8. سُر کاهوڙي
اوءِ بَصِيَر بَرَنِـ۾، اَنڌا ٿيو اُڀَن،
ڪَنَنِ آڏيُون تاڙِيون، گُنگن جئن گُهمن،
فِراقئ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙنِ،
لَنگها ٿيا لاهوت کي، سُتا پيا سِڪن،
کَپت کاهوڙيَنِ، آهَ اُٿي پِئي نه لهي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 418 سال 1900ع)
اَچي پِيا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائي جَنِ،
اوءِ بَصيِرَ بَرّنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ،
ڪَنَن آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَن جِئَن گهمَنِ،
فِراقئَ فَرِمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگها ٿِيا لاهوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پئَي نه لَهي.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 375مڪتبه برهان )
ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وڃَائِي جَنِ،
اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تَاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گُهمَنِ،
فِراقِي فَرمَانَ جو، آهي ٻَرُ ٻَوڙَنِ،
لَنگَهان ٿِئو لاهُوتَ کي، سُتَا پِئَا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَه اُٿي پي نَه لَهي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 20 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
اچي پِيا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائي جَن،
سي بيران بَرن ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگنِ جِئن گهُنِ،
فِراقِي فَرمانَ جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
لَنگها ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاهوڙِين، آهَه اُتيجي نه لَهي.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 597 سال 2013)
ڏوري ڏسي ڏُنگرَين، واٽَ وڃائي جَنِ،
اُوءِ بصَير بَرنِ ۾، اَنڌا ٿيو اُڀينِ،
ڪَنن آڏيون تاڙيون، گُونگنِ جيئن گهُمنِ،
فراقَي فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻُوڙن،
لنگها ٿيو لاهوتَ کي، سُتا پيا سڪَنِ،
کَپتِ کاهوڙينِ، آههَ اُٿي پي نه لَهي.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص سُر کاهوڙي 503سال 1995)
اَچي پيا آٽَ ۾، واٽَ وڃِائِي جَنِ،
اُوءِ بَصيرَ بَرّن ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِئَن گُهمَنِ،
فِراقِئَ فَرِمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙِنِ،
لَنگها ٿِيا لاهوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پِئي نه لَهي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر کاهوڙي ص 502سال 1994 )
اَچي پَيا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائي جن،
اوءِ بَصِيرَ بَرن ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀن،
ڪَنَنِ آڏيُون تاڙِيُون، گُنگن جئن گُهمن،
فِراقئَ فرمان جو آهي ٻَرُ ٻوڙنِ،
لَنگها ٿِيا لاهُوت کي، سُتا پيا سِڪن،
کپت کاهوڙِين، آهَ اٿي پِئي نه لهي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 464مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
اچي پيا آٽـ۾، واٽ وڃائي جن،
اوءِ بَصِيرَ بَرنَـ۾ اَنڌا ٿيو اُڀن،
ڪَنَنِ آڏيون تاڙِيون، گُنگن جئن گُهمن،
فراقئ فرمان جو آهي ٻَرُ ٻوڙن،
لنگها ٿيا لاهوت کي سُتا پيا سِڪن،
کَپت کاهوڙين، آهَ اٿي پئَي نه لهي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 563 بااختيار ادارو سال 1994 )
اَچِي پِيا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جنِ،
اوءِ بَصِيرَ بَرَنَ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀنِ،
ڪَنَنِ آڏِيَون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِئَن گُهمَنِ،
فِراقِي فَرمانَ جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگها ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،
کَپَت کاهوڙِيَنِ، آه اُٿِئي پِئي نه لَهي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص618سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
ڏوري ڏِسِي ڏونگرين، واٽَ وِڃائي جَنِ،
اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀيِنِ،
ڪَنَنِ آڏَيُون تاڙيُون، گُنگنِ جيَئن گُهَمنِ،
فراقِي فَرمانَ جو آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَڱا ٿِئا لَطِيفُ چَئي، سُتا پِئا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاهوڙِينِ، آهَه اُتي پِي نَه لَهي.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 133سال 2009 سنڌ ثقافت)
اَچِي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وڃائي جَنِ،
سي بيرانِ بَرّن ۾، اَندها ٿِئو اُڀَن،
ڪَنَنِ آڏو تاڙِيُون، گُنگَنِ جنءِ گهُمَنِ،
کَپَت کاهوڙِيَن، آهَ اُٿي پِيي نَه لَهي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 361 سال 2013ع روشني)
اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن،
اوءِ بصير برن ۾، اَنڌا ٿيو اُڀن،
ڪنن آڏيون تاڙيون، گنگن جئن گهمن،
فراقئَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
لنگها ٿيا لاهوت کي، ستا پيا سڪن،
کپت کاهوڙين، آهه اٿي پئي نه لهي.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 439سال 2009ع مهراڻ)
ڏِسي ڏوري ڏونگريِن، واٽَ وَڃائي جن،
اوبصير برَن ۾ اَنڌا ٿِيو، اُڀين،
ڪَنَن آڏيون تاڙِيُون، گُنگن جِيئن گُهمن،
فِراقي فرمان جو، آهي ٻَرَ ٻوڙن،
لِڱا ٿيا لاهوت کي، سُتا پِيا سِڪن،
کَپَت کاهوڙين، آهي اڳين پنڌ جي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر کاهوڙي ص 328 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن،
اوءِ بصير برن ۾، اَنڌا ٿيو اُڀن،
ڪنن اَڏيون تاڙيون، گنگن جئن گهمن،
فراقئَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
لنگها ٿيا لاهوت کي، ستا پيا سڪن،
کپت کاهوڙين، آهه اٿي پئي نه لهي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 581 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن،
اوءِ بصير برن ۾، اَنڌا ٿيو اُڀن،
ڪنن آڏيون تاڙيون، گنگن جئن گهمن،
فراقيءَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
لنگها ٿيا لاهوت کي، ستا پيا سِڪن،
کپت کاهوڙين، آهه اتي پئي نه لهي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 268 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (اچي پيا آٽ ۾، ڏسي ڏوري ڏونگرين، ڏوري ڏسي ڏونگرين)، (سي بيران برن ۾، اوءِ بصير برن ۾)، (اُڀن، اُڀين)، (فراقي فرمان،)، (ٻر)، (لنگها، لنگهان، لَڱا، لِڱا)، (اتي جي نه لهي، اُتي پي نه لهي، اُٿي پي نه لهي، اٿي پئي نه لهي، اٿي پيي نه لهي، آهي اڳين پنڌ جي)
نوٽ: حضرت ڀٽ ڌڻيءِ جي هن بيت جي پهرين مصرع کي ٽن مختلف صورتن ۾ لکيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه ڏهه متضاد لفظ لکي بيت کي بيحد متنازعه بنايو اٿن:
اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن،
ڏِسي ڏوري ڏونگريِن، واٽَ وَڃائي جن،
ڏوري ڏِسِي ڏونگرين، واٽَ وِڃائي جَنِ،
الف. اچي پيا آٽ ۾، ڏسي ڏوري ڏونگرين، ڏوري ڏسي ڏونگرين: قارئين ڪرام! پهرين مصرع ”اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن“ هن فقري جو مقصد هي آهي ته جن واٽ وڃائي سي آٽ ۾ اچي پيا. اسان جڏهن هن مصرع تي غور ڪيو ته ڪيئن واٽ وڃايائون ۽ ڪٿان واٽ وڃايائون ته اسان کي ٻنهي سوالن جو جواب نه مليو. مگر ”ڏوري ڏِسي ڏونگرين، واٽ وڃائي جن“ هن مصرع منجهان معلوم ٿئي ٿو ته لاهوتي ڏوري ڏوري ڏونگرن وٽ پهتا ۽ پوءِ انهن ڏونگرن ۾ واٽ وڃائي ويٺا يعني اول ته صراط المسقيم (سنئين ۽ سڌي واٽ) تي گامزن هئا مگر ڏونگرن ۾ ڏٿ کي ڏسندي ۽ ڳوليندي انهن واٽ وڃائي ڇڏي.
اسان جي تحقيق مطابق ”ڏسي ڏوري ڏونگرين، واٽ وڃائي جن“ هن مصرع کان وڌيڪ بهترين مصرع آهي ”ڏوري ڏسي ڏورنگرين، واٽ وڃائي جن“ ٻي مصرع هن ڪري بهتر سمجهون ٿا ته انهيءَ مصرع منجهان معلوم ٿئي ٿو ته پهريائين ڏوٿين ڏونگرن طرف ڏورڻ شروع ڪيو جڏهن ڏونگرن وٽ پهتا ته پهچي ڏٿ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي راهه ڀلجي ويا. جن صاحبن اها مصرع لکي آهي سي صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. باقي صاحبان جي لکيل پهرين مصرع مناسب نه لکيل آهي.
ب. سي بيران برن ۾، اوءِ بصير برن ۾: قارئين ڪرام! ”سي بيران برن ۾“ جن صاحبن فقرو لکيو آهي سي آهن عثمان علي انصاري ۽ غلام محمّد شاهواڻي. هنن جو لکيل فقرو هن ڪري غلط قرار ڏيون ٿا ته ٻيو فقرو جيڪو سيّد عبدالعظيم ص 503 ۽ حاجي محمّد سمي ص 306 تي لکيو آهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، حاجي سگهڙ الله داد جنجهي، ممتاز مرزا، علامه آءِ آءِ قاضي، باگو جي ڏانو جي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي لکيو آهي سو بلڪل با مقصد ۽ با معنيٰ آهي.ملاحظه فرمايو:
”اوءِ بصير برن ۾“
قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”بصير“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي. ”اندر جي اکين وارا“ (ص 135) ياد رهي ته ڊاڪٽر بلوچ ”بصير“ لفظ جي معنيٰ بيت جي مضمون جي خلاف لکي آهي. ٻانهي خان شيخ جلد ٽين جي (ص 20) تي ”بصير“ جي معنيٰ لکي آهي ”ڏسندڙ، اکين وارا“ هي صاحب به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جو اصل مقصد سمجهي نه سگهيو. ڪلياڻ آڏواڻي بصير جي معنيٰ لکي ڏسندڙ، بصارت وارا (ص 375). شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ به لغات لطيفي جي صفحي 238 تي معنيٰ لکي آهي ”ڏسندڙ، بصيرت وارا“.
عثمان علي انصاري صفحي 669 تي ”بصير“ لفط جي معنيٰ بصيرت وارا، ڄاڻو، ڏسڻ هار لکي آهي. علامه قاسمي به صفحي 464 تي ”بصير“ لفظ جي معنيٰ ڏسندڙ لکي آهي.
ياد رهي ته اسان هنن صاحبن جي لکيل معنيٰ لغت جي لحاظ سان ته برابر سمجهون ٿا، مگر بيت جي مناسبت سان روحاني معنيٰ نه لکڻ ڪري سندن لکت کي غلط قرار ڏيون ٿا. هنن صاحبن کي واضح طور تي لکڻ گهربو هو ته کاهوڙي بظاهر بصارت وارا ۽اکين سان ڏسندڙ آهن مگر هنن وٽ بصيرت ۽ حقيقتي نوري واٽ کي ڏسڻ واري اک نه آهي. تنهنڪري اهي روحاني دنيا ۾ انڌن وانگر آهن.
ت. اُڀن، اُڀين: جن صاحبن لفظ ”اُڀين“ لکيو آهي سي آهن سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ. هنن صاحبن اهو لفظ نامناسب لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع جو قافيو ”جن“ آهي. بيت جي ٽين مصرع جو قافيو ”گُهمن“ آهي. چوٿون ”ٻوڙن“ ۽ پنجون ”سِڪَن“ آهي.
اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن بيت جو ٻيون قافيو ”اُڀَنِ“ لکيو آهي تن درست قافيو لکيو آهي.
ث. گهمن، گهن: فقط عثمان علي انصاري بيت جي ٽين مصرع جوآخري لفظ ”گُهن“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ڪمپوزر جي غلطي ۽ پروف ريڊر جي بي ڌياني سببان لفظ ”گهمن“ بجاءِ ”گهن“ لکجي ويو. عثمان علي انصاري جي غلطي نه ٿا سمجهون.
ج. فراقي فرمان: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري معلوم ڪيو آهي. ته غلام محمّد شاهواڻي بيت جي اها خاص مصرع نه لکي آهي. هن مصرع ۾ سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن الفاظ “فراقي فرمان ” لکيا آهن اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته قرآن مجيد ۽ فرقانِ حميد ۾ ۽ احاديث نبوي صلي الله عليه وسلم ۾ روحن جي فراق بابت فراقي فرمان جو ڪو به ذڪر نه آهي. ليڪن ”فرقاني فرمان“ جو تذڪرو فرقان حميد ۾ بار بار اچي ٿو. فرقاني فرمان مجهان مراد آهي ”الله پاڪ جا فرمودات جيڪي آقاءِ نامدار حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم تي نازل ٿيا.
اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ الفاظ ”فرقاني فرمان“ فرمايا مگر راوين جي بي ڌياني سببان لفظ ”فرقاني“ بجاءِ ”فراقي“ ٻڌايو ۽ لکايو ويو.
ح. ٻر: سڀني صاحبن لفظ ”ٻر“ لکيو آهي. لفظ ”ٻر“ جي معنيٰ ٻانهي خان شيخ لکي آهي ”آسرو، ڏڍ، ڀروسو، ٽيڪ“ (ص 20 جلد 3)، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ٻر“ لفظ جي معنيٰ ”زور، ۽ ڏڍ“ (ص 133)، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ”ٻر“ جي معنيٰ ”افسوس“ (ص 464)، ڪلياڻ آڏواڻي ”ٻر“ جي معنيٰ ”افسوس“ (ص 375)، لکي آهي. مطلب ته سڀني صاحبن ”ٻر“ لفظ جي معنيٰ ”افسوس“ لکي آهي مگر شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ڊاڪٽر بلوچ وانگر ”ٻِر“ لفظ جي طاقت ۽ زور“ معنيٰ لکي آهي.
قارئين ڪرام! هن بيت جو تعلق صُمُّ بُکْمُ’ عُمْیُ’ فَھُمْ لَا یَعْقِلُونَ (سورۃ البقرۃ 171) سان آهي لفظ ”ٻر“ اصل ۾ لفظ ”ٻـُڙ“ آهي. ”ٻُڙ“ لفظ مان ٻيو لفظ ”ٻڙو“ ٺهي ٿو. ڪن بند ڪرڻ لاءِ جئن ڪپهه يا ڪپڙي جو ٻڙو ٺاهي ڪن بند ڪبا آهن، تئن وِنگي واٽ تي هلڻ وارن جي ڪنن جون تاڪيون بند ٿي وينديون آهن.
خ. لنگها، لنگهان، لَڱا، لِڱا: قارئين ڪرام! لفظ ”لنگهان“ فقط ٻانهي خان شيخ لکيو آهي ۽ معنيٰ ”لنگهه کان، رستي يا واٽ کان“، بلڪل بي تڪي ۽ بي مقصد لکي اٿس. (ص 20 جلد 3 ).
جن صاحبن لفظ ”لنگها“ لکيو آهي سي صاحبان آهن عثمان علي انصاري ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، ڪلياڻ آڏواڻي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ممتاز مرزا، علامه آءِ آءِ قاضي، باگو جي ڏانو جي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
قارئين ڪرام! هن بيت تي تحقيق ڪرڻ دوران ذهن ۾ هي خيال پيدا ٿيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جهڙو قابل انسان لفظ ”لنگها“ ڪيئن لکندو تنهنڪري اسان مٿي ڄاڻايل سڀني صاحبن جن جا بيت لکي آيا آهيو تن جون لکيل معنيٰ واريون پٽيون پڙهيون سين، جن مان معلوم ٿيو ته علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”لنڱا“ لکيو مگر پروف ريڊر جي غلطي سببان لفظ “لنگها” لکجي ويو. (لفظن جي پٽي ص 859)
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لغات لطيفي جي ص 200 تي لفظ “لنگا” لکيو آهي. معنيٰ رقم ڪئي اٿس ”لنگڙا، منڊا، (پارسي لنگ)“ اسان ثابت ڪيو آهي ته شمس العلماءَ بيت ۾ لفظ ”لنگا“ لکيو مگر ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي غلطي سببان لفظ ”لنگها“ لکجي ويو.
عثمان علي انصاري واري ترتيب ڏنل رسالي جي لفظن واري پٽي ۾ صحفي 307 تي لفظ ”لنڱا“ لکيل آهي معنيٰ لکيل اٿس ”لنگڙا، منڊا، جڏا“ اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته اها غلطي به ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي آهي. اسان وڏي سوچ ۽ فڪر سان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته باگي جي به لفظ واري پٽيءَ ۾ لفظ ”لنڱا“ لکيو آهي.
قارئين ڪرام! جيڪڏهن اهڙي تحقيق نه ڪريون ها ته اسان کي اهو پتو نه پوي ها جنهن کان اسان اوهان کي باخبر ڪيو آهي.
تحقيق ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته حضرت ڀٽ ڌڻي جي هن بيت ۾ لفظ ”لِڱا، لَنڱا ۽ لَنگا“ الفاظ لکڻ وارا صاحبان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله دادا جنجهي نه آهن مگر شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري ۽باگوجي ڏانوجي صاحبان به آهن.
هاڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته بيت ۾ لفظ ”لنگا لکجي يا لنڱا لکجي“ لفظ ”لنگا“ فارسي ٻولي مان ورتل آهي لنگ چئبو آهي منڊي کي ۽ سنڌي ۾ لنگا جمع جي صورت ۾ لکيو ويو آهي. ٻيو لفظ آهي ”لنڱا“ هي خالص سنڌي لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”بيمار“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ جي استعمال ۾ ڪمال مهارت رکڻ وارو بزرگ آهي. اسان جي تحقيق مطابق لڱائي چڱائي ٻه لفظ قديم زماني کان سنڌي زبان ۾ مروج آهن. اسان ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ “لنڱا” پنهنجي هن بيت ۾ فرمايو آهي.
قارئين ڪرام! هڪ لفظ آهي ”لِڱا“ ۽ ٻيو لفظ آهي ”لَڱا“. لفظ ”لِڱان“ جي معنيٰ آهي وقت، ڀيرو، ۽ ”لڱان“ جي معنيٰ آهي، بيمار. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”لَڱا“ ۽ سهگڙ حاجي الله داد جنجهي ”لِڱا“ لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل لفظ کي درست سمجهون ٿا.
د. لاهوت، لطيف: قارئين ڪرام! فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”لطيف“ لکيو آهي. باقي ٻين سڀني صاحبن لفظ ”لاهوت“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت منجهان اصل لفظ “لاهوت” ڪڍي ان جي جاءِ تي لفظ ”لطيف“ بلڪل نا مناسب لکيو آهي.
فقيرن جون چار روحاني منزلون ٿين ٿيون. پهرين ناسوت، ٻي ملڪوت، ٽين جبروت ۽ چوٿين منزل لاهوت آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کاهوڙين جي چوٿين منزل طرف پنهنجي بيت ۾ اشارو ڏنو آهي. انهي بيت منجهان لفظ ”لاهوت“ ڪڍي لفظ ”لطيف“ لکڻ، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان نا انصافي ڪرڻ جي برابر ٿيندي.
ذ. آهه اتي جي نه لهي، آهه اُٿي پي نه لهي، آهه اٿي پئي نه لهي، آهه اٿي پيي نه لهي، آهي اڳين پنڌ جي: قارئين ڪرام! ”آهه اتي جي نه لهي“ لکڻ وارا صاحبان آهن فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ عثمان علي انصاري، هنن صاحبن بيت جي آخري مصرع جو آخري فقرو اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته انهي فقري جو مٿين ساڍ ين پنجن مصرعن واري معنيٰ سان ڪو به تعلق نه آهي.
جن صاحبن ”آهي اڳين پنڌ جي“ فقرو لکيو آهي تن به اسان جي تحقيق مطابق نا مناسب فقرو لکيو آهي. هن ڪري ٿا لکون ته کاهوڙين کي (اڳين پنڌ جي کپت ) واري مصرع جو مضمون مٿين پنجن مصرعن جي مضمون سان نه ٿو ملي. اهو فقرو “آهي اڳين پنڌ جي” لکڻ وارو سگهڙ الله داد جنجهي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”آهه اُتي پِي نه لهي“ به غلط لکيو آهي.
اسان جي تحقيق مطابق فقرو ”آهه اٿي پئي نه لهي“ بيت ۾ مناسب لکيو ويو آهي. مگر (اٿي پئي، اٿي پيي، اٿئي پئي) منجهان ڪهڙا الفاظ درست آهن؟ اسان انهن تي تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته الفاظ ”اُٿي پئي“ ٻين مٿين لفظن کان بيت ۾ زياده مناسب آهن. اهي الفاظ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، باگي جي ڏاني جي، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ديوان تاراچند لکيا آهن.
تحقيق بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي
[b]ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرِين، وَاٽَ وِڃَائِي جَنِ،
اُوءِ بَصِير بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀن،
ڪَنَن آڏِيُون تَاڙِيُون، گُنگُن جِئَن گُهمَنِ،
فُرقَانِي فَرمَانَ جو، آهي ٻُڙ ٻوڙَنِ،
لَنڱا ٿِيا لاَهُوتَ کي، سُتا پَيا سِڪن،
کَپت کَاهوڙِيَن، آهه اُٿي پَئي نَه لَهي.[/b]
معنيٰ: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن ڇهن مصرعن واري بيت ۾ کاهوڙين جو ذڪر ڪيو آهي. ياد رهي ته کاهوڙي ٻن قسمن جا آهن هڪڙا اوّل درجي جا جيڪي الله جي ولين ۾ شمار ٿين ٿا ۽ ٻيا کاهوڙي عام آدمين ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. هن بيت جي ٻي نمبر مصرع ۾ کاهوڙين بابت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته ڏونگرن ۾ وڃي ڏٿ حاصل ڪرڻ وارن (هن جهان ۾ زندگي گذارڻ وارن) کاهوڙي دنياوي لالچن ۾ ڦاسي اصل مقصد کي ڀلائي ويٺا يعني صراط المسطقيم تي هلڻ بجاءِ ڏنگي راهه تي هلڻ لڳا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ هن آيت جو ترجمو فرمايو آهي. (صُمُ‘ بکُم‘ عُمیَنْ فَھُمْ لَایَقعلون) هن بيت ۾ فرمايائون ته هنن کاهوڙين کي ڏسڻ واريون اکيون ته آهن يعني بصارت ته اٿن مگر بصيرت نه اٿن يعني روحاني راهه کي ڏسڻ واريون اندر واريون اکيون کليل نه اٿن. (لَایبصِرُون).
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن بيت جي ٽين مصرع ۾ فرمايو آهي ته راهه رلين جي ڪنن آڏو تاڙيون لڳل آهن، يعني الاهي احۡڪام ٻڌي نه ٿا سگهن تنهنڪري گُنگُن وانگر گهمن ٿا. (صُمُ‘ بکُم‘ عُمیَیُ‘)
چوٿين مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته صراط المسطقيم کان ڀٽڪي ويل فرقاني فرمان يعني قرآن پاڪ ۾ فرمايل حڪمن کي ٻڌي نه ٿا سگهن ڇا ڪاڻ ته انهن جي ڪنن ۾ ضد ۽ جهالت جا ٻڙا پيل آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنجين مصرع ۾ فرمايو آهي ته اهي سنئين راهه کان ڀٽڪي ويل ماڻهو روحاني طور تي روڳي آهن اهي لاهوت جي زيارت لاءِ آتا ۽ سڪائتا ته آهن مگر ويل وڃائي ويٺا آهن.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڇهين مصرع ۾ پهرين نمبر جي کاهوڙين بابت فرمائي ٿو ته اڳ ۾ مٿي ذڪر ڪيل سنئين راهه کان ڀٽڪي ويل ۽ راهه ريلن کاهوڙين جو الله وارن کاهوڙي فقيرن کي اُٿي، ويٺي، سُتي، گهمندي ۽ ڦرندي فڪر ۽ گڻتي آهي ته ڪنهن طرح سان ڀٽڪيل کاهوڙي سئين راه تي پهچن.