ڪھاڻيون

سوچن جي سانوڻيءَ ۾

ھن ڪتاب ۾ 53 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Sochun Jy Sanweni'a Mein

امان درياھہ ٿو اچي؟

زندگي..... مايوس ..... ويران ..... اُداس پوءِ بہ زندگي! ماڻھن جي چھرن تي مايوسي ..... انتھائي اداس ..... هاڻ ڇا ٿيندو .....؟! ”پاڻي جي سُرڪيءَ لاءِ سڪياسين ٿي ..... هاڻ تہ ”دهشت دم درياھہ ۾، ڪُنن جو ڪڙڪو .....“ ڪنھن کي گمان ۾ هو تہ درياھہ شاھہ ائين وهندو ..... جو ڪچو ٻوڙي اچي پڪي سان پريتون جوڙيندو..... بابا سنبرو پاڻي آيوڪي آيو پاڻ وارن پڊن کي پائڻ .....! زندگيءَ پوءِ بہ زندگي ڪچا اگر ڪري بہ پيا تہ مڙئي خير آهي ..... ٻانھن ۾ ٻل هوندو تہ وري جڙي ئي پوندا ..... اڙي ڪڍو ٽپڙ ٽاڙي جيڪي ڪڍي سگهو .....سر سان سِر لڳي..... هلو ..... هلو .....هلو.....!!“
چوطرف ماڻھن ۾ ڀاڄ ..... حيرت مان هڪ ٻئي کان پڇ پڇان ”اڙي ڇورا! سنڌو تہ سُڪو ٺوٺ لڳو پيو هو ..... پوءِ لھرون لس ليٽ ڪنديون ڪٿان ڪاهي آيون .....؟! هاڻ تہ ٻڌون ٿا سکر بئراج بہ ويو پيو آهي ..... “ ”اڙي ادا! ائين نہ چئو ..... اڀاڳي ٻولي نہ اور ..... سکر بئراج توڙي گڊو ۽ ڪوٽڙي اسان جي جياپي جا اهڃاڻ ..... مولا ڪندو تہ پاڻي پار ٿي ويندو انھن بئراجن مان بنان ڪنھن هاڃي جي ..... ڪنھن ٻئي چيو ”ها ادا! تون سچ ٿو چئين ..... ڪيترا ورهيہ اڳ سنڌو ۾ سانوڻيون آيون هيون ..... پر اهي بئراج بچي ويا هئا..... “ ٽئين وچ ۾ ڳالھايو چوٿين همراه وري کين حسرت مان نھاريندي آکيو“ ۽ اسان .....“ زندگيءَ حيرت جو درياھہ جنھن ۾ ڪيترائي جيوَ ٻڏندي ۽ ترندي هڪ ٻئي کان پيا حال احوال وٺن پنھنجي ۽ پنھنجي ٻارن ٻچن ۽ مال ملڪيت جي ڳڻتيءَ ۾ ڳھن .....
سنڌو جو سڪل پيٽ جڏهن کين اوچتو ياد اچي تڏهن مالڪ جي مھر تي کن پل لاءِ خوشين هاڻا لڙڪ بہ لاڙي وٺن. ” ڏيھن جو ڏاتار سنڌو سدائين سائو ستابو هجي ..... شال نہ هي اکيون کيس سڪل ڏسن.....“ سنڌو کي سدائين سائو ستابو ڏسڻ لاءِ دعائن مٿي دعائون پيا گهرن .....!! وري بہ ٻار ٻچا، مايون مرد، پوڙها پڪا ۽ جانٺا جوان سڀ حراس ۾ ..... ڇاڪاڻ تہ جياپي جو ذريعو پاڻي اڄ ٻوڙڻ پيو اچي .....! هنن پنھنجن نسلن لاءِ الاءِ تہ ڪيترا خواب ڏٺا هئا .....؟! زندگيءَ جي شادابي جا خواب ..... علمي آگهيءَ جا خواب ..... درسگاهون اڏڻ ۽ انھن ۾ علمي شمعون جلائڻ جا خواب..... پنھنجا ويران ٿيل کيت وري وسائڻ جا خواب ..... هنن کي پڪ هئي تہ پاڻي ائين نہ ڪندو ..... سنئين واٽ وٺي اسان جي خوابن جي ساڀيان جو سرچشمو بڻجندو ..... پر افسوس! تہ ائين نہ ٿي سگهيو ٽوڙي بندٽٽي ويو ..... يا ٽوڙيو ويو..... ”زميندار پنھنجون زمينون ۽ فصل بچائڻ ۾ پورا ..... انھن کي پنھنجن ٻارن ٻچن جو ڪوبہ اُلڪو وغيرہ نہ ..... ڪراچيءَ جي پوش علائقن ۾ انھن جا بنگلا ۽ سريتون ..... سنڌوءَ کي پنھنجن زمينن کان ٻئي پاسي ڪٽ ڏئي پنھنجا فصل فرڙا بچائي ..... وڃي بنگلن ڀيڙا ٿيندا ..... هي زميندار ۽ وڏيرا غريبن جي نسلن کي لوڙهڻ ٿا گهرن ..... هنن جي من ۾ ڪڏهن سڻائي سوچ آئي ئي ناهي ..... ؟! هنن ڪڏهن گهريو آهي تہ سندن بنگلي جي ڀر ۾ غريب جي جهوپڙي بہ هجي..... ۽ ان جهوپڙيءَ مان هڪ باهوش نسل تيار ٿي سامھون اچي..... ۽ جيڪڏهن اهڙو نسل تيار بہ ٿي اچي تہ هوند هنن جون ننڊون ئي حرام ڪري ڇڏي .....! شابس هجي ڪشنچند بيوس کي جنھن ڪيترائي ورهيہ اڳ غريباڻي جهوپڙيءَ لاءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ دعا گهري “ الا! جُهري مہ شال، غريباڻي جهوپڙي .....“ هاءِ هاءِ سنڌو ..... تنھنجي سانوڻين تان سر قربان پر ائين نہ ڪر..... اسان جا بہ سنھا ٻچا آهن، انھن تي ڪھل ڪر..... اسان جا بہ ڪي خواب آهن جيڪي اسان انھن ٻچڙن جي نيڻن ۾ ٽمڪندي ڏٺا آهن ..... او سنڌو! تو اسان جي عظيم تھذيب کي جنم ڏنو ..... موئن جي دڙي واري عظيم تھذيب کي ..... اسان کي سڃاڻ! اسان ان تھذيب جا وارث آهيون ..... اسان کي ٻوڙ نه! اسان ئي رگ ويد جا اهي رشي آهيون..... جن رگ ويد جي شعرن کي رچيندي تنھنجي ساراھہ جا گيت ڳاتا ..... سنڌو! پنھنجي جوش کي ماٺو ڪر! هنن وڏن زميندارن جي چال کي سمجهہ ..... تون تہ اسان کي نہ ٻوڙ سنڌو!“
وارو..... او ..... وارو..... سوچيو پوءِ پاڻي اچي ويو..... ولوءَ جو پٽ پاڻيءَ ۾ لڙهندو وڃي. .....ان کي ڪڍو ..... وارو ..... ڙي ..... وارو.....“ هڪڙو ٻئي کان ٿو پڇي؛ ”ڀلا ولو پاڻ ڪيڏانھن ويو؟!“ ” هو ٻني ڏانھن نڪري ويو هو ..... خدا ڪري هُو سڻائو موٽي.....“ ٻئي وراڻيس انھن ئي لمحن ۾ ولو گوڏي جيتري پاڻيءَ مان پريان ڪاهيندو اچي ولوءَ جي پٽ سوڍي کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڪناري ڪيو اٿن..... ۽ وڏي آواز ۾ پيا واڪين“ ولو ور تو وارو سوڍو ساھہ ڏئي ويو.....!!“ سوڍل ماءُ جون اڀ ڏاريندڙ ريھون ..... او سوڍل منھنجا ساھہ سيباڻا سوڍل ..... ڪجهہ تہ ڳالھاءِ ..... تنھنجو رانديڪو آسائتو تنھنجي طھر واريءَ گوڏ آسائتي ..... موڙ آسائتا..... مينديون آسائتيون..... او منھنجا سوڍل ايڏو تڪڙو نہ وڃين ها ..... منھنجي ڪائنات ۾ قھر ٿي ويو..... سوڍل او سوڍل! ٿوري ورندي ڏي .....منھنجي نيڻن جي سنڌو کي ڏس ..... اِن کان اڳي جو ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شھرن جا شھر اجڙن ..... هن اڀاڳي جي اجڙيل ڪائنات ڏس ..... منھنجا سوڍل .....!!“ سوڍل جو بي ساهو وجود ڪا بہ ورندي نہ ٿو ڏئي ..... ولوءَ جي وات مان بہ اوسارون ۽ اولاڻا ..... ”سھڻا سوڍل مون تہ توکي هاڻ ئي اسڪول ۾ مُڪو هو تہ هوند پڙهي ڪي پنھنجن جا اهنج گهٽائيندين ..... ڪنھن سٺي عھدي تي پھچندين ..... ابا سوڍل! هيءُ تنھنجي وڃڻ جي ويل تہ نہ هئي .....“ ۽ پوءِ ولوءَ تي بي هوشيءَ جا دورا!! سوڍل ماءُ بہ جھڙوڪر سڪرات ۾.....!! ماڻھن جي احساسن ۾ اُڇل.....“ اڃا تہ ڪيتريون ئي مائرون پٽن جي سوڳ ۾ سڙنديون ..... ۽ ڪيترين سھاڳڻين جا سھاڳ اجڙندا.....؟! سنڌوءَ ۾ چاڙھہ ڏينھو ڏينھن سرس آهي ..... ڪُنن جا ڪڙڪا آهن ..... اجهل سنڌوءَ جون لھرون چون ٿيون تہ ڇڏيو تہ هتان نڪرون ..... پڪي جي پار ڏي ..... خاصن لوڪن کي خبر پويِ تہ سُڪا پيٽ ڪيئن ساوا ٿيندا آهن ..... ؟! وارو ..... ڙي ..... وارو نڪرو ...... هاڻ تہ پاڻي گوڏن کان مٿي چڙهندو وڃي.....!
ننڍن ٻارن ۾ ڪيھاٽ ..... انھن کان ٿورو وڏڙا ٻار حراس ۾ ..... پنھنجن مائرن ۽ پيئرن کان پيا پُڇن: ”او امان..... ابا اسان تہ ولوءَ جي پٽ وانگر ڪونہ ٻڏنداسين.....؟! اسان جا پتڪڙا رانديڪا بہ اسان وانگر سنڀارجوء ..... متان اهي لڙهي وڃن.....“
”ابا شل اهڙو اڀاڳو ڏينھن نہ اچي ..... وڏي ڄمار ماڻيو ..... خدا نہ ڪري ولوءَ جي پٽ وانگر ..... اهڙي وائي نہ ڪريو ابا .....!!؟“
”امان ڀلا هي پاڻي اچي ڪٿان پيو.....؟! ”ابا پاڻي ڪونہ پيو اچي درياھہ ٿو اچي“ ”سچ ٻڌاءِ امان! درياھہ ٿو اچي“
”ها پٽ! درياه ٿو اچي! اهو درياه جيڪو ڪيترائي سال سڪو ڀڙڀانگ ٿيو پيو هو..... اهو درياھہ ٿو اچي .....!! ” ” هان تڏهن درياھہ ٿو اچي.....“ پوءِ هُو سڀئي گڏجي ڳائڻ ٿا شروع ڪري ڏين بابا درياھہ ٿو اچي ..... امان درياھہ ٿو اچي..... بابا درياھہ ٿو اچي امان درياھہ ٿو اچي.....“
سڀ ماڻھو ٻارين ٻچين ڍڳن ڍورن ۽ مال ملڪيت سميت (جيڪو ڪجهہ کڻي ٿي سگهيا) کڻي پنھنجن اباڻن ڪکن کي الوداع ڪري.... نڪرن ٿا! سندن سماعتن تي ٻارن جي آوازن جو اڃا بہ پراڏو پيو گونجي ..... بابا درياھہ ٿو اچي امان درياھہ ٿو اچي ..... امان درياھہ ٿو اچي ..... امان درياھہ ٿو اچي.....!!