لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

سائين اڪرم صاحب جو لازوال ڪارنامو

موجوده دور ۾ جڏهن تنقيدي ۽ تحقيقي ادب ۽ تاريخ جي ڳالهه نڪري ٿي ته هن قحط الرجال واري زماني ۾، سائين اڪرم صاحب جو نالو سڀني محققن ۽ نقادن کان مٿانهون ۽ عظمت ڀريو نظر اچي ٿو.
وري اڃان به حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي بيتن جي تصحيح ۽ تحقيق جي ڳالهه اوڏو اچي ٿي ته به اڪرم صاحب سڀني اڳوڻن محققن، تنقيد نگارن ۽ تصحيح ڪرڻ وارن جي فهرست ۾ اعليٰ مقام تي سُرخ رُو ٿو نظر اچي. سندس بيتن تي ڪيل تحقيق بعد شاهه صاحبرح جو ڪلام ايترو ته تازو توانو ۽ پنهنجي اصل لفظي ۽ بنيادي روپ ۾ پڙهندڙن جي سامهون آيو آهي جيترو ٽي سو سال اڳ شاهه صاحبرح جي دور ۾ سندس زبان مبارڪ منجهان نڪري عوام تائين پهتو هو.
اڪرم صاحب جي ڪيل تصحيح منجهان ائين ٿو معلوم ٿئي
ڄڻ ته اڪرم صاحب، شاهه لطيفرح جي حضور ۾ حاضر رهي سندس زبان مبارڪ منجهان درست ۽ پنهنجي هيئيت ۾ بلڪل اصل ڪلام ويهي ٻڌو هو. سندس ڪيل تصحيح سان شاههرح جو ڪلام پنهنجي اصلي آفاقي روپ ۾ سونهن ۽ سچائي سان نکري نروار ٿيو آهي.
استاد اڪرم صاحب جي پهرين جلد جي اشاعت کان پوءِ سنڌ جي اديبن ۽ محققن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ڪلام تي تحقيق ڪرڻ جو حوصلو ۽ جرئت پيدا ٿي آهي. ان جو مثال محترم ايوب گاد جو شايع ٿيل مضمون آهي جيڪو بروز آچر 13 سيپٽمبر 2015ع ۾ ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ شايع ٿيو.
”شاهه لطيفرح جا بيت تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو “جلد پهريون ڇپيو ته اُميد پيدا ٿي ته هاڻ سنڌي ادب جا اڪابر، ڏاها ۽ شاهه جي ڪلام جا پارکو مٿس تنقيدي نگاهه وجهندا، اڪرم صاحب جي لکيل تنقيد ۽ تصحيح کي جائز ۽ ناجائز رُخن تي جانچيندي تنقيد جي ترازو ۾ توري پنهنجي حَتمي راءِ ڏيندا. سواءِ محمّد دين راڄڙي صاحب جي ٻي ڪنهن به تنقيدي مضمون نه لکيو. ”شاهه لطيفرح جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جي تعريف ۾ لکيل تنقيدي مضمون ۾ سڀني سنڌ واسين کي مطالعي ڪرڻ جي دعوت ڏنل آهي. محترم راڄڙي صاحب جي مشوري هي رنگ لاتو ته ڪيترن ئي دوستن ڪتاب جي گُهر ڪئي.
اڪرم صاحب، محنت ۽ عرق ريزي ڪري اکين جو نور نچوئي گنج، شاهه جو گنج ۽ مختلف ليکڪن طرفان ترتيب ڏنل رسالن منجهان، بيتن جون پڙهڻيون درست ڪيون آهن، شايدئي ايندڙ وقت ۾ ڪو محقق اهڙو شاهڪار ڪم ڪري سگهي.
محترم اڪرم صاحب جي تحقيق کان پوءِ هاڻ شاهه صاحبرح جا بيت پنهنجي اصل جمالياتي ۽ درست مفهومي انداز ۾ واضح ٿيا آهن. عام ماڻهن جي فهم ۽ ادراڪ ۾ آيا آهن ورنه اڳ ۾ نه ته بيت پڙهڻ ۾ آسان هئا ۽ نه ئي شاههرح جو فڪر سمجهه ۾ ايندو هو. هر پڙهڻ وارو ”شاهه جو ڪلام“ پڙهڻ کان وَئون ويندوهو. شاههرح جي بيتن تي جيڪو به ڪم اڪرم صاحب جي تحقيقي ڪم کان اڳ ۾ ڪيو ويو انهيءَ ۾ شاههرح جي شاعريءَ ۾ جمالياتي رنگ ۽ مذهبي، اخلاقي ۽ لساني پهلوئن تي روشني ته وڌي ويئي پر ڪنهن به مرتب ۽ محقق شاههرح جي بيتن جي درست پڙهڻين تي غور ۽ فڪر ئي نه ڪيو.
شاهه صاحبرح تي سوين ڪتاب ته لکيا ويا ۽ اڃا به ڇپبا رهن ٿا مگر ”شاهه لطيفرح جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جهڙو ڪتاب صدين بعد ئي شايع ٿيو آهي. جيڪو شاهه رحه جي اصل زبان ۽ اصل لب و لهجي ۾ اسان وٽ پهتو آهي. اِهو اڪرم صاحب جو سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب تي احسان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. اڳ وارن محققن، مرتبن ۽ شاههرح جي ڪلام جي شارحن مان، ڪن صرف بيت ۽ وايون ڏنيون ۽ ڪن ”شاهه جي ڪلام“ جي لفظن جي معنيٰ به ڏني پر اهڙا ڪيئي لفظ بغير لکڻ جي ڇڏي ڏنائون، يقين ڄاڻيو ته اُنهن کي اُنهن لفظن جي معنيٰ نه ايندي هئي. اوهان ئي ٻڌايو ته جن کي بيت سمجهه ۾ نه ايندو ته اُهي ڪئن اسان کي بيت سمجهائي سگهندا؟ لغتن لکڻ جو ذمو به انهن کي سونپيل هيو جنهن ڪري شاههرح جي ڪلام ۾ شامل بيتن جا لفظ لغتن ۾ به جاءِ والاري نه سگهيا.
ڪن صاحبن بيت جي معنيٰ ڌُڪي تي درست لکي مگر بيت ۾ لفظ غلط ۽ اڻ ٺهڪندڙ ڪم آندا. اڪرم صاحب پنهنجي ٻنهي جلدن ۾ نه صرف ٻه سو پنجن (205) بيتن جون درست پڙهڻيون ڏنيون آهن پر هر هڪ ڏکئي لفظ جي معنيٰ ڏيڻ سان گڏ مڪمل بيت جي سمجهاڻي وضاحت سان لکي آهي. اِنهيءَ لحاظ سان سندس ٻنهي جلدن جي اهميت ۽ افاديت اڃان به وڌي ويئي آهي.
”شاهه لطيفرح جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جي ٻنهي جلدن جي شايع ٿيڻ کان پوءِ 1900ع کان وٺي 2013ع تائين، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي معياري متن سميت جيڪي به شاهه جا رسالا شايع ٿيا آهن سي اڪرم صاحب جي هن علمي پورهئي بعد پڙهڻ جي لائق ئي نه رهيا آهن.
اڳين محققن جي تحقيق نام نهاد ثابت ٿي آهي، جيڪا غلطين سان پُر آهي، ائين لڳي ٿو ته ڄڻ اُنهن انڌي تقليد ڪندي رسالن تان ڪلام اتاري لکين رپيا پئي خرچ ڪيا ۽ حضرت ڀٽ ڌڻيءَرح جي اصل ڏنل پيغام بجاءِ ٻي غلط پيغام کان پڙهندڙن کي پئي رُوشناس ڪرايو ۽ پڙهندڙن تي اهو تاثر ٿي ڇڏيو ته شاهه صاحب رح کي درست الفاظ بيتن ۾ استعمال ڪرڻ ئي نه ايندا هئا.
اڪرم صاحب جا اسان ٿورائتا آهيون جنهن شاهه لطيفرح جي اصلوڪي ڪلام کان آگاهي ڏني آهي. صرف سنڌي عوام لاءِ نه، مگر سموري دنيا لاءِ اڪرم صاحب جا ٻيئي جلد ڪنهن اعليٰ ترين ۽ انمول تحفي کان گهٽ نه آهن.
”شاهه لطيفرح جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جلد ٻيون توهان جي هٿن ۾ آهي. پهرين جلد وانگر هي جلد به پنهنجي پر ۾ لاثاني حيثيت جو حامل آهي. هن جُلد ۾ اڪرم صاحب تحقيق ۽ تصحيح جو دائرو وڌائي ٻيا به ڇاپي رسالا هٿ ڪري پنهنجي عُقابي نظرن مان گذاريا آهن.
جيڪي بيت بي جوڙ لفظن جي داخل ٿيڻ جي ڪري منجهيل يا بگڙيل هئا، سي هاڻ صاف ۽ درست ڪري شامل ڪيا ويا آهن.
اڪرم صاحب، شاهه صاحبرح جي ڪلام جي محققن ۽ مرتبن تي جيڪا تنقيد ڪئي آهي اُها تنقيد، هي رنگ لائيندي ته ڪو به عالم ۽ اديب محقق ۽ شارح شاهه صاحبرح جي ڪلام کي بغير سوچ ۽ ويچار جي مرتب نه ڪندو ۽ نه وري بي تُڪي لفظي معنيٰ لکندو.
يقين سان چوان ٿو ته آئنده ڪو به شاهه لطيفرح جي ڪلام جو شارح شاهه جي ڪلام جي تشريح ڪندو ته اڪرم صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن جي آڌار تي ئي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندو.
مونکي اڪرم صاحب جي شاگرد هئڻ جو اعزاز حاصل آهي اسان هميشه وٽن ويندا آهيون گهڻو ڪجهه کانئن سکيو آهي سندن رهاڻ موتين کاڻ آهي. سندن قلمي پورهئي ۽ اديبانه اهليت تي ناز آهي.
اڪرم صاحب پنهنجي عالمانه قابليت ۽ ادبي سچائي ۽ محققانه ذمه داري جو ثبوت ڏيندي هڪ اهم ۽ شاندار ڪم سرانجام ڏنو آهي. هي اهڙو ڪم آهي جنهن جي صدين کان تشنه گي محسوس ٿيندي ٿي رهي.
شاهه صاحبرح جا شيدائي ۽ علم دوست، اديب ۽ استاد توڙي شاعر مطلب ته هر مڪتبِ فڪر جا ماڻهو جن کي شاهه جي ڪلام پڙهڻ جو شوق آهي سي شاههرح جو غلط بيت پڙهڻ بدران درست پڙهي شاههرح جو حقيقي فڪر پروڙي ۽ سمجهي سگهندا.
الله تبارڪ و تعاليٰ جي بارگاه ۾ دعاگو آهيان ته شال الله پاڪ اڪرم صاحب کي خضري حياتي عطا ڪري ته جئن شاهه جي ڪلام جي تصحيح ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي تاريخ تي به مڪمل ڪم ڪري سگهي (آمين)

خادم العلم

[b]ڪريم بخش چنه
[/b]عيد گاهه، ميرپور ماٿيلو