سِرو مليو نہ ئي ڇيڙهو!
هُن پنھنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ بس ائين ئي پٽ تي ويھي اُبتا سبتا ليڪا ڪڍي پئي دل وندرائي .... دل پئي وندرائي يا واقعي هن ابتا سُبتا ليڪا ڪڍي انھن ۾ پنھنجي قسمت يا گذريل وقت جي ڏسائن جي نشاندهي ٿي ڪئي ....!! جيڪڏهن هُن گذريل وقت (جنھن کي هو واپس ورائي نہ ٿي سگهيو) جي ڏسائن جي نشاندهي ڪرڻ ٿي چاهي.... تہ ڇا سندءِ لاءِ اهو طريقو جوڳو ۽ مناسب هو.... تہ هُو وڏو سارو پٽ تي ويھي ابتا سبتا ليڪا ڪڍي .... يا ان کان علاوہ سندءِ لاءِ اهو صحيح نہ هو تہ هو پنھنجي گهر جي پنھنجي مقدر جيان ڇنل ٽٽل ڪنھن کٽ تي ويھي پنھنجي هٿن جون ريکائون ڏسي ها .... ۽ پوءِ فيصلو ڪري ها تہ انھن ۾ ڀلا ڪھڙي گهٽ وڌائي هئي.... جو ”وقت“ هُن سان ڪي ڀال ڀلائي ويو.... يا ڪجهہ اهڙو ڪري گذريو.... جو ”اڄ“ سوڌو هُو ان کي وساري يا ڀُلائي نہ ٿي سگهيو....!!
هُن هڪ ليڪ اوڀر کان اولھہ طرف ڪڍي .... جتان اولھہ ۾ سج وڻن ٽڻن پويان پنھنجي لالائيءَ واري لباس ۾ تازو لھي پويان شفق جي شوخي ڇڏي ويو هو ....! ٻي ليڪ هُن اتر کان ڏکڻ طرف ڪڍي.... هُن جي ذهن ۾ هڪدم ان طرف سڏ پنڌ تي ڳوٺ وارو اهو تاريخي کوھہ اچي ويو جتان ڪنھن زماني ۾ وينگسون وندر ۽ ورونھن ڪندي پاڻي ڀرينديون هيون ....!! پاڻيءَ لاءِ گهران نڪرندي سندن هانوَ ۾؛ ”منھنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو مان پاڻي تي ٿي وڃان“ جھڙو ڪو سندر ۽ سريلو لوڪ گيت ضرور هُريو هوندو .... ۽ پوءِ احساسن جي شدت سبب ان لوڪ گيت سندن چپن جي چانئٺ کي ضرور چميو هوندو....!! هُن پنھنجي ان اتر کان ڏکڻ ليڪ ڏانھن ٻيھر وڏي انھماڪ سان ڏٺو .... کيس محسوس ٿيو تہ هو ان ڏسا ۾ ان ليڪ سان گڏ اُن کوھہ ڏانھن بي اخيار ڇڪبو ٿو وڃي .... جتان سندءِ بلوغت واري بهار واري زماني ۾ وينگسي حُسن وڄ وراڪا ڏيندو هو....!! هُن اهو وقت ياد ڪري پنھنجن احساسن جي تلاءُ مان ڄڻ پاڻيءَ جو ٻڪ ڀري پنھنجي مُنھن تي وڌو ۽ شديد روئڻھار ڪو ٿي ويو....!
هُن پنھنجو پاڻ کي ان کوھہ جو ڏول ئي سمجهيو ٿي .... جنھن کي ڪن حَسين هٿن ماضيءَ ۾ ان کوھہ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هيٺ لاٿو ٿي .... ۽ پوءِ وري خالي ڪري اونداهين اجگر کوھہ ۾....!!
هُو ان کوھہ ۾ وهنجندو رهيو .... اهڙيءَ ريت! اهو تاريخي کوھہ جنھن مان سندءِ وڏن اوجل ۽ شفاف پاڻي پيتو هو .... جنھن مان مئه ۽ خمار وارا نشا ڪيترن تي چڙهيا هوندا .... ۽ اهي مستيءَ مان ازخود مئخوار بڻجي ويا هوندا....!!
سوچيندي سوچيندي اوچتو سندءِ وات مان بي اختيار لفظن جو وهڪرو ڦٽندو ويو، وقت ڄڻ حسين ٻانھن جي چوڙين جو چمڪو ....! چھري تي جوانيءَ جو جولان بہ ڄڻ وقت! وقت شين جي نسبت ۾ ڪيڏو نہ معنيٰ خيز ۽ مفھوم جو حامل ۽ وقت جي گهرائي ڄڻ اُن کوھہ جي گهرائي .... جنھن ۾ ڪنھن زماني ۾ آءٌ ڪن هٿن مان ڄڻ ڏول بڻجي هيٺ ٿي لٿس. هُن انھن ئي ڪيفيتن ۾ پنھنجي ٻانھن ۾ ٻڌل پاڻ جيان پُراڻي واچ ڏانھن ڏٺو ۽ اُن جي سيڪنڊي ڪانٽي جي چڀن ڄڻ پنھنجي سرير ۾ محسوس ڪئي ....!!
هُن پٽ تي ڌيان ڌريو تہ ڏٺائين تہ هُو بي خبريءَ وچان ٻيا بہ ڪيترائي ليڪا زمين تي ٻار جي ڪنھن راند جيان ڪڍي چڪو هو .... انھن گڏ وچڙ ليڪن مان وري سندءِ سوچ ماضيءَ جي افق تي ڪر موڙڻ لڳي ....“ چون ٿا تہ گهڻو پراڻي زماني ۾ اُن تاريخي کوھہ جي آسپاس ”چندن“ واڻئي جو خوبصورت باغ هو جنھن ۾ هر سال هر قسم جا ميوا لڳندا هئا....! چندن واڻيون واقعي بہ ”چندن“ هو .... ڪڏهن بہ ڪنھن کي ميوو کائڻ کان نہ پليائين.... اُن باغ جو هر ميوو فطرت جي ديويءَ جي اُڀريل اُرھہ جيان هو .... جنھن ۾ ايتري تہ مٺاس ۽ لذت هئي .... جو ماڻھو مست ٿي پوندا هئا .... ۽ هر هر پيا اُن باغ ڏانھن ايندا هئا .... ۽ گيت ڳائيندا.... چندن واڻيون تہ موسيقيءَ ۽ فنونِ لطيفه جي ٻين شعبن جو زبردست چاهڪ هو .... هُو اهڙن متوالن کان ڳيت ڳانا ٻڌي وجد ۾ اچي ويندو هو.... هُو هر ٽئين چوٿين مھيني ڀڄنن ۽ صوفياڻن گيتن جي بزم سجارائيندو هئو....!!“
هُن پنھنجي سوچ واري ڪتاب تان ڌيان هٽائي وري پنھنجي ئي ڪڍيل بي ترتيب ۽ سُٽ جھڙن منجهيل ليڪن ڏانھن ڏٺو ۽ انھن جي مٿان ڏکڻ کان اتر طرف هڪ ڊگهي ليڪ ڪڍي ڇڏي .... ۽ ان تي پنھنجي سوچ کي سوار ڪري اڳتي وڌڻ لڳو“ آءٌ پنھنجي اُن جوانيءَواري زماني ۾ جيتوڻيڪ بستري تي شروعات ۾ هن لڪير وانگر ئي سڌو سمھندو هوس .... پر الائجي تہ ڇو بعد ۾ پاسا ورائيندي ورائيندي ائين ئي رات گذري ويندي هئي ....! ڄڻ ڪا ڏائڻ مون سان منھنجي بستري تي گڏ سمھي مون کي گهُٽا ڏيندي هئي .... ۽ آئون مرڻ جي خواهش جي باوجود بہ مري نہ سگهندو هوس....!!
انھن جوانيءَ وارين راتين ۾ ڪنھن جي الفت جي انڌ سان اُلجهندي مون کي بخوبي سُڌ پئي هئي تہ وقت ڪيئن ٿو گذري....؟! وقت جي جبر کي اُمالڪ اکين مان نير وهائي بہ ظاهر پئي ڪري سگهيس .... پر امان جي حساس طبيعت جو شديد اونو هئم .... امان جي اڪيلي ۽ سِڪي پني ڄاول پٽ هئڻ جي ناتي منھنجو ڏُک ڄڻ مادر جو دک بڻجي وڃي ها .... هونئن بہ هوءَ ان کان اڳ ڪيترين ئي ڳالھين ۽ رد عمل مان پنھنجي منھنجي حوالي سان حساسيت پوشيده نہ رکي سگهي هئي.... مثلاً هُن مون کي کوھہ ڏانھن وري وري وڃڻ کان جهليو هو .... ۽ پڻ منھنجي بي خوابيءَ مان بہ کيس محسوس ٿيو هو تہ دال ۾ ضرور ڪجهہ ڪارو آهي “
ان کان علاوہ سندم پڦيءَ ٻڌايو هئم تہ جڏهن آءٌ شڪمِ - مادر ۾ هوس تڏهن بہ امان منھنجي حوالي سان فڪرمند ئي رهندي هئي .... ۽ کيس منھنجي صحيح سلامت ڄمڻ جون ڳڻتيون دامن گير هيون ....!! منھنجي ڄمڻ وارا ڏينھن جيئن جيئن ويجها ايندا ويا تيئن تيئن گهر اڱڻ اڳيان بيٺل نم جو سائو چهچ وڻ غير محسوس طور تي سوڪھڙي ڏانھن مائل پئي ٿيندو ويو ....! امان کي جڏهن ان جي سوڪھڙي ڏانھن مائل هُئڻ جو احساس ٿيو تہ هوءَ پيرن کان چوٽيءَ تائين سڄي ڪنبي وئي.... هُن پاڙي پتيءَ وارين پوڙهين پڪين! جن جو تجربو کانئس وڌيڪ هو، سان اها ڳالھہ اوري جن کيس ٻڌايس تہ وڻ جو سُڪڻ ادي ڪو سٺو سؤڻ ڪونھي .... وڃ ڪو تائيٿ ٻائيٿ (تعويذ ٻاويذ) ڪرائي پاڻ بہ ٻڌ ۽ ان وڻ کي بہ .... ائي ادي ﷲ پٽڙو ڏينديئي ان ڪم ۾ دير ڪرڻ نہ جڳائي....!!
منھنجي قسمت بس اِها ئي هئي تہ آءٌ شڪم .... مادر ۾ هجان .... ۽ گهر اڱڻ وارو وڻ سوڪھڙي جو شڪار ٿيندو وڃي.... يا منھنجي قسمت اِهائي هئي تہ آءٌ هر هر اُن کوھہ ڏانھن وڃان .... ۽ اتي ڪن هٿن جو (پنھنجي ليکي) ڄڻ ڏول بڻجي هر هر هيٺ وڃان ۽ مٿي چڙهان .... يا منھنجي قسمت رڳو اِهائي هئي تہ آءٌ بستري تي سمھي ننڊ جي نور مان پنھنجون اکيون روشن ڪري سگهان .... پر ناڪام رهان....! پوءِ آخر منھنجي قسمت ڇا هئي....؟ بستري تي سمھان ۽ بي آراميءَ واري ڏائڻ اچي مون کي گهوگها ڏيڻ لڳي .... ۽ مرڻ چاهيندي بہ آءٌ مري نہ سگهان .... انھن نيڻن جي قسمت ڀلا ڇا هئي....؟! جن کوھہ تي مون ڏانھن پھرين نظر ۾ ڏٺو هو.... ۽ منھنجا طاق لڳي ويا هئا .... آءٌ بہ آخر اُن ماءُ جو پٽ هوس .... جنھن شايد پويان ماضيءَ ڏانھن (جڏهن آءٌ اڃا ٿڃ پياڪ هوس) ليئو نہ پاتو هو .... هُن مون کي ڪھڙيون سُتيون وڌيون؟ - ۽ ڪھڙا تعويذ پارايا ....؟! هُن ڪھڙي قسم جو سُرمو ۽ ڪجل منھنجين اکين منجهہ اوتيا .... جو جڏهن جوان ٿيس .... تہ صفا شرير بڻجي پيون ....!! ۽ امان جي قسمت ڇا هئي ....؟! ۽ امان جي امان (يعني مھنجي ناني) کيس ڪھڙيون ستيون وڌيون ....؟!- جو اهڙي ٻار کي نپائي وڏو ڪري .... تہ بہ سندءِ لاءِ اهو ننڍوئي هجي .... ۽ هوءَ کيس هيڏانھن يا هوڏانھن وڃڻ کان روڪيندي رهي .... ۽ اهو سدورو لڄ مان کيس پنھنجي دردن جو داستان بہ نہ ٻڌائي سگهي ....!! ۽ اُن کوھہ جي قسمت ڇا هئي ....؟! – ڀريو ڀڪليو آهستي آهستي سُڪندو ويو .... ڪنوارا پير، نھٺا نيڻ سڀ جا سڀ اتان ڪنھن خواب جيان گم ٿيندا ويا....! .... اهو کوھہ جيڪو پنھنجن بي نور اکين سان رُنو هوندو .... پر اُن جو روئڻ ڪنھن ڏٺو هوندو.... اي ڪاش! ڪي اهڙا با نور نيڻ هجن ها .... جيڪي اُن جو روئڻ ڏسي سگهن ها....!! اي فطرت تون اُن مھل ڪٿي هئينءَ؟ - جڏهن اهو کوھہ پنھنجي سوڪھڙي جي سوڳ وارو داستان توکي ٻڌائي رهيو هو ....!! اي فطرت! تون ڪيڏي نہ بي رحم هئينءَ جو اُن کوھہ جي وجود کي پوءِ آهستي آهستي ديوين لَيُن ڪِرڙين ۽ ڪانڊيرن جي وجود سان ڍڪيندي وئين ....! اڄ آءٌ ڪيترين ئي قسمتن (کوھہ جي قسمت سميت) کي پٽ تي ليڪا ڪڍي تلاشي تلاشي ٿڪي پيس .... پر نہ ڪنھن جو سِرو ۽ نہ ئي ڇيڙو ملي سگهيو. اِن ڪري تون کلندي رھہ اي فطرت! تہ مون جھڙو دکي ۽ بدنصيب انسان نہ اڳ ڄمي سگهيو هو .... ۽ نہ ئي بعد ۾ ڄمي سگهندو ....“