اڳيون موڙ مُڙڻ پڄاڻان ...!!
مُرڪندڙ منھن مھانڊي وارو جوان، جنھن جي چھري ۾ جوانيءَ جو جوُالا مکي پئي اڀاميو! پاڙي پتيءَ جا پکي سندءِ وجود جي وڻ مان واس وٺڻ جي لاءِ واھہ جو آتا هئا .... پر هو کين کنگهندو بہ ڪونہ هو .... سندن سپنن جي ڪائنات ۾ هُوئي هُو هئو ....؟!
هُو جيڪو تتي ڏينھن گهر مان نڪتو هو .... دراصل هن کي پاڻ بہ ڪو پتو نہ هو تہ هُو وڃي ڪيڏانھن پيو .... کيس بس ايتري سُڌ هئي تہ هو وڃي پيو .... هن ويند ي ويندي ايترو ضرور سوچيو هوندو تہ کيس وکون انتھائي احتياط سان کڻڻيون پونديون .... نہ تہ هُو ڪٿي ٿاٻڙجي ڪِري نہ پئي .... يا ڪنھن ماڻھو سان اوچتو سندءِ ٽڪراءُ نہ ٿي وڃي .... يا اڳيان ڪو اهڙو کڏو يا کليل گٽر بہ اچي پيو سگهي جنھن ۾ هو ڌُو ڪري متان وڃي ڪري ....
اهڙيون احتياطون سوچيندي بہ هُو الاءِ تہ ڇو وائڙو پئي ڏٺاڻو .... اهڙو وائڙو ڄڻ تہ هو ڪنھن بند گهٽيءَ ۾ اچي ڦاٿو هو .... جتان ڪنھن بہ گُذر جو ڪو امڪان نہ هو....!! آسمان مان سج هُن کي ائين پئي گهوريو جيئن ڀاڳيو ڪنھن شڪي ماڻھو کي گهوريندو آهي. سج جنھن مان باھہ جا اُلا پئي نڪتا اهو البتہ هن کي ڪو دهشتگرد ئي محسوس پئي ٿيو .... جنھن کي ڄڻ ماڻھن جي ماس جي تلاش هئي .... هن کي سوچ آئي ؛ ماڻھو جو ماس ٻئي هر جِيوَ جي ماس کان ڪيڏو نہ سستو .... هاءِ ڙي زمانا تنھنجا رنگ! پوءِ هن وقت جاچڻ خاطر پنھنجي اڳين کيسي مان موبائيل ڪڍي تہ اسڪرين تي No space for new message لکيل ڏٺائين ڏانهس ڪو ايس ايم-ايس اچي رهيو هو . پر سندءِ موبائيل جي ان باڪس ۾ اسپيس نہ هئو .... هُن کي هيڪار محسوس ٿيو تہ هاڻ هن دنيا ۾ ماڻهپي لاءِ بہ ڪو اسپيس ناهي بچيو .... هن ان اسڪرين واري عبارت کي نظر انداز ڪري وقت ڏٺو .... ڏينھن جو پورو هڪ وڄي رهيو هو .... هن پنھنجو پاڻ ڏانھن ڏٺو تہ پاڻ کي بہ ”هڪ“ محسوس ڪيائين .... هڪ جنھن سان ٻيو ڪو ساڻ نہ هئو .... سندءِ چنڊ چھرو پگهر ۾ ٽُٻ! اها پگهر هيٺ وهي سندءِ وجود کي وهنجاري رهي هئي .... آسپاس ۾ الائجي تہ ڪيترا ماڻھو هئا جيڪي اچي ۽ وڃي رهيا هئا .... پر هو پنھنجي معنيٰ ۾ ”هڪ“ هو جيڪو ٿڙڻ ٿا ٻڙجڻ کان پاڻ بچائي وڃي رهيو هو.
هن جي دل جي ڌڪ .... ڌڪ .... هاڻ وڌي رهي هئي ؛ “ ايندڙ ميسيج ڪھڙو ۽ ڪنھن جو ٿي سگهي ٿو ....؟! ڪٿي عاشق جو ميسيج نہ هجي متان جيڪو ڪراچيءَ ڪمائڻ لاءِ ويل آهي .... نہ .... نہ ان جو نہ ٿو ٿي سگهي .... عاشق فضول ميسيج تہ ڪنھن کي ڪندو ئي ناهي ....! ڪٿي بابا جو نہ هجي! پڇڻ چاهيندو هجي تہ هينئر آءٌ ڪٿي هوندس؟! نہ .... نہ .... بابا مون لاءِ ايترو فڪر مند نہ هوندو .... هن کي بخوبي سُڌ هوندي تہ اڳي وانگيان آءٌ اڄ بہ خير سان واپس ئي وري ايندس ....
هن بھرحال ڪيترائي امڪان سوچيندي اِن باڪس واري فائل ۾ اڳ آيل ايس – ايم – ايسز مان هڪڙو ميسيج زندگيءَ مان ڪنھن فصول وٿ وانگيا مائنس ڪيو .... تہ نئين ميسيج سندءِ سماعتن ۾ اچي گهنٽي وڄائي .... هن دل جي ڌڪ .... ڌڪ .... سان ميسيج جي مھورت ڪئي .... جيڪو اڄاتل نمبر تان آيو هو .... ” هڪ شخص جيڪو گهران ڌر تتيءَ جو نڪتو آهي .... کيس خبر ئي نہ آهي تہ وڃي ڪيڏانھن رهيو آهي .... ان شخص کي آءٌ التجا ڪندس تہ هُو واپس موٽي وڃي .... جونہ رڳو سندءِ والدين پر پاڙي پتيءَ وارا بہ سخت پريشان آهن .... ڪراچي جھڙي سيچوئيشن ڪٿي بہ ورجائجي سگهي ٿي .... منھنجي التجا آهي تہ هُو ....!“
ميسيج جي مھورت ڪندي، هن جو وجود ئي لڏي ويو .... دل جي ڌڪ .... ڌڪ .... تھائين وڌي ويس کيس هيڪار سوچ آئي تہ موبائل کي ميدان تي مٿان ڪري هڻي ”ڪميڻي ڪٿان جي .... نئين نسل کي جيترو نفعو هن مان .... اوتروئي نفسياتي نقصان .... موسميات کاتي وارن وانگر مَاڻھن جو مٿو رولڻ واري .... موسميات وارا بہ هر سال ڪنھن نہ ڪنھن سامونڊي طوفان جي پيا اڳڪٿي ڪندا .... ۽ هاڻ وري موبائيل .... “ پر پوءِ ماٺ ميٺ ۾ موبائل کي اڳئين کيسي ۾ ٿو وجهي ڇڏي .... ۽ سوچن جي سمونڊ ۾ ڪنھن پل غوطا کائيندو تہ ڪنھن پل ترندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي .... ”اسان خلاف نفسياتي جنگ وڙهي پئي وڃي ڪراچيءَ ۾ قتل و غارت آهي .... اوهان کي اوڏانھن نہ وڃڻ کپي .... عاشق کي بہ ڪيترائي ميسيج آيا .... ڪراچي نہ وڃ .... پر جڏهن ڪراچي ويو .... ڌنڌي کي لڳو تہ چيائون جيترو جلدي ٿي سگهي .... اتان نِڪر .... نفسياتي جنگ هر ٻي جنگ کان وڌيڪ هيبتناڪ هوندي آهي .... شينھن پري کان ايندڙ هجي نہ هجي پر اسان کي جيڪڏهن ڪو چئي تہ بابلا! پريان کان ڪيھر شينھن گجگوڙ ڪندو اچي رهيو آهي .... تہ دهلجي وينداسون .... ۽ ساھہ ئي مُٺ ۾ اچي ويندا .... عاشق جھڙن لکين جوانن ۽ لکين گهراڻن کي ڪراچي وڃڻ کپي .... نہ رڳو وڃڻ .... پر پنھنجي روزگار جا وسيلا بہ هٿ ڪرڻ کپن .... مون تہ بابا کي چيو هو جيڪڏهن ٻھراڙيءَ مان لڏون ئي ٿا تہ هلي ڪراچي وسايون .... پر افسوس! بابا منھنجي هڪ بہ نہ ٻڌي .... بابا ڪراچيءَ ۾ هاڻوڪي زماني ۾ لساني ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کان پيو ڊڄي ....“
هن کي هاڻ ٽنگن ۾ سور بہ وڌندو پئي ويو .... پر هن کي هلڻو هئو بنان ڪنھن سبب جي شايد! ۽ هن لاءِ اهو ضروري بہ نہ هو تہ ڪو سبب هجي تہ هلي .... نہ هجي تہ ڪٿي ويھي زندگيءَ جو ٿڪ ڀڃي .... زندگيءَ جو هُو هروڀرو ٿڪايل بہ نہ هئو .... ڇاڪاڻ تہ هو جوان جو هئو .... البتہ هن کي پنھنجي حاصل ڪيل علم جي نتيجي ۾ پلئہ پيل ڊگرين ڪڏهن ٿڪايو هجي .... تہ ٻي ڳالھہ هئي يا ڪڏهن يونيورسٽيءَ پھچڻ لاءِ ڪنھن پوائنٽ بس جي انتظارجي پيڙا پلئہ پئي هجيس .... تہ اها علحدہ ڳالھہ هئي ....
هُو وري هڪ ڀيرو ٻيھر موبائيل سان منھان مُنھن ٿيو تہ وري بہ No Space for new message ئي پڙهڻو پيس ۽ ان عبارت جي مٿان لفافو ڪنھن ننڍي ٻار وانگيان لوڏ لُڏي رهيو هو. هن جي دل جي ڌڪ .... ڌڪ وري بہ وڌي وئي .... دل تي ساڄو هٿ رکيائين اها کيس ڄڻ ٻاهر نڪرندي محسوس ٿي رهي هئي .... ”ڪو مسئلو ڪونھي چري دل گهٻراءِ نہ“ هن پنھنجي دل سان گڏ ڄڻ پنھنجو پاڻ کي آٿت ڏني .... ۽ پوءِ ميسيجن جي ڊگهي فھرست مان فقط هڪ ميسيج آئوٽ ڪيائين .... نئين ميسيج جي گهنٽي ترت ئي سندءِ سماعتن سان اچي ٽڪرائي .... هُو ميسيج کولي پڙهڻ لڳو : جيڪو وري بہ اڄاتل نمبر تان آيل هو ” هڪ چريو جوان پنھنجي ماءُ پيءُ کي ڪو ڪم ڪار ٻڌائڻ بنان ڪافي وقت اڳ گهران نڪري پيو آهي .... سندءِ والدين جي بيچين ۽ پريشان سوچ سندس پاڇي جيان هن جي پويان پويان آهي .... سندس والدين کي شايد انديشو آهي تہ ڪٿي هُو ڪنھن حادثي يا ڪنھن خودڪش حملي جو شڪارنہ بنجي وڃي .... آءٌ کيس صلاح ٿو ڏيان تہ هُو هڪدم واپس گهر موٽي .... سندءِ والدين جي آواره سوچ سندس پويان شھر جي گلين محلن ۽ رستن تي ڊوڙي ڊوڙي سسڪيون هڻي رهي آهي .... ”آءٌ کيس وري بہ ....“ هُون! هي اڄاتل شخص ڀوائتا ۽ غير لاڳاپيل ايس – ايم – ايس اماڻي، مون کي وري بہ پيو ڊيڄارڻ چاهي .... آءءٌ ڪو ٻار تہ ناهيان ....!! هُو اهو سوچي ئي ٿو تہ سندءِ موبائل تي ڪنھن جي رنگ اچي ٿي. اسڪرين تي نالو پڙهي ٿو .... پڻھنس جي فون! اوڪي ڪري هيلو ٿو چوي .... ”پٽ احسان! هينئر ڪٿي آهين بابا،“ ” آءٌ شھر ۾ ئي آهيان ....“ ” پُٽ جلدي اچ“ ” پر بابا ڇو ....؟!“ ” بس بابا جلدي اچ“.... ” بابا هي جيڪو روڊ ڏئي آءُ وڃي رهيو آهيان اڳيان هڪ موڙ آهي .... ان موڙ کانپوءِ ڪابہ شيءَ نظر نہ ايندي آهي .... آءٌ اهو موڙ ڪراس ڪري ترت ئي واپس ورندس .... اوهان دل جاءِ ڪريو ....“
هُو فون بندڪري تيز ٻرانگهون ڀريندو ان موڙ ڏانھن وڌندو پئي ويو .... دل ۾ هاڻ ڪابہ ڌڪ .... ڌڪ .... ڪانہ هوس .... ڄڻ فريش .... تازو توانو .... جنھن کي هاڻ ٽنگن ۾ بہ ڪو سُور وغيرہ محسوس نہ پيو ٿئي .... هن هڪ نگاھہ پويان وڌي ....“ ڪافي پنڌ ڪيو اٿم هاڻ مون کي واپس ورڻ کپي ....“ اندر جي ڪنھن ٻي ڪنڊ مان آواز آيس: موڙ بس ٻہ وکون ئي تہ آهي ....“ ۽ پوءِ هن محسوس ڪيو تہ ڪا اڄاتل ازغيبي طاقت کيس واپس ورڻ نہ ٿي ڏئي .... ۽ هُو بي اختيار اُن موڙ کان اڳتي ڄڻ هڪ اونھي پاتال ۾ لھندو ٿو وڃي .... هڪ اهڙو پاتال جيڪو جيون ۾ هن اڳ ڪڏهن بہ نہ ڏٺو هو .... نوراني چھري وارا کيس ٻانھن کان آڌر ڏئي آهستي آهستي هيٺ وٺي پيا وڃن .... هن پنھنجون اکيون بہ پُوريل محسوس ڪيون ....
ايتري ۾ سندءِ موبائل تي ڪو ميسيج دستڪ ڏئي ٿو: والدين جو اڪيلو پُٽ احسان بنان ڪنھن سبب جي ڌر تتيءَ ويل گهران نڪتو .... هُو شھر ۾ آواره گردن جيان هلندو رهيو .... شام جيئن ويجهي ٿيندي وئي ....تيئن سندءِ زندگيءَ جي بہ شام .... ”سندءِ والدين جي بي چين ۽ پريشان سوچ جيڪا سندس پويان پويان هئي .... سِسڪين ۾ هئي .... ۽ ان سان گڏ احسان جي موبائل تي آيل ميسيج کان بہ ڄڻ اوڇنگار نڪري وئي هئي .... ڇاڪاڻ تہ ان کي هاڻ ڪوبہ پڙهڻ وارو ڪونہ هئو ....