لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

10. سُر بلاول

اَکَينِ سو ئِي اوڙَکِيو جو ڪَنين سُومِ ڪَرَنُ،
ماءُ مُنهنجو مَنُ، ڄَامَ پَسَنديئي پَتيو.

(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 504سال 1900ع)

اََکِنِ سُوئِي اُورَکِئُو جُو ڪَنِِ سُومِ قَرَنُ،
مَاءِ مُنهُنجو من جَامُ پَسَندِّهَ پتِئُو.

(سيد عبدالعظيم گنج سُر بلاول ص 774سال 1995ع)

اَکِيُنِ سو ئِي اورکِئو، جو ڪَنين سُئُمِ قَرَنُ،
مَاءُ مُنهِنجو مَنُ، ڄَامَ پَسَندي پَتِئو.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 188سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

اَکِينِ سو ئي اوڙ کيو، جو ڪَنِين سُو مِ ڪَرَنُ،
ماءُ مُهنِجو مَنُ، ڄامَ پَسندي ئي پَتِيو.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 625سال 2013)

اڱڻ سو ئي اوڙکيو، جو ڪَنين سوم قَرَنُ،
ماءِ منهنجو منُ، ڄامُ پَسَندي پتِئو.

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص774سال 1995)

اَکِين سو ئِي اوڙِکِئو جو ڪَنين سُئوم ڪَرَنُ،
ماءُ مُنهنجو مَنُ، ڄامُ پَسندِهِين پَتَئِو.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول ثقافت کاتو ص140سال 2009)

اَکِيُنِ سو ئِي اوڙَکِيو جو ڪَنين سومِ ڪَرَنُ،
ماءُ! مُنهِنجو مَنُ، ڄَامَ پَسَنديئي پَتِيو.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 147سال 1994 )

اَکيُنِ سو ئي اوڙَکِئو، جو ڪَنين سُومِ ڪرنُ،
ماءُ! منهنجو مَنُ، ڄامَ پَسَنديئي پَتيو.

(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص553مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

اَکينِ سو ئِي اوڙِکِيو جو ڪَنين سوم ڪَرَنُ،
ماءُ مُنهنجو مَنُ، ڄامُ پَسندِيئي پَتيو.

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 689بااختيار ادارو سال 1994 )

اَکِيَن سو ئِي اوڙَکِيو، جو ڪَنين سُومِ قَرَنُ،
ماءُ مُنهِنجو مَن، ڄامُ پَسنديئي پَتِيو.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص253سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

اکين سو ئي اوڙکيو، جو ڪنين سئم ڪَرَن،
ماءُ مُنهنجو من، ڄام پَسندي ئي پتيو.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 529سال 2009ع مهراڻ)

اکين اهو ئي اَوِڙکِيو، جو ڪَنِيَن سُئوم ڪَرن،
ماءُ مُنهنجو من، پَسندي پُر ٿيو.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 395سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

اَکِن سو ئِي اوڙَکِئو، جو ڪَنين سومِ ڪَرَنُ،
ماءُ! مُهِجو مَنُ، ڄامَ پَسَنديئي پَتِئو.

(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 434سال 2013ع روشني)

اکين سو ئي اوڙکيو، جو ڪنين سئم ڪَرَن،
ماءَ منهنجو من، ڄام پَسندي ئي پتيو.

(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 720سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

اڱڻ سو ئِي اورگو، جو ڪَنين سوم ڪَرنُ،
ماءُ منهنجو من، ڄام پَسنديئي پَتيو.
2
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 331 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

اَکِين سو ئِي اوڙکيو، جو ڪَنين سومِ ڪَرَنُ،
ماءُ مُهنجو مَنُ، ڄامَ پَسندي ئي پَتِيو.

(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 280 سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (اکَنِ، اَنکَنِ، اڱڻ، اکين، اکن)، (اورگو، اوڙکيو، اوڙکئو، اورکئو)، (سوم، سُوم، سئوم، سئم)، (ڪرن، قرن)، (منهنجو، مهنجو، مهجو)، (پتيو، پتئو، پر ٿيو).

نوٽ: ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو ۽ ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو.

الف. اکَنِ، اَنکَنِ، ڱڻ، اکين، اکن: جن صاحبن لفظ ”اڱڻ“ لکيو سي آهن ممتاز مرزا ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم گنج شريف جي ص 774 تي لفظ ”اَکِن“ لکيو آهي. اهو لفظ جديد صورت خطي ۾ ”اکين“ لکبو جيڪڏهن سيّد عبدالعظيم ”ک“ اکر جي هيٺان زير نه ڏئي ها مگر زبر ڏئي ها ته پوءِ اسان اهو لفظ ”اڱڻ“ سمجهون ها. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، لفظ ”اَکَنِ“ لکيو آهي، اهو لفظ جديد صورت خطيءَ ۾ ”اڱڻ“ ٿئي ٿو. حاجي محمّد سمي لفظ ”اَکَنِ، لکيو آهي. اهو لفظ به جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”اڱڻ“ ٿئي ٿو. هنن ٻنهي صاحبن لفظ ”اڱڻ“ غلط لکيو آهي.
قارئين ڪرام! لفظ ”اڱڻ“ اسان جي تحقيق مطابق هن ڪري غلط آهي ته ”اڱڻ“ ڏسندو نه آهي. مگر اکيون ڏسنديون آهن.

ب. اورگو، اوڙکيو، اوڙکئو، اورکئو: لفظ ”اورگو“ فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي، اهو لفظ غلط لکيو اٿس. باقي صاحبن لفظ ”اوڙکيو، اورکئو“ لکيو آهي. رهيو سوال بيت ۾ لفظ ”اوڙکيو ۽ اوڙکئو“ جي اصل ٺهڪندڙ ۽ درست لفظ جو ته لفظ ”اوڙکيو“ اسان جي تحقيق مطابق زياده درست آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته قديم ڪاتبن لفظ ”اورکئو“ لکيو آهي اُهي ”ڙ“ اکر نه لکندا هئا ۽ جديد ليکڪن به لفظ ”اوڙکيو“ لکيو آهي. هاڻ مروج لفظ ”اوڙکيو“ آهي.
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لفظ ”اوڙکيو“ جي معنيٰ لکي آهي ”پروڙڻ، معلوم ڪرڻ“ (ص 279 لغات لطيفي).
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي معنيٰ لکي آهي ”پروڙيو“ ( ص 553).
ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي. ”سڃاتو، جاچي ڏٺو” (ص 188).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ معني لکي آهي ”ڏٺو“ (ص 140)
عثمان علي انصاري معنيٰ لکي آهي ”پروڙيو، معلوم ڪيو“ (ص 668).
غلام محمّد شاهواڻي معنيٰ لکي آهي ”معلوم ڪيا“ (ص 434).
قارئين ڪرام! جن صاحبن الفاظ ”پروڙڻ“، ”پروڙيو“ ۽ ”ڏٺو“ لکيا تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيا آهن. لفظ ”اوڙکئو“ ان لاءَ ماڻهو گهڻو ڪري استعمال ڪندا آهن، جنهن کي انهن ”ڏٺو“ هجي مگر بيت ۾ ته لفظ ”سُئو“ به لکيل آهي.
ياد رهي ته ! ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ تمام وڏو فرق آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڄام ڪرن واري علائقي جي ٻولي جو لفظ ”اوڙکيو“ استعمال ڪيو آهي. راجستاني ۽ مارواڙي لوڪ ”هُون اوڙکيو“ جي معنيٰ ڪندا آهن ”مون سڃاتو“. لفظ ”پروڙيو“ ۽ ”سڃاتو“ بيت جي معنيٰ سان مطابقت رکن ٿا. اها معنيٰ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻانهي خان درست لکي آهي.

ت. سوم، سُوم، سئوم، سئم: فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ديوان تارا چند، غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي، ممتاز مرزا لفظ ”سوم“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي.
لفظ ”سئم“ ديوان تارا چند، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگي جي ڏاني جي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن به لفظ مشڪوڪ معنيٰ وارو لکيو آهي. مشڪوڪ هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”سئم“ جمع لاءِ به استعمال ٿيندو آهي ۽ واحد لاءِ به.
مگر لفظ ”سئوم“ تمام مناسب لفظ آهي، اهو لفظ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ الله داد جنجهي لکيو آهي.

ث. ڪرن، قرن: لفظ ”قرن“ ”ق“ قلم سان سيّد عبدالعظيم،علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهي خان شيخ ۽ ممتاز مرزا لکيو آهي. هنن صاحبن اهو لفظ مناسب نه لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن کي لفظ ”ڪرن“ ”ڪ“ ڪتاب سان لکڻ گهربو هو. ڇا ڪاڻ ته ”ڄام ڪرن“ قديم سنڌ جي راجستاني علائقي جو قديم رهاڪو هو قديم سنڌ جي رهاڪو جو نالو ”قرن“ ٿي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن عرب علائقي جو اهو سخي هجي ها ته پوءِ سندس نالو ”ق“ قلم سان شايد لکجي ها.

ج. منهنجو، مهنجو، مهجو: جن صاحبن ”مهجو ۽ مهنجو“ الفاظ لکيا آهن تن قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ واري انداز ۾ لکيا آهن. حالانڪه قديم سنڌي دور ۾ لکيل پڙهيل گهراڻن ۾ لفظ ”منهنجو“ ڳالهايو ويندو هيو. ڪاتب وچين ”ن“ غُني کي اڪثر نه لکندا هئا مگر جڏهن ڳالهائڻ ۾ لفظ استعمال ٿيندو هو ته لفظ ”منهنجو“ اُچاريو ويندو هو.
لفظ ”مهجو“ غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي ۽ لفظ ”مهنجو“ غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ عثمان علي انصاري لکيو آهي. نامناسب لکيو اٿن.

ح. پتيو، پتئو، پر ٿيو: جن صاحبن لفظ ”پتيو ۽ پتئو“ لکيو آهي تن درست لفظ لکيو آهي. رهيو سوال ”ي“ ۽ ”ء“ سان لکڻ وارو ته اسان اڳ ۾ عرض ڪري چڪا آهيون ته قديم ۽ جديد صورت خطي ۾ ”ي“ ۽ ”ء“ لکڻ جي اجازت هئي. جيڪڏهن ”ي“ سان لفظ ”پتيو“ لکبو ته وڌيڪ درست ثابت ٿيندو. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي الفاظ ”پر ٿيو“ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق اهي الفاظ نامناسب لکيا اٿس. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پتيو“ جي معنيٰ آهي ”اعتبار ڪيو“ سائل جڏهن ڄام ڪرن کي سڃاتو ته هن کي پت اچي ويئي ۽ يقين ٿيس ته بس اهو ئي سخي ڄام ڪرن آهي جيڪو ٻڌبو هو.

تحقيق بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

[b]اَکِين سو ئِي اوڙکِيو، جو ڪَنين سُئوم ڪَرَن،
ماءُ مُنهِنجو مَنُ، ڄامَ پَسندي ئِي پَتِيو.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته سائل ڄام ڪرن جي ديدار جا منتظر هئا هنن اڳي اکين سان ڄام نه ڏٺو هو مگر سندس نالو ۽ سخا جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هنن پنهنجي ذهن ۾ سخي مرد جي تصويرٺاهي هئي . جڏهن ڄام ڪرن هنن جي اکين جي سامهون آيو ته سائل ڄام کي ڏسندي ئي سڃاتو. کيس پت ۽ يقين ٿي ويو ته سخي ڪرن اِهو ئي آهي.
سائل جڏهن ماءُ وٽ پهتو ته ماءُ کي چيائين اي ماءُ جيڪو ڄام ڪرن ٻڌندو هئس سو منهنجين اکين ايندي ئي سڃاتو.

*****

ڏَمريو ته ڏئي، پَرچي ته پاٺَ ڀَري،
جُنگَ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.

(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 501سال 1900ع)

ڏَمرِئو تان ڏي، پرچِوتان پَاٿهه بهري،
جُنگَ جَکَهري کهي، ٻَئِي ڃنگيُون ڇِتَ مين.


(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 647سال )

ڏَمَرِئو تَه ڏي، پَرَچِئو تَه پَاٽَ ڀَري،
جُنگَ جَکَري کي، ٻَئِي چَڱِيُون چِتَ ۾.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 189سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

ڏَمَرِيو تان ڏي، پَرچي تان پاٺ ڀَري،
جُنگَ جَکري کي، ٻَئِي چَڱِيُون چِتَ ۾.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 621سال 2013)

ڏَمريو ته ڏي، پَرچِيو ته پَاٽ ڀَري،
جُنگَ جکري کي، ٻَئِي چَڱيون چِتَ ۾.


(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سر بلاول ص767سال 1995)

ڏَمَرئو ته ڏي، پَرَچئو ته پاٺَ ڀَري،
جُنگَ جَکَري کي، ٻَئي چَڱيُون چَتَ ۾.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول سنڌ ثقافت کاتو ص143سال 2009)

ڏَمِريو ته ڏِئي، پَرِچي تان پَاٽَ ڀَري،
جُنَگَ جَکِري کي، ٻَئي چَڱِيُون چِتَ ۾.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 35سال 1994 )

ڏَمريو ته ڏئي، پَرچي ته پاٺ ڀري،
جُنگَ جَکري کي، ٻئي چڱيُون چِت ۾.

(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص550مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

ڏَمريو ته ڏئي، پَرچي ته پاٺَ ڀَري،
جُنگَ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 685بااختيار ادارو سال 1994 )

ڏَمَرِيو تَه ڏِئي، پَرچي تَه پاٽَ ڀَري،
جُنگ جَکري کي، ٻَئِي چَڱِيون چِتَ ۾.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص249ادبي بورڊ 1993 )

ڏمريو ته ڏئي، پرچي ته پاٽ ڀري،
جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 526سال 2009ع مهراڻ)

ڏَمِريو تَه به ڏي، جِي پَرچيَو ته پاٽ ڀري،
جُنگَ جکري کي، ٻئي چَڱيون چِت ۾.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 394سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

ڏَمِرئو تَه ڏي، پَرِچِئو تان پاٽ ڀَري،
جُنگَ جَکِري کي، ٻَئِي چِڱِيُون چِتَ ۾.

(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص432سال 2013ع روشني)

ڏمريو ته ڏئي، پرچي ته پاٽ ڀري،
جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.

(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 717سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

ڏَمَرِيو تان ڏي، پَرچي تان پاٺَ ڀَري،
جُنگَ جَکري کي، ٻَئي چَڱِيُون چِتَ ۾.

(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 280 سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (تان ڏي، ته ڏي، ته ڏئي، ته به ڏي)، (پرچيو، پرچي)، (پاٺ، پاٽ).

نوٽ: ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي اهو بيت نه لکيو.

الف. تان ڏي، ته ڏي، ڏئي، ته به ڏي: الفاظ ”تان ڏي، ته ڏي“ لکڻ وارا صاحبان آهن غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تاراچند، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ. هنن امر وارو صيغو ”ڏي“ استعمال ڪيو آهي.
قارئين ڪرام! سگهڙ حاجي الله داد جنجهي الفاظ ”ته به ڏي“ لکيا آهن. جيڪڏهن هي صاحب لفظ ”ڏي“ بجاءِ لفظ ”ڏئي“ استعمال ڪري ها ته هن جا اهي ٽي ئي لفظ سڀني ليکڪن کان بهترين ثابت ٿين ها. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”به“ هن حقيقت جي وضاحت ڪري ٿو ته سخي جکرو توڙي جو ڪنهن تي ناراض آهي يا ناراض ٿئي ٿو ته به ان کي هٿين خالي نه ٿو موٽائي، ناراض هوندي به ڏئي ٿو.
قارئين ڪرام! ”ته ڏئي“ الفاظ ديوان تارا چند، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانو جي لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق هنن کي لفظ ”به“ لکڻ گهربوهو مگر افسوس جو نه لکيائون. اسان پارن جي راءِ مطابق الفاظ ”ته به ڏئي“ نهايت ئي مناسب آهن. جيڪي ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽ محقق نه لکيا آهن.

ب. پرچيو، پرچي: جن صاحبن لفظ ”پرچي“ لکيو آهي سي آهن غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، علام آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علام غلام مصطفيٰ قاسمي، باگوجي، ڏانو جي، ديوان تاراچند، محمّد عثمان ڏيپلائي ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ نا مناسب لکيو اٿن.
انهن جي مقابلي ۾ سيّد عبدالعظيم، ٻانهي خان شيخ، ممتاز مرزا، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ حاجي سگهڙ الله داد جنجهي، لفظ ”پرچيو/پرچئو“ مناسب لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع جو پهريون لفظ ”ڏمريو“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي.

ت. پاٺ، پاٽ: لفظ ”پاٺ“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تاراچند لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو اهو بيت فقط ”پاٺ“ يعني راڳين ۽ گوين لاءِ نه فرمايل آهي. هي بيت جکري جي سڀني سائلن لاءِ سخا جي نشاهندي ڪري ٿو. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ واضع فرمايو آهي ته:

ڏَمَرِيو تان ڏي، پَرچيو تان پاٽ ڀَري،
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”پاٽ“ جن صاحبن لکيو آهي تن بلڪل درست لکيو آهي. اهو لفظ ”پاٽ“ لکڻ وارا صاحبان آهن سيّد عبدالعظيم، (گنج 767)، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگوجي ڏانوجي، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
لفظ ”پاٽ“ جي معنيٰ ٻانهي خان شيخ ”پاٽيون يا پاٽڙا“ لکي آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”پاٽ“ جي معنيٰ آهي، ”اُهو ٿانو جيڪو فقيرن وٽ گدا ڪرڻ وقت ڪِشتيءَ نماءُ هوندو آهي.

تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]ڏَمَريو تَه بِه ڏِئي، پَرچي تَه پَاٽَ ڀَري،
جُنگَ جَکري کي، ٻَئي چَڱِيُون چِتَ ۾.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن بيت ۾ جکري جي سخا جي طريقي کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته جکرو اهڙو ته جُنگ ۽ عظيم سخي آهي جو
ڏمرجڻ ۽ ناراض ٿيڻ باوجود هر سائل کي دان عطا ڪري ٿو ۽ جڏهن سائلن، در تي آيل غريبن ۽ مسڪينن کي ڏسي ٿو ته انهن کي ايترو ته دان ڏئي ٿو جو سندن خيرات وٺڻ لاءِ آندل ٿانءُ ڀري ٿو ڇڏي. وڌيڪ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ته عظيم ترين سخي جُود ۽ سخا جي جُنگ جکري کي سخاوت جا ٻئي طور طريقا جيڪي سندس چِت ۽ ذهن ۾ آهن سي تعريف جوڳا آهن جڳان جڳ مشهور سخي جکري جي ڪاوڙ سندس سخا کي متاثر نه ٿي ڪري.

*****

پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان، سَوين ٻِيا سَردار،
آهي مِثلِ ميِنهَن جي، سَخي تُنهنجي سارَ،
حاتِمَ هَڙده هزار، جُهڙَ تُنهنجي جَهپيا.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 503سال 1900ع)

پانڌَپَ سين نَه پاڙِيَان، سَوين ٻِئا سَردَارَ،
آهي وَانگُرُ مِينهَه جِنيءَ، سَخِي تُنهِن جِي سَارَ،
هَاتِمَ هَڙدَ هَزَارَ، جُهڙَ تُنهِن جي جَهپئا.

(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 649سال 2008ع)

پاَنَوَسِِ نَپَاڙِيَان سَئيِِ ٻئَا سَردارَ
اهي مِثلِ مِينـ هَ جي سَخِي تُهجِي سَارَ،
حَاتَمِ ھژدہ هَزَارَ جُزَ تُهجي جَپئَاِ.

(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 369سال 1995ع)

سَوين ٻِئا سَردارَ، پانڊَپَ سين نَه پاڙِيَان،
آهي مِثل مِينهَن جي، سَخِي تُنهنجِي سَارَ،
حَاتِمَ هَڙدَهه هَزارَ، جُهڙَ تُنهِنجِي جَهپِئَا.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 183سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

پانڊَپَ سِين نَه پارِيان، سَوين ٻِيا سردارَ،
آهي مِثَل مِيهَن جي، سَخِي تُهنجي سارَ،
حاتِمَ هَڙد هَزارَ، جَهڙَ تُنهنجِي جهَپيا.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 623 سال 2013)

سَوين ٻِيا سردارَ، پَاندَپَ سِين نَه پاريان،
آهي مثل مينهن جي، سَخي تُنهنجي سارَ،
حاتم هَرده هزارَ، جهڙَ تنهنجي جهپيا.

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص762سال 1995)

پانڊَپَ سِين نَه پاڙِيان سَئينِ ٻِئا سَردارَ،
آهي مِثلَ مِينـ َهَ جي سَخي تُنهِنجِي سارَ،
حاتِمَ هَڙدَ هَزارَ، جُهڙَ تُنهِنجي جهَپِئا.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول سنڌ ثقافت کاتو ص140سال 2009)

پانڊَپَ سين نه پاڙِيان، سَوين ٻيا سَردارَ،
آهي مِثِل مِينهَن جي، سَخي! تُهنجي سارَ،
حاتِمَ هَردَه هَزارَ، جُهڙَ تُنهِنجي جَهپِيا،.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 81سال 1994 )

پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان سوين ٻِيا سَردارَ،
آهي مِثل مِينهَن جي سَخي تُنهنجي سارَ،
حاتِمَ هَڙده هزارَ، جُهڙ تُنهنجي جَهپيا.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص552مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

پانڊَپ سين نَه پاڙيان سَوين ٻِيا سَردار،
آهي مِثلِ ميِنهن جي، سَخي تُنهِنجِي سارَ،
حاتِمَ هَرده هَزارَ، جَهڙَ تُنهنجِيءَ جهَپِيا.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 687بااختيار ادارو سال 1994 )

پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان، سَوين ٻِيا سَردار،
آهي مِثلِ ميِنهن جي، سَخي تُنهِنجِي سار،
حاتِمَ هَڙده هَزارَ، جَهڙَ تُهنجِيءَ جهَپِيا.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص251سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

پانڊپ سين نه پاڙيان، سوين ٻيا سردار،
آهي مثل مينهن جي، سخي تنهنجي سار،
حاتم هزده هزار، جهَڙ تنهنجي جهپيا.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 527سال 2009ع مهراڻ)

سوين ٻيا سردار، پانڊپ سين نه پاڙيان،
آهي مثل مينهن جي، سخي تُنهنجي سار،
حاتم هرده هزار، جُهڙ تنهنجي جَهپيا.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 331 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

سَوين ٻِيا سَردار منهنجي پانڊَپ سين نَه پاڙيان
آهي مِثل مينهن جي، سخي تنهنجي سار،
حاتم هَڙده هَزار، جُهڙ تُنهنجيءَ جَهپِيَا.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 395سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان، سَوين ٻِيا سَردارَ،
آهي مِثِل مِيـ هَ جي، سَخِي تُهِجِي سارَ،
حاتِمَ هَڙده هَزارَ، جَهڙَ تُهِجِي جَهپئا.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص433سال 2013ع روشني)

پانڊپ سين نه پاڙيان، سوين ٻيا سردار،
آهي مثل مينهن جي، سخي تنهنجي سار،
حاتم هڙده هزار، جهَڙ تنهنجي جهپيا.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 719سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

پانڊَپَ سِين نه پارِيان، سَوين ٻيا سردارَ،
آهي مِثَل مِيهَن جي، جَهَڙَ تُهنجي جَهپِيا،
حاتِمَ هَڙد جي، سَخِي تُهنجي سارَ.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 280 سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پانڊپ، پانو، منهنجي پانڊپ)، (پاڙيان، پاريان)، (هڙد، هڙده، هرده، هزده، هزده، هژدہ)، (جهپيا)

نوٽ: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو. ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق بيت جون آخري ٻه مصرعون غلط لکيون آهن. ملاحظه فرمايو:

آهي مِثَل مِينهَن جي، جَهَڙَ تُهنجي جَهپِيا،
حـــاتِــمَ هَــــــڙد جــــي، سَـــخِي تُــهــــنــجي ســــارَ.

تنهن ڪري هن جي لکيل بيت تي تبصرو بي سود سمجهون ٿا.

الف. پانڊپ، پانو، منهنجي پانڊپ: فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ”منهنجي پانڊپ“ الفاظ لکيا آهن. اسان جي خيال ۾ هن صاحب لفظ ”منهنجي“ مصرع ۾ وڌيڪ لکيو آهي. باقي رهيو سوال الفاظ ”پانڊپ ۽ پانو“ جو ته سواءِ حاجي محمّد سمي مرحوم جي ٻين سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن ”پانڊپ“ لکيو آهي ۽ حاجي محمّد سمي لفظ ”پانو“ لکيو آهي.
لفظ ”پانو“ جي مقابلي ۾ ”پانڊو“ لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب لڳي ٿو. ڇا ڪاڻ ته پانَوَ چئبو آهي مهان راڳي کي هن بيت ۾ راڳي لاءِ لفظ جي ضرورت نه آهي مگر پانڊو سخي ۽ وڏي دياوان لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ جي ضرورت آهي. سنڌيڪا لغت جي ص 216 تي ”پانڊپ“ جي معنيٰ لکيل آهي ”سردار، مهندار، سورهيه“.

ب. پاڙيان، پاريان: الفاظ ”پاڙيان ۽ پاريان“ ٻيئي مختلف صورت خطيءَ ۽ الڳ الڳ معنيٰ وارا الفاظ آهن. قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڙ“ جو اکر نه هو، ڪاتب لفظ ”پاڙيان“ کي ”پاريان“ جي صورت ۾ لکندا هئا. لفظ ”پاريان “ جي معنيٰ آهي.”پَرين ڀر کان يا پرين پاسي کان“ ۽ ”پاڙيان“ لفظ جي معنيٰ آهي ”ڀيٽيان، نڀايان، پورو ڪريان“. مغالطو پيدا ڪندڙ بيت ۾ لفظ ”پاريان“ عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي. انهن صاحبن کان سواءِ باقي ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن برابر لفظ ”پاڙيان“ لکيو آهي.

ت. هڙد، هڙده، هرده، هزده، هزده، هژدہ: لفظ ”هڙد“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي. هنن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي.
لفظ ”هرده“ ممتاز مرزا ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي غلط لکيو آهي. ممتاز مرزا کي ”هژدہ“ لفظ لکڻ گهربو هو ڇا ڪاڻ ته گنج شريف ۾ لکيل بيت جي ٽين مصرع ۾ لفظ ”هژدہ“ لکيل آهي.
لفظ ”هڙده“ ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا، قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، غلام مصطفيٰ قاسمي، باگوجي ڏانوجي ۽ حاجي سگهڙ الله داد جنجهي لکيو آهي. هنن صاحبن به اهو لفظ غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”هڙ+ده“ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”ڏهه هڙون، يا ڏهه ڳنڍون“ اهو اصل ”هژدہ“ آهي هي لفظ ٻن لفظ جو مرقب آهي ”هژ +دہ“ جنهن جي معنيٰ آهي ارڙهن (18). اهو درست لفظ ”هژدہ“ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. هن لفظ جو اُچار ”هَيَده“ آهي جيئن اسان ”ٽيليوژن“ لفظ کي ”ٽيليوين“ پڙهندا آهيون. ”ر“ اکر جي مٿان ٽي نقطا ڏبا آهن هِي لفظ پارسي زبان جو آهي.
محمّد عثمان ڏيپلائي لفظ ”هزده“ لکيو آهي. مطلب ته اصل ۽ صحيح لفظ جيڪو حضرت ڀٽ ڌڻي فرمايو سو سائين جن جي وصالِ حق کان چاليهه سال پوءِ سيّد عبدالعظيم گنج شريف ۾ لکيو.
ث. جهپيا : قارئين ڪرام! وڏي ڏک سان لکڻو پوي ٿو ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت کي محقق حضرات سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. جيڪڏهن بيت تي غور فرمائين ها ته لفظ ”جهپيا“ ڪڏهن به سائين جن جي بيت ۾ استعمال نه ڪن ها. اسان افسوس جو اظهار هن ڪري ٿا ڪريون ته جڏهن جهڙ سج جي هيٺان نظر ايندو آهي ته سج جهڙ سببان ڍڪجي ويندو آهي ۽ ڌرتي تي اونداهي ڇانئجي ويندي آهي. سج نظر نه ايندو آهي جهڙ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇُپائي ڇڏيندو آهي. ”شاهه جو رسالو“ جي محققن ۽ ليکڪن لفظ ”ڇُپيا“ بجاءِ لفظ ”جهپيا“ لکيو آهي. لفظ ”جهپڻ“ جي معنيٰ آهي ”جهپٽ ڏيئي پڪڙڻ ۽ سوگهو ڪرڻ“. ڇُپائڻ جي معنيٰ آهي ڍڪڻ، لِڪائڻ.
قارئين ڪرام! جهڙ ۾ اهڙي طاقت نه آهي جو سج کي ”جهپي“ وٺي جهڙ کي فقط ٿوري وقت لاءِ سج کي ڇپائڻ جي سگهه آهي.

تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]پانڊَو سِين نَه پاڙِيان، سَوين ٻِيا سَردار،
آهي مِثلِ ميِنهن جي، سَخي تُنهِنجِي سار،
حاتِمَ هژدہ هَزارَ، جَهڙَ تُنهنجِيءَ ڇُپيا.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جکري سخي سردار جي جُود و سخا جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو ته ”جکرو“ مهان سخي آهي هن سان سوين سخي سردار ڀيٽي نه ٿا سگهجن ڇا ڪاڻ ته هي جڏهن سائلن جي سار لهندو آهي ته مٿانئن مينهن وانگر سونا سڪا وسائيندو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي علمي معيار کي ظاهر ڪندي فرمايو آهي ته جکري (حضرت محمّد مصطفيٰﷺٖ) جي سخا ارڙهن هزار حاتمن کي به شهه ڏيئي ويئي.
قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻي جو ”حاتم هژدہ هزار“ وارو اشارو تمام مخلوق جيڪا ارڙهن هزار ٻڌائي ٿي وڃي ان طرف آهي ته منهنجي سخي سردار جکري جي سخا جي جهڙ ۾ ڪل ڪائنات جا حاتم به ڇُپي ويا منهنجي سخي سردار جي ڪرم جي ڪڪر ۾ ڍڪجي ويا.

*****

جَکَرُو جُسَکَرُو ٻِئَا سَڀِ اَنيراَ،
جِيا۽ کَرِئو جَکِرو تِئَانَڪِ ٻِئَا،
مِٽِي اِنَ مَاکَا اصَل هُئِي ايتَرِي.
(سيد عبدالعظيم گنج سُر بلاول ص 764ڪتابت سال 1207هه اشاعت 1995ع )

جکرو جس کرو، ٻيا سڀ اَنيرا،
جِئائينِ جُڙيو جَکرو، تِيائين نه ٻيا،
مِٽي اِنهِين ما ڳان، اَصل هئي ايتري.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 598سال 1900ع)

جَکهِرو جَسَ کَهرو، ٻِئا سبهه اَنيرَا،
جِيَائِين گهَڙِئو، جَکهَرو، تِيَائِين نَه ٻِيَا،
مِٿِي تَنهِن مَاگَا، اَصُلُ هُئي ايتِرِي.

(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 644سال 2008ع)

جَکَرُو جَسَ کَرُو ٻِئَا سَڀ اَنيراَ،
جِئَان کَرِوءُ تِئَان تَانَ نه ٻِئَا،
مِٺِي اِنَ مَاکَا اصَل هُئِي ايتَرِي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 366سال 1995ع)

جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنيِرا،
جِيائِين جُڙيو جَکِرو، تِيائيِن نه ٻِيا،
مِٽي تنهِن ماڳا، اَصُلُ هُئي ايتِري.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 463)

جَکَرو جُسَ کَرو، ٻِئا سَڀِ اَنيراَءَ،
جِئائِين گهَڙِئو جَکَرو، تِئَان نَه ڪِي ٻِئَا،
مِٽِي اِنَ مَاڳَان، اَصلِ هُئِي ايتَرِي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 175سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

جَکرو جَس کَرو، ٻيا سَڀ اَنيرا،
جِيائِين جُڙيو جَکرو، تِيائِين نَه ٻيا،
مِٽِي تَهِن ماڳا، اصَلِ هُئِي ايتري.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 619 سال 2013)

جکرو جسُکرو، ٻيا سَڀ انيرا،
جيائِين گهڙيو جکرو، تِئان نه ڪين ٻِيا،
مَٽي ان ماڳا، اصل هئي ايتري.

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص764سال 1995)

جَکَرو جَسَ کَرو، ٻِئا سَڀ اَنِيرا،
جِيائِين جُڙئو جَکَرو، تِئائِين نه ٻِئا،
مٽِي تِنـ هِ، ماڳا، اَصُلِ هُئِي ايتَرِي.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول سنڌ ثقافت کاتو ص143سال 2009)

جَکرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنيِرا،
جِيائِين جُڙيو جَکَرو، تِيائين نَه ٻِيا،
مٽِي تَنهن ماڳا، اَصُلُ هُئِي ايترِي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 104سال 1994 )

جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀُ اَنيرا،
جيائين جُڙيو جَکرو، تِيائِين نه ٻِيا،
مِٽي اِنهِين ماڳان، اَصل هُئي ايترِي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص548مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

جکرو جس کرو، ٻيا سڀ اَنيرا،
جيائين جڙيو جکرو، تيائين نه ٻيا،
مٽي اِنهِين ماڳان، اصل هئي ايتري.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 683بااختيار ادارو سال 1994 )

جَکرو جَسَ کرو، ٻِيا سَڀِ اَنِيرا،
جِئان جڙيو جَکرو، تِئان تان نه ٻِيا،
مِٽِي اِنَ ماڳا، اَصُلُ هُئِي ايتَري.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص245سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

جَکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءَ،
جيائين جڙيو جکرو، تيائين نه ٻيا،
مِٽي انهين ماڳاءُ، اصل هئي ايتري.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 524سال 2009ع مهراڻ)

جَکَرو جَسَ کَرو، ٻيا سڀ اَنيرا،
جيان جڙيو جکرو، تيان تان نه ٻيا،
مٽي اِن ماڳان، اصل هئي ايتري.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 328سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

جکرو سو سَکرو، ٻِيا سڀ اَنِيرا،
جِيان جُڙيو جکرو، تئان نه ڪي ٻيا،
مَٽي اُن ماڳا، اَصَل هُئي ايتري.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 393سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِئا سَڀِ اَنِيرا،
جِئائين گهڙِئو، جَکرو، تِئائين نه ٻئا،
مِٽِي تِه ماڳا، اَصُلُ هُئي ايتَرِيَ.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص431سال 2013ع روشني)

جَکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءِ،
جِيائين جڙيو جکرو، تيائين نه ٻيا،
مٽِي انهين ماڳاءُ، اصل هئي ايتري.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 716سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

جَکرو جَس کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنيرا،
جِيائِين جُڙيو جَکرو، تِيائِين نه ٻِيا،
مِٽِي تَهن ماڳا، اصل هُئِي اِيتري.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 279سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جَس کرو، جُسکرو، جُس کرو، جَکرو سو کرو)، (انيراءِ، انيراءَ، اَنيرا)، (انهين، اِن، تــ ه، تـنـ ه، تهن، تنهن)، (ماکا، ماڳا، ماڳاءُ، ماڳان، ماگا)، (جئِائين، جيائين، تيائين، تئائين)، (جڙيو، گهڙيو، کريوءُ، کريو)

نوٽ: ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو.

الف. جَس کرو، جُسکرو، جُس کرو، جَکرو سو کرو: قارئين ڪرام! فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ”جکرو سو کرو“ الفاظ لکيا آهن. ديوان تاراچند شوقيرام، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه علام مصطفيٰ قاسمي، باگو جي ڏانو جي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام مصطفي مشتاق، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، عثمان علي انصاري ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي، انهن صاحبن جي لکيل لفظن ”جس کرو“ کي به اسان غلط قرار ڏنو آهي.
قارئين ڪرام! لفظ ”جُس کرو“ سڀ کان پهريائين حضرت سيّد العظيم فقير گنج شريف ۾ لکيو. ان کان پوءِ ممتاز مرزا بعد ٻانهي خان شيخ جلد نمبر 3 جي ص 175 سال 2012 تي لکيو ۽ معنيٰ لکيائين ”جسي يا بدن ۾ وڻندڙ ، سهڻو، سٺو، صحيح، کڙوتڙو“.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل معنيٰ ”جس ۾ جکرو سچي صحيح ساراهه وارو“ (ص 143). شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ معنيءِ لکي آهي ”جس يا تحسين جي لائق (ص 182 لغات لطيفي). غلام محمّد شاهواڻي معنيٰ لکي آهي. ”جس يا شاباس جي لائق“ (ص 431).
قارئين ڪرام! تڏهن ته مجبور ٿي چئون ۽ لکون ٿا ته سواءِ ٻانهي خان شيخ جي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي اعليٰ ترين خيال کي باقي ليکڪ صاحبان سمجهي نه سگهيا. جيڪڏهن گنج شريف ۾ لکيل بيت جي لفظ ”جُس کرو“ تي اعتبار ڪن ها ته هنن کي بيت ۾ استعمال ڪيل لفظ سمجهه ۾ اچي ها، جئن ٻانهي خان شيخ کي بيت واري لفظ ۽ ان جي معنيٰ سمجهه ۾ آئي.

ب. انيراءِ، انيراءَ، اَنيرا: قارئين ڪرام! جن صاحبن ”انيراءِ، انيراءَ“ الفاظ لکيا آهن تن مڙني مرتب ۽ محقق حضرات ٻانهي خان شيخ سُميت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي لفظ کي نه سمجهي سگهيا. هنن صاحبن انهي لفظ کي راجا انيراءِ سان منسوب ٿيل سمجهيو. ياد رهي ته، راجا انيراءِ ظالم راجا هيو هن ٻيجل چارڻ جي معرفت راءِ ڏياج جو سِر وڍرايو هو. هنن صاحبن هي نه سوچيو ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪئن پيغمبرن، رسولن، نبين، صالحن، صديقن، شهيدن ۽ ولين جي سرتاج جي جُثي مبارڪ جي مثال سمجهائڻ لاءِ تشبيهه طور ظالم راجا انيراءِ جو نالو استعمال ڪندو!
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اصل لفظ ”اوڻ“ منجهان الفاظ ”اوڻو، اوڻيرا ۽ اوڻيرو“ ٺهندا آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”اوڻيرا“ پنهنجي بيت ۾ استعمال فرمايو. جيئن ته قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ ”ڻ“ اکر استعمال نه ٿيندو هو تنهنڪري ڪاتب سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي ”انيرا“ لفظ لکيو.
قارئين ڪرام! اسان اوهان کي ”اوڻ ، اوڻيرا، اڻيرا“ جي لکيل معنيٰ سنڌي لغتن منجهان ڪڍي پيش ڪريون ٿا ته جيئن اوهان کي يقين ٿي وڃي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”اوڻيرا“ کي مخفف ڪري ”اڻيرا“ جي صورت ۾ فرمايو. لغت سنڌيڪا مطابق لفظ ”اوڻو“ جي معني آهي. ”اڻپورو، عيبدار، گهٽ“ (ص 84). ۽ جامع سنڌي لغات ۾ الفاظ ”اوڻ، اوڻائي، اوڻائي پوڻائي“ جي معنيٰ آهي، ڪمي، گهٽتائي، نقص، عيب، اڻپورائي، ڪوتاهي. (ص 308 جلد اول سال 1995).

ت. انهين، اِن، تــ ه، تـنـ ه، تهن، تنهن: الفاظ ”انهين ۽ اِن“ ۾ معنيٰ جو ڪو به فرق نه آهي. مگر لفظ ”انهين“ جون ماترائون وڌيڪ آهن تنهنڪري بيت ۾ لفظ ”اِن“ مناسب لڳي ٿو.
الفاظ ”تــ ه، تـنـ ه، تهن“ اهي ٽي ئي الفاظ قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ لکبا هئا مگر پڙهڻ وقت انهن لفظن جو اچار ”تنهن“ ٿيندو هو. تنهنڪري مٿين پنجن لفظن منجهان لفظ ”تنهن“ بيت ۾ لکڻ مناسب ٿئي ٿو.

ث. ماکا، ماڳا، ماڳاءُ، ماڳان، ماگا: لفظ ”ماڳا“ کي قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ ”ماکا“ جي صورت ۾ لکيو ويندو هو. ڇا ڪاڻ ته قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڳ“ اکر نه هو. تنهن ڪري ”ماکا“ لفظ کي جديد صورت خطيءَ ۾آڻبو ته لفظ ”ماڳا“ ٿيندو.
اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ماڳا“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي ۽ جن ”ماڳاءُ ۽ ماڳان“ جن لکيو تن غلط لفظ لکيو آهي. غلط لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تارچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، باگوجي ڏانوجي، محمّد عثمان ڏيپلائي، ٻانهون خان شيخ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
قارئين ڪرام! درست لفظ ”ماڳا“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڪلياڻ آڏواڻي، ممتاز مرزا، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ عثمان علي انصاري.
اسان لفظ ”ماڳا“ کي هن ڪري درست قرار ڏنو آهي ته تحقيق هيٺ آيل بيت جا ٻه قافيا آهن ”انيرا ۽ ٻيا“ تنهنڪري ٽيون قافيو ”ماڳا“ ٿيڻ گهرجي.

ج. جڙيو، گهڙيو، کريوءُ، کريو: جن صاحبن لفظ ”کريوءُ، کريو“ لکيو آهي تن قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته ”گهه“ ۽ ”ڙ“ اکر قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ نه هئا.
جن صاحبن لفظ ”گهڙيو“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ درست نه لکيو اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم توڙي ٻين بزرگن لاءِ يا عام آدمين لاءِ ڪٿي به ائين نه لکيو ويو آهي ته ”هنن کي گهڙيو ويو“.
پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآلـ ه وسلم جي جسم اطهر کي به ائين مخصوص انداز ۾ خاص مٽي منجهان جوڙيو ويو، جيئن فرشتن کي خاص نور منجهان، جنن کي خاص باهه منجهان ۽ حضرت آدم کي خاص مٽي منجهان بنايو ويو.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]جَکرو جُسَ کَرو، ٻِيا سَڀ اَوڻيرا،
جِئائِين جُڙيو جَکرو، تِئائين نَه ٻِيا،
مِٽيءَ اِن ماڳا، اَصُل هُئِي اِيتري.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پاڻ سڳورن (حضرت محمّد صلي الله عليه وآلـ ه وسلم جن) جي جسم اطهر جي سهڻي ساخت ۽ بي مثال بناوت بابت اهڙي ته قابليت سان اظهار ڪيو آهي جو اڳ ڪڏهن به ڪنهن شاعر، اديب ۽ عالم اهڙو فڪر ۡظاهر نه ڪيو آهي.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي علميت جو ڪمال ظاهر ڪندي فرمايو آهي ته (حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم) جو جسم اطهر بلڪل کرو آهي سندن جسم مبارڪ ۾ ڪا به ڪمي يا کوٽ نه آهي. مگر ٻيا (رسول، پيغمبر، نبي، صالح، صديق ۽ شهيد، سخي توڙي اولياءَ جسماني طور تي اڻپورا آهن مڪمل نه آهن. الله پاڪ مهر نبوت هڻي سندن جسم اطهر کي مڪمل ڪري ڇڏيو ٻيا ائين مڪمل نه آهن جئن پاڻ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم جن آهن.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم جنهن خمير منجهان جڙيو ۽ جوڙيو ويو ان خمير منجهان ٻيو ڪو به بني آدم نه جڙيو. ڇا ڪاڻ ته جنهن ماڳ منجهان پاڻ ڌڻيءَ، اسان جي نبي حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم کي جوڙيو سا مٽي بس ايتري ئي انداز ۽ مقدار ۾ هئي وڌيڪ نه هئي، جنهن مان ڪو ٻيو جڙي سگهي، يعني بي مثال مٽي منجهان پاڻ سڳورن کي الله تبارڪ و تعاليٰ پيدا فرمايو.

*****

جَکِري جِهُو ڏِسَان ڪُونَ ڏهِـنـ۾،
وَائِي جِهجي وَاَتـ۾ ڌِهُو ۽ ڌِهُو،
وَڃِي ڇُو نَوِهُو دَرِ سُوءَالي مَنکَّنَا.
(سيد عبدالعظيم گنج سُر بلاول ص 765ڪتابت سال 1207هه اشاعت 1995ع )

آءٌ جَکِري جِهُو پُرسُ نهَ پَسَان ڪُو ٻِئو،
وَائِي جِهجي وَاَتـ۾ ڌِهُو ۽ ڌِهُو،
وَنڄهِِ ڇُو نَه وِهُواِنَ دَرَمَٿي مَنکَنَان.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 365سال 1995ع)

جَکَري جِهو، ڏِسَان ڪو نهَ ڏيهَنِ ۾،
وائِي جِنهِن جي واتَ ۾، ڏئو ۽ ڏئو،
وَڃي ڇو نَه وِهو، اِنَ دَرِ سُوالي مَڱڻَا.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 176سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

جکري جِهو ڏسان ڪو نه ڏيهنِ ۾،
وائي جنهن جي وَاتَ ۾ ڏهوَ ۽ ڏهو،
وڃي ڇو نه وِهو، درِ سواليءَ مَڱڻا.

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص765سال 1995)

آءُ جکري جيهو، پُرس نه پسان ڪو ٻيو،
وائي جنهنجي وات ۾، ڏيو ۽ ڏيو،
وڃِي ڇو نه وهو، ان در مٿي مڱڻا.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 523سال 2009ع مهراڻ)

آءُ جکري جيهو، پرس پَسان ڪونَ ٻيو،
وائي جنهن جي وات ۾، ڏيو ۽ ڏيو،
وڃِي ڇو نَه وِهو، اِن در مٿي مڱڻان.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 329سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

جکري جِيهَو، پُرس نه پَسان ڪو ٻيو،
وائي جنهن جي وات ۾، ڏِيو ۽ ڏِيو،
وَڃي ڇُو نه وِهو، اُن دَر مٿي مَڱڻان.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 397سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جکري، آءُ جکري)، (جيهو، جهو)، (پُرس)، (نه پسان ڪو ٻيو، ڏسان ڪو نه ڏيهن ۾، پسان ڪو نه ٻيو)، (ڏهو ۽ ڏهو، ڏيو ۽ ڏيو، ڏئو ۽ ڏئو)، (اِن در، اُن دَر، در)، (سوالي مڱڻا، مٿي مڱڻان مٿي مڱڻا، مٿي مکنا، مٿي مکنان)

نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تاراچند، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، باگي جي ڏاني جي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت نه لکيو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو.

الف. جکري، آءُ جکري: لفظ ”جکري“ ممتاز مرزا سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ ٻانهي خان شيخ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق بيت جي پهرين مصرع ۾ مٿين صاحبن ”آءٌ“ لفظ نه لکيو آهي، مگر لفظ ”آءُ“ لکيو آهي.. جن صاحبن بيت جي پهرين مصرع ۾ الفاظ ”آءُ جکري“ لکيا آهن، تن اسان جي تحقيق مطابق درست الفاظ نه لکيا آهن. اهو لفظ حاجي محمّد سمي ته ”آءٌ“ (آئون) لکيو مگر فقير تاج محمّد نظاماڻي لفظ ”آءُ“ لکيو آهي. هن لفظ جي صورت خطيءَ ”آءٌ“ لکڻ گهربي هئي.
ب. جيهو، جهو: لفظ ”جيهو“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي. هنن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لفظ ”جيهو“ غلط لکيو آهي.
سيّد عبدالعظيم حاجي محمّد سمي، ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ لفظ ”جهو“ درست لکيو آهي. اسان لفظ ”جهو“ درست قرار هن ڪري ٿا ڏئون ته اهو لفظ پهرين مصرع جي قافيي طور استعمال ٿيل آهي. باقي ٻيا قافيا آهن ”ڏهو ۽ وهو“.

ت. پُرس: لفظ ”پُرس“ سيّد عبدالعظيم نه لکيو تنهنڪري ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ به بيت ۾ ”پُرس“ لفظ استعمال نه ڪيو. اسان جي تحقيق مطابق حاجي محمّد سمي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، لفظ ”پُرس“ درست لکيو.

ث. نه پسان ڪو ٻيو، ڏسان ڪو نه ڏيهن ۾، پسان ڪو نه ٻيو: قارئين ڪرام! حاجي محمّد سمي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي ”پسان ڪو نه ٻيو ۽ نه پسان ڪو ٻيو“ فقرا لکيا آهن. اسان انهن فقرن کي غلط قرار ڏنو آهي. درست فقرو لکڻ وارا صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم فقير، ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ. هنن صاحبن فقرو لکيو آهي، ”ڏسان ڪو نه ڏيهن ۾“.

ج. ڏهو ۽ ڏهو، ڏيو ۽ ڏيو، ڏئو ۽ ڏئو: سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي الفاظ ”ڏيو ۽ ڏيو“ لکيا آهن. غلط الفاظ لکيا اٿن. ٻانهي خان شيخ به الفاظ ”ڏئو ۽ ڏئو“ غلط لکيا آهن. اسان مٿين صاحبن جي لکيل الفاظ کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل بيت جو پهريون قافيو آهي ”جهو“. ۽ آخري ٽين مصرع جو قافيو آهي ”وهو“ ، تنهنڪري تحقيق هيٺ آيل بيت جي ٻي مصرع جو قافيو ٿيڻ گهرجي ”ڏهو ۽ ڏهو“ اهو قافيو، حضرت سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي بيت ۾ نهايت ئي درست لکيو آهي. اکر ”ڏ“ مٿان ٽي نقطا اکر ”ث“ ثواب وانگر لکيا آهن.

ح. اِن در، اُن دَر، در: الفاظ ”اُن در“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن. ٻانهي خان شيخ ”اِن در“ الفاظ لکيا آهن، معلوم ائين ٿئي ٿو ته ٻانهي خان شيخ ۽ حاجي محمّد سمي جي تقليد ڪندي ”اِن در“ الفاظ لکيا. سيّد عبدالعظيم ٽين مصرع ۾ لفظ ”اِن يا اُن“ لفظ بيت ۾ نه لکيو آهي. تنهنڪري ممتاز مرزا به اهو لفظ ٽين مصرع ۾ استعمال نه ڪيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق حاجي محمّد سمي ۽ ٻانهي خان شيخ ”اِن در“ الفاظ درست لکيا آهن ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ”اُن در“ الفاظ درست نه لکيا آهن اهو هن ڪري ٿا چئون ته سخي، سائلن کان پري نه آهي، ويجهو آهي تنهنڪري لفظ ”اُن“ اشارو ڏور لکڻ مناسب نه ٿا سمجهون. رهيو سوال فقير تاج محمّد نظاماڻي جو جنهن الفاظ ”ان در“ ته لکيا آهن مگر ”ا“ کي نه زير نه زبر ۽ نه پيش ڏني اٿس تنهنڪري اسان سمجهي نه ٿا سگهون ته هن جو اشارو ڏورانهين سخي ڏانهن آهي يا ويجهي سخي ڏانهن اشارو آهي.

خ. سوالي مڱڻا، مٿي مڱڻان مٿي مڱڻا، مٿي منکنا، مٿي منکنان: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”منکنا ۽ منکنان“ قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيا ويا، جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهي الفاظ ”مڱڻان“ لکڻ گهرجن. اسان هي به تحقيق ڪري معلوم ڪيو آهي ته جن صاحبن جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”مڱڻا“ لکيو آهي تن درست لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”اکر“ ”ڻ“ کان پوءِ آيل ”ا“ يا ڪنهن ٻي اکر پٺيان ”ن“ غنو لکڻ لازمي ٿئي ٿو. ورنه پڙهڻ وارا ان لفظ کي ”ڻا“ پڙهندا اهو اچار درست نه آهي. مگر ”ڻان“ وارو اچار درست آهي. جيڪڏهن ”ڻ“ بجاءِ اکر ”ت“ هجي ها يعنيٰ لفظ ”مڱتا“ هجي ها ته پوءِ ”ن“ غنو نه اچي ها.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]آءٌ جَکري جِهو ڏِسان ڪو نه ڏيهنِ ۾،
وائِي جَنهِن جِي وَاتَ ۾ ڏِهو ۽ ڏِهو،
وَڃِي ڇو نه وِهو؟ اِن در سواليءَ مَڱڻان.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته آئون جکري سردار جهڙو ڪل ڪائنات جي سمورن ڏيهن ۾ ڪو سخي نه ڏٺو. هن سخي سردار جي زبان مبارڪ منجهان هر پل، هرگهڙي هي الفاظ پيا نڪرن ته در تي دان وٺڻ لاءِ آيل سائلن کي”ڏيو ۽ ڏيو“، ڏيندا ئي رهو.ڏيڻ ۾ وٿي نه وجهو.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ منگتن کي هي صلاح ڏني آهي ته اي مڱڻئو، اي سائلو ساري عالم جا آدميو اوهان ڇو نه اهڙي سخي ۽ ڏاتار جي در اڳيان وڃي ليلايو ۽ ٻاڏايو ٿا. اوهان ٻيا در ڇڏي فقط اهڙي ڏاتار جي در تي وڃي التجا ڇو نه ٿا ڪريو جنهن جهڙو سخي ڏيهن ۾ ڳولهيو ئي نه ٿو لڀي.


*****

سَرَرِِ جِيُ سُکَه لاَءِ سَانِکَه کَئِي سَردَاَر،
جي اَئِيِِ اَبري اَڌَارَ، سي سُنکُه نڏِيندِي سُنمِريءٌ،
(سيد عبدالعظيم گنج سُر بلاول ص 774ڪتابت سال 1207هه اشاعت 1995ع )

سرڻن جي سُکه لاءِ، سَامَ کنئي سردارَ،
جي آيُون اَبڙي آڌارَ، سي سُنگُ نه ڏِينديون سومريون،

(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص497سال 1900ع)

سَرَٺِنِ جي سکَههَ لَئ ِسَانگِ کهَئِي سَردَارَ،
جي آيُون آبِڙِيُون مين آدهار، سي سَنکُ نَه ڏيندا سومرا.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 641سال 2008ع)

سِرَنِيَنِ جِي سُکَه لاَءِ سَانِکه کَئِي سَردَاَر،
جي اٰيءٌ اَبَرِي اٰڌَارَ سي سُونکُه نڏِيندِي سُنمِريءٌ،
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 365سال 1995ع)

سَرَڻِيُنِ جي سُکَ لَءِ سامَ کَنئِي سَردارَ،
جي آيُون اَبڙي آڌارَ، سي سوُنگ نه ڏيندِيُون سوُمِريُون.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 461)

سَرِڻَنِ جي سُکَ لاءِ، سَانگ کَنئِي سَردارَ،
جي اَبڙي آيُون آڌارَ، سي سُنگُ نه ڏِيندِيُون سُومريون،
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 170سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

سَرِڻَنِ جي سُکَ لاءِ سانگ کَنئي سَردارَ،
جي آيوُن اَبڙي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏِيندِيُون سُومريون،

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 617 سال 2013)

سِرڻين جي سُکَ لاءِ، سانگ کنئي سَردارَ،
جي آئيون اَبڙي آڌار، سِي سُنکُ نه ڏينديون سومريون.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص774سال 1995)

سَرڻين جي سُک لَئي سانگِ کنئي سردار،
جي ٿيون ابڙي آڌار، سي سُنگ نه ڏينديون سومريون،
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول سنڌ ثقافت کاتو ص145سال 2009)

سَرَڻِيُنِ جي سُکَ لَءِ سامَ کَنئِي سَردارَ،
جي اَبڙي آڌارَ، سي سوُنگ نه ڏيِنديُون سوُمِرِيُون.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 175سال 1994 )

سرڻن جي سُک لاءِ سام کنئي سردار،
جي آيوُن اَبڙي آڌار، سي سُونگَ نه ڏِيندِيُون سومرِيُون.

(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص546مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

سرڻن جي سکَه لاءِ سارَ کنئي سردار،
جي آيون ابڙي آڌار، سي سُونڱُ نه ڏينديون سومريون.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 679بااختيار ادارو سال 1994 )

سَرَڻِيَنِ جي سُکَ لَئِي سام کَنئِي سَردار،
جي آيُون اَبڙي آڌارَ، سي سُونگَ نَه ڏيِندِيُون سُومِرِيُون.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص241سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

سَرَڻين جي سُک لاءِ، سامَ کنئي سردار،
جي آيون ابڙين آڌار، سي سونگ نه ڏينديون سومريون.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 522سال 2009ع مهراڻ)

سَرڻَنِ جي سُک لئي، سانگ کَنئي سَردارَ،
جي آئيون ابڙي آڌار، سي سُنڱ نه ڏينديون سومريون،

(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 327سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

سرڻين جي سُک َئي، سانگ کَنئي سَردارَ،
جي آيون ابڙي آڌار، سي سَونگ نه ڏِينديون سومريون،

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاولص 392سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

سَرَڻَينِ جي سُکَ لَءِ، سامَ کَئِي سَردارَ،
جي آيُون اَبَڙي آڌارَ، سي سُونگُ نه ڏِيندِيون سُومِرِيُون،

(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص430سال 2013ع روشني)

سَرڻَين جي سُک لاءِ، سَامَ کنئي سردار،
جي آيُون ابڙي آڌار، سي سُونگ نه ڏِينديون سومريون،

(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 711سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

سَرِڻَنِ جي سُکَ لاءِ سانگ کَنئي سَردارَ،
جي آيوُن اَبڙي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏيندِيُون سُومريون،

(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 279سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سَرَرِ، سرنين، سرڻين، سرڻن، سَرٺن )، (سام، سانگ)، (سنگ، سونگ، سَنکُ)، (سومرا، سومريون، سُنمريءٌ)

الف. سَرَرِ، سرنين، سرڻين، سرڻن، سَرٺن: قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪلام لکيو ويو. جنهن ڪري ڪلام جي لفظن ۾ مغالطو پيدا ٿيو. مثال طور، لفظ ”سَرَرِ“ لکيو ويو ته ڪن ”سرنين“ لکيو ته ڪن صاحبن ”سرڻين“ لکيو. هن خيال کان ته قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڻ“ اکر نه هو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لفظ ”سرٺن“ لکيو هن صاحب ”ڻ“ اکر جو متبادل اکر ”ٺ“ لکيو.
قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”سرڻن يا سرڻين“ نه آهي مگر ”سرنين“ آهي. اهو لفظ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي بيت ۾ لکيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”پنهنجو سر کڻي ڪنهن وٽ پهچڻ يعنيٰ سام ۾ اچڻ“.
ڪلياڻ آڏواڻي، ٻانهي خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لفظ ”سرڻين“ لکيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي معنيٰ لکي آهي ”سرن وٺندڙ“ (ص641) ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ معنيٰ لکي آهي، ”پناهه وٺندڙ “ (ص145). ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ معنيٰ بلڪل درست لکي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ معنيٰ ته ”سرنين واري“ لکي آهي مگر لفظ ”سرڻين“ لکيو اٿن. هنن صاحبن کي بيت ۾ لفظ ”سرنين“ لکڻ گهربو هو. لفظ ”سرنين“ جي لفظي معنيٰ آهي ”سر نيڻ واريون“ يعني پنهنجي سر کي ڪنهن جي سام ۾ ڏيڻ واريون.

ب. سام، سانگ: جن صاحبن لفظ ”سانگ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ لکيو آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”سام“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري لکون ۽ چئون ٿا ته سومريون ابڙي وٽ سام لاءِ ويون هيون ۽ ابڙي سام کنئي هئي، پهريائين ابڙي سام قبولي ۽ پوءِ هٿ ۾ سانگ کنيائين.

ت. سنگ، سونگ، سَنکُ: قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”سنگ ۽ سونگ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي. اسان انهن جي لکيل لفظ کي غلط قرار هن ڪري ڏيون ٿا ته سومرين وٽ ڪو مال متاعُ نه هيو. فقط ٽن ڪپڙن ۾ ابڙي سمي وٽ سام لاءِ آيون هيون. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سڀني لکيڪن، مرتبن ۽ محققن کان بهترين لفظ ”سَنکُ“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي اهو لفظ اصل ۾ ”سَنڱ“ آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ڪاتب کان لفظ ”سُنگ“ لکرائي ها ته پوءِ ڪاتب ”س“ اکر کي پيش ۽ ”گ“ اکر کي زبر ڏيئي لکي ها. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”سَنڱ“ آهي.
ث. سومرا، سومريون، سُنمريءٌ: لفظ ”سُنمريءٌ“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو ويو آهي. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”سومريون“ لکڻ گهرجي.
جن صاحبن لفظ ”سومرا“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي. تواريخي ۽ لوڪ روايتن مطابق سومريون سمي ابڙي وٽ سام لاءِ ويون هيون انهن سان گڏ ڪو سر ڪردو يا ڪو وڏي عمر وارو يا جوان سومرو گڏ نه هيو تنهنڪري بيت ۾ لفظ سومريون جن لکيو آهي تن درست لکيو آهي.
اسان جي تحقيق مطابق بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]سِرنِيَنِ جِي سَام لاءِ، سَانگ کَنئِي سَردارَ،
جي آئِيُون ابَڙي آڌار، سي سَنڱ نَه ڏِينديُون سُومَرِيُون،[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته جڏهن سومريون پنهنجا سِر بچائي سمي ابڙي وٽ سِر کڻي اچي سام پيون تن کي ابڙي پنهنجي سام ۾ آندو. ان بعد انهن سومرين جي بچاءُ ۽ دفاع لاءِ تلوار هٿ ۾ کڻي اعلان ڪيائن ته جيڪي سومريون منهنجي سام ۾ اچي پهتيون آهن تن جي آخر دم تائين رکوالي ڪندس سومريون بادشاه جي زور ۽ دٻاءُ جي باوجود منهنجي بل بُوتي ۽ طاقت تي ڀروسو رکندي بادشاهه لاءِ سنڱ نه ڏينديون. آئون سندن سنڱن جي حفاظت لاءِ پنهنجو سِر به قربان ڪندس.