ڪھاڻيون

سوچن جي سانوڻيءَ ۾

ھن ڪتاب ۾ 53 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Sochun Jy Sanweni'a Mein

اُپٽيان تہ انڌيون ....!!

هُن هيڪر اکيون اپٽيون .... ڪمري جي ڇت ۾ گهوريائين ....! هڪ ڪوريئڙو پنھنجي ئي اڻيل ڄار مان جندآجي ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو. هُن ڪڏهن اهو بہ ڏٺو هو تہ ان ئي ڪوريئڙي ڪنھن وقت ۾ ڪن اوچتو اڏامي ايندڙ جيتن، مکين ۽ مڇرن کي ان ئي ڄار ۾ سوگهو ٿي ڪيو .... پر اڄ....؟!
هُن جون اکيون وري بي اختيار پورجي ويون .... ننڊ اها محبوبا آهي جيڪا پنھنجن زلفن جي ڇانو ۾ ڪيترن ئي زندگيءَ جي ٿڪايلن جا ٿڪ لاهيندي آهي. اکيون پوريندي هن جي وجود مان زندگيءَ جا ٿڪ ڄڻ پکين جيان ولر ڪري اڏامڻ لڳا .... پر پوءِ ستت ئي سجاڳيءَ سور آڇيندي اکيون اپٽائي وڌس .... ”اپٽيان تہ انڌيون، پوريان پرين پسن“
مٿي ڇت ۾ نھاريندي شاھہ جي سٽ اچاريائين. مٿي هاڻ ڪوريئڙو نظر نہ آيس ۽ نہ ئي ڪوريئڙي جو ڄار....؟!“ ”ڀڻسان ڪي پل اڳ مون اهو منظر ڏٺو اهو حقيقي هو يا خيالي ....؟!“ هُو پنھنجي ساڄي هٿ جي چئن آڱرين کي ڏندن جي وچ ۾ ڏيندي سوچيندو رهيو .... ان ئي سوچ واري ڪڙيءَ ۾ ٻي ڪا سوچ بہ اچي سلھڙي؛ بيمار پاڙيسريءَ کي جڏهن آءٌ ڏسڻ ويو هوس .... چيو هئائين ؛ ادا! حال ناهي .... هاڻ تہ وقت کي ياد ڪيون ٿا، اهو وقت جيڪو ٻاروتڻ، نوجوانيءَ ۽ جوانيءَ ۾ گهاريوسين .... اهو وقت بہ ڄڻ سنڌو هئو! سنڌو جنھن ۾ لھرون لس ليٽ هيون .... هاڻ ٻڌون ٿا تہ سنڌو بہ خشڪ ٺوٺ ٿيندو پيو وڃي .... الائجي تہ ڪھڙي اڀاڳي نظر لڳس ابا! ۽ پوءِ اکيون ٻوٽي بي پرواھہ ٿي سڪرات جي سائي ۾ هليو ويو هو .... سڪرات جيڪا ڪيترن ئي سريرن مان ساھہ نڪرڻ کان اڳ وارد ٿيندي آهي جيستائين سرير مان ساھہ نڪري ئي نڪري ماڻھو ان کي ڀوڳيندو رهندو آهي .... ان ڀوڳنا جي ڪيفيت ڀلا ڪھڙي هوندي .... ؟!“ سوچيندي ۽ پنھنجو پاڻ سوال اٿاريندي هن جون اکيون وري ٻوٽجي ويون .... ڄڻ هُو سڪرات ۾ هليو ويو هجي .... ان جي ڀوڳنا واري ڪيفيت کي محسوسڻ لاءِ ....!!
ڪمري ۾ ٻرندڙ انرجي سيوَر بلب خود ”انرجي“ جي زندگيءَ وڌائڻ لاءِ ڪوشان آهي لڳي ائين ٿو تہ ڄڻ ملڪ جي زندگيءَ بہ ان ئي انرجي سان مشروط هجي جيڪا انرجي اهو سيوَر بچائي رهيو آهي. ائين پنھنجي زندگيءَ جو هر شيءَ کي اونو ۽ الڪو رهي ٿو. پر هو تہ ان جي ابتڙ سوچي رهيو هو. شايد پنھنجو پاڻ مرڻ لاءِ ئي سڪرات جي ڀوڳنا جي سڌ هوس.
پنھنجي پاڙيسريءَ کي جيئن ئي هو ڏسي آيو هو ان پڄاڻان تہ هن جون ڪيفيتون ئي اوپريون ٿي ويون هيون گهر واريءَ ڳلي کان ويندي چاندني چوڪ تائين ۽ اتان هلندي غريب آباد تائين روڊن رستن تي هر شيءَ سندس نظر ۾ ڄڻ سڪرات ۾ هئي ....!! تصور ئي تصور ۾ نہ مرڻ ۽ نہ جيئڻ وارو جھان! خودڪش حملي آورن جون منڍيون ۽ انھن هٿان مارجي ويل ماڻھن جا مسخ ٿيل چھرا ۽ وجود اخبارن ۾ ڇپيل ڏسي هانو ئي هاربو وڃيس ....
هن وري اکيون کولي مٿي نھاريو تہ محسوس ٿيس ڪو خطرناڪ چھري وارو شخص مٿانئس گهوري رهيو آهي ....!! ” هي ڪير آهي هن وقت؟“ سندءِ ڪيفيتن پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي .... هُن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُٿي نہ سگهيو. هن جي اٿي نہ سگهڻ جو سبب خوف هو .... هن ان خوفناڪ چھري واري شخص کان نظرون چورائي آسپاس ڪمري ۾ ڏٺو ....
جوڻس، سندس ٽي پٽڙا ۽ ٻہ ڌيئرون آرام ۽ سڪون سان ڌار سمھيل هئا. هن ڪمري جي ڏاکڻئين دروازي واري ديوار جي مٿئين حصي ڏانھن ڏٺو جتي گهڙيال پنھنجن ڪانٽن جي هلڻ مان پيدا ٿيندڙ آواز ۾ ٻڌائي رهيو هو تہ انسان جي زندگيءَ پل، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ ۽ ڏينھن رات ٿي ڪيئن گذري رهي آهي ....؟! ۽ تہ ڪالھہ جيڪو گذري ويو ۽ اڄ جيڪو گذري ويندو اهي ساڳيا وري زندگيءَ ۾ نہ ايندا ....!! هن اتان وري نگاه ڦيرائي جوڻس کي ڏٺو بلڪل پرسڪون کيس کن لاءِ محسوس ٿيو ”ڄڻ هوءَ سڪرات واري ڀوڳنا مان حظ حاصل ڪندي هجي ....“ ننڊ کي سڪرات سان ڀيٽڻ بہ هن جي سوچ جو هڪ انداز هو ....! هن جواهو خيال بہ هو تہ ماڻھو ساري ڄمار جيڪي ڪجهہ ڀوڳي ٿو .... سور ۽ صدما سھي ٿو .... جوڀن جوانين ۾ مزا وٺي ٿو. حياتيءَ جي آخري حصي ۾ هي سڀ کيس ياد اچن ٿا ۽ ائين اوچتو ئي اوچتو هُو سڪرات ۾ هليو ويندو آهي ....
هن هاڻ هڪ ڀيرو ٻيھر ست ساري پنھنجي مٿان بيٺل شخص ڏانھن ڏٺو .... تہ اهو کيس اُتي نظر نہ آيو....!! ”اڙي ڀڻسان1 هي وري ڇا....؟! اهو خطرناڪ چھري وارو شخص ويو ڪيڏانھن ....؟! ”هُو ڀڙڪو ڏئي اٿي ويھي رهيو.... گهڙيال ۾ گهوريندي وقت ڏٺائين ”وڃ ڀيڻسان رات جو هڪ! تھہ سياري جي رات ڪڏهن ٿي گذري....؟! اڃا بہ ڇھہ ڪلاڪ کپن .... ”سوچن ئي سوچن ۾ هن وري جوڻس ۽ ٻارڙن ڏانھن ڏٺو .... ٻارڙن ڏانھن ڏسندي کيس پنھنجو ”ٻالڪپڻو“ ياد آيو ۽ اهي رانديون بہ جيڪي هن ان وهيءَ ۾ وندرندي کيڏيون هيون .... ان سان گڏ هُو دل ۾ تيز ڌڪ ڌڪ محسوس ڪري رهيو هو! ٻالڪپڻي وارو سونھانو سمو ياد ڪري ڄڻ هُو وڌي ويل دل جي ڌڪ ڌڪ ۾ توازن آڻڻ پيو گهري! خطرناڪ چھري وارو شخص اڃا بہ کيس کٽڪي رهيو هو تہ اهو هتي هتي ضرور هوندو....؟! هُو اهو خوف ساڻ کڻي پنھنجو بيڊ ڇڏي اچي جوڻس واري بستري تي سندءِ ڀر ۾ ليٽيو .... تہ عجيب احساس واري واچوڙي ۾ ونگجي ويو .... هاڻ وري ڇت ۾ گهوريئين تہ اهوئي ڪوريئڙوکيس نظر آيو پر اڳ جيان اهو پنھنجي ئي ڄار مان آزاد ٿيڻ واري چڪر ۾ نہ هو.... اٽلندو هڪ اڏامي آيل جيتامڙي کي پنھنجي ڄار ۾ سوگهو ڪري رهيو هو .... هن اهو ڏسندي جوڻس کي ڀاڪر ۾ ڀري هڪ مٺي ڏني .... ٻي ....ٽين ۽ پوءِ کيس سڪون جي ننڊ اچي وئي....!!