لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

11. سُر پرڀاتي

جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهيان ئي ڳُجهه ۾،
تَه سازَ مِڙيئي سي، هوند پِٿُون ڪن پَلَڪَ ۾.

(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص539سال 1900ع)

جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳجِهيان ئي ڳُجهَه ۾،
سو جي سُڻَنِ ڪَڏَهيِن، ڪِيرتَ وارا ڪي،
تَه سازَ مِڙوئي سي، هوُند پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 442)

جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجَهيائِين ڳُجَهه ۾،
سو جو سُڻِين ڪَڏِهِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي،
تَه سَازَ مِڙيئِي سي، پِٿُون ڪَنِ پَلڪَ ۾.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 676سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

جيڪي ڏَڏَن ڏي، ڳجهان ئِي ڳُجهَه ۾،
سو جي سُڻَنِ ڪَڏَهين، ڪِرِتَ وارا ڪي،
تَه سازَ ميڙي سي، هُوندَ پِٿُوَن ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 629 سال 2013)

جيڪِين ڏَڏَن ڏي، ڳُجهُه ڳُجهَائِين ڳُجهَه ۾،
سو جي سُڻِينِ ڪَڏِهِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي،
ته سازَ مِڙيئِي سي، هُندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي سنڌ ثقافت کاتو ص148سال 2009)

جيڪِي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهِيان ئِي ڳُجهَه ۾،
سو جي سُڻن ڪَڏَهيِن، ڪِرتِ وارا ڪي،
تَه سازَ مِڙوئِي سي، هُوندَ پِٿُونَ ڪَنِ پَلَڪ ۾.

(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر پرڀاتي ص 115سال 1994 )

جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳجهيان ئي ڳُجهه ۾،
سو جي سُڻن ڪڏهين، ڪِرتِ وارا ڪي،
تَه سازَ مڙيئي سي، هوند پِٿُون ڪن پَلَڪ ۾.

(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص590مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

جيڪي ڏَڏَن ڏي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾،
سو جي سُڻن ڪڏهين، ڪِرت وارا ڪي،
ته سازَ مڙيئَي سي، هوند پِٿُون ڪن پَلَڪَ ۾.

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 739بااختيار ادارو سال 1994 )

جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾،
سو جي سُڻَنِ ڪَڏَهين، ڪِرِتَ وارا ڪي،
تَه سازَ مِڙيئِي سي، هُوندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص141 ادبي بورڊ 1993 )

جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهيان ئي ڳجهه ۾،
سو جي سڻن ڪڏهين، ڪِيرتَ وارا ڪي،
تَه سازَ مِڙيئي سي، هوند پِٿون ڪن پلڪ ۾.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 564سال 2009ع مهراڻ)

جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهائين ڳُجهه ۾،
سو جي سُڻن سُرنديا، ڪِيرتَ وارا ڪي،
تَه سازَ مِڙيئي سي، هوند پِٿون ڪن پَلَڪَ ۾.

(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 357سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

جيڪي ڏڏن ڏي، ڳُجهائي ڳُجهه ۾،
سوجي سُڻن سُروِدِياءِ، ڪِيرت وارا ڪِي،
ته ساز پنهنجا سي، پِٿون ڪَن پَلَڪَ ۾.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر پرڀاتي ص 420سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

جيڪي ڏَڏَن ڏي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾،
سو جي سُڻَنِ ڪَڏِه، ڪرِتَ وارا ڪي،
تَه سازَ مِڙوئِي سي، هُندَ پِٿُوَن ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص430سال 2013ع روشني)

جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهيان ئي ڳجهه ۾،
سو جي سڻن ڪڏهين، ڪِيرت وارا ڪي،
تَه سازَ مِڙيئي سي، هُوند پِٿَون ڪن پلڪ ۾.

(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 769سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

جيڪي ڏَڏَن ڏي، ڳُجهان ئي ڳُجهَه ۾،
سو جي سُڻنِ ڪَڏَهِين، ڪِرِتَ وارا ڪي،
تَه سازَ مِيڙي سي، هُونَدَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 286سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

نوٽ: اهو بيت گنج شريف ۾ لکيل نه آهي تنهنڪري ٻانهي خان شيخ به اهو بيت نه لکيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به اهو بيت نه لکيو آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي سُرپرڀاتي لکيو ئي نه آهي.
ديوان تارا چند ٽن مصرعن وارو بيت ٻن مصرعن ۾ لکيو آهي. بيت جي وچين مصرع نه لکيائين.
حاجي محمّد سمي به بيت نه لکيو. جئن ته اِهو بيت منهنجي مطالعي هيٺ آيل پندرهن رسالن ۾ لکيل آهي. تنهنڪري انهيءَ بيت تي تحقيق ڪرڻ لازم سمجهون ٿا.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جيڪي، جيڪِين)، (ڳُجهه ڳُجهيان ئي، ڳُجهان ئي، ڳُجهائين)، (سُروديا، ڪڏهين سُرنديا)، (ڪِرت، ڪِيرتَ)، (ميڙي، مڙيئي، مڙوئي).

الف. جيڪي، جيڪِين: لفظ ”جيڪِين“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. اهو لفظ قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ (جي ڪين) به لکيو ويندو هو . جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ متروڪ ٿي چڪو آهي، انهي لفظ کي لکت ۾ نه ٿو آندو وڃي مگر لفظ ”جيڪي“ عام استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو چوڏهن ”شاهه جو رسالو“ جي مرتبن ۽ محققن لفظ ”جيڪي“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”جيڪي“ آهي.

ب. ڳُجهه ڳُجهائين ڳُجهه، ڳُجهان ئي ، ڳُجهائين: الفاظ ”ڳُجهه ڳجهائين ڳُجهه“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيا آهن.
قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي لفظ ”ڳُجهه بجاءِ ڪجهه“ لکڻ گهربو هو ۽ ”ڳجهائين“ لفظ لکڻ بجاءِ ”ڳجهان ئي“ لکڻ گهربو هو. ڇا ڪاڻ ته ”ڳُجهه ڳجهائين ڳُجهه“ جي معنيٰ اسان جي تحقيق مطابق درست نه ٿي بيهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪڏهن به اهڙو ٻول نه ٿو ٻولي سگهي.
لفظ ”ڳجهيائين“ ۽ لفظ ”ڳجهائين“ لکڻ وارن درست لفظ نه لکيو آهي. مگر اسان جي تحقيق مطابق عثمان علي انصاري لفظ ”ڳجهان ئي“ درست لکيو آهي.

ت. سُروديا، ڪڏهين سُرنديا: لفظ ”سُروديا“ سگهڙ الله داد جنجهي لکيو آهي ۽ ”سُرنديا“ لفظ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن ٻنهي صاحبن الفاظ درست نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”سروديا“ جي معنيٰ آهي ”ساز سرود وڃائڻ وارا“ ۽ ”سُرنديا“ چئبو آهي انهن ماڻهون کي جيڪي ”سُرندا وڃائن“ ۽ ”ڪيرت“ چئبو آهي ”ساز ۽ سرندي وڃائڻ واري کي“ تنهنڪري هڪ ئي مصرع ۾ ”سرنديا“، ”ڪيرت“ ۽ ”سروديا“، مناسب نه ٿا لڳن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اهڙي مصرع فرمائي نه ٿو سگهي.
انهن جي مقابلي ۾ ”سو جي سڻن ڪڏهين“ اهو فقرو نهايت ئي درست لکيل آهي.
انهي مصرع لکڻ وارا صاحبان آهن، ڪلياڻ آڏواڻي، ٻانهو خان شيخ، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگوجي ڏانوجي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.
غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”ڪڏه“ اڌ اکري سنڌي ۾ لکيو آهي.

ث. ڪِرت، ڪِيرتَ: قارئين ڪرام! بيت ۾ هي ٻه لفظ مختلف صورت خطيءَ ۽ جدا جدا معنيٰ وارا آهن لفظ”ڪِرت“جن صاحبن لکيو آهي سي آهن، غلام مصطفي مشتاق، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ،غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي،ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ غلام محمّد شاهواڻي الفاظ ”ڪِرت وارا“ جي معنيٰ ”ڳائڻا ماهر، ساز وڄائيندڙ“ لکي آهي.
عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، لفظ ”ڪرت“ جي معنيٰ نه لکي آهي.
جن صاحبن ”ڪرت“ جي معنيٰ ”ڳائڻا“ لکي آهي. تن ڌڪي تي معنيٰ لکي آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن معنيٰ غلط لکي آهي.
قارئين ڪرام! ”ڪرت“ وارا اهي چئبا آهن جيڪي هر قسم جو ڌنڌو ڪندا هجن. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ڪِرت“ لکيو آهي تن اهو لفظ غلط لکيو آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”ڪِيرت“ لکيو آهي تن نهايت ئي درست لفظ لکيو آهي.
درست لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگوجي ڏانوجي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
لفظ ”ڪيرت“ جي معنيٰ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نه لکي آهي. باگي جي ڏاني جي لفظ ”ڪيرت“ جي معنيٰ ”راڳ جي سدا“ لکي آهي. (ص 1114)، نهايت ئي افسوس ناڪ ۽ دل دکائيندڙ معنيٰ لکي اٿس.
ٻانهي خان شيخ لفظ ”ڪيرت“ جي معني ”راڳ ڳائيندڙ چارڻ ۽ منڱتا“ نهايت کي درست معنيٰ لکي آهي.

ج. ميڙي، مڙيئي، مڙوئي: الفاظ ”مڙيئي، مڙوئي“ جن صاحبن لکيا تن درست الفاظ لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”مڙيئي ۽ مڙوئي“ الفاظ کي ساڳي معنيٰ وارا الفاظ سمجهيو ويندو آهي ڪلياڻ آڏواڻي، ”مڙوئي“ لفظ جي معنيٰ سمورا ساز لکي آهي. (ص442). نامناسب معنيٰ لکي اٿس. اسان جي تحقيق مطابق ”مڙوئي“ يا ”مڙيئي“ جو اشارو ساز وڄائڻ وارن يعني ڪيرت وارن ڏانهن آهي.
اسان جي تحقيق جو ثبوت لفظ ”سي“ منجهان ملي ٿو ”سي“ لفظ منجهان مراد آهي ”ڪيرت وارا“.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

[b]جيڪِي ڏَڏَن ڏي ڪُجهه، ڳُجهيان ئي ڳُجهَه ۾،
سو جي سُڻنِ ڪَڏَهِين، ڪِيرتَ وارا ڪي،
تَه سازَ مِڙيئي سي، هُونَدَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ته جکري جي سخاوت جو حال هي آهي جو جيڪي ڪجهه ڏڏن، نادانن، اڻڄاڻن، ساز وڄائي نه ڄاڻڻ وارن کي ڳجهان ئي ڳجهه ۾ لوڪ کان لڪائي دان ڏئي ٿو، رزق ڏئي ٿو اهڙي طرح سخاوت ڪرڻ جي خبر جيڪڏهن ساز وڄائڻ وارن کي پوي ته هو سڀ هڪ پلڪ ۾ پنهنجا ساز ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏين. سازن کي پلڪ ۾ پٿون ڪري ڇڏين.

*****

سُتو ڪِيَ نِنڊرُ‘ ڪَرِيِِ، رُو وِهانِِ رُوءِ،
صَبَاحَ سَازُ سَندُوءِ، پِئُو هُندُو پَٽَـ۾.

(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 391)

سُتو ڪِيئَن نِنڊون ڪَرِيين، وَرَ وِهَاڻِيءَ ووءِ،
صُباحَ سَاجُ سَندوءِ، پِئو هُوندو پَٽَ ۾.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 278سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

سُتو ڪيئن ننڊون ڪَرِين، وَرَ وِهاڻِي ووءِ،
صُباحَ سَاڄُ سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر پرڀاتي ص 523سال 1995 )

سُتو ڪِئَن ننڊوُن ڪَريِن، رو وِهاڻِيءَ روءِ،
سُڀان سازُ سَندوءِ، پِيو هوُندو پَٽُ ۾.

(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص441سال 1995)

سُتو ڪِيئن نِنڊرون ڪَرِين، وَرُ وِهاڻِيءَ ووءِ،
سُڀان سازُ سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي سنڌ ثقافت کاتو ص147سال 2009)

سُتو ڪِئن ننڊوُن ڪَرِين، رو وِهاڻِيءَ روءِ،
سُڀان سازُ سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر پرڀاتي ص 168سال 1994 )

سُتو ڪِيئَن نِنڊون ڪرين، رو وِهَاڻِي روءِ،
سُڀان سَاز سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 739بااختيار ادارو سال 1994 )

سُتو ڪِئَن نِنڊوُن ڪَرِئين، روئي راتِ وِهاءِ،
سُڀان سازُ سَنداءِ، پِيا هُوندا پَٽَ ۾.

(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص139 ادبي بورڊ 1993 )

ستو ڪيئن ننڊون ڪرين؟ رو روهاڻيءِ روءِ،
سڀان ساز سندوءِ، پيو هوندو پٽ ۾.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 563سال 2009ع مهراڻ)

سُتو ڪِنءَ نِنڊُون ڪَرِين؟ رو وِهاڻِيَ روءِ،
سُڀا سازُ سَندوءِ، پِئو هَندو پَٽَ ۾.

(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص413سال 2013ع روشني)

ستو ڪيئَن ننڊون ڪرين؟ رو روِهاڻيءَ روءِ،
سُڀان ساز سَندوءِ، پِيو هوندو پٽ ۾.

(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 768سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِين؟ رو وِهاڻِيَ روءِ،
سُڀا سَازُ سَندوءِ، پِيو هوندو پَٽَ ۾.

(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 286سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪِيَ، ڪِئن، ڪيئن، ڪِنءَ)، (نِنڊون، ننڊرون)، (ڪَرين، ڪرئين، ڪريين، ڪريِِ)، (رو، ور، روئي)، (وِهاڻي، رات وِهاءِ، روهاڻي)، (روءِ، ووءِ)، (ساز، ساج، ساڄ)، (صباح، سڀان سُڀا)، (هُندو، هوندو)

نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تاراچند، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ۽ عثمان علي انصاري اهو بيت نه لکيو ۽ ڊاڪٽر گُربخشاڻي اهو سُر نه لکيو .

الف. ڪِيَ، ڪِئن، ڪيئن، ڪِنءَ: لفظ ”ڪِنءَ“ ۽ ”ڪِيَ“ قديم صورت خطيءَ ۾ لکيا ويندا هئا. جديد صورت خطيءَ ۾ ”ڪئن“ ۽ ”ڪيئن“ لکيا ويندا آهن. لفظ ”ڪنءَ“ غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي ۽ لفظ ”ڪِيَ“ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. نئين ۽ سڌاريل سنڌي صورت خطيءَ مطابق لفظ ”ڪيئن ۽ڪئن“ لکيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ 1853ع واري الفابيٽ مطابق ”شاهه جو رسالو“ ۾ لفظ ”ڪيئن“ استعمال ڪيو ۽ علامه آءِآءِ قاضي لفظ ”ڪئن“ لکيو آهي.
ب. نِنڊون، ننڊرون: گنج توڙي ٻين مرتبن جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لفظ ”ننڊون“ لکيل آهي. حاجي محمّد سمي لفظ ”ننڊرُ‘ “ لکيو آهي ”ر“ اکر جي مٿان ٻه پيشون ( ُ‘) ڏنيون اٿس ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”ننڊرون“ لکيو آهي. اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هرگز نه فرمايو آهي. ڊاڪٽر صاحب اصل لاڙي لهجي واري لفظ کي ڪڍي پنهنجي مرضي سان اُتراڌي لهجي وارو لفظ استعمال ڪيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ اهو لفظ لکڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه آهي.

ت. ڪَرين، ڪرئين، ڪريين، ڪريِِ: اسان تحقيق ڪري هي ثابت ڪيو آهي ته مٿين چئن لفظن منجهان لفظ ”ڪرين“ زياده موزون ۽ مناسب آهي. اهو لفظ مناسب هن ڪري ٿا چئون ته ماترائون پوريون اٿس. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي گنج ۾ (ص 535) ۽ ان کان علاوه شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، به لفظ ”ڪرين“ کي اهميت ڏني آهي. اسان لفظ ”ڪريين“ کي اهميت هن ڪري نه ڏني آهي جو ماترئن ۾ وڌيڪ آهي. اهو لفظ ”ڪريين“حاجي محمّد سمي۽ ٻانهي خان شيخ به مناسب نه لکيو آهي.

ث. رو، ور، روئي: اسان مڙني لکيل بيتن جو بغور جائزو ورتو ۽ لفظي معنائن تي سوچي هن نتيجي تي پهتا آهيون ته جن صاحبن لفظ ”ور“ لکيو آهي. تن اسان جي تحقيق مطابق نامناسب لفظ لکيو آهي. انهيءَ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ، ٻانهون خان شيخ ۽ ممتاز مرزا.
جن صاحبن لفظ ”رو“ لکيو آهي، تن اسان تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. انهيءَ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، غلام محمّد شاهواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانوجي.
قارئين ڪرام! واحد مرتب علامه آءِ آءِ قاضي آهي جنهن پهرين مصرع جو ٻيو فقرو ”روئي رات وهاءِ“ لکيوآهي انهي فقري جي معنيٰ ”رو وهاڻي روءِ“ سان ملندي آهي. اسان انهن ٻنهي فقرن کي ڀيٽي ۽ چڪاسي هن نتيجي تي پهتا آهيون ته ”رو وهاڻي روءِ“ جن صاحبن لکيو آهي نهايت مناسب لکيو آهي. سي صاحبان آهن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، حاجي محمّد سمون، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، غلام مصطفيٰ مشتاق، غلام محمّد شاهواڻي ۽ جن صاحبن ”ور وهاڻي ووءِ“ فقرو لکيو آهي تن نهايت ئي نامناسب فقرو لکيو آهي. اهو فقرو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ ۽ ممتاز مرزا.
ج. وِهاڻي، روهاڻي: محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگي جي ڏاني جي ”روهاڻي“ لفظ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته محمّد عثمان ڏيپلائي واري لکيل لفظ ”روهاڻي“ ۾ ”ر“ پريس جي غلطي سببان لکجي ويو آهي. مگر باگي جي ڏاني جي، ڏيپلائي صاحب جي تقليد ڪندي بغير سوچ جي لفظ ”روهاڻي“ لکيو آهي. اهو لفظ انتهائي غلط لکيل آهي.
ح. صباح، سڀان، سُڀا: قارئين ڪرام! اسان لفظ ”صباح“ کي زياده اهميت ڏيون ٿا. ڇا ڪاڻ ته اهو لفظ قديم نسخن جهڙوڪ گنج شريف 1207ع، شاهه جو رسالو ڪاتب حاجي محمّد سمون (1268هه) ۾ لکيل آهي. اهي نسخا ٻين نسخن جي ڀيٽ ۾ زياده معتبر سمجهيا وڃن ٿا.

خ. ساز، ساج، ساڄ: اسان انهن ٽنهين لفظن تي تحقيق ڪري هن نتيجي تي پهتا آهيون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ استعمال ٿيل لفظ ”ساز“ هو. مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ ئي ٻه گَويّا (ڳائڻا) چنچل فقير ۽ اٽل فقير رهندا هئا. اهي ٻيئي اصل دهلي جا رهاڪو هئا. علم موسيقي جا وڏا ڄاڻو هئا. مگر هندستاني هئڻ ڪري هنن جي لهجي ۾ فرق هو. هي ”ز“ زنجير کي جنجير ۽ لفظ ”ساز“ کي ساج چوندا هئا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرن حضرت جن جي وصالِ حق کان پوءِ به چنچل ۽ اٽل فقيرن کي پئي ٻڌو. تنهنڪري سيّد عبدالعظيم کي لفظ ”ساز“ بجاءِ ”ساج“ لکرايو ويو. اصل لفظ ”ساز“ بيت ۾ لکڻ گهرجي.

د. هُندو، هوندو: لفظ ”هُندو“ لکڻ وارا صاحبان آهن، حاجي محمّد سمون ۽ غلام محمّد شاهواڻي. قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ عموماََ ڪاتب لفظ ”هُندو“ لکندا هئا مگر ”هوندو“ جي اچار سان پڙهندا هئا. جديد صورت خطيءَ ۾ لفظ ”هوندو“ لکيو وڃي ٿو.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِين؟ روءِ وِهاڻِيَ روءِ،
صُباحَ سَاز سَندوءِ، پيو هوندو پَٽَ ۾.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ منگتي کي سهڻي صلاح ڏيندي فرمائي ٿو اي ڪيرت تون ڪيئن ستو پيو آهين، اُٿي جاڳ ننڊ نڀاڳي کي تياڳ ڏي. هي وهاڻي (پره ڦٽي، پرڀات) جي ويل آهي. اي ڪيرت اٿي ڪرت ڪثرت ساڻ ڪر، تنهنجي رات وهاڻي ويندي صبح تائين تون زنده ئي نه هوندين ته پوءِ تنهنجو ساز پٽ تي بيڪار پيو هوندو تنهنڪري هي ويل اٿيئي اُٿي، جاڳي، روئي روئي ربّ پاڪ کي ريجهاءِ.