اکيون آرزوئون
هُن دل ئي دل ۾ احساسن جي ناوَ تي سوار ٿي سوچڻ شروع ڪيو سوچون جيڪي سونيءَ زنجير جيان هيون سوني زنجير جي چمڪ ڪيڏي نہ ڪشش واري هوندي آهي .....!! ماڻھوءَ کي پاڻ ڏانھن چقمق وانگيا ڇڪيندي آهي اها ..... ”سوني زنجير ۽ سونو لاڪيٽ بہ تہ پنھنجي وضاحت پاڻ هوندا آهن“ ٻن آڱرين جي وچ ۾ جهليل سگريٽ کي چپن تي آڻي هن ڪش هڻي وري سوچيو. ڊرائنگ روم ۾ ويٺي سندس نظرون دروازي ڏانھن کجيون. پوءِ درين ڏانھن ..... درين جو سونھري يا بسڪيٽي ڪلر سندس اکين ۾ اوتجي ويو ڄڻ! ديوارن جو گيڙو – رتو رنگ بہ سندس اکين جي اسڪرين تي محو رقص ..... ۽ پوءِ درين ۾ لڳل شيشا سندءِ نظرن ۽ احساسن جي فوڪس ۾ ..... ” اهي شيشا ڪيڏي فنڪاري سان جوڙي فٽ ڪيا ويا آهن انھن شيشن مان ٻاهر ليئو پائجي تہ منظر ئي ٻيا ڏسڻ ۾ اچن ..... دوربين ۾ لڳل لينس بہ تہ هڪ شيشو ئي آهي، پر اهو ننڍين شين کي ڪيئن نہ وڏو ڪري ڏيکاري ٿو ..... اهو ان شيشي جو ڪمال آهي يا اسان جي اک دوکو کائي ٿي ..... نہ رڳو اک پر اڪثر دل بہ دوکو کائي ويھي ٿي“ هن گهري سوچ مان نڪرندي وري بہ درين جي شيشن ڏانھن ڏٺو ..... جن تان سرڪيل ريشمي پردا ڄڻ سلوار جي چونڊيل سرن وانگيا هڪ ٻئي ۾ جڪڙيل هئا. هن جي سوچ اچانڪ اڇل کائي هڪ وينگس جي تصور ۾ درين مان ٻاهر ليئا وجهڻ لڳي ..... شيشا رنگين ..... سوچ رنگين ..... لباس رنگين ..... هر منظر رنگين ..... ٻاهر جي دنيا اندر ۾ اُهاءُ ڪرڻ لڳي ..... هُو ڄڻ ڏسي رهيو هو کيس جيڪا رنگين شيشن مان ٻاهر ڏسي رهي هئي.
”هر ڪا اک پنھنجي وضاحت پاڻ هوندي آهي مون هن کي پھرئين وار ائين ڪونہ ڏٺو هو جيئن هينئر آءٌ کيس ڏسان ٿو، اڳ بہ تہ مون کيس دورانديشي واري دوربين مان ڏٺو هئو ..... پر الائجي تہ ڇو هوءَ ننڍي نظر آئي هئم! تہ پوءِ .....!؟“ سندءِ من جي غفائن مان هڪ ٻئي سوال ڪاريھر جيان ڪر کنيو. اهو سوال پنھنجي ئي جوهر ۾ هڪ جواب هئو..... تہ ”ڪي ڪي سوال پيدائي تڏهن ٿيندا آهن جڏهن انھن جا جواب نہ ملي سگهندا آهن“
هن کي تڏهن محسوس ٿيو هو تہ ننڍيون شيون واقعي ئي ڏهاڳ ڏينديون آهن ۽ اهي وڏيون نہ ٿي سگهنديون آهن. مٿان وري هُن اهو بہ سوچيو هئو .....“ ٿي سگهي ٿو ..... ٻي ڪنھن اک کي هوءَ وڏي نظر آئي هجي .....“ تڏهن سندس سوچ ڄڻ زخمجي پئي هئي ڪنھن آهيڙيءَ هٿان زخميل پکي جيان! زخمجي بہ ڇو نہ ها؟! آخر سندءِ نينھن ڪن نيڻن تي اجاره داري جو دعويدار هئو تڏهن اک ڇنڀ ۾ پنھنجي هانوَ تي هٿ رکي کڻي ورتو هئائين. هانوَ ۾ دل ڄڻ تتل صحرا ۾ ڊوڙندڙ ڪنھن هرڻ جيان ڀاسيس! هُو پاڻ جيون جي صحرا ۾ تڏهن ڏاڍو ڊڪيو هئو .....هُن ڊُڪڻ ۽ نہ ڊُڪڻ ۾ ڪوبہ فرق نہ پاتو هئو، ائين ئي جيئڻ ۽ نہ جيئڻ ۾ ڪي ماڻھو فرق نہ ڪري سگهندا آهن. هن لاءِ پوئين گذريل جيون جي شاهراه ۾ سايون ۽ ڳاڙهيون بتيون ٻئي برابر هيون ..... سائي ٻري تہ ڇا جي ڳاڙهي ٻري تہ ڇا؟! پر اتساھہ اڃا باقي هوس ..... پنھنجو پاڻ چيو هئائين ”ناڪاميون ئي تہ ڪاميابين جا دروازا کولينديون آهن.“ ۽ پوءِ هُو سچ پچ ناڪامين جي پويان ڊوڙڻ لڳو هئو .....۽ نہ بہ لڳو هئو ڇاڪاڻ تہ اميد اڃا زندھہ هوس جيڪا سندءِ اکين جي ڍنڍ ۾ ڪنھن ٻيڙي جيان تري رهي هئي. هونئن بہ ڏسجي تہ اميد شيءِ ئي اهڙي آهي جيڪا جياري بہ ٿي تہ ماري بہ ٿي دريءَ وٽ پنھنجا سونھري وار ڇوڙي بيٺل وينگس! (سوچ) بہ ائين ئي کيس جياري رهي هئي ۽ هُو جي رهيو هئو! پوئين گذاريل لمحن پھرن، ڏينھن، مھينن ۽ سالن جا ٿڪ وسري ويا هوس“ آسپاس کان بي نياز ٿي جيئڻ ۾ ڪيڏو لطف آهي) هي منظر، هي لمحا ڪيڏا نہ امر آهن ڪاش! مون وٽ جادوءَ واري عسا هجي تہ انھن منظرن ۽ لمحن کي قيد ڪري ڇڏيان ..... تڏهن هوءَ ڪنھن بہ سبب ڪري ننڍي هئي. تمام ننڍي ۽ هاڻ هنن منظرن ۽ لمحن مان ڪو کيس چورائي نہ ٿو سگهي) هن اهو سوچي گهرو ساھہ کنيو، وينگس ٻاهران نظرون چورائي دلبند ادا سان ڄڻ کيس گهوريو..... اوچتو پيرن جي ٺڪ ٺڪ تي هن نظرون دريءَ وٽان هٽايون تہ سامھون جوڻس بيٺي هئي، هن کي ڏسي کانئس وڏو ٽھڪ نڪري ويو ..... پوءِ دري ڏانھن ڏٺائين اتي ڪوبہ نہ هو کليل درين جا ريشمي پردا لڏي رهيا هئا ۽ ڪمري اندر تازي هوا داخل ٿي رهي هئي .....