مختصر ڪھاڻيون
هوُ ڪرائي جو قاتل ....!
هُو ڪِرائي جو قاتل ڪڏهن بہ ڪُتي کي گولي نہ هڻندو .... ڇاڪاڻ تہ هن کي بخوبي سڌ آهي تہ ڪتي کي ڊگها ۽ تکا ڏند ٿين ....! ان سان گڏ سندءِ هاضمو بہ تيز ٿيندو آهي ....!!
خواب نامو
آءٌ پنھنجي ننڊ جي دفتر ۾ سالن کان نيڻن کي قلم بڻائي خواب نامو لکندو رهيو آهيان .... آءٌ خوشنصيب آهيان يا بدنصيب .... پر مون کي ننڊ لاءِ ڪنھن بہ قسم جو دارون نٿو وٺڻو پئي ....! اهو خواب نامو منھنجي جيون جي آخري رات تائين لکبو رهبو .... منھنجي نيڻن جي پٿرائجي وڃڻ تائين....!!
خط ۽ خواب
منھنجين اکين رات هڪ خط تحرير ڪري مون ڏانھن ئي پوسٽ ڪيو .... البتہ صبح ٿيندي ئي منھنجي سجاڳ ٿيڻ سان اهو ننڊ جي بي ايماني ۽ خواب جي نذر ٿي ويو ....!!
ننڊ ۾ ....!
ننڊ ۾ منھنجي ڪھاڻي خواب اُڻي رهيا هئا .... ۽ آءٌ ٽھڪن ۾ روئي رهيو هوس .... ۽ خماريل رات پنھنجي پلئو سان منھنجا لڙڪ اُگهي رهي هئي ....!!
زندگي ....!
زندگي ڪيتري نہ مختصر آهي .... ڄڻ اماوس رات ۾ ڪو کُڙ کٻيتو کِلي .... ۽ پوءِ خاموش ٿي وڃي ....!!
ڪنھن پوپٽ جي گُل ڏانھن اڏام جھڙي زندگي ڪيڏي نہ پر فريب هوندي آهي .... ۽ ڪيڏي نہ دلڪش....! محبوبہ جي نيڻن ۾ پنھنجي نصيب جي ننڊ ڳوليندڙ اُن عاشق جو اوجاڳو بہ تہ زندگي آهي .... جيڪو ڪڏهن بہ پنھنجو انت نہ ٿو لھي سگهي....!!
اڪيلائي ....!
اڪيلائيءَ ۾ هوندي محسوس ٿيندو آهي تہ اسان سان ڪو ڳالھائي رهيو آهي .... کلي رهيو آهي.... پر جڏهن آسپاس ڏسندا آهيون تہ ڪجهہ ناهي هوندو .... خواب بہ ڪجهہ اهڙي ئي طرح جا هوندا آهن ....!! ۽ ان کي ننڊ جي هڪ قسم سان بہ تعبيري سگهجي ٿو.
ڀٽائي!
ڀٽائي! توکي تنھنجي ”جاڳ“ جو قسم تہ تون مون کي پنھنجي هن سٽ جو مفھوم ۽ فلسفو سمجهاءِ! ”سُتا مر سُونھن، ننڊ عبادت انھن جي“.
خواب ۽ هار سينگار
رات منھنجين اکين جي آرسيءَ وٽان ڪو خواب ڦڻي ڏيندي گذريو .... حيرت مان پنھنجو پاڻ کان پُڇي ويٺس: ”ڇا خوابن بہ هاڻ هار سينگار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ....؟!“
خواب ۽ کٽاڻ جي بيماري
رات خواب منھنجن نيڻن کي ليما سمجهي انھن مان عرق ڪشيد ڪري رهيا هئا .... تہ ڪنھن حاذق حڪيم کان ٻڌل اِهو جملو ياد اچي ويم تہ ڪڏهن ڪڏهن خوابن کي بہ کٽاڻ جي بيماري ٿي پوندي آهي ....!!“
”صاحب“ ۽ نيم – حڪيم
هڪ ”صاحب“ گوڏن ۾ شديد سُور هئڻ سبب پنھنجي نوڪر کان زور ڏيارائي رهيو هو تہ مٿان اوچتو سندءِ واقفڪار ڪونيم حڪيم اچي وارد ٿيو .... ۽ هُو اهو سڀ ڪجهہ ڏسي ”صاحب،کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو سائين اسان لائق ڪا خدمت؟“ صاحب چنگهندي کيس وراڻيو : ”اِهو ئي تہ اوهان واري ڪيل اڳوڻي خدمت جو نتيجو آهي .... جو خاص گوڏن جي سور لاءِ نوڪر بيھارڻو پئجي ويو....؟!
اظھار جي آزادي
چون ٿا هن ديس ۾ اظھار جي آزادي ناهي .... پر رات جو دير دير تائين گدڙن جون اُناڙون ۽ ڪُتن جون ڀؤنڪون آخرڪار ڪٿان ٿيون اچن ....؟!
مسجد ڏانھن ....!!
هُو پري کان تسبيح سوريندي مسجد ڏانھن اچي رهيو هو ....! هن کي ايندو ڏسي فرض نماز جي تياريءَ ۾بيٺل نمازي ڏانھس ئي متوجھہ ٿي ويا.... هوُ جڏهن مسجد ۾ داخل ٿيو تہ کانئس هڪ وڏي ڇڪ ڇڏائجي وئي .... تہ مڙني نمازين جا وجود ئي ڪنبي ويا....“ شڪر ٿيو جو خودڪش ڌماڪو نہ هو ....!“ انھن چيو....!