ڪھاڻيون

سوچن جي سانوڻيءَ ۾

ھن ڪتاب ۾ 53 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Sochun Jy Sanweni'a Mein

رستا ....!

هُن جي اندر ۾ ڪيترائي رستا هئا.... اهي ڄڻ ڪنھن ڪتاب جا صفحا هئا .... ۽ صفحن تي منجهيل عبارتون ۽ جملا ....!
هن ڪنھن فرصت ڪو ڪتاب پڙهندي ائين سوچيو هو: ”جيئن ماڻھو رستن تي هلندا، ڊوڙندا آهن .... ائين لفظ صفحن تي ....!
حجام سندس حجامت ڪندي ڪينچي ائين هلائي رهيو هو جو هن کي محسوس ٿيو تہ ڪينچي ڪا نہ هئي البتہ ڪو پکي هو جنھن چيون.... چيون ڪندي پئي وارن کي چڳيو .... ۽ پوءِ سندس سوچ حجم جي پيٽ ۽ سندس پچايل اُن طعام ڏانھن، هلي وئي هئي جيڪو هن بورچي جي حيثيت ۾ ڪنھن شادي ۾ پچايو هئو ....!
ماڻھن مان ڪنھن ڪيئن ٿي چيو .... تہ ڪنھن ڪيئن ....!
ماڻھن جي راين مان ڪيترائي رستا ڦٽي رهيا هئا ....تنگ رستا .... ويڪرا رستا ..... ننڍا رستا ...... ڊگها رستا .....!
هن سوچيو هو ”زبان جو زهر هر ٻئين زهر کان وڌيڪ قاتل ٿيندو آهي ....!“ ۽ پوءِ هن پنھنجي رستي ۾ ڪيترو ئي زهر ڦھليل محسوس ڪيو ....لفظن جو زهر ....راين جو زهر ....! سائو .... ڳاڙهو .... نيرو .... پيلو....!
رنگن سان تہ کيس ننڍي لاڪون انسيت هئي ..... جيئن رانديڪن سان .... جيئن پوپٽن سان .... جيئن جيڏن سرتن سان .... ۽ جيئن کلڻ ڪُڏڻ سان .... ۽ جيئن خوابن سان ....!
ٻاروتڻ کان هن وهيءَ جي ڏاڪن تي پھچندي پھچندي، رستا البتہ گهڻو گهڻو بدلجي ويا هئا .... ائين ئي جيئن اڄوڪي زماني جي دوستي دولاب ۾ بدلجي ويندي آهي ....!
”اُف! ٻاروتڻ بہ ڄڻ تہ دولاب هو .... دوکو هو ... فريب هو ... ٺڳي هئي ....! ماڻھو حياتيءَ جي ابتدا کان انتھا تائين ٺڳبو ئي رهيو آهي ....! ڇا زندگي هڪ ٺڳي آهي .... دوکو آهي .... دولاب آهي .... سڀ رستا ٺڳي آهن .... ڪوبہ رستو ٺڳيءَ کان سواءِ ناهي .... اسان کان ويندڙ رستا .... ۽ اسان ڏانھن ايندڙ رستا .....
هن ڏانھن آئون اکين جي رستي پھتو هوس .... ۽ هوءَ مون ڏانھن ....بظاهر رستو هو .... ننڍو رستو هو .... چپن کان ڳلن جيتري پنڌ جيترو ....! پر ڪيترا ڪشالا ڪڍڻا پيا ....! هوءَ مون سان سچي هئي .... ۽ آءٌ هن سان .... پر اسان تي پوندڙ حاسدن جي نگاهن جا رستا، پيار جي نازڪ پيچرن کي ئي پائي ويا....!“
رومانس جي رستي وارو پنڌ ياد پيو هوس تہ پنھنجي مٿان آرهڙ جو تتل ڏينھن محسوس ڪندي پاسي واري کيسي ۾ رومال يا ٽشو پيپر لاءِ هٿ هنيو هوس... تہ ناڪام ٿيو هو... ۽ پوءِ قميص جي اڳين پلئو سان چھرو اگهيو هوس. پگهر جون ڪجهہ بُوندون اکين ۾ پوڻ سان نگاهون هزارين رستا ڏيکاري رهيون هوس....! هُو حيران ٿي ويو هو ايترا رستا ڏسندي ....!
هن پنھنجي حيراني جو حساب لڳائڻ چاهيو تہ پاڻمرادو هانوَ تي هٿ اچي ويس....!
هانوَ جنھن ۾ هزارين حسرتون هيون.... هر حسرت ڪنھن ڦاٽل ۽ پراڻي پرچم جيان هئي .... هر حسرت جي پويان هزارين احساسن جو سرد خانو هو .... اُن ۾ لاش هئا .... لاشن کي ڪوبہ دفنائڻ وارو نہ هو ۽ نہ ئي ڪو تعزيت ڪرڻ ..... ۽ وصول ڪرڻ وارو ....!
هن پنھنجي اندر ۾ هڪ خاموش ٽھڪ ڏنو .... جيئن انھن حسرتن کي بہ کُڙڪ نہ پئجي سگهي تہ ڪو هُو پنھنجو پاڻ تي کِلي رهيو آهي.تہ ڪو هو پنھنجو پاڻ تي روئي رهيو آهي ....! کين ڪا بہ سڌ نہ پئجي سگهي.... ڪنھن بہ سبب جو پتو کين نہ پئي تہ آخر هي شخص ڇا ڪري رهيو آهي .... رستا جيڪي هن اڳيان آهن .... انھن مان ڪھڙي رستي جي چونڊ ڪري رهيو آهي .... ڪھڙي جي نہ ڪري رهيو آهي ..... هُو ستل آهي .... يا ننڊ ۾.... هُو ڪو خواب ڏسي رهيو آهي – يا ڪنھن جي تعبير سوچي رهيو آهي....! هُو ننڊ جي گوري وٺڻ لاءِ ڪنھن اسٽور تي بيٺل آهي .... يا ڪنھن صدا هڻندڙ جي هٿ تي ڪي کوٽا سڪا رکي رهيو آهي ....!!
”صدا هڻندڙ اندر ۾ هڪڙا.... ۽ ٻاهر ٻيا هوندا آهن .....!“ هن هڪ ڀيرو سچ پچ کوٽو سڪو صدا هڻندڙ جي تريءَ تي رکندي ائين سوچيو هو!
صدا هڻندڙ سڪي کي ڏسندي ئي گد گد ٿيو هو .... ۽ تصور ۾ اڻونجاھہ سڪا اڳ ۽ پنجاهون هي ڳڻيندي دارون درمل لاءِ سوچڻ لڳو هو....!! صدا هڻندڙ جي سامھون بہ تصور ئي تصور ۾ ڪيترا رستا هئا....!
هڪ رستو سندس اُن ڪاٽن واري وڳي ڏانھن وڃي رهيو هو جيڪو کيس ڪنھن شوقين مڙس سپلائي جي سِلي ۾ وٺي ڏنو هو.... ٻيو رستو .... ٽيون رستو .... چوٿون رستو ....صدا هڻندڙ جي ڪنڌ ۾ پيل مڻين جيترا رستا .... ۽ هر رستو فقير جو لتاڙيل ....!
صدا هڻندڙ جي لڱن تي پيل ميرونجهڙا، مٽي ۽ دز ۾ ڀريل لٽا ڏسي کيس زندگي ان کان بہ وڌيڪ ميرونجھڙي ۽ صدا هڻندڙ جي اندر جھڙي محسوس ٿي هئي ....!
”ڪِني ۽ ڪوجهي زندگي ..... پنھنجي انا وڪڻندڙ زندگي .... رستن ۽ فٽ پاٿن تي رُلندڙ زندگي .... زندگي ....!!“
ان ڏينھن هُو گهر اچڻ لاءِ سوچيندي سوچيندي، رستو ئي ڀلي ويو هو....!! جيئن ماڻھو ڪو ڪتاب پڙهندي،اوچتو ئي اوچتو ڪنھن سوچ سبب ڪنھن ٻئي پيراگراف ۾ هليو ويندو آهي....!!
هن جي اندر ۾ ڪيترائي رستا هئا .... اهي ڄڻ ڪنھن ڪتاب جا صفحا هئا .... ۽ صفحن تي منجهيل عبارتون ۽ جملا ....!! ۽ هُو انھن منجهيل عبارتن ۽ جملن ۾ فريز ٿي رهجي ويو هو....!!