لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

27. سُر مارئي

سَکَرَ سيئِي ڏِيـ هَ، جي مُن کَارِئَا بَنَّد ۾،
واجَانِيَسِ وِصَالکَي، ٿِيَسِ تُوَانِي تِي،
نِيَرُ مُهجُو نِيـ هُ، اُجَاري اَڇُو ڪِئو.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر مارئي ص665)

سَکَرَ سيئِي ڏِينـ هَ، جي مُن کَارِئا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَڦُرا، مَٿي مَاڙِيَ مِينـ هَ،
وَاجَائي وِصَالَکي، ٿِيَسِ تَهِواُرءٌ تِيئَ،
نِيَرُ مُهجي نِيـ هَ، اُجَاري اَڇُو ڪِئُو.
(حاجي محمّد سمو شاهه جو رسالو سُر مارئي ص430سال 1900ع)

سَکَر سيئي ڏينهَن، جي مون گهارِيا بند ۾،
وَسايَمِ وَڏَڦُڙا، مٿي ماڙِنِ مِينهَن،
واجهاڻِيَسِ وصالَ کي، ٿِيَسِ تَهِواُرون تِيئن،
نِيَرُ منهنجي نِيـنهَن، اُجاري اَڇو ڪِيو.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر مارئي ص585سال 1900ع)

سَکَرَ سيئِي ڏِينهَن، جي مُون گهَارِئَا بَندَ ۾،
واجَهاڻِيَسِ وصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن،
نِيَرَ مُنهِنجو نِينـهُن، اُجَاري اَڇو ڪِئو.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر مارئي ص414سال2012 )

سَکَرِ سيئي ڏِينهَن، جي موُن گهارِيا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مينهَن،
واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيسِ تَهِواروُن تِئين،
نِيَرُ مُنهِنجي نِينهَن، اُجاري اَڇو ڪَيو.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص281 )

سَکَر سيئي ڏيـ هَ، جي مون گهارِيا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مٿي ماڙِن ميـ هَ،
واجهاڻِيَسِ وصالَ کي، ٿيَسِ تَهِوارون تِيّ،
نِيَرُ مهِجي نِيـ هَ، اُجاري اَڇو ڪِئو.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص550)

سَکَرَ سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
واجهاڻِيَسِ وصال کي، ٿيس توانِي تِيئن،
نِيَرُ منَهجو نينـهن، اُجاري اڇو ڪِيو.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر مارئي ص665سال 1995 )

سَکَر سيئَي ڏينهن، جي مون گهارِيا بند ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مٿي ماڙِنِ مِينهَن،
واجهاڻِيسِ وصالَ کي، ٿِيسِ تَهواروُن تِيئن،
نِيَرُ منهنجي نِيـنهَن، اُجاري اَڇو ڪِيو.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر مارئي ص813بااختيار ادارو سال 1994 )

سَکَر سيئَي ڏينهَن، جي مون گهارِيا بند ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مٿي ماڙِنِ مِينهَن،
واجهائي وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَهوارُون تِيئن،
نِيَرُ مُنهِنجي نِيـهَن، اُجاري اَڇو ڪِيو.
(علامه آءِ آءِ قاضي، شاهه جو رسالو سُر مارئي ص752سنڌي ادبي بورڊ سال 1993 )

سَکَر سيئي ڏِينـ هَ، جي مون گهارِيا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مٿي ماڙِيءَ مِينـ هَ،
واجهاڻِيسِ وصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِينـ هَ،
نِيَرُ منهنجي نِيـ هَ، اُجاري اَڇو ڪِيو.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر مارئي ص359سال 2009)

سُکِرَ سيئي ڏِينهَن، جي مُون گهارِيا بَند ۾،
وَسايم وَڏَ ڦُڙا، مٿي ماڙن مينهن،
واجهائيس وصال کي، ٿيس تَهوارُون تِيئن،
نِيَرُ منهنجي نِيـنهَن، اُجاري اَڇو ڪيو.
(غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص644سال 1999ع )

سَکَرَ سيئِي ڏِيـ هَ، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مٿي ماڙِنِ مِيـ هَ،
واجهاڻِيَسِ وصالَ کي، ٿِيَسِ تَهواروُن تِيّ،
نِيَرُ مُهِجي نِيـ هَ، اُجاري اَڇو ڪِئو.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص282سال 2013ع روشني)

سَکَر سيئي ڏينهَن، جي مون گهاريا بَندَ ۾،
وَسايِمِ وڏَڦڙا، مَٿي ماڙيَنِ مينهَن،
واجهاڻِيَس وِصال کي، ٿِيَسِ تهواروُن تِيئَن،
نِيرَ مُنهِنجي نِينهَن، اُجاري اَڇو ڪِئو.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر مارئي ص392سال 2013)

سَکَر سيئِي ڏِينَهن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مِينهَن،
واجهاڻِيسَ وِصالِ کي، ٿِيَس تَهواروُن تِيئَن،
نِيَرُ مُنهنجي نِيـنهَن، اُجاري اَڇو ڪِيو.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر مارئي ص178سال 1994 )

سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏ ڦڙا، مٿي ماڙين مينهن،
واجهائيس وصال کي، ٿيس تهوارون تيئن،
نِيرَ منهنجي نيـنهن، اُجاري اَڇو ڪيو.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص624سال 2009ع مهراڻ)

سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏڦڙا، مٿي ماڙي مينهن،
واجهائي وطن کي، ٿِيس تواني تيئن،
نِيَرَ منهنجي نِيـنهَن، اُجاري اَڇو ڪيو.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر مارئي ص450سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏ ڦڙا، مٿي ماڙين مينهن،
واجهائيس وصال کي، ٿيس تهوارون تيئن،
نِيرَ منهنجي نيـنهن، اُجاري اَڇو ڪيو.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص 833سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏڦڙا، مٿي ماڙيءَ مينهن،
واجهائي وصال کي، ٿِيس تواني تِيئن،
نير مُنهنجي نيـنهن، اُجاري اڇو ڪيو.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص 392سال 2008ع )

سَکَر سيئَي ڏينهَن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيَنِ مِينَهن،
واجهاڻِيس وِصالَ کي، ٿِيَس تَهواروُن تِيئَن،
نِيَر مُنهِنجي نِيـنهَن، اُجاري اَڇو ڪِئو.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر مارئي ص 160)

نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سُر مارئي نه لکيو .
سيّد عبدالعظيم، ٻانهي خان شيخ ۽ ممتاز مرزا ٽن مصرعن وارو بيت لکيو آهي ۽ ٻين صاحبن چئن مصرعن وارو بيت لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم هڪ مصرع گهٽ لکي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سَکَر، سُکِرَ)، (واجهاڻيس، واجهائيس، واجهائي)، (وصال، وطن)، (تهوارون، تواني)، (منهنجي، منهنجو).

الف. سَکَر، سُکِرَ: قارئين ڪرام! گنج شريف ۽ شاهه جو رسالو جي ڪاتبن، محققن ۽ مرتبن لفظ ”سَکَر/سُکِر“ لکيو آهي. قديم سنڌي صورتخطي ۾ لکڻ واري سيّد عبدالعظيم جي گنج ۽ حاجي محمّد جي لکت کي جيڪڏهن جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ آڻيون ٿا ته ”سڪر ۽ سقر“ لفظ ٺهن ٿا. لفظ ”سُڪر“ جي معنيٰ آهي ”نشو، بيهوشي“ ۽ سقر جي معنيٰ آهي جهنم دوزخ.
قارئين ڪرام! جڏهن ته لفظ ”سَکر“ جي معنيٰ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي آهي ”چڱا“ (ص 359) ۽ ٻين صاحبن به انهي لفظ ”جي معنيٰ ”چڱا ۽ سٺا ڏينهن“ لکي آهي.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه لفظ ”سقر“ ”ق“ قلم وارو لکت ۾ نه ڏنو پر زبان مبارڪ سان فرمايو مگر ڪاتب سيّد عبدالعظيم،حاجي محمّد سمي ۽ محقق حضرات توڻي مرتب صاحبان به لفظ جي اصل حقيقت کي سمجهي نه سگهيا تنهنڪري انهن صاحبن لفظ ”سَکر“ ”س“ سان ۽ نه ”ق“ سان لکيو. اهو لفظ ڪنهن به صورت ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي مذڪوره بالا بيت ۾ نه ٿو سونهين. ڇا ڪاڻ ته جڏهن ماروئي عمر سومري جي قيد ۾ هئي ۽ پنهجن غزالي اکين منجهان وڏا وڏا ڳوڙها (اشڪ، آنسو، لڙڪ) ماڙي اندر قيدياڻي ۽ بندياڻي جي حالت ۾ پئي مينهن وانگر وسايا ته اهڙي حالت ۾ محقق حضرات کي هي سوچڻو هو ته اهڙي بيت لاءِ اهي صاحبان لفظ ”سکر“لکن يا”سقر“ لکن؟
قارئين ڪرام! ماروئي عمر ڪوٽ ۾ قيد هئي رات ڏينهن ماروئن کي ياد ڪري زار و قطار رُني ٿي ۽ عمر جي ماڙي کي ۽ عمر جي ڪوٽ جي قيد کي جهنم وانگر ڀانئيائين ٿي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سڀيئي محقق هڪ ٻي جي تقليد ۽ تائيد ڪندي نامناسب لفظ ”سَکَر“ لکندا آيا.

ب. واجهاڻيس، واجهائيس، واجهائي: قارئين ڪرام! جن صاحبن ”واجهائيس“ لفظ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”واجهائيس“ بيت ۾ نهايت ئي مناسب لڳي ٿو ۽ لفظ ”واجهائي“ نامناسب لفظ آهي. سيّد عبدالعظيم ”واجهانيس“ لکيو آهي . جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”واجهاڻيس“ لکبو، ممتاز مرزا به لفظ ”وجهاڻيس“ لکيو آهي. نامناسب لکيو اٿن.

ت. وصال، وطن: قارئين ڪرام! وصال کي واجهائبو نه آهي. مگر وطن کي تصّور ۾ آڻي واجهائبو آهي. ماروئي وطن طرف واجهائيندي هئي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته فقط سگهڙ الله داد جنجهي جو لکيل لفظ ”وطن“ ئي درست آهي باقي سڀني صاحبن غلط لفظ ”وصال“ لکيو آهي.

ث. تهوارون، تواني: قارئين ڪرام! ماروئي کي وطن ۽ ماروئن جي جدائي جو درد جڏهن ستائيندو هو تڏهن ڳوڙها ڳاڙي دل جو غبار لاهيندي ۽ ذهني پريشاني کي دور ڪندي هئي. تنهن ڪري لفظ ”تواني“ بيت ۾ زياده مناسب آهي.

ج. منهنجي، منهنجو: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين جن صاحبن ”نير منهنجي نيـ ه“ فقرو لکيو آهي تن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي حقيقت کي نه سمجهيو آهي.
قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم جي لکت ”نير منهنجو نيـ ه، اجاري اڇو ڪئو“ ثابت ڪري ٿي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت فرمائڻ جو مقصد هي آهي ته ماروئي چوي ٿي ماڙي مٿان ويهي اکين منجهان جيڪي مون وڏ ڦڙي مينهن وانگر ڳوڙها ڳاڙيا، انهيءَ نير يعني انهن ڳوڙهن جي پاڻي منهنجي ۽ ماروئن جي نيهه کي اُجاري اڇو ڪيو.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

[b]سَقر سيئَي ڏينهَن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِنِ مِينَهن،
واجهائيس وطن کي، ٿِيَس توانيءَ تِيئَن،
نِير، مُنهِنجو نِيـنهَن، اُجاري اَڇو ڪِيو.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ماروئي جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته جيڪي ڏينهن مون عمر سومري جي قيد ۽ بند ۾ گذاريا سي جهنم ۾ گذارڻ جهڙا ڏينهن هئا، مان ماروئن جي هجر ۽ جدائي جي غم ۽ ڏک جي ڪري ۽ عمر سومري جي ماڙين ۾ قيد رهندي اکين منجهان ڳوڙها پئي ڳاڙيا اکين منجهان ائن ڳوڙها ڳاڙيم جئن مينهن وسندو آهي. رئڻ سان گڏ پنهنجي وطن کي تصّور ۾ آڻي خوشي محسوس ڪندي هيس. نِير يعني منهنجي اکين جي لڙڪن جي پاڻي منهنجي ۽ ماروئن واري نينهن کي اُجاري، اجرو ۽ پاڪ صاف ڪري ڇڏيو. منهنجن لڙڪن واري پاڻي منهنجي نينهن ۾ پاڪائي ۽ پوتر تائي پيدا ڪئي آهي.

*****

جَڏِه ڪُن فَيکُون، مَن تَڏَاڪُ‘ مَارُو۽،
تُن ڪِيَ وِجهِِ تَنِکي، سُمَرَا شَڪُ‘،
حَمِيرَن هَڪ، جَارَ، جُسِي کي پاتيُ‘.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر مارئي ص674)

جَڏِه کُن فَيَکُونُ، مَنُ تَڏَانهڪَرَ مَارُو۽،
تُن کِيَ وِجيِِ تَنِکي، سُمَنَرَا شَڪُ‘،
هَمِيرَن هَڪَُ، جَاڙَ جُسِيکي پَائتيءٌ.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر مارئي ص420سال 1995ع)

جڏهين ”ڪُن فَيَڪُونُ“ مَنُ تَڏهَانڪُون مَارُوئين،
تون ڪِئن وِجِهين تَنکي، سُومَرا! شَڪُون؟
حَميرَن هَڪُون، جاڙَ، جُسي کي پَاتِيون.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر مارئي ص571سال1900 )

جَڏِهِين ”ڪُن فَيَڪُونُ“ مَنُ تَڏاهَڪُون مَارُوئين،
تُون ڪيئَن وِجِهين تَنِ کي، سُومَرا! شَڪُون،
حَمِيرَنِ هَڪُون، جاڙَ، جُسي کي پَاتِيون.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر مارئي ص384سال2012 )

جَڏهِن ”ڪُن فَيَڪُونُ“ مَنُ تڏهانڪوُن مارُئين،
توُن ڪِئَن وِجهيِن تن کي، سوُمِرا شَڪوُن؟
هَميِرَن هَڪوُن، جاڙَ، جُسي کي پاتِيوُن.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص255 )

جڏهِ ”ڪُن فَيَڪُونُ“ مَنُ تڏاهڪُون مارُئين،
تون ڪِنءَ وِجهين تَنَ کي، سُومَرا شَڪُون؟
هَمِيرَنِ هَڪُون، جاڙَ، جُسي کي پاتيون.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص581)

جڏهن ڪُن فيڪون، مَنُ تڏانڪُون ماروئين،
تون ڪيئن وجهين تَن کي، سومرا شَڪون،
حَمِيرنِ هَڪُون، جَارَ، جُسي کي پاتيون.
(ممتاز مرزا ، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر مارئي ص674سال 1995 )

جڏهين ”ڪُن فَيَڪُونُ“ مَنُ تڏهانڪُون مارُوئين،
تون ڪِئن وِجهين تنکي، سومرا شَڪُون؟
حَميرَن هَڪُون، جاڙَ، جُسي کي پاتِيون.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر مارئي ص794بااختيار ادارو سال 1994 )

جڏهِن ”ڪُن فَيَڪُونُ“ مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين،
تُون ڪِئن وِجهين تَنَ کي، سُومَرا شَڪُون؟
هَمِيرَن هَڪُون، جاڙَ، جُسي کي پاتِيُون.
(علامه آءِ آءِ قاضي، شاهه جو رسالو سُر مارئي ص702سنڌي ادبي بورڊ سال 1993 )

جَڏِهين ”ڪُن فَيَڪُون“ مَنُ تَڏهَانڪُون مارُوئين،
تُون ڪِئن وِجهيِن تَنَ کي سُومَرا! شَڪُون؟
حَمِيرَن هَڪُون، جاڙ، جُسي کي پاتِيون.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص630سال 1999ع )

جَڏِهِ ”ڪُن فَيَڪُون“ مَنُ تَڏاهَڪُون مارُئين،
تُون ڪِنءَ وِجهيِن تَنَ کي، سُومَرا! شَڪُون؟
هَمِيرَن هَڪُون، جاڙَ، جُسي کي پاتِيُون.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص262سال 2013ع روشني)

جَڏهِن ”ڪُن فَيَڪُونُ“ مَنُ تَڏاهَڪُون مارُوئين،
تُون ڪيئن وِجِهين تَنِ کي، سُومَرا! شَڪُون،
حَمِيرَنِ هَڪُون، جاڙَ، جُسي کي پاتِيُون.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر مارئي ص377سال 2013)

جَڏهِن ”ڪُن فَيَڪُونُ“ مَنُ تڏهانڪُون مارئين،
تُون ڪِئَن وِجهيِن تن کي، سُومِرا شَڪُون؟
هَمِيرَن هَڪُون، جاڙَ، جُسي کي پاتِيُون.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر مارئي ص103سال 1994 )

جڏهن ”ڪُن فَيَڪُونُ“ من تڏهاڪون ماروئين،
تون ڪئن وجهين تن کي، سومرا شڪون؟
حمير هِڪون، جاڙ، جسي کي پاتيون.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص609سال 2009ع مهراڻ)

جَڏهان ”ڪُن فَيَڪُون“ مون من تڏهاڪون مارئين،
تون ڪيئن وِجهين تن کي، سوُمرا شَڪون؟
هَميرن حقوَن، جال، جُسي کي پاتِيُون.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر مارئي ص443سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

جڏهن ”ڪُن فَيَڪُونُ“ من تڏهاڪون ماروئين،
تون ڪئن وجهين تن کي، سومرا شڪون؟
حمير هِڪون، جاڙ، جسي کي پاتيون.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص 815سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

جڏهن ڪن فيڪون من تڏهاڪون مارئين،
تون ڪيئن وجهين تنکي، سومرا شَڪُون؟
حميرن هڪون، جاڙ، جُسي کي پاتيون.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص 384سال 2008ع )

جَڏِهن ”ڪُن فَيڪُونُ“ مَنُ تڏاهَڪُون مارُوئين،
تُون ڪيئن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون،
حَمِيرَن هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتيُون.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر مارئي ص 155)

نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سُر مارئي نه لکيو .
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت ”شاهه جو رسالو“ منجهان خارج ڪري ڇڏيو، اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جيڪو بيت ڊاڪٽر صاحب کي سمجهه ۾ نه آيو آهي تنهن کي ”شاهه جو رسالو“ مان خارج ڪري ڇڏيو اٿس.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (حميرن، هميرن)، (هڪون، حقون)، (جار، جال، جاڙجسي کي ڀاٿيون).

الف. حميرن، هميرن: لفظ ”همير“ سنڌ جي سومرن بادشاهن جو نالو رهيو آهي، ان لفظ جو جمع آهي ”هميرن“، جن صاحبن لفظ ”حميرن“ ”ح“ حق سان لکيو آهي تن انهيءَ نالي جي صورت خطيءَ غلط لکي آهي.

ب. هڪون، حقون: سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”حَقون“ لکيو آهي، جنهن جي معنيٰ بيتن جي هيٺان حاشي ۾ ”جڙون، ڳنڍون“ لکي آهي. معنيٰ به غلط لکي اٿس.
باقي ٻين صاحبن لفظ ”هڪون“ لکيو آهي. لفظ ”هڪون“ جي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ”آڙون ۽ رنڊڪون“ معنيٰ لکي آهي (ص 340 لغات لطيفي). غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”هڪون“ جي معنيٰ ”زنجير“ لکي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ص 564 تي معنيٰ ”شڪون“ لکي آهي، ڪلياڻ آڏواڻي معنيٰ ”زنجيرون“ لکي آهي سڀني ليکڪن لفظ ۽ معنيٰ غلط لکي.
قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ نهايت ئي اعليٰ درجي جو شاعر آهي هن پنهنجي بيت ۾ ڪڏهن به ڪو غلط لفظ استعمال نه ڪيو آهي، اسان جن صاحبن جا بيت لکي آيا آهيون، تن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي شخصيت کي ذهن ۾ نه رکيو. تنهن ڪري جئن بيت لکيل ڏٺائون تئن نقل ڪري ڇڏيائون، اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت کي نهايت غور ۽ فڪر سان پڙهڻ بعد سوچيو ته اسان کي آخري مصرع جا پهريان ٻه لفظ سمجهه ۾ آيا ته حضرت جن اهي لفظ ”هميرن نحقون“ فرمايا.

ت. جار، جال، جاڙجسي کي پاتيون: قارئين ڪرام! لفظ ”جال جسي کي پاتيون“ سگهڙ الله داد جنجهي فقرو لکيو آهي. اهو فقرو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿو سونهين. اهو هن ڪري ته ڇا جال جُسي کي پاتيون؟ جڏهن اسان اهو سوال پڇون ٿا ته اسان کي سوال جو درست جواب نه ٿو ملي، مگر جڏهن ”جاڙ جُسي کي پاتيون“ مصرع ۾ لکون ٿا ته به مصرع منجهان اسان کي پوري معنيٰ نه ٿي ملي. ”جاڙون جُسي پاتيون“ جڏهن فقرو لکون ٿا ته اسان کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو انمول فڪر سمجهه ۾ اچي ٿو.
لفظ ”جار“ ممتاز مرزا لکيو آهي، اهو هن ڪري لکيائين ته گنج ۾ به لفظ ”جار“ لکيل آهي.
ياد رهي ته! ممتاز مرزا کي اها ڄاڻ هئي ته گنج شريف قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ڙ، کي ”ر“ برابر سمجهيو وڃي. اهو اشارو ممتاز مرزا جديدگنج جي ص 8 ۽ 9 تي ڏنو آهي. انهي حالت ۾ هن صاحب کي لفظ ”جاڙ“ لکڻ گهربو هو.

تنقيد، تحقيق، تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي:

[b]جَڏِهن ”ڪُن فَيڪُونُ“ مَنُ تڏهَڪُون مارُوئين،
تُون ڪيئن وِجِهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون،
هَمِيرَن نَحقون، جاڙَون جُسي پاتيُون.[/b]

معنيٰ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ماروئي جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته جڏهن الله پاڪ ڪُن فرمائي روح خلقيا ان وقت کان ئي منهنجو من ماروئڙن سان سڪ جي سڳيءَ ۾ سلهاڙجي ويو. اي سومرا تو ڪئن مون کي ماروئن کان جدا ڪري انهن جي ۽ منهنجي وچ ۾ شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ چاهين ٿو.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه وڌيڪ فرمائي ٿو ته هميرن يعني عمر ۽ ان جي خاندان جي ماڻهن مون کي ناحق ڪوٽ ۾ بند ڪري منهنجي جُسي ۽ روح سان جُٺون ۽ تعديون ڪيون آهن ۽ ڏاڍا ڏک ڏنا اٿن.

*****

لِينگڙيائي لوءَ ۾ جنهِين ليء ٿِياسِ
تِنهِين تان تِر جيترو، پَلڪُ آءٌ نه پُڇياس
جَهروڪن جهوريو هنيون ڪوٺِن آءٌ ڪُٺياسِ
مارن مونجهَه مُياسِ، نات ماڙِيَنِ ماريسِ ڪِينَڪي

(ديوان تارا چند شوقي رام شاهه جو رسالو سر مارئي ص 589 سال 1900ع)

لِنگڙِياري لوءَ ۾، جنين لاءِ ٿِياس
تنين تِرَ جيتِرو پَلڪُ نه پُڇياسِ
جَهروڪن جهورِيو هِنئون ڪوٺُين آئون ڪُٺِياس
مارُن مُنجهه مُياس، ناتَ ماڙُينِ ماريَسِ ڪين ڪي

(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سر مارئي 263.5)

لِنگڙِياري لوءِ ۾ جَنين لاءِ ٿياسِ
تَنيِن تِرَ جيترو پَلَڪُ نه پُڇِيياس
جهرو ڪَن جهوريو هيون ڪوٺِيَن آئون ڪُٺياس
مارُنِ مُنجهه مُياس، نَا تَا ماڙِينِ ماريَسِ ڪين ڪي

(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سر مارئي صه 558.13)

جَنِي لاءِ ٿِيَاسِ، لِنگڙِيائِي لوءَ ۾
تنِي تَان تِر جيترَو، پَلَڪُ نَه پُڇيَاس
جَهروڪَنِ جهورئو هِنيُون ڪوٺِن آئُون ڪُٺِياس
مَارُنِ مُونَجهَه مُيَاس، نَه تَه مَاڙِيُنِ مَارِيَسِ ڪِينڪي

(ٻانهو خان شيخ شاه جو رسالو سرمارئي صه 425)

جنين لاءِ ٿِياس، لِنگڙيائي لُوءِ ۾،
تَنين تان تر جيترو پَلَڪُ نه پُڇياسِ
جَهروڪَنِ جهوريو هنيون ڪوِٽِن آئون ڪُٺياسِ
مارُنِ موج ٿياس نه ته ماڙيُن ماريس ڪِيَن ڪِين
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سر مارئي صه 681)

لينگڙياري لوءِ ۾ جَنِي لاءِ ٿِياس
تَني تان تِرَ جيترو، پَلڪُ نه پُڇيياس
جهَروڪن جهوريو هِنيُون ڪوٺين آءٌ ڪُٺِياس
مارُنِ مُونجهَه مُياس، ماڙين مارِيَسِ ڪِينَ ڪِين
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاه جو رسالو 2009ع سر مارئي صه 361.01)

لِينگڙيائي لَوءَ جنهِين لي ٿياس
تنهِين تان تر جيترو، پلڪ آءُ نه پُڇياسِ
جهروڪن جهوريو هنيون ڪوٺِن آءُ ڪُٺياس
مارن مونجهه مُيَاس، نات ماڙين ماريس ڪينڪي
(شمس العلماءَمرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر مارئي ص 817 بااختيار ادارو سال 1994)

لِينگڙيائي لَوءِ ۾ جنهين لئي ٿِياسِ
تنهِين تانَ تَرِ جيترو، پَلَڪُ آءُ نه پُڇياسِ
جَهروڪن جهورِيو هِنيون ڪوٺن آءُ ڪُٺياسِ
مارن مونجهه مُياس، نات ماڙَيِن مارَيَسِ ڪِينَڪي

(مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر مارئي ص 648 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

نوٽۡ: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي اهو ساڳيو بيت ص 639 تي به لکيو آهي. جئين ته اسان غلط بيتن کي درستن ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا تنهن ڪري اسان مولانا قاسمي جي مٿين ۽ پهرين بيت کي درست ۽ ٻي بيت جي لفظ “لنگڙيائي” غلط ثابت ڪيو آهي) تنهن ڪري انهي ٻن مان هڪ بيت کي تحقيق جي دائري ۾ آندو ويو آهي.

تحقيق ۽ تصحيح طلب الفاظ: (لينگڙياري، لنگڙيائي)، (پلڪ نه پڇياس، پلڪ آءُ نه پڇياس)، (ڪوٺين، ڪوٺن، ڪوٽن)، (مارن منجهه، مارن مونجهه مياس، مارن موج ٿياس)

الف: لنگڙيائي، لينگڙياري : ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٻانهي خان شيخ، ممتاز مرزا ۽ علامه آءِ آءِ قاضي ”لنگڙيائي“ لفظ لکيو آهي. گنج شريف ۾ ص 681 تي اهو لفظ ”لنگڙيائي“ لکيل آهي
ڪلياڻ آڏواڻي لفظ ته ”لنگڙيائي“ لکيو آهي مگر انهيءَ زير بحث بيت جي معنيٰ لکي اٿس. ”جن لاءِ جهان ۾ ليڙون لوڏيندڙ ٿي آهيان، تن هڪ ساعت، رتي ماتر به مون کي نه پڇيو، ماڙين منهنجي قلب کي ضربيو آهي، ڪمرن مون کي ڪٺو آهي، مان مارن جي مونجهاري ۾ مُئي آهيان نه ته عمر جي ماڙين مون کي ڪين ماريو آهي.“ (ص 263)
ڊاڪٽر گربخشاڻي معنيٰ لکي آهي، ”جنهن جا ڪپڙا ڦاٽي لينگهون لينگهون ٿي ويا آهن“. (ص 703.13)
ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي، ”لنگڙيائي“ جي معنيٰ آهي ڦاٽل ڪپڙن واري (ص 425). حالانڪه لفظ ”لنگڙيائيئ“ جي معنيٰ آهي ”منڊي لنگڙي“.
قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق موجب اصل لفظ ته "لينگڙيائي" هيو ۽ آهي. تنهن ڪري، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ گربخشاڻي بيت جي معنيٰ واضح لفظن ۾ "لينگهون لينگهون" لکي آهي ان حالت ۾ ته هنن صاحبن کي "لينگڙيائي" لفظ لکڻو هيو.
حاجي محمّد سمي، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”لينگڙياري“ درست لکيو آهي.

ب. پلڪ نه پڇياس، پلڪ آءُ نه پڇياس: ديوان تارا چند شوقي رام پنهنجي رسالي ۾ ”پلڪ آءَ نه پڇياس“ لکيو ته شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ به ديوان صاحب جي پوءِ واري ڪندي لکي ڇڏيو. هنن صاحبن کان لفظ ”آءُ“ وڌيڪ لکجي ويو تنهن ڪري بيت ۾ ماترئون وڌي ويون بيت ۾ لئي نه رهي آهي ۽ وزن ۽ ردم ۾ فرق اچي ويو. لفظ ”آءُ“ کي بيت منجهان ڪڍي ڇڏجي.

ت. ڪوٺين، ڪوٺن، ڪوٽن: ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ "ڪوٺِيَن" لکيو آهي.
ٻانهي شيخ "ڪوٺن" لکيو آهي.
ممتاز مرزا لفظ "ڪوٽن" لکيو آهي.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ "ڪوٽن" درست آهي. ڇا ڪاڻ ته مارئي عمر بادشاهه جي قيد ۾ هئي ڪنهن عام ماڻهو وٽ مقيّد نه هئي جو کيس "ڪوٺين" ۾ بند ڪئي ويئي هجي ها. تنهن ڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه لفظ "ڪوٽ" استعمال ڪيو هُيو ان جو ثبوت اصل گنج شريف جي ص 681 تي آهي.

ث. مارن منجهه، مارن مونجهه مياس، مارن موج ٿياس: ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي لفظ "مُنجهه" لکيو آهي . ڪلياڻ آڏواڻي لفظ منجهه جي معنيٰ مونجهارو لکي آهي مگر بيت ۾ "مُنجهه" لفظ لکيو اٿس، اهو لفظ ماترائن ۾ به کٽل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي شيخ لفظ "مُونجهه" لکيو آهي.
ممتاز مرزا لفظ "موج ٿياس" غلط لکيو آهي.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي خان طرفان استعمال ڪيل لفظ "مُونجهه" درست آهي. ڇا ڪاڻ ته معنيٰ ۽ ماترائن جي لحاظ کان لفظ "موج ۽ مُنجهه" کان بهتر آهي.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو، بحث هيٺ آيل بيت هن طرح هيو .

[b]لِينگِڙيائِي لوءِ ۾، جَنهين لاءِ ٿِياس
تَنهِين تَان تِر جيترو، پَلڪ نه پُڇِياس
جَهروڪن جهوريو هِنيُون ڪوٽن آئون ڪُٺِيَاس
مَارُن مُونجهه مُياس، مَاڙِين مَارِيس ڪِينَ ڪِي.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ماروئي جي زباني فرمائي ٿو ته جن ماروئن جي ڪري عمر سومري وٽ نوان ڪپڙا نه پاتم توڙي جو ماروئن جا ڏنل ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا. انهن (ماروئن) منهنجو تر جيترو به خيال نه ڪيو منهنجي طرف پير ڀري اچي پلڪ ڀر به حال نه پڇيائون. عُمر جي ماڙين جي جهروڪن منهنجو جيءُ جهوريو ۽ عمر جي ڪوٽن مونکي ڪُٺو تنهن هوندي به اُهي تڪليفون مون ماروئن جي ڪري سيٺون مونکي ماڙين نه ماريو ۽ نه منجهايو مگر ماروئن جي بي رُخي ۽ سنڀار نه لهڻ واري مونجهه منهنجي من کي منجهائي ماريو .

*****

مُن مَاڙِيَجُو سُمَرا، ٻِنِِ پَارِِ ڏُکُه،
هِتِ عُمَرَ جُو اَهُکُه، هُتِ مَارُو ڏِينِمِ ميهَنَا.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر مارئي سنڌي ص710)

مون ماڙيءَ جو سومرا، ٻِنهين پارين ڏُکُه،
هِت عمر جو اَهَکه، هُت مارو ڏِينِمِ ميهڻا.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر مارئي ص581سال1900 )

مُون مَاڙِيءَ جو سُومرا، ٻِنهِي پَارين ڏُکُ،
هِتِ عُمَرَ جو اَهُکُ، هُتِ مَارُو ڏِينِ ميهِڻا.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر مارئي ص451سال2012 )

مون ماڙِيَ جو سومرا! ٻِنِين پارين ڏکُ،
هِتِ عمر َجو اهُکُ هُتِ مارُو ڏينمِ مِيهَڻا.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص546)

مون ماڙيءَ جو سومرا، ٻِنهِين پَارين ڏکُ،
هِتِ عُمرَ جو اهُکُ هُتِ مارو ڏِيِنمِ ميهڻا.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر مارئي ص710سال 1995 )

مون ماڙيء جو سومرا، ٻنهِين پَارين ڏکه،
هِت عمر جو اهُکه هُت مارو ڏِيِنمِ ميهڻا.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر مارئي ص840بااختيار ادارو سال 1994 )

مُون ماڙيءَ جو، سُومَرا! ٻِنهِين پارين ڏُک،
هِتِ عُمَرَ جو اَهُک، هُتِ مارو ڏِيِنِم مِنهڻان.
(علامه آءِ آءِ قاضي، شاهه جو رسالو سُر مارئي ص738سنڌي ادبي بورڊ سال 1993 )

مون ماڙيءَ جو سُومرا، ٻِنهِين پارين ڏُکُ،
هِت عمر جو اَهُکُ، هُت مارو ڏِينمِ ميهڻان.
( علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص664سال 1999ع )

مُون ماڙِيَ جو سُومَرا! ٻنيِن پاري ڏُکُ!،
هِتِ عُمَرَ جو اَهُکُ، هُتِ مَارُو ڏِينِم مِيهَڻا.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص277سال 2013ع روشني)

مُون ماڙِي جو سوُمَرا، ٻنِين پارين ڏُکُ،
هِتِ عُمَرَ جو اَهُکُ، هُتِ مارُو ڏِيِنمِ ميهَڻان.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر مارئي ص415سال 2013)

مُون ماڙيءَ جو، سُومرا! ٻِنِين پارين ڏُکُ،
هِتِ عُمَرَ جو اَهُکُ، هُتِ مَارُو ڏِيِنمِ مَيهڻا.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر مارئي ص269سال 1994 )

مون ماڙيءَ جو سومرا، ٻنهين پارين ڏک،
هِت عمر جو اَهک، هُت مارو ڏينم ميهڻا.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص646سال 2009ع مهراڻ)

مون ماڙيءَ جو سومرا، ٻنهين پارين ڏک،
هِت عمر جو اَهکه، هُت مارو ڏينم ميهڻا.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص 859سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

مون ماڙيءَ جو سومرا، ٻنهين پارين ڏک،
هِت عمر جو اَهک، هُتِ مارو ڏينم ميهڻان.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر مارئي ص 402سال 2008ع )

موُن ماڙيءَ جو سوُمَرا، ٻِنِين پارين ڏُکُ،
هِتِ عُمَرَ جو اَهُکُ، هُتِ مارُو ڏِيِنمِ ميهَڻان.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر مارئي ص167)

نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سُر مارئي نه لکيو .
ڪلياڻ آڏواڻي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي اهو بيت نه لکيو.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ماڙيءَ، ماريءَ)، (ٻنهين، ٻنين)

الف. ماڙيءَ، ماريءَ: قارئين ڪرام! گنج شريف ۾ لفظ ”ماريءَ“ جي ”ر“ اکر مٿان ”ٺ“ ٺڪر وارا ٻه نقطا ڏنل آهن، قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ” ڙ “ اکر به ائين لکيو ويندو هو. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”ماڙي“ لکڻ گهرجي.
مٿي جن صاحبن جا بيت اسان لکيا آهن، سي صاحبان آهن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ باگوجي ڏانوجي.
انهن صاحبن ”ماڙي“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي، ”ماڙي ۽ محلات“.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي، ته انهن سڀني صاحبن جن لفظ ”ماڙي“ جي معنيٰ محل ۽ ماڙي لکي آهي تن حقيقت ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل لفظ ”ماڙيءَ“ کي نه سمجهو آهي. ”ماڙيءَ“ لفظ جو اشارو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو ماروئي ڏانهن آهي. مارو ماڻهن کي ”ماڙيچي / ماڙيچو“ چيو ويندو هو ۽ ڪوٺيو ويندو آهي. ”شاهه جو رسالو“ ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت ”ماڙيچي“ متعلق فرمايل آهي. ملاحظه فرمايو:
ســرتـيـن سنجڻ ڇڏيو، ستين ڳالهه سُـــئي،
”ماڙيـچي“ ماڙين ۾، ڪـڏهن ڪـا نه هُئي،
عـــمــر آءٌ نــه مُــئي، ان اوڀــالــيـان اڳــهين.
(ديوان تاراچند، سُر ماروئي ص 600)

ب. ٻنهين، ٻنين: اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ٻنهين“ لفظ ”ٻنين“ جي مقابلي ۾ درست آهي هن خيال کان ته اِهو اصل لفظ آهي ”ٻن ئين“ يا ”ٻن ئي“ قديم دور ۾ الف حمزو ”هه“ هرڻيءَ ۾ ۽ ”هه“ هرڻي کي ”ء“ حمزي ۾ بدلائي لکندا هئا. ”ٻنين“ غلط لفظ ڊاڪٽر گُربخشاڻي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، غلام مصطفيٰ ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومري لکيو. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لفظ ”ٻنهين“ لکڻ گهرجي. لفظ ”ٻنهين“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، ٻانهون خان شيخ، ممتاز مرزا، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگوجي ڏانوجي، فقير تاج محمّد نظاماڻي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

مُون ماڙيءَ جو سُومرا! ٻِنهين پارين ڏُکُ،
هِتِ عُمَرَ جو اَهُکُ، هُتِ مَارُو ڏِيِنمِ مِيهَڻا.

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ماروئي جي ترجماني ڪندي فرمائي ٿو ته مون ماڙ جي علائقي جي رهندڙ ماڙيچي جي لاءِ اي سومرا (عمر) ٻنهين (ٻن ئي) پاسن ٻنهين طرفن ڏک تڪليف ۽ پريشاني آهي.
هت عمر تنهن جو اُهک، ڏک، ايذاءُ ۽ تڪليف آهي. مون کي ماروئن کان جدا ڪري ڪوٽ ۾ واڙيو اٿيئي. ٻي طرف ماروءَ ائين سمجهندا هوندا ته ڄاڻي واڻي ماروئن کي وساري ويٺي آهيان، تنهنڪري اهي اُتي ملير ۾ پيا مهڻا ڏين ۽ ميارون موڪلين اهو ئي سبب آهي ته مون کي عمر جي طرفان ۽ ماروئن جي طرفان يعني طرفين کان مون کي ذهني ڪوفت ۽ جسماني ايذيّت ۽ تڪليف پهچي ٿي.

*****