ليکڪ پاران
سال 2008ع جي ڳالھہ آهي، جڏهن پھريون ڪھاڻيءَ ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ هئو، تڏهن ٻيو نہ تہ ڪنھن ڪھاڻيءَ جو منجهيل ڪردار تہ اوس ئي پئي لڳس! ڄڻ مون کي اڳيان هلي ڪنھن گهر جو رنگين ڪڙو کڙڪائڻو هئو يا ڪنھن بنگلي جي ٻاهرئين گيٽ وٽ بيھي ؛- ”گهنٽي وڄايان ........ يا نہ ......!-“ جهڙين ڪيفيتن مان گذرڻو هئو!
ڪيفيتن جي جيڪر ڳالھہ ڪجي تہ ان ئي زماني ۾ منھنجي تصور جي تاڪن تي جبل ۽ انھن تي ڄميل برف بہ هئي ......!!- ۽ آئون ڪما حقہ اهڙي گرمي لاءَ سرگردان هوس جيڪا ان کي رجائي سگهي!
انھن ئي ڪيفيتن ۾ ڪنھن ڪھاڻيءَ اچي بيساختہ ڪڙو کڙڪايو تہ ”زندگي جو رستو“ عنوان ڏيئي ويٺس! ۽ ائين ڪھاڻيءَ حادثاتي طور سرجي، ان پھرئين مجموعي جو عنوان / ٽائيٽل ٿي پئي – جنھن لاءِ آئون ڪو ٻيو عنوان اڳ ئي تلاشي چڪو هوس!
ان ڪھاڻيءَ ۾ ٻين شين کان علاوہ جبل ۽ مٿن ڄميل برف بہ هئي .......! ۽ ان برف کي ڪردر جي گفتگو واري گرمي رجائي رهي هئي ”ڏسندي ڏسندي لفظن ۾ حرارت اچي ويس، ڄميل برف وگهرڻ شرو ع ٿي وئي .......“
هي سال 2014ع آهي – جنھن ۾ آئون ائين محسوس ٿو ڪريان ڄڻ سال 2008ع ۾ بيٺو هجان .......! اهي پھاڙ ئي منھنجي تصور ۾ آهن – جن تي هاڻ برف رجي چڪي آهي ....... ۽ اها برف منھنجي احساسن جو سنڌو بڻجي مون ۾ وهي رهي آهي .......!! جڏهن تہ آئون جبلن ڏانھن ڏسان ٿو تہ انھن تي برف بدران انيڪ ضروري ۽ غير ضروري قسم جون ٻوٽيون اڀري آيون آهن .......!!- انھن ئي ڪيفيتن ۾ ڪجهہ عرصو پھريان مون – ”حسن حجم“ ڪھاڻي سرجي هئي – جيڪا هن ٻئين ڪھاڻيءَ ڪتاب ۾ آهي !- ” ....... انھن پھاڙن جي چوٽين تي ڪيتريون فضول قسم جون ٻُوٽيون اڀري آيون آهن ....... آءٌ بہ تہ هن ڌرتيءَ جو حجم آهيان .......! ڇو نہ انھن پھاڙن تي بدلاءُ اچي .......!!
”رانديڪن جو گهاءُ – ڪھاڻيءَ ۾ بہ پھاڙن جو تذڪرو آهي پر ٻي طرح!- ” ....... ڀيڻس جون اکيون جيڪي پھرين سطحي قسم جون هيون – جن ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا ڇوليءَ نہ هئي1 ڪو ننڍڙو دٻو پاڻيءَ جو بہ نہ هو کيس محسوس ٿيو تہ انھن ۾ سمنڊ جڙي رهيو آهي ۽ انھن ئي اکين م ڪيترا پھاڙ وجود وٺي رهيا آهن .......“ – ممڪن آهي اوهان جي تصور ۾ بہ ڪيترائي پھاڙ هجن – جيڪي نرم ۽ و نازڪ وجودن ۾ پلجندي پسي رهيا هجو! خير! اها بہ تہ هڪ ڳالھہ آهي!!
۽ منھنجي تصور ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ڳالھيون آهن – جيڪي پوپٽن وانگر فڪر جي ڦلواڙيءَ ۾ پر هڻي رهيون آهن ....... ۽ دل چاهي پئي تہ ان پوپٽ جو تذڪرو بہ ڪريان – جيڪو، ”پوپٽ جو خواب“ – ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجو خواب ماکي جي مک کي ٻڌائي ٿو .......!- ماکيءَ جي مک – جنھن وٽ ڏنگ آهي – اها، ڪھاڻيءَ ۾ ڪنھن ضمني ڪردار کي ڏنگي سڄائي ٿي وجهي .......! هي ڪھاڻي شايد فطرت جي عميق پس منظر ۾ ڏٺي وڃي .......!! – هونئن فطرت کي ڳولڻ سان اها ڪنھن ٻي ڪھاڻيءَ ۾ بہ ملي پوي شايد !!
”پردي جي پويان“ – ڪھاڻيءَ لکندي ڄڻ مڌ جا خمار محسوس ٿيا هئم .......! ان ۾ بہ غالبن فطرت ۽ فطري ڪردارن جي ذائقي واري محسوسات آهي .......! پر ٻي طرح!
”اڄ“- هر ماڻھو پنھنجو پاڻ ڳولي ٿو.......! ان ڳولڻ پٺيان ڪھڙي اڇا/ خواهش آهي .......؟- عام ماڻھو تہ عام، پر ڪنھن خواص کان بہ – پڇجي تہ هُو پنھنجو پاڻ کي آخر ڇو ٿو ڳولي رولي؟!- تہ هُو ان سوال کي ئي هيڪر ٽاري ڇڏيندو ....... ڇاڪاڻ تہ سندءِ ”ذات“ سان لاڳاپيل سوال کانئس ڇو پيو پڇيو وڃي .......؟!
هونئن تہ عام طرح ۽ ڪراچي ۾ خاص طرح هر پرامن انسان اداس آهي ....... ۽ هُو پاڻ سان گڏ ان ڪراچيءَ کي ڳولي رهيو آهي جيڪا ڪنھن ڪنوار وانگيان سندس سپنن جي سيج تان ڪڏهوڪو رسامو ڪري وئي آهي .......! ان ڳولا جا ڪجهہ نشان/اهڃاڻ ڪھاڻيءَ ”ڪلاچي“ ۾ پسي سگهجن ٿا.......!!
هر ماڻھوءَ اڳيان زندگيءَ جو هڪ پھاڙ آهي! ڪير نہ چاهيندو تہ هُو ان کي ٽُڪي، ان مان ڪو اهڙو رستو ٺاهي جيڪو اڳتي سھنجو هئڻ سان گڏ، صاف سٿرو بہ هجي .......! پر ڇا ٿو ٿئي؟ - اڳتي هلي انسان ڏاڍو مايوس، حيران ۽ پريشان ٿي پوي ٿو !!
مايوسيون، حيرانيون ۽ پريشانيون جيڪر نہ هجن تہ پوءِ زندگيءَ کي ڪيئن زندگي چئي سگهبو ....... ۽ انسان کي ڪيئن انسان.......! هر ماڻھو پنھنجي پنھنجي جبلت موجب سوچي ۽ عمل ڪري ٿو! ۽ هر ماڻھو پنھنجي ڍنگ جي زندگي جيئي ۽ مري ٿو، ان ”جيئڻ“ ۽ ”مرڻ“ جي وچ ۾ هڪ رستو آهي جتان دنيا- جهان جا ڪيترائي ماڻھو پنھنجي پنھنجي چال ۽ هلت موجب هيڏانھن هوڏانھن اچي وڃي رهيا آهن! هُو ڪٿي ٿاٻڙجي وري پنھنجو پاڻ سنڀالي ٿا وٺن تہ وري ڪٿي ڪنھن موڙ تي ڪِري بہ پون ٿا ۽ پنھنجا ڪپڙا ڇنڊي وري ”هلڻ هارا“ ٿين ٿا!! – ”آءٌ ۽ رستو“ ”ڪھاڻيءَ ۾ ممڪن آهي اهڙو ڪو اڻ – لکو ذائقو هجي .......! خير! اها بہ تہ هڪ ڳالھہ آهي.......!!
بھادر ٽالپر
خميس 24 جولاءِ 2014ع
25 رمضان 1435ھہ
Cell No. 0347-3701671