پکي اُڏاڻو
سج ڏانھن ڏسندي هُن کي لڳو ڄڻ ڪو زخمي سپاهي ڪنھن ڇانوَ جي تلاش ۾ آهي اهو ئي سج ڪيترين زندگين جي راھہ ۾ روشني وڇائي ٿو تہ ڪيترين لاءِ اونداه جو آشيانو بڻجي اچي ٿو ۽ پوءِ اونداھہ جا رازدان چمڙا زندگيءَ جي گلشن جي سونھن لُٽي وڃن ٿا، هُن کيسي مان آرسي ڪڍي پنھنجو چھرو ڏٺو .... کيس لڳو تہ ان چھري ۾ اهڙا هزارين بلڪہ لکين سج طلوع ٿي لھي ويا هئا ايئن هن کي ڪيترائي سج ياد آيا. جيڪي سندءِ جيون جي افق تي اڀري اُلھي ويا هئا. انھن سجن مان هرهڪ سج جي پنھنجي اهميت هئي .... هُو جڏهن ڄميو هئو ۽ زندگي جي پھرين گهنٽي سندس سماعتن ۾ گونجي هئي تہ ان ڏينھن وارو سج ڪو ٻيو سج هو .... هُو بظاهر تہ رُنو هو پر اندر ۾ هڪ لاشعوري دٻيل خواهش هوس .... زندگيءَ وارو پکي پالڻ جي ۽ اُن سان وندرڻ جي! زندگيءَ واري پکي کي هُن چاھہ مان ڪيترائي چوڳا وڌا ....اُن هوندي بہ جو موت شڪاريءَ کي هن ڪيترائي دفعا تير ڪمان ۾ ڪشيندي ڏٺو هئو .... پر هن کي سُڌ هئي تہ ڪي ڪي خواهشون خطرا کڻي بہ پورڻتا ڏانھن سفر ڪنديون آهن.
سج جو ڳچ حصو هاڻي ڏسندي ئي ڏسندي جبل جي اوٽ ۾ هليو ويو هئو. هن اهو منظر ڏسندي هڪ وڏو ڇرڪ ڀريو .... ۽ آسپاس ايئن ڏٺائين ڄڻ ڪا قيمتي شيءَ کانئس گم ٿي رهي هئي. هن وري سج ڏانھن مايوس نگاھہ سان ڏٺو .... تہ هڪ ڪرڻو سندءِ اکين ۾ چمڪيو! هُن کي محسوس ٿيو تہ اهو سندس پٽ اشتياق ساڻس مرڪي رهيو آهي.... پوءِ هن جي چپن تي مرڪ ڦھلجي وئي، پراهڙي نہ جھڙي سچ پچ بہ زندگيءَ جي هوندي آهي. اشتياق ڪيڏو نہ حسين ۽ سھڻو هئو، پر هُن جي زندگي ڪيتري نہ مختصر هئي .... ايتري مختصر جيترو فاصلو ماءُ جي هنج کان چپن وچ ۾ هوندو آهي!! جڏهن اشتياق کانئس وڇڙيو هو تہ سندءِ زندگيءَ وارو پکي چوڳو چُڳڻ ڇڏي وڃي ڪنھن ويران وڻ تي ويٺو هئو.... جتي ڪنھن آکيري جو اهڃاڻ بہ نہ هو اُن ويران وڻ جو ڪاٺيون ڪاٺيون جسم سندءِ روح جي ململ چولي ۾ ائين ڄڻ ٽنبجي رهيو هو .... جيئن مريض جي جسم ۾ ڪنھن ڊاڪٽر جي تصور وارا احساس سُيون سُيون ٿي چُڀندا آهن.
سج هاڻ پنھنجا سڀئي ڪرڻا جبلن جي هُن پرار کڻي ويو .... پويان افق تي اهڙي لالائي رهجي وئي جيڪا ڪنھن مايوس ڪنوار جي اکين مان آرتو بڻجي اٿلندي آهي ! هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽنگن ۾ شديد سُور جي ڪري اٿي نہ سگهيو زندگيءَ ۾ هن اهڙو سور ڪڏهن محسوس ئي نہ ڪيو هو! ياد آيس پٽس اشتياق جي معصوم خواهش تہ ”بابا“ ڪا ننڍڙي سائيڪل وٺي ڏي!پر اها پوري نہ ٿي سگهي ....! هن اکيون ٻوٽيون ۽ پوءِ کوليون تہ اسپتال جو هڪ ڪمرو هو جنھن ۾ هُو ليٽيل هو .... جتي جي ٽيوب لائيٽن ۽ مرڪيوري ۽ سيور بلبن جي روشني جي اکٻوٽ ۾ هُو تڪڙا ساھہ کڻي رهيو هو، ڄڻ زندگيءَ جو پکي پنھنجا آخري داڻا تيزيءَ ۾ چڳندو هجي .... سندس گهر واري ۽ ڀاڻس کي ڊاڪٽر چيو هئو اوهان جي گهر ۾ ڏکن جو فصل شايد گهڻو لھندو رهيو آهي نہ تہ هي مريض اهڙو ايبنارمل بہ نہ آهي جنھن لاء ِچئجي تہ هينئن يا هونئن! ڊاڪٽر وڌيڪ ڪجهہ چوڻ بنان ٻين مريضن ڏانھن وڌي ويو هئو....هُن جي زندگيءَ جو پکي هاڻ چوڳو چڳڻ آهستي آهستي گهٽائي رهيو هو ۽ ڀاڻس ۽ جوڻس جي اکين ۾ ڄڻ لھندڙ سج واري لالائي ڦھلجي رهي هئي! هُن اشاري سان پاڻي گهرڻ چاهيو پر اها خواهش خُشڪي بڻجي سندءِ چپن جي آسپاس ڄمي بيھي رهي زندگيءَ جو پکي پنھنجا پر ڦھلائي جڏهن اُڏاڻو تہ هن جي اکين ۽ ٻاهر جبلن تي رات ڇانئجي چڪي هئي ۽ ڀاڻس ۽ جوڻس جا احساس صدمي جي برف ۾ ڄمي چڪاهئا.... !!