ڪھاڻيون

سوچن جي سانوڻيءَ ۾

ھن ڪتاب ۾ 53 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Sochun Jy Sanweni'a Mein

صدا ....!!

هُو شھر جي چؤواٽي تي ويٺو موت جي صدا هڻي رهيو هو .... پھرينءَ نظر ۾ ڏسڻ سان هوُ هڪ اهڙو ماڻھو ٿي لڳو جيڪو ڪنھن بيگار ڪئمپ مان رات جي ستارن جي جهيڻي روشنيءَ ۾ وجهہ وٺي ڪٿان ڀڄي نڪتو هجي .... هن جي پيرن ۾ جيتوڻيڪ زخم هئا پر عام ماڻھو انھن کان بي خبر هئا اها بي خبرائي اڳتي هلي باخبرائيءَ ۾ بدلجي پئي سگهي پر ڪنھن کي ڪھڙي لاچار هئي اهڙو سراغ لڳائڻ جي هن جي وڌي ويل ڏاڙهيءَ ۾ بہ ماڻھن کي گمان ڪرڻ جي گهرج نہ هئي تہ ان ۾ جيون ۽ مٽيءَ مر ايتري ٿي وئي هوندي جو صديون ويھي صابڻ سان مَلجي تہ هوند اها اڇي اجري نہ ٿي سگهي.
شھر جي ان چؤواٽي تان جتي هُو ويھي اهڙي صدا هڻي رهيو شھرين لاءِ اهو نت نئون تجربو هو. شھرين کان اڪثر ڪري تہ اڳ ڪي نہ ڪي غريب اٻوجهہ پينو فقير پئسي ڏوڪڙ، ڪپڙي لٽي، ماني ٻوڙ جي صدا هڻندا هئا. پر هي هو جيڪو سندن ڌيان رواجي شين جي ابتڙ هڪ اهڙي شيءَ ڏانھن ڇڪائي رهيو هو جيڪا بظاهر سندن وس ۾ نہ هئي .... هڪ مٿي ڦريل ماڻھو ان چؤواٽي تان لنگهندي جڏهن سندس اها صدا سُڻي تہ هيڪر هو حيران رهجي ويو ” تہ مار ڀڻسان ان، اٽي، لٽي ۽ ٻين کاڌي جي شين جو تہ ڏڪار گهڻو ئي هِتي يا هُتي ٻڌوسون پر هي موت جو .... ” هن ان سَين هڻندڙ کي هڪ ڀيرو ٻيھر غور سان چتائي ڏٺو : کنڊريل وارن سان سندءِ چھرو کيس ڪنھن بريڪنگ نيوز جيان ڄڻ اتاولو اتاولو محسوس ٿيو .... مٿي ڦريل ماڻھو جي من ۾ هيڪر سوچ آئي تہ ڪو ٺڪر ڀتر هٿ ۾ ڪري کيس اهڙو هڻجي جو صدين جا سور ڇڏائجي وڃنس. ڪميڻو ڪٿان جو هليو آهي موت جي صدا هڻڻ .... کيس شايد خبر نہ آهي تہ مُنھن گهريو موت ڪٿي ملندوئي ڪونھي پر پوءِ اهو مٿي ڦريل ماڻھو پاڻ تي ضبط ڪندي اڳتي نڪري ويو ....
زندگيءَ جي ٻين عام گذر گاهن تي مڙئي گهٽ البت چوواٽن ۽ چوسولن تي ماڻھن جي پيھہ پيھان لڳي پئي هوندي آهي هر قسم ۽ هر سوچ توڙي لاڙي جا ماڻھو اتان اڪثر ڪري گذرندا ئي رهندا آهن. انھن گذرندڙ لوڪن مان ئي ڪن ۾ شايد اهڙي سوچ ملي پئي سگهي .... جيڪا هن سين هڻندڙ جي سوچ جي همنوا لڳندي هجي.
هڪ ڊاڪٽر جيڪو اتان لنگهي رهيو هو کيس ڏسندي ۽ ان جي صدا ٻڌندي جهٽڪي سان ئي بيھي رهيو ڄڻ بجليءَ جو اوچتو شاڪ لڳو هجيس. کيس هيڪر محسوس ٿيو تہ اهو ماڻھو سندءِ ڪلينڪ جو سويپر آهي پر پوءِ منھن مھانڊي مان کيس اهو ڪو اجنبي ئي ڀاسيو؟ ڊاڪٽر پنھنجي سوچ جي اکڙيل ڏوريءَ کي ويڙهيندي اڳتي وڌڻ لڳو .... پر اها ڏور ويڙهجڻ بدران ويتر وڌيڪ کُلي سندءِ احساسن جي پيرن ۾ وچڙي رهي هئي : ” موت جي سين هڻڻ وارو شخص شايد اهوئي هجي جنھن جو پٽ بيمار هو ۽ منھنجي ڪلينڪ تي پٽس کي ائين تہ اُتا ولائي مان کڻي آيو هو جو کيس يقين هو تہ آءٌ ئي واحد ڊاڪٽر هوس جو سندءِ پٽ کي بچائي ٿي سگهيس نہ .... نہ.... آءٌ ڀليو آهيان .... هي اهو شخص نہ ٿو ٿي سگهي .... هُو تہ حوصلي وارو شخص تي ڏٺاڻو .... پٽس جي بي هوشيءَ ۾ بہ هُو پنھنجا هوش هواس سالم رکيو ويٺو هو ۽ هي .... هي تہ موت جي صدا هڻي ڪيترن ٻين ماڻھن کي زندگيءَ کان مايوس ڪري رهيو آهي ....
وري ڪنھن لمحي اتان هڪ اهڙو شخص بہ اچي لانگهائو ٿيو جنھن جو مڪمل ڌيان هن شخص ڏانھن ئي مڙي ويو ۽ هن کي ڏسندي ڪي پل هُو شخص پنھنجو پاڻ وڃائي ويٺو هو ۽ کيس ائين بہ لڳو هو اهو شخص ڄڻ هوپاڻ ئي آهي جيڪو شھرجي چؤواٽي تي ويھي موت جي صدا بلند ڪري رهيو آهي جيڪو ماڻھو موبائل فون واري ٽاور جي چوٽيءَ تان ڪري مري نہ سگهي تہ ان ماڻھو لاءِ افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. اهو آءٌ ئي هوس ۽ هاڻ چوواٽي تي ويھي موت لاءِ سين نہ هڻان تہ ڀلا ٻيو ڇا ڪريان ....؟!!! گهر جي چار ديواري اندر سڪون جي زندگيءَ جي تلاش ڇا بي معنيٰ هئي....؟! پنھنجن گلن جھڙن ٻارڙن جي وجود ۾ پنھنجي آشائن ۽ اميد جو سبز باغ تلاشڻ ڇا منھنجي غلطي هئي؟! سماج جيتوڻيڪ مون کي سوين سور ڏنا هئا پر پوءِ بہ آءٌ ان سان سنئين مُنھن هليو هوس. اهي ٻار جن ۾ مون پنھنجي آشائن ۽ اميد جا سبز باغ تلاشيا هئا انھن لاءِ منھنجي سوسائٽي ۽ سماج ڇا ڪيو هو. انھن جي تعليم ۽ تربيت مون سان گڏ سماج تي بہ عائد هئي. آءٌ اهڙي قسم جون ستم ظريفيون ڄڻ موبائل ٽاور جي چوٽيءَ تان بيھي محسوس ڪري رهيو هوس ۽ پوءِ بنھہ مايوس ٿي مون اتان ٽپ ڏنو هو. مرڻ جي خواهش هوندي بہ مري نہ سگهيو هوس ۽ هاڻي چوواٽي تي ويھي موت جي صدا هڻي رهيو آهيان. “ هن اهو سوچيندي ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو تہ پنھنجي ئي آپي ۾ اچي ويو .... ۽ پريان ڏٺائين تہ اهو شخص ساڳي ئي ڌن ۾ مگن هو.
هواجون لھرون وقفي وقفي سان ڌوڙ اڏائي اچي ان صدا هڻندڙ جي وجود تي وار ڪري رهيون هيون. موٽر گاڏيون رڪشا، گڏھہ گاڏا ۽ ٻي ٽرئفڪ ڌار ڌوڙ اڏائڻ جو سبب بنجي رهي هئي.
هڪ پڙهيل لکيل شخص کي سندءِ ڪنھن دوست وڃي ٻڌايو تہ شھرجي اهم چوڪ وٽ ڪو شخص ڪيتري عرصي کان موت جي صدا هڻي رهيو آهي. پر هن شھر جا ماڻھو ايترو تہ بي حس آهن جو ڏانھس ڪوبہ سنجيدگيءَ سان توجھہ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي : اهو ٻڌندي اُن پڙهيل ڳڙهيل شخص کي پنھنجي ڪنھن ڪھاڻي جو هڪ ڪردار ياد اچڻ لڳو .... جيڪو ڪيترو عرصو ڪھاڻيءَ واري شاهراھہ تي هلندي اچانڪ ڪنھن موڙ تي گم ٿي ويو هو. هن شخص ڪافي ڪوشش ڪئي هئي تہ اهو وڃائجي ويل ڪردار من ڪٿان نروار ٿي پوي .... پر سندءِ سڀ جُھد ۽ ڪشالا وئرٿ ٿي ويا هئا. هن کي ياد آيو تہ سندءِ ڪھاڻيءَ وارو اهو ڪردار جيتوڻيڪ هئو شڪل شبيھہ ۾ ڪوجهو پر گڻوان ضرور هئو.... ڪھاڻيءَ جي شاهراه تي هلندي هن نہ رڳو پاڻ ٺاهيو پر ٻيا ڪيترائي ضمني ڪردار هن جا ئي مرهون منت رهيا.“ هو اهو سوچيندي تڪڙيون وکون کڻندو چوسول ڏانھن وڌڻ لڳو جتي سندءِ ڪھاڻي وارو ڪردار ڄڻ ماڻھن کي موت جي صدا هڻي رهيو هو .... هُو ڏانھس جيئن ئي وک وڌائي رهيو هو تہ هڪ نئين سوچ واري اجنبي زنجير سندءِ احساسن جي قدمن ۾ الجهي رهي هئي .... هُو هلندي هلندي هاڻ ان شخص جي مٿان اچي بيٺو هو. هن جي حالت ڏسندي ئي ڪھاڻيڪار ڪنبي ويو .... سندءِ وجود ۾ ڄڻ سردي داخل ٿي وئي هجي .... درد جي شدت سبب سندءِ اکين مان لڙڪن جو آبشار اٿلڻ لڳو.... پاسي واري کيسي مان هن پنھنجو ٽشو پيپر ڪڍي لڙڪ سڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي .... هُو پوءِ پنھنجو اهو ٽشو پيپر صدا هڻندڙ جي سرير تي گهمائي ان جي وجود تي ڄمي ويل ڌوڙ دز ۽ مٽيءَ کي صاف ڪرڻ لڳو ڪردار جي چپن تي اڃا بہ موت جي خواهش ۾ ڦٿڪندڙ لفظ هئا پر اهي هاڻ ايترو بلند نہ هئا جيترو ان کان اڳ هئا. چوواٽي تان ايندڙ ويندڙ هر ماڻھوءَ جي اک ڄڻ هاڻ ڪھاڻيڪار ۽ ڪردار ۾ ئي کتل هئي جن هڪ ٻئي کي سھڻي ميھار ۽ ليليٰ مجنون وانگر سڃاڻي ورتو هو ۽ هڪ نئين جھان جي جاچنا لاءِ پنھنجي ڪمر ڪشي رهيا هئا. موت جي صدا هڻندڙ ڪردار جي چپن تي هاڻ زندگيءَ جي مرڪ اچي وئي هئي. ان ئي سمي ڪھاڻيڪار پنھنجي پاسي واري کيسي مان ڪاڳر ۽ قلم ڪڍي ڪجهہ لکيو ۽ .... موت جي صدا هڻندڙ ڪردار پوءِ اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي ويو هو.
عام ماڻھن جي خيال ۾ هُو موت سان وڃي ڀاڪر پائي مليو هوندو .... پر ڪھاڻيڪار هن کي اصلي جيئندان ڏئي پنھنجي ڪھاڻي توڙي پنھنجي جيون جو حصو بنائي ڇڏيو هو. ان ڪردار جي رئڻ سان ڪھاڻيڪار بہ روئي سگهيو ٿي پر ان جي کلڻ سان زندگيءَ ڄڻ هڪ نئين سنوت وٺي بيٺي هئي جنھن زندگيءَ کي ڪٿان بہ ڪنھن موت جي صدا هڻڻ جي گهرج نہ رهي هئي.