هڪ ڀيانڪ خواب جي پڄاڻي!
هن ڇا ٿي چوڻ چاهيو موبائيل فون تي ....؟- ۽ ڇاچئي ويو هو ....؟- هن جي آواز ۾ اڳ اهڙي ڪنبڻي ۽ خوف تہ مون ڪڏهن بہ محسوس نہ ڪيو هو....! اڳ هُو ڳالھائيندو هو تہ مون کي هزارين حوصلا ملندا هئا ....! پر هاڻ انھن حوصلن تي بہ خزائون اچي رهيون آهن ....! خزائون – جيڪي بهارُن جون قاتل هونديون آهن ....! خزائون جيڪي اکين جي آڪاس ۾ آگم آڻينديون آهن ۽ منھنجي اکين جو اڪاس آگم آگم بڻجي رهيو هو .... دل ۽ دماغ کي يقين ئي نہ پئي آيو. تہ هُو ايئن غير رواجي نموني ڳالھائي سرير تي سوڳواريءَ جا ستر پوش اوڍائي سگهي ٿو. ”آءٌ انتھائي اونھي پاتال ۾ ڪري رهيو آهيان .... ڌرتي جي گرھہ کان گهڻو گهڻو هيٺ ٻي ڪنھن ڌرتيءَ تي پھچي رهيو آهيان ....! توکي يقين اچي يا نہ ....! پر هيءَ حقيقت آهي .... ۽ ڪي حقيقتون، آويساهيءَ ۾ وڙهنديون آهن. آءٌ جنھن ٻي ڌرتيءَ (گرھہ) تي پھتو آهيان .... اتان پاڻ واري اصلي ڌرتيءَ جو هيٺياهون پاسو آڪاس جھڙو آهي .... ان ۾ تارا ٽمڪي رهيا آهن .... پريان هڪ چنڊ چمڪڻ جا سانبها بہ ڪري رهيو آهي ....! هتي جا واسي ٻڌائي رهيا آهن تہ هن آڪاس ۾ هڪ وڏو چمڪندڙ گرھہ سج بہ هئو. جيڪو ڪروڙين سال اڳ گم ٿيو تہ وري نظر ئي نہ آيو....! ۽ اهو بہ ٻڌائي رهيا آهن تہ هتي ” موت“ جھڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي – رڳو زندگي ئي زندگي آهي ....!! زندگي بہ ڊڀن جي وجود جھڙي .... جو کيس هٿ لائجن تہ هٿ زخمجن .... جي پير لائجن تہ پير زخمجن ....!! ”زخمن جي ڳالھہ ڪندي هن جي سُڏڪي مان وري بہ زندگيءَ جي شڪست جھڙو هڪ ٽھڪ اڀريو ....!!!
حيرانيءَ ۽ ڏک جي گڏيل سڏيل ڪيفيتن ۾ منھنجن سماعتن تي سندم پٽ جي آواز جو پڙاڏو ٿيو . “ بابا او بابا اوهان وارو دوست روڊ حادثي ۾ گذاري ويو ....!!!“
موبائل هٿن مان ڇڏائي وڃي فرش سان لڳي ڦھڪي سان اوچتو اکيون بہ کلي ويم.... تيستائين ڀيانڪ خواب بہ اکين وارو ٻنڀو لنگهي رفو چڪر ٿي چڪو هو ....!