انھن ٽڙندڙ گلن جي سار سنڀال تي ڌيان ڌرڻو پوندو. کين جديد تعليم جي هلندڙ تقاضائن سان گڏ اخلاقي مضبوطيءَ جي تربيت ڏانھن موڙڻو پوندو تہ جيئن هو سٺا انسان سٺا مسلمان ۽ سٺا پاڪستاني سڏجن.
ماڻھو آهي تہ مٽيءَ مُٺ، پر سندس ماڻھپو کيس ملائڪن کان بہ مٿانھين منزل تي پھچايو ڇڏي. وڏن ماڻھن جي حياتين جا احوال پڙهڻ سان معلوم ٿيندو تہ منجهن ڪي اهڙا شخصي گُڻ هئا. جن سان انھن نہ فقط مشڪل مسئلن کي شڪست ڏني پر ايندڙن لاءِ پڻ پنھنجي پويان هلڻ جا ڪيترائي مثال ڇڏي ويا. هُو نيڪي ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪندڙ ۽ انھن ڪمن ڏانھن ٻين کي موڙيندڙ هئا. سندن حياتيءَ جو سُٺو رُخ، نيڪ گفتار، نيڪ نيت، نيڪ ڪردار ۽ نيڪ صحبت هئڻ رهيو. جيڪي زندگيءَ جون اهم ۽ اعليٰ نشانيون آهن. هُو محبت، محنت، عمل، عقل ۽ علم سان گڏ سچائيءَ سان سينگاريل هئا. مضبوط ارادن، مسلسل جدوجھد ۽ محبت سان هنن دنيا فتح ڪئي ۽ اها بہ حقيقت آهي تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ علم، هنر، صبر، صداقت، نرم خوئي، محبت، عبادت ۽ رياضت، عدل ۽ انصاف، دانائي، سچائي، سخاوت ۽ نيڪيءَ ڏانھن لاڙو ڪونھي، سو نہ فقط پنھنجو پاڻ لاءِ بوجهہ آهي، پر هن ڌرتيءَ لاءِ بہ بوجهہ آهي، سھڻا اخلاق، فضيلت جي درجي تائين پھچائڻ ۽ ايمان کي تقويت ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ماڻھوءَ جو ماڻھپو ۽ فضيلتون سندس قول ۽ فعل مان ظاهر ٿينديون آهن، جن ۾ فرق نہ هئڻ ڪري ئي هُو مانائتو هوندو. فرق مان مراد تہ، اسين چئون ڪجهہ ۽ ڪريون ڪجهہ. اهو ئي قول ۽ فعل جو تضاد سڏبو. يعني ڪوڙ ڪپت، ڪوڙ جو ضد ”سچ“ هڪ اهم قوت آهي، جنھن سان سڀني خوبين جي نشاندهي ٿئي ٿي. سچ ئي ”ماڻھپي“ جو معراج آهي، مطلب تہ چڱايون انساني حياتيءَ جي اوچائي آهن.
چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.
(شاھہ عبداللطيف ڀٽائي)