ڪھاڻيون

سوچن جي سانوڻيءَ ۾

ھن ڪتاب ۾ 53 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Sochun Jy Sanweni'a Mein

پردي جي پويان ...!!

اُها هن جي بدقسمتي چئجي .... يا خوشقسمتي .... تہ هوءَ هڪ اهڙي گهراڻي ۾ پيدا ٿي .... جنھن جا ماءُ، پيءُ اڪيلي ڌيءَ هئڻ ڪري هرو ڀرو ڪنھن کي پنھنجو نياڻو تہ ڪجا .... اهو تصور بہ نہ پيا رکن ....! هونئن سندءِ ماءُ پيءُ جو پرڻو بہ تہ هڪ حادثو ئي هئو .... جيئن ڪو پوپٽ ۽ پوپٽي اچانڪ ڪٿي پاڻ ۾ گنگا جمنا وانگر ملي وڃن .... ٻن نيڻن ۽ ٻن جيون وچ ۾ هڪ پريم ڪھاڻيءَ جو ڦهلاءُ ڪنھن ريشمي اطلس جھڙي پردي جيان لھرائڻ لڳي ....!!
پنھنجين اکين جي عميق ساگر ۾ هنن هڪ ٻئي جو پيار اُن زماني ۾ ڪنھن پريشان پاڇولي جيان پسيو هو .... جڏهن هو ٻئي ڪنھن فلمي ٿيٽر ۾ فلم ڏسڻ ڪاڻ پنھنجي پنھنجي دنيا کڻي پھتا هئا. ماڻس جي چانڊوڪيءَ جھڙي چولي تي سُرخ ستارن جھڙو ڀرت هو .... ۽ پڻس جي جاڙن ڀروئن هيٺيان جوانيءَ واري نشي ۾ ڌُت اکين ۾ ازلي خمار هئا....۽ بدن تي جوانيءَ وارو جنوني لباس....! جنھن مان سندءِ انفراديت جو عڪس ٿي جرڪيو ....! هڪ پاسي فلم ۾ ڪردا هئا .... تہ ٻئي طرف تماشائين درميان هي ٻہ ڪردار .... هڪ ٻئي کي ائين ڏٺائون جيئن واقعي ئي کين ڏسڻ گهربو هو .... حجاب جي نازڪ تند ۾ رفتہ رفتہ گهاريون پونديون ويون .... نيٺ هڪ ڏهاڙي سئنيما هال جي ٻاهران وقفي وقفي دوران هنن بہ پنھنجي حجاب ۾ مڪمل وقفو ڪري، فلمي ڪردارن جي گفتگوءَ کان الڳ پنھنجي پنھنجي احساس جي دنيا جو تاڃي پيٽو اُڻي .... هڪ ٻئي اڳيان رکيو ....! هيڪار هُو ٻئي ڄڻ پنھنجي پنھنجي اندر جي دنيا کي فنڪاريءَ سان فوڪس ڪندڙ اهڙا فنڪار ٿي سامھون آيا هئا .... جو لڳو ٿي تہ فلم جي پردي پويان چُرپُر ڪندڙ مڙئي فنڪار ڄڻ فنڪار نہ هئا .... ۽ تہ انھن ئي فنڪارن کي هنن ٻن جيون کان ڪجهہ نہ ڪجهہ استاديءَ مان پرائي پوءِ ئي ڄڻ اُن دنيا ۾ اچڻو هو ....!!
اُن سئنيما ۾ ايندڙ ويندڙ تماشائين لاءِ ڇا چئجي ....؟! تہ اهي ڪيئن هئا اهي مختلف وقتن تي فلمون ڪيئن ڏسندا رهيا ....؟ پردي پويان چُرپُر ڪندڙ ڪردار ئي سندن فوڪس ۾ هئا .... يا ٻي ڪا دنيا بہ سندن ذهنن ۾ هئي .... هنن پنھنجي احساسن جي نازڪ تندن سان پنھنجا خيال ۽ جذبا ڪيئن ٿي هم آهنگ رکيا....؟! پردي پويان چُر پُر ڪندڙ ڪردارن جي عمل پويان سندن رد عمل ڪھڙو ٿي جُڙيو....؟! اهي ٻہ جيو جن جي ڪھاڻي سئنيما هال توڙي ٻاهر وقفي دوران مٺي ڪڙي درد سان ڪيئن ٿي سرجندي رهي ....؟! ڪنھن هڪ تماشائي کي ڪاش! ڪو مٺو ڪڙو احساس اتپن ٿيو هجي....!! ۽ هُو پنھنجي گهر هڪ اهڙي احساس سان پھتو هجي ها.... جو سندءِ گهر جي ڪائنات ئي کيس بدليل بدليل محسوس ٿي هجي ها.... اُن اڪيلي تماشائي کي اهو احساس بہ ٿيو هجي ڪاش! تہ اُن ناري جي پيٽ ۾ اهڙي مُکڙي ٽڙندي .... جنھن کي ڄمڻ پڄاڻان جوانيءَ جي ڦلواڙي ۾ ئي سڪون ملي سگهندو .... ڦلواڙيءَ جو مالھي کيس گُلن جي نيڻن سان ڏسي گد گد ٿيندو .... ۽ مالھي کي خواهش ٿيندي .... تہ هوُ اُن مکڙيءَ سان وهانءُ رچائي .... گُلن جي گود ۾ کيس پنھنجي امانت طور ڏيئي ان گلستان کي پاڻي وغيرھہ ڏيندو رهي .... ۽ڪاش اُن تماشائي کي اهو احساس بہ اتپن ٿيو هجي ها .... تہ اُن مُکڙي جي روايتي / غير روايتي وهانءُ تي اهي ٻہ پريم ڪھاڻي سرجيندڙ پابندي لڳائي ڇڏيندا .... هُو اهڙا تہ سنگدل ٿي ويندا .... جو کانئن سندن پنھنجو ماضي بلڪل بہ وسري ويندو....! البتہ هو کيس ڦُلواڙيءَ ۾ وڃڻ ۽ گلن سان کيس گفتگو ڪرڻ کان نہ جهليندا....! ۽ پوءِ هڪ ڏينھن اهڙو بہ ايندو .... جو هوءَ ڳورهاري ٿي گهر موٽندي .... ۽ هو ٻئي جيو پنھنجي پريم ڪھاڻي تي روئڻ شروع ٿي ويندا .... ۽ سندن ڌيءَ کين گلن ۽ مالھيءَ جو قسم ڏئي پرچائڻ شروع ٿي ويندي ....!