ڪھاڻيون

سوچن جي سانوڻيءَ ۾

ھن ڪتاب ۾ 53 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Sochun Jy Sanweni'a Mein

هڪ صبح جي ڪھاڻي ....!!

اِن کان اڳي جو آئون اوهان ۽ هنن وڻن ٽڻن، برن باغيچن، درن، ديوارن، پکين، سمنڊن، ڍنڍن، ڍورن، جبلن ٽڪرين شھرن جي روڊن رستن،ڳوٺن جي پٽن پيچرن، جهوپڙين لانڍين، محلن ماڙين، ميل فيميل ڪلبن ۽ ٻين شين سان هڪ صبح جي ڪھاڻي شيئر ڪريان. پر مون کي الائي تہ ڇو يقين آهي تہ اها ڪھاڻي رات ۽ رات جي ڪاري وجود کان پنھنجي شروعات چاهي ٿي رات جيڪا رعنائي ۽ حسن بہ رکي ٿي ستارن جو فراڪ پھريل اها رات ڪڏهن ڪڏهن چانڊوڪيءَ جو چولو بہ پائي ٿي وٺي ۽ جمالياتي حس رکندڙن کي حيران ڪرڻ لاءِ هر جتن ڪري ٿي ۽ اهڙا جتن هُوءَ ان لاءِ بہ ڪري ٿي تہ جيئن ماڻھو پنھنجا مڙئي خواب وٽس ئي گروي رکي ڇڏين .... رات ڏينڀو جيان ڏنگي بہ ٿي تہ ڪن ماڻھن جي مٿن تي ڪنھن مھربان ماءُ وانگر هٿ بہ رکي ٿي ان ئي رات ۾ ڪڏهن ستارا پنھنجي سموري سونھن وڃائي ويھندا آهن ۽ ان ئي رات جون چانڊوڪيون ڪڏهن ڪاراٽجي وينديون آهن ....!
رياست جو قانون جنھن ۾ اجري صبح جي دلفريب نويد هوندي آهي سو رات جو همنوا بنجي بيھندو آهي ۽ اوهان ۽ اسان سڀ پنھنجن گهرن جي چار ديواري اندر سڪون جي ننڊ سمھي نہ سگهندا آهيون اکين جي آڪاس ۾ امن آشائن جا اڇا ڪبوتر اڏامندي ئي ساھہ ڏئي ويندا آهن نہ رڳو ايترو پر ان رات ۾ وڏا وڏا بازيگر پيدا ٿيندا آهن.... جن زندگيءَ لاءِ پوءِ ڪڏهن بہ ڪا بازي هارائي نہ هوندي آهي اهي رياست جي قائدي قانون توڙي ٻي هر شيءَ کي شڪست ڏيندا آهن. اهي محفلن جا اهڙا تہ مور هوندا آهن جو هوند انھن بنان محفلون ئي ٻسيون ٻسيون رهجي وڃن. اهي هونئن تہ ڪيترائي ڪم ڪري سگهندا آهن ۽ انھن تاريخ ۾ اهڙا ڪافي ڪم ڪيا بہ آهن جن جي ڪري هُو هر وقت ۽ هر دم ياد رکيا پيا وڃن ۽ اڳتي لاءِ بہ ياد رکيا ويندا .... پر هنن جو وڏو ”ڪارنامو“ رات جي رعنائي ۽ حسن ۾ ويتر وڌ اضافو ڪرڻ آهي تہ جيئن ماڻھو موهجي ان رات سان گڏجي رقص ڪن! ڪھڙو اڀاڳو چاهيندو تہ اهڙي رات سان رقص نہ ڪري؟! ۽ ڪھڙو سڀاڳو پوءِ چاهيندو تہ ان رات کان پوءِ ڪو سونھاڻو صبح بہ ٿئي؟!
اهي بازيگر ڊاڪٽرن جي روپ ۾ عام ماڻھن جي مسيحائي ڪندي بہ ڏسبا آهن تہ جيئن سندن مرض جي تشخيص ڪري ان لاءِ ڪو مناسب مرهم تجويز ڪري سگهن اها ٻي ڳالھہ آهي تہ انھن جي ئي تجويز ڪيل دوا سان مرڳو سندن مرض ڏينھون ڏينھن وڌندو ئي وڃي ۽ نيٺ وڃي مريضن جو موت واقعي ٿئي.
اهي اٽڪلي بازيگر ڪيتريون ئي اٽڪلون ڄاڻندا آهن ۽ ائين معاشري جي برک حڪيمن جي حڪمت بہ سندن اڳيان هيچ بڻجي پوندي آهي ٻن آڱرين جي ٺڪاءُ سان هُو ماڻھن کي پاڻ ڏانھن متوجھہ ڪري سگهندا آهن. هو هن ڳالھہ ۾ اڃا بہ وڌيڪ داناءُ آهن جو هو ماڻھن کي پنھنجو ديوانو بنائي ڇڏيندا آهن. سندن باري ۾ جيڪڏهن ڪو شخص گٿو لفظ ڪڍندو تہ ماڻھو کيس مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ....!!
هُو فٽ پاٿ تي ويٺل گداگرن جي تريءَ تي ڪجهہ ڏوڪڙ رکڻ ڪاڻ پنھنجي گاڏيءَ مان لھندي بہ دير نہ ڪندا آهن، اهو سڀ ڪجهہ ڪندي هو عام ماڻھن جي نظر ۾ وڏا سخي محسوس ٿيندا آهن هونئن بہ هنن جون سخاوتون ڪي لڪل تہ ڪونھن! سندن گاڏي جو ڊرائيور ڪڏهن ڪو اتفاقي حادثو ڪري اچي تہ زخمي ٿيل يا مري ويل جي پونيرن وٽ همدردي ۽ عذر خواهيءَ لاءِ اصل نہ مڙندا ۽ پونيرن جي کيسي ۾ ڪجهہ ڏوڪڙ بہ وجهي پوءِ ورندا .... اِن سان سندن اميج اڃا بہ وڌيڪ اتساهڪ ۽ معاشري لاءِ مثال بنجيو وڃي ۽ ان کان بہ وڌ هُو همدرد انسانن جي روپ ۾ اڳيان اچيو وڃن!!
ميڊيا تہ هونئن بہ سندن محبت جي سڳي ۾ سوريل ئي هوندي آهي اها ڇو ڀلا ساڻن لاڳاپيل معاملن ۾ مداخلت ڪندي؟ ۽ ننڍين خبرن کي وڏو ڪري پيش ڪندي .... ها! البتہ ايترو ضرور آهي تہ ميڊيا جو جتي بہ پنھنجو فوري مفاد هوندو تہ پوءِ ”ڪک ڪانا“ هڪ ننڍي خبر کي وڏي بڻايل خبر واري تيليءَ مان ڀـڀڙ بڻجي ڀڙڪي اٿندا....!!
اهي بازيگر تعليمي ادارن جي طالبن ۾ ڪا وڏي طمع نہ رکندا آهن.... پر سندن لاءِ اها ڳالھہ اهم ۽ بنھہ نظر انداز ڪرڻ جھڙي نہ آهي تہ هُو انھن جي ڊسپيلين ۽ نظم وضبط ۾ پنھنجو اثر رسوخ ضرور چاهيندا آهن. اهو ضروري ناهي تہ سندن اولاد ان ڊسپيلين ۽ نظم و ضبط جو حصو هجي!هُو ساڃاھہ وارا اهڙا سڄڻ آهن جو ڄاڻي واڻي پنھنجي ئي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ پنھنجي اولاد جي داخلا نہ ڪرائيندا آهن.
هو غريبن جي اولاد جا تہ وڏا هڏ ڏوکي هوندا آهن هُو نہ ٿا چاهين تہ غريبن جا ٻار در در جا ڌڪا کائين جهوپڙي نُما اسڪولن يا وڌ ۾ وڌ ڪاليج يا يونيورسٽين تائين ڪي ريڙهيون پائي مس پھچن ....! ڪنھن غريب جو ڪو هٺيلو ٻار شعور جي ڪا چڻنگ جاڳڻ ڪري هرو ڀرو بہ اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ سندرو ٻڌي بيھي تہ اهڙن شاگردن لاءِ هُو اسڪالرشپن جي انتظام ۾ جنبي ويندا آهن) اهڙي ريت هُو معاشري ۾ صفا اوندھہ بہ نہ ٿا چاهين .... کين اها سُڌ بخوبي هوندي آهي تہ ”صفا راند سونٽي جي“ سدائين هلڻي ڪانھي .... ۽ ٻيو تہ هُو پنھنجن خود ساختہ قدرن ۾هڪ قسم جو توازن بہ چاهيندا آهن تہ جيئن سماج ۾ سندن اصل ڪردار جي وائکائي نہ ٿي وڃي!!
هُو غريب غربي جي نياڻيءَ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ بہ ڪڏهن ڪڏهن ڏاج وغيرہ جي مدد ڪري انسان ۽ سماج دوستي جو ثبوت ڏيندا آهن. اهڙا بازيگر خيراتي اسپتالن، اين جي اوز ۽ ٻين مخير ادارن جا زبردست سرپرست ٿي بيھندا آهن. هُو بيمار اديبن ۽ صحافين جي علالت ۾ وڃي نہ رڳو دلجوئي ڪندا آهن پر رياست پاران اديبن ۽ صحافين لاءِ ٺاهيل ٽرسٽن پاران انھن جي ترت امداد ڪرائڻ ۾ دير ئي نہ ڪندا آهن ڇاڪاڻ تہ کين اديبن ۽ صحافين جي قلم جي طاقت جي چڱي پر ڄاڻ هوندي آهي ....!
هُو مسجدن، مندرن، گرجا گهرن ۽ ٻين عبادتگاهن ۾ وڃي وڏيون عبادتون ڪندا آهن. عام ماڻھو کين عبادتن ۾ محو ڏسي حيران ٿي ويندا آهن، هونئن سندن مٿي بيان ٿيل مشغوليون بہ تہ عبادت ۾ ئي شمار هونديون آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا جي خلق خدمت کان نہ ڀانيان بندگي بهتر جھڙي چوڻي کان هُو بخوبي آگاھہ هوندا آهن پر پوءِ بہ الائجي تہ ڇو هُو مطمئن نظر نہ ايندا آهن!! هُو بازيگر پنھنجن گهر وارين جا ٻين عام ماڻھن وانگر جيتوڻيڪ مجازي خدا هوندا آهن پر پوءِ بہ هو هر معاملي ۾ ڪوشش ڪري انھن کي اونداھہ ۾ رکڻ جو عاليشان ڪارنامو سرانجام ڏيندا رهندا آهن. بلڪہ هُو هر شيءِ کي ويندي ماڻھوءَ جي شعور کي بہ چٽو ڏسڻ جا هرو ڀرو مطمني نہ هوندا آهن .... اهڙي ريت اها رات جاري رهندي آهي جنھن کان هڪ ڪھاڻي شروع ٿي صبح تائين پھچڻ گهرندي آهي پرپھچي نہ سگهندي آهي ۽ بازيگرن جي بازي ۽ اٽڪل جاري ئي رهندي آهي!!