هن تي سڀ حيران
هُن پنھنجي هانوَ ۾ بھرحال ڪڏهن بہ ڪنھن بہ حوالي سان ڪا هيڻائي محسوس ڪا نہ ڪئي هئي ....!! هُن کي خبر هئي تہ هيڻا ماڻھو زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي شڪستون کائيندا آهن رستي تي پيل پٿر کي هُو اِن ڪري هٽائي نہ سگهندا آهن ڇاڪاڻ تہ هُو پنھنجو پاڻ کي هيڻو سمجهندا آهن....!
هُو ننڍڙو هئو تڏهن البتہ ڏاڍو ڊڄندو هو ڊيڄڙي سبب هُو اڪثر ننڊ مان رڙيون ڪري اٿندو هو. پوءِ هُو جيئن جيئن وهيءَ ۾ ويو چڙهندو تيئن تيئن سندس خوف اميد ۽ همت ۾ بدلبو ويو. اهڙي اميد ۽ همت جيڪا سندس نگاھہ ۾ زندگيءَ جو لازمي عنصر هئي. گهڻ ڳالھائو هئڻ ڪري هُو ماڻھن ۾ جک مارڻ واري جوان طور مشھور هو. سندس نالو منصور هو پر اهو منصور نہ جيڪو تاريخ ۾ ”اناالحق“ جي نعري هڻندر طور مشھور آهي. منصور محبتي بہ ايترو هو جو چئي وڃي دنگ ڪجي.... جنھن سان بہ محبت ڪيائين ان سندس صحبت جا سھرا ڳاتا .... رڳو ائين بہ نہ هو تہ هُو سڀني ماڻھن جي نگاهن ۾ صفا جک هڻندڙ جوان هو. ڪن جي خيال ۾ تہ هو بيحد ڀوڳائي مڙس هئو. جنھن رنجيدہ روحن کي خوشين وارا کوڙ لمحا ميسر ڪيا هئا. ڪاليج جي زماني ۾ هو ڪيترن ئي شاگردن جي نظرن ۾ جک هڻڻ وارو جوان هئو.... جنھن پنھنجو املھہ وقت وئرٿ ۽ فضول ڳالھين ۾ ٿي ڳاريو!! جڏهن تہ ڪن ظريف طبع استادن ۾ هُو پسند پيل هو جيڪو کين واندڪائي واري وقت ۾ کل ڀوڳ ۽ چرچا گهٻا ٻڌائي پيو وندرائيندو هئو .... ڪنھن استاد کي ڪنھن بہ مامري تان ڪاوڙيل محسوس ڪندو هو تہ هرو ڀرو بہ اهڙي اٽڪل سوچيندو هئو جيئن استاد جي مزاج ۾ ماٺائي بلڪہ سندس چھري تي بہ مرڪ مڙي اچي.... هُو هونئن بہ اهڙو ماڻھو ٿي ڏٺاڻو جنھن زندگيءَ ۾ ڪافي ماڻھن کي کلايو .... پر پوءِ الائجي تہ ڪھڙو ڪارڻ هئو جو سندءِ ڪلاس ميٽس ۽ ٻيا شاگرد هن جي حوالي سان ڪو سٺو تاثر نہ پيا رکن....
هڪ دفعي ڪاليج ۾ ڪنھن موضوع تي ڪو تقريري مقابلو ٿيڻو هو .... تہ منصور جو نالو بنا ڪنھن پڇا ڳاڇا جي تقريري مقابلي ۾ متوقع شريڪ ٿيندڙن جي فھرست ۾ ٽاپ تي رکيو ويو. شاگردن جڏهن چٽا ڀيٽي واري ڏهاڙي منصور جو نالو اسٽيج سيڪريٽري واتان ابتدا ۾ ئي ٻڌو تہ سڀ جا سڀ حيرت ۾ وٺجي ويا ۽ لڳا هڪ ٻئي کي گهورڻ! کين سُڌ هئي تہ جنھن موضوع تي تقريري مقابلو رٿيو ويو هو. منصور تہ ان حوالي سان صفا ڪورو هو هن کي ان موضوع جي پس منظر توڙي پيش منظر جي تہ ڪا ڄاڻ ئي نہ هئي....!! جڏهن تہ هنن پنھنجو پاڻ کي ان حوالي سان صفا فٽ ٿي سمجهيو....! ۽ هنن تياري بہ تہ اهڙي ورتي هئي جو هر ڪنھن پئي سمجهيو تہ اصل چٽا ڀيٽي تہ آهي ئي هنن وچ ۾ .... باقي منصور ويچارو تہ آهي ئي هُش ۾ خوش!! ڪنھن قدر اِهو تاثر لڳو بہ واجبي پئي جو منصور بظاهر اڳ وانگيان ڳالھين جا ڳوٺ ٻڌيندو ۽ لوڪن کي کلائيندو خوش پئي رکيو وتيو ....
تقريري چٽا ڀيٽيءَ وارو پروگرام سھڻي سٽاءُ سان خير وخوبيءَ سان ٿي گذريو. جنھن ۾ منصور سوڌو ڪن ذهين شاگردن زبردست اتساھہ جوش ۽ جذبي سان بھرو ورتو .... منصور جڏهن تقرير لاءِ اسٽيج تي آيو هئو تڏهن سندس پرسنلٽي ۾ زبردست تبديلي پئي محسوس ٿي. منصور پنھنجي تقرير اهڙي تہ ڍنگ سان شروع ڪئي جو سڀني ويٺلن جو ڌيان پاڻمرادو ڏانهس ئي ڇڪجي ويو ۽ سندس زبان مان نڪتل لفظن جي تلفظ ۽ ٻوليءَ جي استعمال بہ کين وڌ حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو .... هنن جي دلين ۾ هيڪر اهو احساس اُڀريو تہ هُو اٿي اهڙير تقرير ڪرڻ تي کيس بي ساخت داد ڏين ....!!
ان تقريري چٽا ڀيٽيءَ ۾ منصور پھريون نمبر آيو ۽ ٻيا شاگرد جن بظاهر سخت محنت ۽ موضوع جي سنگينيءَ کي سمجهندي وڏي تياري ورتي هئي انھن مان ڪو ٻئين تہ وري ڪو ٽئين نمبر تي آيو .... تہ ڪي ويچارا وري ان چٽا ڀيٽيءَ مان ئي ڄڻ آئوٽ سمجهيا ويا....!
بعد ۾ جڏهن اڳتي هلي شاگردن جي حلقي پنھنجي ئي پر ۾ مصوريءَ جو مقابلو منعقد ڪرڻ جو سوچيو .... تہ دلئون نہ چاهيندي بہ منصور کي ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيائون .... جو کين سڌ هئي تہ جي ان مقابلي ۾ منصور شامل نہ ٿيو تہ ان چٽا ڀيٽي جو ڪو مقصد نہ رهندو .... هنن چاهيو ٿي تہ جي منصور مصوريءَ جي حوالي سان مات کائي ويو تہ پوءِ ڪاليج ۾ ڪنھن بہ پر ڪنڌ کڻڻ جھڙو نہ رهندو.... ۽ پوءِ اجائي سجائي جک هڻڻ وارو جولان بہ ماٺو پئجي ويندس.... !! رنگن ۽ برش سان هونئن بہ هُن ڪڏهن روح ريجهايو ئي ناهي .... هن کي مصوريءَ جي مامرن جي خبر ئي ڪھڙي....؟! هن جک ماريندي کل ڀوڳ ڪندي هيستائين ڪيترن ئي ماڻھن کي کلايو اهي.... پر ڇا هو پنھنجي من اندر ڪنھن موڙ تي اهو سوچي رُنو ڪونہ هوندو.... تہ ٻيلي تو علم کي اهميت نہ ڏئي پنھنجو وقت وئرٿ ئي وڃايو.... اسان جي حوالي سان بہ کيس ضرور سوچ آئي هوندي تہ ڪيتري نہ ڌيان ۽ گيان سان هنن علم کي اهميت ڏني ....
تقريري چٽا ڀيٽيءَ ۾ وڏي ڪاميابيءَ پڄاڻان تہ هنن منصور سان حسد جي حد ڪري ڇڏي هئي.... پر منصور جي من ۾ هنن لاءِ ڪابہ باھہ ڪانہ ٿي ڀڙڪي....!! البتہ هو پاڻ سان هڪ اهڙي ڪائنات گڏ گڏ کنيو پئي هليو .... جيڪا ظاهر واري کل ڀوڳ، مذاق ۽ گهڻو ڳالھائڻ جي دنيا کان بنھہ مختلف هئي، هن جو اندر آوي جيان ڌڳندو ٿي رهيو ۽ ”نھائينءَ کان نينھن سک منھنجا سپرين“ واري ڪار هئس هُن جي اندر ۾ ازلي مصور ڪيترائي اُڌما اوتي ڇڏيا هئا.... جيڪي مختلف مرحلن تي تصوراتي تصويرون بنجي کيس تڙپائيندا هئا.... پر هُو ٻاهر اُن حوالي سان تہ ڪابہ ٻڙڪ نہ ٻوليندو هئو .... بھرحال پوءِ بہ هو پنھنجي تصور جي ديوار تي ڪيتريون ئي المياتي تصويرون پنھنجن اکين ۽ احساسن جي رنگن ۽ بُرش سان چٽيندو ٿي ويو....
هن زندگيءَ کي فٽ پاٿن تي ننگو ٿي نچندي ڏٺو هو .... ۽ هن ئي ڏٺو هو تہ هڪ وئشيا پاڻ وٽ ايندڙن جا پير ڇهندي بہ اندر ئي اندر ۾ ڪيترين ئي المين سان منھان منھن هئي .... زندگيءَ ۾ سندس چاھہ جي چانڊوڪي جهيڻي پئجي رهي هئي.... سندس آڳاٽو مري ويل مڙس سندس تصور ئي تصور ۾ قبر مان ڪنڌ مٿي ڪري مٿانئس ڀُونڊن جي برسات وسائيندو ٿي رهيو.... ۽ هُو کيس چوندي ٿي رهي تہ هيترو ڪيڙ جو پويان ڇڏي ويو آهين .... اهو ڪمائڻ جيڏو ٿئي تہ بس!
هن ئي ڏٺو هو تہ ڪاري رات جنھن کي ڪيترن ئي ماڻھن قبيح ٿي ڪوٺيو ڪيڏي نہ خوبصورت هئي ۽ ان رات کيس دانھيو هو تہ منھنجي فطري حسن ۽ تارن جي جهرمر کي وقت جا جلاد سنگسار ڪرڻ گهرن ٿا.... تڏهن هو هڪ وڏي اوڇنگار ڏئي روئي پيو هو.... هن هيڪر چاهيو تہ هو روايتي رنگ ۽ بُرش کڻي پنھنجو ئي چھرو ويھي پينٽ ڪري.... ۽ ان سان گڏ رات جو رنجيدہ روح بہ ان ئي تصوير جي آس پاس اهڙي تہ انداز سان رنگن ۾ رلمل ڪري اوتي ڇڏي .... جو سڀئي شاگرد بلڪہ استاد بہ حيران ٿي رهجي وڃن .... پر پوءِ هن ان سوچ کي نظر انداز ڪري هن ڀيري ٻين شاگردن کي چٽا ڀيٽيءَ ۾ سرس ڏسڻ جو سوچيو.
چٽا ڀيٽي واري ڏهاڙي هُو واقعي بہ سرسي ۾ هئا .... هُو هڪ ٻئي کي واڌائي ڏئي رهيا هئا .... سندن نظر ۾ جک مارڻ وارو جوان ميدان خالي ڇڏي ويو هو.