رانديڪن جو گهاءُ
هُو جڏهن آهستي آهستي وڏو ٿيڻ لڳو .... پاڻ کان ڪجهہ ننڍي ڀيڻ وانگر .... تڏهن محسوس ٿيڻ لڳس تہ ڀيڻس کانئس وڏي ٿيڻ ۾ ڪجهہ مڙئي گوءِ کڻي رهي آهي .... تڏهن سندءِ اندر ۾ دٻيل خواهش، ”ڪاش جلدي ۾ وڏو ٿي وڃان تہ رانديڪن واري خواهش جي قيد مان ڪار هائي مليم ....“ کي ڄڻ ناڪامي نصيب ٿي رهي هئي. هُو پاڻ رانديڪن لاءِ ايترو سنجيده نہ هو پر ٻاراڻي فطرت کيس انھن جي حاصلات لاءِ خواهش جي سمنڊ ۾ اُڇليندي هئي ....!! هو ان سمنڊ ۾ ڪڏهن ٻڏي تہ ڪڏهن تري رهيو هو. موقعو ملندي ڪڏهن ڀيڻس سان راند ڪُڏي وٺندو هو پر پوءِ اچانڪ ٻاراڻيءَ فطرت ۽ مزاج ۾ نئين گهرج جو گهنڊ وڄڻ لڳندو هوس .... ۽ هن جي حِس زندگيءَ جي بازار ۾ ٽنگيل رانديڪن جي حاصلات لاءِ هوشيار ٿي ويندي هئي.
هو پنھنجي ڀيڻ جي اکين توڙي ظاهري بدني بناوت کي نظرن جي فوڪس ۾ رکي رهيو هو .... ۽ کيس ڪجهہ عرصو گذرڻ پڄاڻان انھن ۾ روشنيءَ جي رفتار وانگيا ڄڻ تڪڙي تبديلي مهسوس ٿي رهي هئي .... پنھنجي بدني بناوت کي ڏسي هن کي هيڪر لڳندو هو تہ هو ڪو گُڏو آهي جنھن ۾ فطرت ڀلجي الائجي ڪيئن پنھنجي خواهش جو روح ڦوڪي ڇڏيو آهي ڀيڻس جون اکيون جيڪي پھرين سطحي قسم جون هيون جن ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا ڇولي نہ هئي! ڪو ننڍرو دٻو پاڻيءَ جو بہ نہ هو، کيس محسوس ٿيو تہ انھن ۾ سمنڊ جُڙي رهيو آهي ۽ انھن ئي اکين ۾ ڪيترائي پھاڙ وجود وٺي رهيا آهن ۽ پوءِ هڪ ڏينھن هن پنھنجي ڀيڻ جي سيني ڏانھن ڏٺو تہ ڀاسيائينءَ اکين واري سمنڊ ۾ سرجندڙ پھاڙ سندم ڀيڻ جي سيني مان جهاتيون پائي رهيا آهن .... اهو منظر ڏسي هن کي آهستي آهستي پنھنجي ڇاتيءَ ۾ خارش ٿيڻ لڳي .... هن پوءِ پنھنجين نگاهن کي انھن پھاڙن جي ڏسڻ کان مورڳو ئي پلي ڇڏيو هو، جو کيس گمان هو تہ انھن جي ڏسڻ سان ئي کيس شايد اهو مرض لاحق ٿي ويو آهي ....! نہ ڏسڻ باوجود بہ اهو مرض تھائين وڌي رهيو هوس....!!
هن کي هڪ ڏهاڙي واٽ ويندي آرسيءَ جو ڀڳل ٽڪرو هٿ اچي ويو .... هن اهو ٽڪرو کڻي پنھنجن اکين آڏو آندو تہ کيس پنھنجيون اکيون ڀيڻس جي اکين وانگيا ئي ڀاسيون ....!! هن اُتي زندگيءَ جي بازار کي تصور ۾ آندو .... تہ اتي کيس رانديڪا ٽنگيل نظر نہ آيا.... زندگيءَ جي بازار ۾ حسين چھرا هيڏانھن هوڏانھن اچ وڃ ڪري رهيا هئا ۽ ڪيتريون ئي نوجوان دليون رانديڪن جي جاءِ تي ٽنگيل نظر آيس .... هُن کي محسوس ٿيڻ لڳو هن جي دل بہ انھن ئي دلين سان گڏ رانديڪن جي جاءِ تي ٽنگيل آهي .... ان احساس سان ئي پوءِ ڇاتيءَ جي ٻنھي پاسي کاڄيءَ جي اهڙي لھر پيدا ٿيس .... جو انھيءَ کي کنھندي ٽِڪ جو اهو ٽڪرو کانئس هٿ مان ڪري مٽيءَ ۾ ملي ويو .... اتي هن هڪ وڏو ڇرڪ بہ ڀريو .... پنھنجو پاڻ کي هاڻ هن زندگيءَ جي هٿ ۾ هڪ رانديڪي وانگيان محسوس ڪيو ....! رانديڪن جي خواهش رکندڙ ماڻھو پاڻ رانديڪو بڻجي پوي. ائين ئي جيئن ڪو چنڊ کي پائڻ جي تمنا ۾ پاڻ چانڊوڪي بڻجي پوي ....!!
هُن کي هاڻ هڪ رات جي تلاش هئي جنھن کي ستارن جو چولو پاتل هجي ۽ هن جي وجود جي چانڊوڪيءَ ان رات سان رقص ڪري .... هُو هڪ رات بس ايئن ئي ننڊ نہ ڪرڻ جي خيال سان پنھنجي بستري تي ليٽيو .... ننڊ هن کي اچڻي هئي سا اچي وئي .... ڪيئي سپنا سندءِ اکين جي آڪاس ۾محو پرواز هئا.... هُن ڏٺو تہ هُو هڪ اهڙي وينگس ڊريسر جي هٿ ۾ هڪ اهڙو ”نشتر“ هو جيڪو زندگيءَ جا زخم وڌيڪ گهرا ڪري رهيو هو.... زندگيءَ جي نس نس مان رت سَمي رهيو هو .... هن کي لڳو تہ اهو ڪيترن ئي ايندڙ نوجوان نسلن جو رت آهي! هن ٻئي هٿ آڏا ڏئي اهو رت بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .... ۽ وينگس کي وينتي ڪيائين؛“ خدارا آءٌ تنھنجي هٿن جو نشتر نہ ٿو بڻجڻ چاهيان .... آءٌ چانڊوڪي ضرور هوس پر اهڙي نہ جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ غلط روايت ڇڏي اونداهيون پکيڙي وڃي .... آءٌ پويان روشني ڇڏي وڃڻ ٿو چاهيان! هڪ اهڙي روشني جنھن سان منھنجو سارو ڏيھہ جڳمڳائي ....! آءٌ پھريان ٻار هوس جنھن کي رانديڪن جي تمنا هئي، پوءِ اهي رانديڪا بہ گولين جي شڪل ۾ ئي ڇو نہ هجن ....؟! شڪر ٿيو جو اهي اهڙي قسم جا رانديڪا هِتي يا هُتي مون کي نظر ڪونہ آيا .... ڇاڪاڻ تہ آءٌ هڪ اهڙي سرزمين تي ڄميو هوس جنھن کي صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي چيو ويندو آهي. ٻڌين پئي وينگس! آءٌ هڪڙو نہ پيو ڳالھايان .... هڪ ڄڻ پورو نسل پيو ڳالھائي .... جنھن سان ڪيتري نہ ويڌن ٿي چڪي آهي ....؟!! فلسطين جي سرزمين جي نسلن وانگيان جن کي يھودي ڳڙڪائي هضم ڪري ويا .... جيئن منھنجي خواهش آهي تہ آءٌ نوجوان نسل لاءِ هڪ مثال قائم ڪري وڃان .... ائين توکي بہ ٻين وينگسن لاءِ مثال ڇڏي وڃڻ کپي .... آءٌ اهڙي پل نہ ٿو بڻجڻ چاهيان ۽ نہ ئي تون بہ بڻج، جتان ڪيئي مجرم سولائيءَ سان لنگهي وڃن .... گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي مٿان هڪ اهڙو بورڊ ضرور هئڻ کپي تہ رڳو خوابن ۽ رومانس ۾ نہ جيئو پر حقيقي زندگيءَ کي بہ خوب درست حوالي سان انجواءِ ڪيو ....“ وينگس اهو ٻڌي هڪ وڏو ٽھڪ ڏئي ٿي تہ هن جون اکيون کلي وڃن ٿيون.... هو آسپاس ڏسي ٿو، اها عورت تہ کيس نظر نہ آئي پر ڀيڻس سندس کٽ جي ڀر ۾ رکيل ٽيبل تي چانھہ جو ڪپ ۽ پاڻيءَ جو گلاس آڻي رکيو ....
هو اکيون مھٽي وري هڪ ڀيرو ڀيڻس ڏي ڏسي ٿو .... هن کي ڀيڻ جي ڇاتيءَ ۾ اڳي کان وڏا اوچي اوچي ڳاٽ ۾ پھاڙ نظر ٿا اچن ....! پل لاءِ سوچي ٿو ”انھن پھاڙن تي بہ ڪڏهن بادل برسندا، زندگيءَ جا ڪارونجهر ڪڏهن اڃا رهيا آهن .... ”جيتوڻيڪ هو پاڻ ننڍي لاڪون رانديڪن جي لاءِ اُڃو رهجي ويو....
هن کي پوءِ پنھنجي روزگار جي سوچ آئي جو ڪجهہ مھينا پھرين ئي هڪ آفيس ۾ چوڪيدار طور ڀرتي ٿيو هو.... ايمانداريءَ سان ڊيوٽي جي ادائگي هن جو معمول هو ۽ هيڏانھن گهر ۾ پھاڙن جي پڪار ٻڌندي هڪ ٻي چوڪيداري بہ مٿس عائد ٿي وئي تہ ڪٿي اڻائي سڻائي مند ڪو وسڪارو نہ وسائي وڃي....؟! هن چانھہ پيئندي سوچن ۾ پاڻ کي هڪ ڪوپ وانگر محسوس ڪيو، گرم گرم چانھہ سندس وجود کي آويءَ جيان اندر ئي اندر جلائي رهي هئي .... ان کي بہ هيڪر هن لنوائي ڇڏڻ چاهيو جو جلاءُ بہ زندگيءَ جو حصو هو .... پر هن لاءِ اُن خواب وارو جلاءُ ڏاڍو ڏکيو هو جنھن ۾ هو هڪ وينگس ڊريسر جي هٿ ۾ ”نشتر“ جيان هو ۽ نشتر زندگيءَ جي زخم کي گهرو بڻائي رهيو هو ....البتہ هن لاءِ پنھنجي ئي طرفان ڳالھايل اهي جملا آٿت ڀريا هئا.جن ۾ هن چيو تہ هو هڪ پورو نسل هو جنھن جي زخم مان رت وهي رهيو هو. هن کي ياد آيو تہ زندگيءَ جي ڪنھن موڙ تي سندس اها سوچ هئي تہ هُو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي وينگسن جي مٿي جو رئو ۽ مردن جي پٽڪن جي ورن جو هڪ ور بہ هو جيڪي سندس سوچ جي خوابگاھہ مان اکيون مھٽي اٿي پيا هئا ۽ هو انھن کي هڪ باشعور نوجوان جي اک سان ڏسي رهيو هو .... وقت گذرندي وچ ۾ هو حادثاتي طور الائجي تہ ڪيئن شادي شدہ بہ بڻجي ويو هو....!! ۽ ڀيڻس جنھن جي ڇاتيءَ مان ليئا وجهندڙ پھاڙن تي بادل برسڻا هئا، سا اوچتو ئي اوچتو پاڻ بادل بڻجي وئي هئي .... هن پڪ ڪرڻ لاءِ تہ ڀيڻس هتي ڪٿي ضرور هوندي! اکيون مھٽي آسپاس نھاريو.... پوءِ ڪمري مان نڪري پري پري تائين ڏسڻ لڳو! آڪاش ۾ ڏٺائين اتي ڪوبہ ڪڪر ڪونہ هئو ۽ نہ ئي ڪو پھاڙ ....؟ هن جي وجود جو صحرا چوطرف! هُو اهو ڏسي هڪ وڏي اوڇنگار ڏئي روئڻ لڳو، هر طرف کان روئڻ جا پڙاڏا سندس ڪنن سان ٽڪرائڻ لڳا..... ۽ هُو پنھنجي ور مان نشتر ڪڍي زندگيءَ جي زخم کي وڌيڪ گهرو ڪندو روئيندو رهيو!!!