مختصر ڪھاڻيون
جاڳ منھنجي ڀاڳ ۾ ....؟
آءٌ ڪڏهوڪو بکايل هوس ....! ۽ وري رات سنجهي کان مون ستارن جو روزو رکيو .... ۽ سحريءَ تي افطار واري آشامن ۾ سانڍي سُتس .... پر شايد ”جاڳ“ منھنجي ”ڀاڳ“ ۾ نہ هئي ....!!!“
اشتھار
آءٌ پنھنجي ماءٌ پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ هيس .... انھن منھنجي پالنا پوري ذوق ۽ شوق سان ڪئي هئي.... جيئن ٿيندو آيوآهي تہ ٻوٽو وڌي آخر وڻ ٿئي ٿو .... ۽ پوءِ ٻُورجي بہ ٿو.... اُن ئي مند ۾ آءٌ گهر جي ٻاهرئين چانئٺ کان ڇا نڪتس .... ڏسان تہ هڪ شخص صدا هڻي رهيو هو .... آءٌ سندءِ صدا مڪمل طرح تہ سمجهي ئي نہ سگهيس .... البتہ مون کي پنھنجي وڃائجي وڃڻ جو احساس ضرور ٿيو ....! ٻئي ڏينھن جي اخبارن ۾ منھنجي والدين الائجي تہ ڪھڙي خيال کان منھنجي گمشدگيءَ جو اشتھار هلائي ڇڏيو ....!
ڪي خواب ....؟
ڪي خواب خطري جي گهنٽي جيان هوندا آهن .... ۽ اسان جون جاڳ واريون سماعتون سُتل هوندي بہ شل پئجي ٿيون وڃن ....
وقت جو احساس
اهو لازمي ناهي تہ وقت جي گذرڻ جو احساس ٻانھن ۾ ٻڌل گهڙي ڏسڻ سان ئي ٿيندو هجي ....! ڪڏهن ڪڏهن آئيني ۾ چھرو ڏسي بہ اهو احساس اتپن ٿي سگهي ٿو ....! واٽ ويندي ڪنھن ڪومائل گل تي اوچتو نگاھہ پوڻ سان .... يا ويندي ويندي رستي جي ڀرسان ڪنھن پراڻي قبر جو ڪتبو پڙهندي بہ اهو احساس پيدا ٿي سگهي ٿو .....!! هُونئن بہ پراڻين جايُن ويران لائبريرين ۾ ڄميل دز ۽ ڪوريئڙن پاران اُڻيل ڄار بہ تہ وقت جي گذرڻ جو احساس ڏيارين ٿا.
جڙي ٻوٽيون ۽ نيم حڪيم
چون ٿا تہ هُن جي جواني جڙي ٻوٽين جي جوش ۾ جلندي رهي .... تان جو پيري اچي پھتس ... ۽ بعد ۾ موت ....! هُو بہ هڪ زماني جو حاذق حڪيم هو ....!!
ناچ
هڪڙا ماڻھو دهلن دمامن جي رڌم تي نچندا آهن .... تہ ٻيا وري ٻن آڱرين جي ٺڪاءَ تي .... ۽ اسان ماڻھو ڪنھن جي اشاري تي ئي نچي ويھندا آهيون ....! پوءِ داد ڀلا ڪنھن جو حق ٿو بڻجي ....؟ اسان اشاري تي ڦڙتيءَ ڏيکارڻ وارن جو .... يا اُن اشاري تي نچائيندڙ فنڪار جو....!!