سيلابي سال
منھنجي دل جي ڌڪ ....ڌڪ.... سميت اندر ۾ ڪيترائي انومان ۽ انديشا جابلو ٻوٽين جيان ڪَر کڻي رهيا هئا .... ۽ آءٌ اندر ئي اندر هتي هُتي پنھنجي تسلي لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هوس .... هونئن نفسياتي طرح مون ۾ڪيتريون ئي بيماريون هيون .... ننڊ ۾ خوفناڪ خواب ڏسڻ .... لڇڻ .... ڦٿڪڻ .... وڻن تي چڙهي وڃڻ.... اتان ڌوُ ڪري اچي پٽ تي پوڻ .... گاڏيءَ جي ٽائرن هيٺان اچي وڃڻ ٺينڍا ڪري رت وهڻ .... ۽ پوءِ ڪنھن پاران اچي ملم پٽي ڪرڻ اوچتو اکين جو کلڻ .... مڙني حادثن جو هوائي توائي ٿي وڃڻ ....!!
کيس ڪڏهن ٻڌايو هئم : ”منھنجي زندگيءَ ائين آهي .... مون کي ڊيڄاريندي نہ ڪر .... مون کي ڪي سونھاڻا خواب آڇيندي ڪر .... آءٌ ڀيانڪ خوابن جو ڊيڄاريل شخص آهيان .... هڪ ڀيري خواب ڏٺم تہ ڪا مائي فوت ٿي وئي آهي .... ٻئي ڏينھن سچ تہ ماءُ موڪلائي ويم .... وري هڪ دفعي خواب ۾ حادثاتي موت ۾ مري ويس.... تہ ناڪام زندگيءَ جي نوحي واري ڪھاڻي لکيم....“
تہ هن هڪ وڏو ٽھڪ ڏنو .... سندءِ ٽھڪ ڄڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پٿريلن رستن سمان هو .... جن تي اسان ٻئي زندگيءَ جي مختصر ساعتن جيترا لمحائي گڏ گڏ هليا هئاسين .... ۽ پوءِ .... ڄڻ ڪنھن ڊرامي جو سين هو .... اکين اڳيان ترورائي ترورا هئا .... هڪ اڻ کٽ خلا هو .... ۽ هاڻ به....! ۽ شايد اڳتي بہ ....!
نوٽ بُڪ تي ڪجهہ هيئن لکيو هئم : رياضيءَ جو منجهائيندڙ حساب ....
اکين کي سمجهي نہ سگهندڙ اکيون ....
دل کي سمجهي نہ سگهندڙ دل ....
لفظن جي مٺاس ۾ مري ويندڙ....
دل کي ڪھڙي خبر .... تہ اڳئين
جي دل ۾ ڇا آهي ....؟
زندگي ....باوَسن جي ديس ۾
بي وسيءَ جو ڪشڪول ....
ڪير سچا سڪا وجهي تہ ڇا....
ڪير ڪوڙا وجهي تہ ڇا....
پوءِ بہ زندگي ....!
۽....۽ ....۽ .... پوءِ .... آسپاس ڏسندي! متان ڪو ڏسندو هجي ....! نوٽ بُڪ ائين بند ڪيو هئم .... ڄڻ پنھنجي ئي زندگيءَ جو دفتر بند ڪندو هجان ....!
ڪنھن گاڏيءَ جو هارُن وڳو هو .... شايد ڪنھن کي وٺي وڃڻ واري گاڏي هئي .... مون فيڪلٽي جي سيڙهي تان ڇرڪ ڀري اُٿي ڏانھس ڏٺو هو .... گاڏي منھنجي ويجهو اچي رهي هئي .... جيئن ئي ويجهو پھتي .... ايمبولنس.... اندر ڪو بيمار ماڻھو ليٽيل هو .... ٻہ زائفائون کيس وڃڻو هڻي رهيون هيون.... منھنجي وات مان فقط ايترو نڪتو .... ” اي ڪاش! ....!“
دل جي ڌڪ .... ڌڪ ٻڌائي رهي هئيم : شايد ڪو شاگرد هجي .... يا شايد ڪا شاگردياڻي .... علم سان الجهندي ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ڪنھن سان ڪو مرض بہ ملاقي ٿي پوندو آهي .... جيئن .... ۽ .... دل جي ڌڪ .... ڌڪ اهو بہ تہ ٻڌائي رهي هئم تہ ڪنھنجي موھہ سان مُنھان مُنھن ٿيندي بہ تہ ڪو مرض لاحق ٿي سگهي ٿو .... ۽ ماڻھو اُن وڻ سمان ڏِک ڏي ٿو جيڪو بظاهر تہ چهچ سائو ئي هوندو آهي ليڪن اندران ئي اندران کيس ڀُنگ لڳي چڪو هوندو آهي ....!
ڪنھن جي اندر جي ڪھڙي خبر ....؟ اکيون جيڪي ظاهر ظھور ڏسڻ ۾ ٿيون اچن .... انھن جي اسرار جي بہ تہ سڌ نہ ٿي پئي .... ۽ چپ جيڪي چُمن ٿا .... ۽ چپ جيڪي چمجن ٿا .... انھن بابت بہ الاس! ڪا سُڌ .... نہ ئي پتو....؟
ڪٿي چميا ويا .... ڪٿي چميائون ....؟! ۽ هوءَ بہ تہ ائين ئي ڪا اسرار هئي .... جيڪا اکين جي رستي سندم دل ۾ پوکجي وئي .... ( ڪي ڪي فصل واقعي بہ لڻڻ لاءِ پوکيا نہ ويندا آهن ....)
صنوبر جي سائي ۾ بيھندي هُن مون کي چيو هو: تون سونھاڻن خوابن جي ڳالھہ ٿو ڪرين .... اهي تہ عارضي هوندا آهن .... انھن کي پنھنجي زندگيءَ جيان ڪوبہ دوام ڪونھي ....البت محبت جيڪڏهن سچي هجي تہ دائميت پائي سگهجي ٿي ۽ فنا بہ نٿي ٿي سگهي .... پر ....!“ هوءَ پر.... پڄاڻان پنھنجي ڳالھہ اڌوري ڇڏي هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ لڳي هئي .... ۽ .... ۽ آءٌ سندءِ ان انداز تي حيران ۽ پريشان ٿي ويو هوس ....!!
حيراني .... ۽ پريشانيءَ کي جيڪڏهن پاڻمرادو ڪا معنيٰ ڏجي تہ ڏئي بہ سگهجي ٿي .... نہ ٿي بہ ڏئي سگهجي.... مون انھن حيرانيءَ پريشانيءَ وارن گڏيل احساسن وچ ۾ من ئي من اندر شيخ اياز جي شاعري جنھن ۾ صنوبر جي سائي جو ذڪر اچي ٿو ....جهونگارڻ شروع ڪئي:
صنوبر جي سائي ۾ ويھي رهون
چُمي جيئن سگهي چنڊ تنھنجون چڳون
گهڙيءَ لئه گناھہ محبت ڪريون
نہ شايد وري زندگيءَ ۾ ملون
ان شاعريءَ کي اندر ئي اندر جهونگاريندي رکي رکي ڪنھن ويل چپن کي بہ جهٽڪو ٿي آيو .... تہ هُن کي بہ شڪ پئي پيو .... آءٌ ڪجهہ نہ ڪجهہ چئي رهيو هوندس .... آءٌ ڪو اهڙو برملا اظھار ڪرڻ چاهيندو هوندس .... جيڪو اظھار بذات خود مون کي بہ ڊيڄاري رهيو هوندو .... ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڊڄڻو اصل کان ئي هوس ....!!
۽ .... ۽ .... هُن کي بہ بخوبي سڌ هئي تہ آءٌ ڊڄڻو آهيان ....
.... شڪ پڄاڻان هوءَ مون کي چئي رهي هئي.”ڊڄڻا ماڻھو زندگيءَ ۾ خودڪشي جو بہ سوچي نہ سگهندا آهن .... جڏهن تہ وڏيءَ دل وارا ماڻھو بلند پھاڙن جون چوٽيون سر ڪري ويندا آهن ....!“ سندس آواز ۾ جيتوڻيڪ ڪجهہ تلخي هئي .... پر پوءِ بہ الائجي تہ ڇو سندم سماعتون ان کي گوارا ڪري رهيون هيون .... انھن سماعتن لاءِ سندس لفظ گلاب جي ٻوٽي مان ڇڻندڙ ڄڻ ڪي پنکڙيون هيون .... ” ڪي ڪي اذيتون لزت بڻجي وجود مٿان ڪرنديون آهن ....!“ مون چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪيو! گلاب جي ٻوٽي مان پنکڙيون اڃا بہ ڇڻي رهيون هيون .... هوءَ ڳالھائي رهي هئي .... ۽ اذيت، لذت بڻجي وجود مٿان ڪري رهي هئي ....!
۽ .... ۽ .... پوءِ اسان وچ ۾ ٻن ڏينھن جو وقفو پئجي ويو هو .... تہ محسوس ٿيو هئم .... زندگيءَ جي ريشمي ڪپڙي ۾ ڪا گهاري پئجي وئي آهي .... ۽ ان جي عيبن کي آسمان تڪي رهيو آهي .... انھن ٻن ڏينھن دوران آسمان جي بي نور اکين ۾ الائجي تہ ڪٿان نُور اوتجي آيو هو .... ۽ هُو پنھنجي بانور اکين ۾ ڄڻ مُرڪ جا موتي پوئي مُرڪي رهيو هيو ....!! فيڪلٽيءَ واري لان تي ٽھڪن جا ڌوڙيا پئجي ويل هئا ....!!
” ڪير ڪنھن جو هو .... ڪير ڪنھن جو نہ هو.... سماعتون ٻڌي شل پئجي رهيون هيون .... زندگيءَ ڄڻ ٻن پريمين جي ڊش مان پيٽ ڀري هٿ مُنھن ڌوئي طنز جي ٽشو پيپر سان پنھنجو چھرو اُگهي رهي هئي ....! ٻن ڏينھن پڄاڻان هوءَ وري اچي مون سان ملي هئي تہ آسمان جو رنگ زرد پئجي ويو هو .... ۽ زندگيءَ جي گهڙيال گهنٽي وڄائي وصل جي واڌائي ڏني هئي .... پر هوءَ ڏاڍي مايوسي ٿي ڏٺاڻي.... پڇيومانس ”خير تہ آهي .... زندگيءَ جھڙوڪ مشڪل حساب تہ پڙهائي دوران درپيش نہ آيو“.... ”چيائين تہ نہ پُڇ تہ ڇا پيش آيو ....! پر آءٌ ايترو ضرور ٻڌايان ٿي تہ منھنجو يونيورسٽيءَ ۾ اڄ آخري ڏينھن آهي ....!“ ” آخري ڏينھن.... !!!“ مون سندس ئي لفظ ورجايا ” ها آخري ڏينھن ....!!“ هن ٻيھر پنھنجائي لفظ ورجاياَ منھنجين سماعتن مان سندءِ اهي لفظ پڙاڏا ٺاهينداوجود جي ويراني ۾ لھندا ويا.... آخري ڏينھن .... آخري ڏينھن !! ۽ .... ۽ .... ۽ پوءِ.... هُن پنھنجو ڏس پتو ڏنو هو .... پر تاڪيد سان چيو هوس: خط نہ لکجان .... ”منھنجين يادين سان ضرور وندرجان ....!!! .... ۽ .... ۽ .... ۽ پوءِ .... منھنجو ڏانھس دلي احساسن جي مجبوريءَ وچان لکيل اهو پھريون ۽ آخري خط هو .... جيڪو پوسٽ نہ ڪري سگهيو هوس ....! ۽ .... ۽ .... ۽ اها ڪجهہ سال اڳ جي ڳالھہ آهي .... ممڪن آهي اهو ڪو سيلابي سال هجي ....!!!