پوپٽ جو خواب
”ماکي جي مک کي ممڪن آهي تہ ڪا اهڙي ڳالھہ ياد آئي هجي .... جيڪا واقعي ئي کيس کلائي پئي سگهي ....! يا شايد ان ئي مک ڪنھن ماکي لاهيندڙ کي ڏنگي سُڄائي وڌو هجي .... اهو حادثو کيس ياد آيو هجي .... يا ممڪن آهي هي مک جنھن ماناري ۾ رهندي هجي اُتي ڪو دنگو فساد ٿيو هجي .... ڪي نااهل ۽ سُست مکا پاڻ ۾ ماکيءَ جي رس تان هڪ ٻئي سان مُنھن مقابل ٿيا هجن .... ۽ هي مک پنھنجي دانائيءَ ڪري انھن مکن جي بيوقوفي تي کلندي هجي ....!“
هو پنھنجن نازڪ نفيس ۽ انڊلٺي رنگن جھڙن خيالن جو ڄار اُڻيندو رهيو پر ڪنھن نتيجي تي نہ پھچڻ ڄڻ سندس مقدر هو ....! اُن ماکي جي مک سان پوپٽ اڳ ڪڏهن بہ گفتگو نہ ڪئي هئي .... البتہ هُو کيس ڏسندو روز هو .... هوءَ ڪنھن نہ ڪنھن گُل تي ويھي رس چوسي اُڏامي هلي ويندي هئي. ويندي ويندي پوپٽ کي ان جي اُڏام مان البت ڌيمي ڌيمي موسيقيءَ جو احساس ٿيندو هو.... ڄڻ ڪي اُداس اجنبي روح پنھنجو پاڻ ۾ سُرٻاٽن ۾ ڪجهہ سليندا هجن....!
اجنبي پوپٽ ان ڌيمي ڌيمي موسيقيءَ ۾ پنھنجو سيس هيڏانھن هوڏانھن هلائي ڄڻ پنھنجي مسرت جو تاثر پيو ڏيندو هو .... هونئن کيس بخوبي سُڌ هئي تہ اُن ماکي جي مک وٽ گُلن جي رس چوسڻ جي ڏانءُ سان گڏ ڏنگڻ جو هنر بہ هو .... جيڪو کيس فطرت پاران گفٽ ۾ هو ۽ پوپٽ کي پاڻ ڏي ڏسندي اهو احساس بہ هو تہ هُو ڏنگ نٿو رکي ....! ان ڪري کانئس ڪنھن کي ڪنھن بہ قسم جو ڪوبہ خطرو لاحق نٿو ٿي سگهي .... پر کيس تہ ڪيترائي خطرا لاحق هئا ....!!
گُلن واري اُن ڦلواڙيءَ جي اترئين پاسي سنگدل انسانن جو هڪ ڳوٺڙو هو جنھن ۾ سواءِ چند ماڻھن جي باقي پٿر دل هئا .... جن جي وجود جي مٽي شايد هماليه جھڙي سخت جبل جي دامن مان کنئي وئي هئي .... اُهي هر جيو کي ڏکوئيندا رهندا هئا .... چون ٿا تہ اُن ڳوٺ ۾ ڪولن جي هڪ بستي هئي .... جنھن ۾ هزارين لکين ڪِوليون رهنديون هيون .... اهي جڏهن ڪنھن ڪم سانگي پنھنجي بستيءَ مان نڪرنديون هيون تہ قطار .... در قطار .... نڪرنديون هيون اها ڳالھہ ان ڳوٺ جي پٿر دل لوڪن کي پسند نہ هئي انھن ڪولين جي اتحاد انھن کي سخت مڇرائي وڌو هو .... نيٺ هڪ ڏينھن ٺھراءُ ڪيائون تہ اهي گرم گرم پاڻيءَ سان انھن ڪِولين جو خاتمو آڻيندا .... جيڪي سندن بستيءَ ۾ بيجا مداخلت ڪري بستيءَ ۾ بستي جوڙيون ويٺيون آهن .... هن بستيءَ ۾ حڪومت اسان جي ؟قائدا قانون اسان جا“ هي وري ڪھڙو نسل اچي هتي وارد ٿيو آهي .... ۽ نيٺ هڪ ڏينھن هنن گرم گرم پاڻي جا لوٽا هاري ڪيتريون ئي ڪِوليون ماري وڌيون....!!
هِن پوپٽ کي جڏهن اها ڄاڻ پئي هئي تہ هُو گُلن جي نيڻن سان رنو هو ۽ ڦُلواڙيءَ جي سوڳ نما مھڪ ۾ پنھنجو وجود ڍڪي هڪ ڪُنڊ ۾ پل لاءِ سانتيڪو ٿي ويو هو سندس نس نس ۾ گرم پاڻي جو احساس ڏکندڙ زندگيءَ جي لمحي جيان ڊوڙي رهيو هو اُن ڏينھن پنھنجي اکين ۾ هُن عجيب قسم جي لباس جا تاڪيا کلندي محسوس ڪيا هئا ڦلواڙيءَ جي هر گل جي دل ۾ هڪ گهرو ڏک ڪنھن تکي تاءُ جيان محسوسيو هوس ....
هُن کي فطرت جي ديوي آسمان جي ڪنھن ڪناري تي سوڳ وارو راڳ آلاپيندي محسوس ٿي هئي .... فطرت جي ديوي جي اکين ۾ لڙڪن جا ٽانڊاڻا هئا....اهي هيٺ ايئن ڪِري رهيا هئا ڄڻ آڪاس مان ستارا ٽٽي ڇڻندا هُجن....!!
هُن پنھنجي سوچ جي سونھري مگر افسردہ رنگن جي رعنائي سان ڪنڌ مٿي کڻي وري ماکيءَ جي مک ڏانھن ڏٺو .... هاڻ ماکي جي مک بہ کيس ئي ڏسي رهي هئي .... ۽ سندس چھري تي ٻُرايل ٽھڪ جي چڻنگن جي رکَ باقي هئي پوپٽ گهڻو گهڻو لڄي ٿي سوچي رهيو هو تہ کانئس ڪھڙيءَ ريت سندس ٽھڪ ٻُرائڻ وارو ڪارڻ معلوم ڪري....!
پوپٽ ۾ حد درجي جو حيا ۽ لڄ هئي جيڪا کيس گلن جي غلامي ۽ فطرت جي فنڪاريءَ مان پلئو پئي هئي .... پر کيس تہ مجبور ٿي بہ اهو معلوم ڪرڻو هو تہ آخر ماکيءَ جي مک بي ساختہ ٽھڪ ڇو ڏنو ....؟! نيٺ پوپٽ جي چھري تان حيا وارا سڀ پردا پاڻمرادو هٽندا ويا.... ۽ کانئس پُڇي ورتائين : ”اي مک! اڄ ڏاڍي خوش خوش آهين .... آخر ڳالھہ ڇا آهي؟!“
ماکيءَ جي مک پنھنجن چپن تي شرير مُرڪ آڻيندي آکيو؛ ” ڪالھہ وڏي ڌِڱ کي ڏنگيو اٿم هُو منھنجي ماناري ڏانھن وڌي رَس لاهڻ جي جستجو ۾ هو تہ وڃي ڪياڙيءَ ۾ ڏنگ لاٿومانس .... وري بہ نہ پيو هٽي .... تہ سامھون ساڄي اک واري جهالر ۾ چُھٽي پيس. اهڙي تہ دانھن ڪيائين جو مون کان ٽھڪ نڪري ويو .... هاڻ تہ جنھن ويل ٿي اها ڳالھہ ياد اچيم تہ ٽھڪ نڪريو وڃي ....“
”اي ماکيءَ جي مک! تو تہ وڏي ڳالھہ ڪري ڇڏي ....! توکي ڪھڙي ڪل تہ هُن ڪھڙي مقصد ڪاڻ پئي رس لاهڻ گهُريو .... هُو هو ڀلا ڪٿي جو ....؟!“
”هُو شايد هِن ڦلواڙيءَ جي اُترئين پاسي واري ڳوٺ مان پئي آيو ....! توکي تہ خبر ئي هوندي .... تہ اهو سنگدلن جو ڳوٺ آهي .... اهي ڪنھن ٻئي نسل واري کي برداشت ئي نہ ٿا ڪن .... اسان اُن ڳوٺڙي ۾ جهوني وڻ ۾ مانارو اڏيو .... تہ هڪ ئي ڌڪ سان ڏَلھي واري مشين جي مدد سان وڻ ئي ڪيرائي وڌائون .... مون کي ان ڏينھن ايترو غصو آيو هو جو چاهيم تہ سڀني مکن سان گڏجاڻي ڪري، ان ڳوٺ تي حملو ڪري سڀني کي سزا وار ڪجي .... پر پوءِ الائجي تہ ڪيئن هيڪر ٿڌي ٿي ويس....!! منھنجي ساٿي مکن مان بہ ڪيترن کي ڪاوڙ آئي هئي .... هنن پنھنجن ڏنگن کي اهڙي نموني پئي موڙ ڏنا.... ڄڻ انھن کي تکو ڪندا هجن مون کي بہ محسوس ٿيو تہ منجهن زبردست زهر هو .... پوءِ اسان ڦلواڙيءَ جي ڏاکڻي پاسي پري پري هڪ تازو توانو وڻ ڏٺو .... اُتي وڃي پنھنجا پکا اڏياسين .... اهو وڻ فطرت جو اهڙو تہ حسين شھڪار آهي .... جو اُن جي پنن ۽ ٽارين ۾ عجيب قسم جي خوشبو آهي ان وڻ تي انھن حاسدن جي اڪثريت جي اڃا نظر نہ پئي آهي .... جيڪڏهن پئي بہ هوندي ....تہ بہ هُو اڃا پنھنجن ڪن ٻين خفن ۾ جُٽيل هوندا ....!!“ ”اي ماکيءَ جي مک! سنگدلن جي ڳوٺ ۾ ڪي نرم دل بہ تہ هوندا.... مون تہ ڳالھہ سُئي آهي تہ اُن ڳوٺ ۾ هڪ مسيحا پيدا ٿيو هو .... جيڪو ڪيترن ئي قسمن جي بيمارين جو علاج ڪندو هو .... کين شفاياب ڪندو هو. اُن ڳوٺ جا اڃا بہ اڪثر ماڻھو ڪيترين ئي بيمارين ۾ ورتل آهن .... اي ماکيءَ جي مک! توکي خبر نہ آهي تہ تُنھنجي رس ۾ فطرت ڪيتري شفا رکي آهي .... اهو ماڻھو جيڪو تنھنجي ماناري مان رس لاهڻ آيو هو.... اُهو ان ڳوٺ جو مسيحا هو .... آئون راتوڪي رات خواب ۾ ان مسيحا جي گهر وٽان لنگهيو هوس .... تہ ان مسيحا جي گهرواريءَ .... ٻہ چار مريض.... جيڪي سندءِ دوا مان شفاياب ٿيڻ لڳا هئا .... ۽ ٻيا اهي جيڪي منجهس آسون اميدون پيا رکن .... ڏاڍيان روئي رهيا هئا .... خواب ۾ مونکان بہ وڏي اوڇنگار نڪري وئي هئي .... منھنجي وجود ۾ خوفنائتو زلزلو اچي ويو هو .... هڪ اهڙو شخص جيڪو اُن ڳوٺ لاءِ مسيحا بڻجي آيو هو.... سندءِ هٿ جي شفا مان سارو ڳوٺ بھرہ مند ٿئي ها تہ ڪيڏو نہ چڱو هو ....ماکيءَ جي مک! تو قھر ڪري ڇڏيو .... هُن جھڙو مسيحا هاڻ تہ شايد صدين ۾ بہ نہ پيدا ٿئي ....!! توکي تہ وڏي وڏي آواز روئڻ گهربو هو .... مون کي گلن ڦلن ۽ منھنجي سونھن جو قسم .... تہ زندگي ايئن ناهي ٿيندي .... زندگي تہ ٻين لاءِ جيئڻ ۾ ئي زندگي آهي .... تون ڇڏين ها اهڙي درويش صفت مسيحا کي .... تہ پنھنجو ڪم ڪري وڃي ها.... ان ڳوٺ جو بيمار سماج صحتمند ٿئي ها.... تون ئي هاڻ ان مسيحا جي گهر واريءَ توڻي ٻين جي اکين ۾ اونداه جي ذميوار آهين .... ان مسيحا جي گهر واريءَ چيو پئي .... هاڻ اُن ڦلواڙيءَ جي نگهباني ڪير ڪندو... جيڪا فقط منھنجي مڙسالي جي ئي مرهون منت هئي. چري مک هاڻ هي ڦلواڙي بہ اُجڙي ويندي ....“ پوپٽ گلن جي ماتمي سرهاڻ ۽ پنھنجا لفظ سميٽي ماکيءَ جي مک جي سماعتن تائين آندائي مس تہ پريان ڪو شخص هٿ ۾ ڪھاڙي کنيون ڊوڙندو پئي آيو .... ماکي جي مک پنھنجي ڏنگ کي موڙو ڏنو .... پوپٽ پنھنجا نفيس ۽ نازڪ پر ٽيڙي اڏاڻو ان ويل ماکيءَ جي مک جي سماعتن ۾ هڪ وڏي اُوڇنگار بہ ٽڪرائي پوپٽ دور دور فضا ۾ اڏامندو پئي ويو.... تيستائين ماکيءَ جي مک بہ پڇتاءُ وارا پر هڻندي پري نڪري وئي....!!!