لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

28. سُر سُنهڻي

ڪُڀُن مَنجِه ڪَسَابَ، جي وَهَنُ اَچِي ويلُو ڪَري،
اَچيسِ نَه اُوصَافُ، رَتِي ريجَ نه سِنّجِري.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر سهڻي ص366)

ڪُ ڀُونءِ مَنجِهه ڪَسَابَ، جي وَهَڻُ اَچِي ويلو ڪَري،
اَچيسِ نَه اوصَافُ، رَتِي ريجَ نَه سِنجِري.
(ٻانهو ن خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص304سال 2000)

ڪُڀُون منجهه ڪَسَابَ، جي وَهَڻُ اچِي ويلو ڪري،
اچيسِ نه اوصافُ، رتي ريجَ نه سِنجري.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءِ ۾ سُر سهڻي ص366سال 1995 )

ڪنڀو منجهه ڪساب، جي وهڻ اچي ويلو ڪري،
اچيس نه اوصاف، رِتي ريج نه سِنجري.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص 204سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

نوٽ: سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ ۽ باگي جي ڏاني جي اهو بيت لکيو آهي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪُڀُون، ڪُ ڀُونءِ، ڪنڀو)، (ڪساب)، (اوصاف)

الف. ڪُڀُون، ڪُ ڀُونءِ، ڪنڀو: قارئين ڪرام! باگي جي ڏاني جي لفظ ”ڪنڀو“ لکيو آهي جنهن کي نه زير نه زبر ۽ نه پيش ڏنل آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته باگي جي ڏاني جي اهو لفظ ”ڪنڀو“ غلط لکيو آهي.
رهيو سوال لفظ ”ڪُڀون ۽ ڪُ ڀُونءَ“ الفاظ جو ته اسان جي تحقيق مطابق ڪُڀُون“ لفظ ملائي لکڻ سان پڙهندڙ خواتين و حضرات ڪجهه قدر مونجهاري جو شڪار ٿي سگهن ٿا. اهو لفظ ممتاز مرزا لکيو آهي. انهي جي مقابلي ۾ ٻانهي خان شيخ، لفظ ”ڪُ ڀُون“ لکيو آهي، الڳ ڪري ته لکيو اٿس. مگر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته هن صاحب معنيٰ ”(سٺي) زمين“ لکي آهي. جيڪا حقيقت جي بلڪل برعڪس آهي. حقيقت هي آهي ته لفظ ”ڪُ+ڀُون“ جي معنيٰ آهي ”ڪُ معنيٰ خراب، ڀُون معنيٰ زمين“ يعني خراب زمين، بنجر زمين، اها زمين جنهن منجهان سٺي پيداوار نه ملي.
ب. ڪساب: قارئين ڪرام! لفظ ”ڪساب“ تحقيق هيٺ آيل بيت ۾ سڀني ليکڪن لکيو آهي. ٻانهي خان شيخ، لفظ ”ڪساب“ جي معنيٰ آيام، زمانه ۽ عرصا لکي آهي اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب معنيٰ بلڪل غلط لکي آهي ۽ باگي جي ڏاني جي ته انهي لفظ جي معنيٰ نه لکي آهي.
اسان تحقيق ڪري انهيءَ لفظ جي معنيٰ پاڻي جي واهي، پاڻي جي نالي يا پاڻي جي ڪسي ثابت ڪئي آهي.

ت. اوصاف: قارئين ڪرام! مٿين چئني بيتن ۾ ڪاتب توڙي ليکڪ صاحبان لفظ ”اوصاف“ لکيو آهي. اهو لفظ بيت جي پهرين ڪافيي سان نه ٿو ملي، پهريون ڪافيو آهي ”ڪساب“ ته اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت جِي ٻي مصرع جو لفظ ”اوساب“ فرمايو جنهن جي معنيٰ آهي، ”اوس“ معنيٰ ”هرگز ۽ پڪ“، ”آب“ معنيٰ ”پاڻي“ يعنيٰ ”پڪ ۽ يقين سان هر حالت ۾ پاڻي جو وهي اچڻ ۽ انهي پاڻي جي وهي اچڻ کي ريج چئبو آهي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

[b]ڪُ ڀُون مَنجهه ڪَسَابَ، جي وَهَڻُ اَچِي ويلو ڪَري،
اَچيسِ نَه اَوَسابَ، رَتِي ريجَ نَه سِنجري.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته خراب ۽ بنجر زمين ۾ توڙي جو پاڻي جي ڪسي وهائي ان کي سيراب ڪيو وڃي ته به انهي ۾ اهو ڇڏيل ريج توڙي جو ايندو ته به نه اچڻ جي برابر ٿيندو اها خراب زمين آبادي جي لاءِ رتي برابر به نه سِنجرندي، بنجر رهندي ۽ زرعي آبادي لاءِ تيار نه ٿيندي.

*****

ڀُن تِي ڀُورَ وسَي جي وَهن اَچِي ويلُو ڪَري،
سَنکَّه پَڇَدي سِيَ، ڪَنُون ڪَايَا نَڇَڏي.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر سهڻي ص366)

ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي وَهَڻُ اَچي ويلو ڪَري،
سَنگَ پَچَندي سِينءِ، ڪَانُو ڪَايَا نَه ڇڏي.
(ٻانهو ن خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص304سال 2000)

ڀُون تي ڀُورَ وسي جي وَهڻُ اچِي ويلو ڪري،
سَڱ پڇندي سيئن، ڪَڻون ڪايا نه ڇڏي.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر سهڻي ص366سال 1995 )

ڀونءِ تي ڀنورو کين، وهڻ اچي ويلو ڪري،
سنگ پچندي سين، ڪانو ڪايا نه ڇڏي.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص 204سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

نوٽ: سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ ۽ باگوجي ڏاني جي اهو بيت لکيو آهي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڀون، ڀونءِ)، (ڀور، ڀورو، ڀنورو)، (وسي، سين، کين)، (سنڱ. سنگ، سنک)، (پڇندي، پچندي)، (ڪانو، ڪڻون).

الف. ڀون، ڀونءِ، ڀن: سيّد عبدالعظيم لفظ ”ڀُن“ لکيو آهي، اهو قديم سنڌي صورت خطيءَ مطابق لکيو اٿس. ممتاز مرزا، لفظ ”ڀُون“ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ مطابق لکيو ويو آهي.
ٻانهي خان شيخ به لفظ ”ڀونءِ“ لکيو آهي انهي کان لفظ ”ڀونءِ“ بيت جي مناسبت سان سٺو لکيو ويو آهي. لفظ ”ڀُون“ جي معنيٰ آهي سٺي زمين، آبادي جي لائق زمين.

ب. ڀور، ڀورو، ڀنورو: باگي جي ڏاني جي لفظ ”ڀنورو“ لکيو آهي، جنهن کي نه زير، نه زبر ۽ نه پيش ڏنل آهي. ٻانهي خان شيخ لفظ ”ڀورو“ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق ٻانهي خان ۽ باگي جي ڏاني جي الفاظ مناسب نه لکيا آهن. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سيّد عبدالعظيم، بيت جي مناسبت سان لفظ ”ڀورو“ درست لکيو آهي. ممتاز مرزا سيّد صاحب جي لکت کي سمجهي نه سگهيو، تنهنڪري لفظ ”ڀوروسي“ لکيائين.
ت. وسي، سينءَ، کين: باگي جي ڏاني جي لفظ ”کين“ لکيو آهي نهايت ئي غلط لفظ لکيو اٿس. ٻانهي خان شيخ، لفظ ”سينءَ“ درست لکيو آهي. سيّد عبدالعظيم جي لکيل لفظن کي غور سان ڏسجي ته ”ڀوروسِِ“ (ڀورو سين) معلوم ٿيندو. اهي برابر الفاظ آهن.

ث. سنڱ. سنگ، سنک: لفظ ”سنڱ“ ممتاز مرزا لکيو آهي، نهايت ئي غلط لفظ لکيو اٿس . هن بيت سان لفظ ”سنڱ“ جو ڪو به تعلق نه آهي. باگي جي ڏاني جي، ٻانهي خان شيخ لفظ ”سنگ“ نهايت ئي درست لکيو آهي.

ج. پڇندي، پڇندي، پچدي: سيّد عبدالعظيم لفظ ”پچندي“ لکيو. ممتاز مرزا،لفظ ”پڇندي“ غلط لکيو. ٻانهي خان ۽ باگي جي ڏاني جي لفظ ”پچندي“ درست لکيو آهي.
ح. ڪانو، ڪڻون: ٻانهي خان شيخ ۽ باگي جي ڏاني جي لفظ ”ڪانو“ غلط لکيو آهي. مگر سيّد عبدالعظيم ۽ ممتاز مرزا لفظ ”ڪڻون“ يعنيٰ داڻو درست لفظ لکيو آهي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

[b]ڀُونءَ تي ڀُورَو سينءَ جي وَهڻُ اَچِي ويلو ڪري،
سَنگ پَچندي سِينَءَ، ڪَڻون ڪَايَا نه ڇڏي.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سٺي ڌرتيءَ جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو ته ڀلي زمين پاڻي جي ڪسي جي وهڻ سان ايتري قدر چڱي طرح سيراب ٿي وڃي جو پاڻي مٿس بيهجي وڃي يعني زمين جو پورو ريج ٿي وڃي ته پوءِ اهڙي زمين ۾ سنگ به سٺو پچندو ۽ سنگ پچندي تائين اُن ۾ پيل اَن جا داڻا ڪاني سان گڏ مضبوط رهندا، زمين خس نه ٿيندي، ۽ اَناج سٺو اُپائيندي.

*****

سَنَدا پُڇُ مَ سُنهَنِِ، اُونڌَاهِي اَڌَ رَاتِ،
پِريَان ڏي پِرڀَاتِ، واءُ ڏيتَاري ڏِيهَجُو.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر سهڻي ص363)

سَدا پڇ م سُنهڻي، اونڌاهي اڌ رات،
پِرِيان ڏي پرڀات، ونءُ ڏيٺاري ڏِينـ هن کي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص152سال1900 )

سَدَا پُڇُ مَ سُوهَڻِي، اُونداهِيءَ اَڌَ راتِ،
پِرِيَان ڏي پِرڀَاتِ، وَانءُ ڏيٺَاري ڏِيهَه کي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص302سال2012 )

سدا پُڇُ مَ سوهَڻِي، اُونداهِيَ اَڌَ راتِ،
پِريان ڏي پرڀات، وانءُ ڏيٺاري ڏِيـ هَ کي.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص251)

سندا پُڇُ مَ سُهڻي، اونڌاهي اَڌَ راتِ،
پريان ڏي پرڀاتِ، وانءُ ڏيتاري ڏِينهن جو.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر سهڻي ص363سال 1995 )

سدا پڇ م سُهڻي، اُونداهي اڌ رات،
پِريان ڏي پرڀات، ونءُ ڏيٺاري ڏِينهن کي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص198بااختيار ادارو سال 1994 )

سَدا پُڇ مَ سُهَڻِي، اُونداهِيءَ اَڌَ راتِ،
پِرِيان ڏي پِرڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏِيهَه کي.
(علامه آءِ آءِ قاضي، شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص810سنڌي ادبي بورڊ سال 1993 )

سَدا پُڇُ مَ سُنهَڻِي، اُونڌاهِيءَ اَڌَ راتِ،
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏِينـ ه کي.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه رسالو سُر سهڻي ص380سال 2009 )

سدا پڇ مَ سُهڻي، اُونداهِي اڌ رات،
پِريان ڏي پرڀات، وَنءُ ڏيٺاري ڏِينهن کي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص187سال 1999ع )

سَدا پُڇَ مَ سُوهَڻِي! اُونڌاهِيَ اَڌَ راتِ،
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏِيـ هَ کي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص132سال 2013ع روشني)

سَدا پُڇ م سُهڻِي! اونڌاهي اَڌ رات،
پِريان ڏي پِرِڀات، ونئن ڏِيٺاري ڏِينهن کي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص123سال 2008ع )

سَدا پُڇُ مَ سُوهَڻِي، اونڌاهِي اَڌَ راتِ،
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏِيههَ کي.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص160سال 2013)

سَدا پُڇُ مَ سُهڻِي، اُونداهِي اَڌَ راتِ،
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏِينهَن کي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سهڻي ص171سال 1994 )

سدا پڇ م سهڻي، اُونداهي اڌ رات،
پِريان ڏي پرڀات، ونءُ ڏيٺاري ڏِينهن کي.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص178سال 2009ع مهراڻ)

سدا پڇ م سهڻي، اُونداهي اڌ رات،
پِريان ڏي پرڀات، ونءُ ڏيٺاري ڏِينهن کي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص196سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

سدا پڇ م سهڻي، اونداهي اڌ رات،
پِريان ڏي پرڀات، ونئن ڏيٺاري ڏِينهن کي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص 88سال 2008ع )

نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق اهو بيت نه لکيو .

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سندا، سدا)، (پُڇُ)، (ڏيتاري، ڏيٺاري)، (کي، جو)

الف. سندا، سدا: قارئين ڪرام! اسان مٿي جن صاحبن جي طرفان لکيل بيت اتاريا آهن تن سڀني صاحبن لفظ ”سدا“ لکيو سواءِ سيّد عبدالعظيم ۽ ممتاز مرزا جي.
ممتاز مرزا بغير سوچ ۽ سمجهه جي سيّد عبدالعظيم جي تقليد ڪندي لفظ ”سندا“ لکيو جيڪو هن کي نه لکڻ گهربو هو.

ب. پُڇُ: قارئين ڪرام! سڀني صاحبن بيت جي پهرين مصرع جو ٻيو لفظ ”پُڇُ“ لکيو آهي، اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ هر گز نه ٿو سونهين. ڇا ڪاڻ ته سنهڻي پنهنجي پيءُ، ماءُ، پنهنجي مڙس ڏم ۽ پاڙي وارن کان ته ميهار ڏانهن وڃڻ وقت لڪي ۽ ڇُپي نڪرندي هئي. هو ڪنهن کان به نه پڇندي هئي مگر محقق حضرات لفظ ”پُڇُ“ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي شخصيت ۽ علمي اهليت تي هڪ قسم جوحملو ڪيو آهي. شاهه صاحب رحه سنهڻي کي ڪئن چوندو ته مڙس کي ڇڏي پنهنجي يار ميهار ڏانهن ويندي رهه. ۽ سدائين وڃڻ جي لاءِ ڪنهن کان پڇ نه.
قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق حقيقت هي آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه لفظ ”پُڄ“ فرمايو هو.

ت. ڏيتاري، ڏيٺاري: قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم لفظ ”ڏيتاري“ لکيو اهو هن ڪري ته قديم سنڌي صورت خطيءَ م ”ٺ“ اکر بجاءِ ”ت“ اکر استعمال ڪيو ويندو هو. مگر پڙهڻ وارا ”ت“ ۽ ”ٺ“ مصرع جي معنيٰ جي آڌار تي پڙهندا هئا. اصل لفظ ”ڏيٺاري“ آهي جيڪو ٻين سڀني مرتبن ۽ محققن لکيو آهي. ”ڏيٺاري “ لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن ڪري استعمال ڪيو آهي ته ان بزرگ سنهڻي کي هي سنهڻي صلاح ڏني ته تون سدائين اونداهي اڌرات جو لڪي ڇپي اچي ساهڙ جي سلامي ڀريندي آهين تو کي ائين نه ڪرڻ گهرجي تون ڏينهن ڏٺي جو مهيار وٽ هلي ايندي ڪر.
قارئين ڪرام! ڏيٺاري ڏينهن جو سنهڻي تڏهن هلي ايندي جڏهن سنهڻي مهيار جي زال ٿيندي ۽ زال تڏهن ٿيندي جڏهن هو ڏم کان طلاق وٺندي.
ث. کي، جو: قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم ۽ ممتاز مرزا بيت جي آخري مصرع جو آخري لفظ ”جو“ لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو اٿن. باقي ٻين صاحبن لفظ ”کي“ لکيو آهي اهو لفظ ”کي“ مناسب نه لکيو اٿن.

تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

[b]سَدا پُڄ مَ سُنهڻِي، اُونداهِي اَڌَ راتِ،
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وَانءُ ڏيٺاري ڏِينهَن جو.[/b]

معنيٰ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه فرمائي ٿو ته اي سنهڻي تون سدائين اونداهي اڌرات ۾ ساهڙ وٽ پهچندي آهين، تو کي پيءُ ماءُ، مڙس ۽ پاڙي وارن کان لڪي ڇپي وڃڻو پوندو آهي تو ائين نه ڪر تون پنهنجي پرينءَ ڏي ڏينهن ڏٺي جو يا پرڀات جي وقت جڏهن اڪثر ماڻهو ننڊ منجهان سجاگ ٿي چڪا هجن، ان وقت ويندي ڪر، (تو ن پنهنجي پرينءَ ڏي ڏيٺاري ڏينهن جو تڏهن وڃي سگهندينءَ جڏهن ان جي زال ٿيندينءَ ۽ زال تڏهن ٿيندينءَ جڏهن ڏم کان نڪاح ٽوڙائيندينءَ).

*****

آڌي اُڌاڻو هنئڙو مون هٿن مان
وُه پَئي واهڙ تري ساهڙ سيباڻو
ڀيڄ ڀني ڀاڻو، پِيه جو پَسي آئيو

(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سر سهڻي ص 426 سال 1900 )

آڌي اُڌاڻو هينئڙو مون هٿن مان
وُه پَئو واهڙ تري ساهڙ سيباڻو
ڀيڄ ڀني ڀاڻو، پِيه جو پَسي آئيو

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو 2009ع سر سهڻي 02-392)

آڌي اُڏاڻو هينئڙو مون هٿن مان
لنگهي سير سنئون ٿيو ساهڙ سيباڻو
ڀيڄ ڀني ڀاڻو، پِيَه جو پَسي آئيو

(ٻانهو خان شيخ شاهه جو رسالو سر سهڻي ص 07-260)

آڌي اُڌاڻو، هنئڙو مون هٿن مان
لنگهي سير سنئون ٿيو، ساهڙ سيباڻو
ڀيڄ ڀني ڀاڻو، پيءُ جو پسي آئيو

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر سهڻي ص 341)

آڌي اُڌاڻو هنئڙو مون هٿن مان
وُه پَئي واهڙ تري ساهڙ سيباڻو
ڀيڄ ڀني ڀاڻو، پِيه جو پَسي آئيو

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر سهڻي ص 163 بااختيار ادارو سال 1994 )

آڌي اُڌاڻو هينئڙو مون هٿن مان
وُه پَئي واهڙ تري ساهڙ سيباڻو
ڀيڄ ڀني ڀاڻو، پِيه جو پَسي آئيو

(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر سهڻي ص 160 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009)

تحقيق ۽ تصحيح طلب الفاظ: (اُڌاڻو، اُڏاڻو)

الف. اُڌاڻو، اُڏاڻو: ديوان تارا چند، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ممتاز مرزا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”اُڌاڻو“ بيت ۾ استعمال ڪيو آهي. فقط ٻانهي خان شيخ لفظ ”اُڏاڻو“ استعمال ڪيو آهي.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جا پارکو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن. اسان کي تحقيق دوران معلوم ٿيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻي جي بلڪل درست بيت کي پڙهندڙ فقيرن، راڳين، ڪاتبن، تحقيق ڪندڙن ۽ مرتب حضرات بگاڙي ڇڏيو.
قارئين ڪرام! اسان چاهيون ٿا ته، سائين جي علم جو اندازو ذهن ۾ رکي، شاعرانه اصول، دماغ ۾ سمائي ٿڌي سيني سوچيون ته بيت اصل صورت ۾ اچي سگهي ٿو.
ياد رهي ته! ماڻهو جڏهن ڪجهه سوچيندو آهي ته ان کي ”خيال ڊوڙائڻ“ چئبو آهي. جڏهن ڪنهن ڏورانهين پرين پياري لاءِ سوچبو آهي ته اُهو ڪيترو به پري هجي ان جو تصوّر تصوير بڻجي سامهون ايندو آهي، سندس تصوير سامهون اچڻ کان اڳ ۾ خيال ۽ سوچون ان محبوب تائين اندر واري اک سان گڏجي ان تائين پهچنديون آهن، ته اُهي خيال ۽ تصور اُڏامي محبوب تائين رسندا آهن، تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جن اهو فرمايو آهي ته:
”آڌي اُڏاڻا، ســرتيون ســـک مـــيهار جـــا“

حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت جي ٻي مصرع آهي:
”لنگهي سير سنوان ٿيا ساهڙ سيباڻا“

جڏهن ميهار جي سيباڻن سکن جي ياد ستايس تڏهن ميهار سان ملڻ لاءِ سوچون سوچڻ لڳي، درياه جي ڪن جا ڪڙڪا، سير جي تک ياد ٿي پيس ته ساهه سُڪي ٿي ويس، ته پوءِ دل ۾ دعا ٿي گهريائين:

”ڀنيءَ تي ڀاڻا، پسان شال پرين جا“.

حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت جي تصحيح بعد هي پڙهڻي قائم ڪجي ٿي:

[b]آڌِي اُڏاڻا سَرتِيُون سک ميهار جا
لَنگهي سِير سَنوان ٿِيا، سَاهڙ سيباڻا
ڀِنيءَ تي ڀاڻا، پَسان شَال پِرينءَ جا[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سهڻي جي زباني فرمايو ته اي جيڏيون سرتيون جڏهن اڌرات جو وقت ٿيو ته مونکي ميهار سان ملڻ واري ويل ياد آئي ته منهنجا خيال انهن مزيدار ۽ لذت ڀرين لمحن طرف ڇڪجي ٿي ويا ميهر سان ملاقات وارو تصّور اکين آڏو آيو ته اُهو ساهه سيباڻو ميلاپ وارو منظر دريا پار ڪري ساهڙ تائين وڃي ٿي پهتو. دل ۾ هي دعا ٿي گهريم ته شال ڀيڄ ڀنيءَ جي وقت. پرينءَ ميهار جي مال جي ٿاڪ تي پهچي مال ۽ ميهار کي ڏسان.

******

چَڙَن چوري آهِيان سُکِ ٿي سُمهان ڪِيءَ
ساريَان ساهڙَ ڄامَ کي ڏهَه ڏهَه ڀيرا ڏِيهَه
ميِهارَ مرڻَ سِيءَ نِيَرُ پاتُم نيهه جو
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سر سهڻي ص 3-264)

چَڙَنِ چوري آهيَان، سُک ٿي سُمهان ڪيئن
ساريَان ساهَڙَ ڄامَ کي ڏَهَه ڏَهَه ڀيرا ڏِينهَن
ميهار مَرَڻَ سِيئن، نَيِرُ پاتَمِ نِينهن جو

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو 2009ع سر سهڻي ص 388)

چَڙَن چَري ڪِي آهِيان، سُک ٿِي سُمَهَان ڪِيئَن
سَارِيَان سَاهَڙَ ڄَامَ کي ڏَهه ڏَهه ڀيرا ڏِينهَن
ميهارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَر پَاتَم نِينهَن جا

(ٻانهو خان شيخ شاهه جو رسالو سر سهڻي ص 4-249)

چڙنِ چري ڪِي آهيان، سُکِ ٿي سُمهان ڪيئن
ساريان ساهڙ ڄامَ کي، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن
ميهارَ مَرَڻَ سيئن، نِيَر پاتم نينهن جا

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 358)

چڙن چري ڪي آهيان، سُکِ ٿي سُمهان ڪيئن؟
ساريان ساهڙ ڄامَ کي، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن
ميهار مرڻ سينئن، نَير پاتم نينهن جو

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر سهڻي ص 156 بااختيار ادارو سال 1994 )

تحقيق ۽ تصحيح طلب الفاظ. (مرڻ سيئن)

الف. مرڻ سيئن: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”مرڻ سيئن“ جي معنيٰ ”مرڻ گهڙي تائين“ لکي آهي. هن طرح مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي: ”مرڻ گهڙي تائين نينهن جو نير پاتم“.
اهو لفظ ”مرڻ“ اصل ۾ اڳوڻي سنڌي مطابق بيت ۾ ”مِڙڻ“ لفظ هيو، جنهن جي معني ٿئي ٿي ”ملڻ سين، ملندي ئي، اکيون چار ٿيندي ئي. قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڙ“ اکر نه هيو تنهن ڪري ”ر“ اکر لکيو ويندو هو.
قارئين ڪرام! سر سهڻي پڙهڻ سان اوهان کي معلوم ٿيندو ته سهڻي کي سهيليون ميهار ڏانهن وڃڻ جون ميارون ڏينديون هيون. سنهڻي سهيلين کي چيو ته مون ميهار سان مڙندي ئي ان کي دل ڏيئي ويٺيس ۽ اوهان ميهار کي مون جئن ڏسو ها، ته اوهان به گهڙا کڻي مون جئن درياءَ ۾ گهڙي پئو ها.
جيڏيون ڏٺان جي، صورت ساهڙ ڄام جي
سُتيون ڪين سک ٿي ڪانڌن پاسي ڪي
مونهان ئي اڳي، گِهڙو سڀ گهڙا کڻي

(ممتاز مرزا گنج جديد صورتخطي ۾ ص 323)

صورت ساهڙ ڄام جي ڏٺي جن هيڪار
سُتيون ڪين سک ٿي ڀِري ساڻُ ڀتار
گِهڙيون گَهڙنِئان ڌار ڪاهي پيون ڪُن ۾

(ممتاز مرزا گنج جديد صورتخطي ۾ ص 323)

هنن بيتن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته جيئن ئي ميهار کي ڏٺائين تيئن ئي سندس سيني ۾ سمايل سِڪ جو سلو انگورجڻ لڳو.

مهاران مِرڪ، پيتائين پريم جي
تنهن منڌ متوالي ڪِي سندي صاف سُرڪ
لڳيس ڪان ڪرڪ لَوهان تکي لطيف چئي

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 346)
حضرت ڀٽ ڌڻي جا مٿي لکيل بيت ٻڌائن ٿا ته:
سهڻي ميهار کي ڏسندي ئي دل ڏني. ان ڏينهن کان ئي هڪٻئي جي نظرن سان نظرون ملائيندا رهيا.
ساهيڙين کي چيائين اوهان ڏسو ته گهڙا کڻي ۽ ڪي گهڙن بغير درياءَ ۾ گهِڙي پئو.
سهڻي چوي ٿي ته ميهار سان مڙندي ئي نينهن جو نيل پاتم، ۽ نه لاٿم تان ته لهرن ۾ غرق ٿيم ته به ميهار ميهار چوندي غوطا کائيندي رهيس.
قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”مرڻ سين“ جي معنيٰ مرڻ گهڙي تائين لکي آهي. اسان جي تحقيق موجب اها معنيٰ غلط لکي اٿس. تنهنڪري منهنجي راءِ هي آهي ته سُر سهڻي جي بيتن جو مطالعو ڪري ڏسون ته انهن بيتن ۾ لکيل لفظ ”سين“جي معنيٰ ڇا لکيل آهي.
بيت 1:
ساهڙ ڌاران سُهڻي هِي تا جُنبي جوءِ
هن پاڻي سين پانهنجو، مور نه مٿو ڌوءِ
جي پرين پاسي هوءِ، ته ڪر تو ڏي تڙڪيو
(ڊاڪٽر بلوچ شاهه جو رسالو 2009ع وارو سر سهڻي ص 21-380)

لفظ ”سين“ جي معنيٰ نه لکي اٿس مگر مصرع منجهان معلوم ٿئي ٿو ته سهڻي هن پاڻي ”سين“ پنهنجو مٿو مُور نه ٿي ڌوئي.
بيت 2:
ترهو آڇ م تنهن کي، جنهه عشق سين آگاه
پڇي مُس ملاح، سائر مَڻي سونهڻي
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سر سهڻي ص 20-382)
هن بيت ۾ به لفظ ”سين“ لکيل آهي.
بيت 3:
ترهي سندي تار ۾ رٿِ نه رکيائين
ٻنڌڻ جي ٻڌڻ جا، ڇَڪي ڇنائين
درياه سڄو دَمَ ۾ لئهُ سين لنگهيائين

(ڊاڪٽر بلوچ شاهه جو رسالو ص 24-388)
هن بيت ۾ به لفظ ”سين“ استعمال ٿيل آهي جنهن جي معنيٰ ٿئي ٿي ”ساڻ يا گڏ“. هن بيت ۾ به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري لفظ ”تائين“ جي معنيٰ نه ٿي نڪري.
بيت 4:
وڇـــن ســــين ويـــٺي، سُــــور ويـــا ڇــي سونهڻي
آن ڪـــــا ٿــــي ڏيـــٺي، مـــينهين جي ميهار سين

(سر سهڻي ص 11-389)

هن بيت ۾ ٻه ڀيرا لفظ سين استعمال ٿيو آهي. جنهن ۾ معنيٰ ساڻ يا گڏ نڪري ٿي.
بيت 5:
نه اوراڙ، پرار ويچاي وَه وِچَ ۾
سُڪي ڏني سُپرين ٻئو مڙوئي تار
گهِڙ تون ڪِيَم نهار، ٻڏن سين ٻاجهون ڪري

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاه جو رسالو سر سهڻي 15-391)

هن بيت جي معنيٰ ڊاڪٽر بلوچ لکي آهي جنهن ۾ الفاظ ”ٻڏن سين“ جي معنيٰ لکي اٿس ”ٻڏندڙن سين“، ”ٻڏي ويا تن سين“ ( ص 391 جي حاشي بيت نمبر 15 جي لفظن جي معنيٰ ۾).
اسان جي طرفان مٿيان پنج مثال ڏنل آهن. اهي مثال ثابت ڪن ٿا ته اسان جي تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي شيخ جي لفظن ”مرڻ سين“ کي رد ڪري ٿي ۽ ”مِڙڻ سين“ الفاظ کي درست قرار ڏئي ٿي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

[b]چَڙن چورِي آهِيان، سُک ٿِي سُمهان ڪِيئن
سَاريان ساهڙ ڄَامَ کي ڏَهَه ڏَهَه ڀيرا ڏِينئن
ميهار ”مِڙڻ سِينئن“، نِير پَاتم نِينهَن جو[/b]

معنٰيٰ: ڏينهن توڙي رات جو جڏهن مينهُن جا چڙا چُرن ٿا ته منهنجو سک ڦٽيو ٿو پوي. ساهڙ ڄام کي ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا منهنجو ساهه سِڪان سهجان ساري ٿو. ميهار سان مڙڻ سان ئي، ساهڙ سان ملندي ئي، نينهن جو نير يعني نيل، زنجير پاتم، ميهار جي محبت ڀرين زلفن جي زنجيرن ۾ ساڻس ملڻ سان ئي قيد ٿي ويس.

*****

کَرُو ڀَکُو تَه کُورِئو، پَانان هُو حَجابُ،
واڄَٽُ وَڃِي وَجُودَ ۾، رَهِئو رُوحَ رَبَابُ،
سَاهَرَ رِيءَ ثَوَابُ، آءُ کُروئي کُورِيَان.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر سهڻي ص325)

گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾ رهيو روح رباب،
ساهڙ رِيءَ صواب، آءُ گَهڻو ئِي گهورِيَان.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص18سال1900 )

کهَڙو بهَکو تَان کهورِئو، پَاٺَان هو حِجَاب،
واَجٿُ وَڄي وُجُودَ مين رَهِئو رُوحِ رَبَابُ،
سَاهَڙَ رِيَ ثَوَاب، آن کهَٺو ئِي کهورِيَان.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص145سال1900 )

گهَڙو ڀَڳو ته گهورئو، پَاڻَان هوءِ حِجَابُ،
وَاڄَٽُ وَڄِي وِجُودَ ۾، رَهِيو رُوحَ رَبَابُ،
ساهَڙَ رِيءَ ثَوابُ، آئُون گَهڻو ئِي گهورِيَان.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص223سال2012 )

گهَڙو ڀڳو تان گهوريو، پاڻان هو حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ،
ساهَڙَ رِءَ صَوابُ، آئون گهڻو ئي گهورِيان.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص93)

گهَڙو ڀڳو تان گهورئو، پاڻا هو حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾، رهيو روحُ ربابُ،
ساهَڙَ رِءَ صوابُ، آءُ گَهڻو ئِي گهورِيَان.
(ڊاڪٽر ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص228)

گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجابُ،
واڄَٽ وَڄي وجودَ ۾، رسيو روح ربابُ،
ساهڙَ ريءَ ثواب، آئون گَهڙو ئِي گهوريان.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر سهڻي ص325سال 1995 )

گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساهڙ رِيءَ صواب، آءُ گَهڻو ئِي گهورِيَان.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص140بااختيار ادارو سال 1994 )

گَهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، پاڻان هو حِجَاب،
واڄٽُ وَڄي وَجُود ۾، رَهِيو رُوحَ رَباب،
ساهَڙُ رِيءَ ثوابَ، آئون گَهڻو ئِي گهورِيَان.
(علامه آءِ آءِ قاضي، شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص814سنڌي ادبي بورڊ سال 1993 )

گهڙو ڀڳو تان گهورِئو، پاڻان هو حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾، رهيو روحُ رَبَاب،
ساهَڙ رِءَ ثَوابُ، آءُ گَهڻو ئِي گهورِيَان.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه رسالو سُر سهڻي ص381سال 2009 )

گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساهڙ ريءَ صواب، آءٌ گَهڻو ئِي گهوريان.
(غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص143سال 1999ع )

گهَڙو ڀَڳو تان گهورِئو، پاڻا هو حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ،
ساهَڙَ رِءَ صَوابُ، آئون گَهڻو ئِي گهورِيَان.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص111سال 2013ع روشني)

گَهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، پاڻان هوو حِجاب،
واڄٽُ وَڄي وَجُود ۾، رَهِيو روح رَباب،
ساهڙ رِي ثَواب، آئون گَهڻو ئي گهورِيَان.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص98سال 2008ع )

گَهڙو ڀَڳو ته گهورئو، پاڻان هو حِجابُ،
واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ،
ساهَڙ رِي صوابُ، آئون گهڻو ئِي گهورِيان.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص115سال 2013)

گَهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، پاڻان هو حِجَاب،
واڄَٽُ وَڃي وَجُوُدَ ۾، رهيو رُوحَ رَباب،
ساهَڙُ رِيءَ صَوابُ، آئُون گَهڻو ئِي گهورِيَان.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سهڻي ص242سال 1994 )

گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساهڙ ريءَ ثواب، آءُ گَهڻون ئِي گهوريان.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص132سال 2009ع مهراڻ)

گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساهڙ ريءَ ثواب، آءُ گَهڻون ئِي گهوريان.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص144سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

گهڙو ڀڳو ته گهورِيو، پاڻان هو حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساهڙي ري ثواب، آئون گَهڻون ئِي گهوريان.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص 64سال 2008ع )

گهڙو ڀَڳو تَه گهورِئو، پاڻا هو حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾، رَهِيو رُوحَ رَبابُ،
ساهَڙَ رِي صَوابُ، آئون گَهڻو ئِي گهورِيَان.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر سهڻي ص54سال 2011ع )

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (هو، هوءِ، هوو)، (رهيو، رسيو)، (صواب، ثواب)، (آءُ، آئون، آن)، (گهورِيَان، گُهوريان)

الف. هو، هوءِ، هوو: قارئين ڪرام! لفظ ”هوو“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي استعمال ڪيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهي لفظ ۾ ٻه اکر ”و“ جا ڏنا ويا آهن، حالانڪه هڪ اکر اچڻ گهرجي يعنيٰ لفظ ”هو“ لکڻ گهرجي. ”هو“ لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”هيو“.
لفظ ”هوءِ“ ٻانهي خان شيخ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هن بيت جي لاءِ درست لفظ نه آهي، ڇا ڪاڻ ته ”هوءِ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”ٿئي يا هجي“.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”هو“ ٻين سڀني صاحبن درست لکيو آهي.

ب. رهيو، رسيو: ٻين سڀني محققن ۽ مرتبن لفظ ”رهيو“ برابر لکيو آهي مگر ممتاز مرزا غلط لفظ ”رسيو“ لکيو آهي.

ت. صواب، ثواب: قارئين ڪرام! حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾ هميشه تز ۽ بلڪل ٺهڪندڙ لفظ استعمال ڪيا آهن. اهو سندس ڪمال آهي. جنهن بيت تي اسان تحقيق ڪري رهيا آهيون، اُن ۾ استعمال ٿيل لفظ مرتب ۽ محقق سمجهي نه سگهيا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي استعمال ڪيل لفظ کي نه سمجهڻ سببان ڪاتبن ”ث“ سان لفظ لکيو ۽ ٻين محققن اهو لفظ ”ص“ سان لکيو.
ڪنهن به محقق اهو نه سوچيو ته اهي الفاظ ”صواب، ثواب“ جن جي معنيٰ آهي، ”نيڪي، چڱائي، ثواب يا چڱو اجورو“ بيت سان جڙن ئي نه ٿا. اسان نه جڙڻ وارو خيال هن ڪري ڏيکاريون ٿا ته ثواب کي گهوربو نه آهي، جيڪڏهن سنهڻي ثواب کي گهوري يا قربان ڪري ته ڇو گهوري؟ قارئين ڪرام! سنهڻي ڪهڙو ثواب جو ڪم ڪيو؟ هن ته ثواب بجاءِ گناهه جو ڪم ڪيو. اها راءِ آئون پنهنجي طرفان نه ٿو ڏيان مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي آڌار تي ڏيان ٿو.
بيت ۾ لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جيڪو فرمايو سو آهي ”سوآب“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”اهو پاڻي جيڪو انهي درياءَ ۾ هو جنهن درياءَ منجهان سنهڻي تري وڃي ميهار سان ملندي هئي“

ث. آءُ، آئون، آن: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن ”آءُ“ ۽ ”آن“ لکيو آهي تن مناسب لفظ نه لکيو آهي گنج ۾ به ”آءٌ“ ”ء“ حمزي تي ٻه پيش ڏنل آهن ۽ جن ”آئون“ لکيو آهي تن ئي درست لفظ لکيو آهي.

ج. گهورِيان، گُهوريان: حضرت سيّد عبدالعظيم، واضح طور تي لفظ ”گهُوريان“ لکيو آهي. ”گهه“ اکر تي پيش ڏني اٿس. انهي لفظ جي معنيٰ به اها ئي آهي جنهن بابت اسان مٿي راءِ ڏيئي چڪا آهيون. لفظ ”گُهوريان“ جي معنيٰ آهي ”ڏسان، غور سان جائزو وٺان“ ۽ لفظ” گهوريان“ جي معني قربان ڪريان آهي ”قربان ڪريان“. اِها معنيٰ جيڪا بيت سان نه ٿي سونهين سا معنيٰ مرتب ۽ محقق حضرات لکي آهي.
اسان ”گهوريان“ لفظ جي معنيٰ مطابق انهي لفظ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهيوئي نه آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”گُهوريان“ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي، ڏسان.

تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]گَهڙو ڀَڳو تَه گهورِيو، پَاڻَان هو حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾، رَهِيو رُوحَ رَبابُ،
ساهَڙَ رِي سوآب، آئون گَهڻو ئِي گُهورِيَان.[/b]

معنيٰ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه سنهڻي جي ترجماني ڪندي فرمائي ٿو ته درياءَ ۾ ترندي ترندي منهنجو گهڙو ڀڄي (ڦِسي) پيو ته گهوريو ۽ صدقي ٿيو. اهو گهڙو ته منهنجي ۽ منهنجي محبوب جي وچ ۾ حجاب هو پردو هو، رنڊڪ ۽ اٽڪاءُ هيو. منهنجي روح ۾ منهنجي محبوب جي ياد سدائين رهي ٿي تنهنڪري منهنجو روح رباب وانگر منهنجي وجود ۾ وڄي ٿو واڄٽ ڪري ٿو. اهو ساهڙ جنهن لاءِ مان درياءَ ۾ گهڙيس اهو هن وقت حاضر نه آهي. ساهڙ کان سواءِ مان انهي پاڻي کي گهڻو گُهوريان ٿي جنهن ۾ منهنجو گهڙو ڀڄي پيو. گُهوريان انهي ڪري ٿي ته ان ۾مهيار کي ڏسي مدد لاءِ سڏيان مانَ، ساهڙ انهي پاڻيءَ ۾ مون سان ٻڏڻ واري حالت ۾ اچي ملي.

*****