25. سُر رام ڪلي
وَاري نينَ نِنڊَّا، جَا ڪِي جَلئَا جُوکِيِِ.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر رام ڪلي ص580)
اَکِيءٌ آلُومَاهُ، سَدا سَنَاسِيَنِ جُيءٌ،
واري نينَ نِنڊراءَ، جَاکِي جَلِئَا جُوکِي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص337)
اَکهِيون آلو مَاهَه، سَدَا سَنَاسِنِ جُون،
وَاري نيٺَ ننڌرَان، جَان کي جَهلِيَا جوگِئين.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص604سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
اَکيون آلو ماهُه، سَدا سَناسيَنِ جُون،
واري نيڻَ نِنڊانءُ، جاڳِي جَهلِيا جوڳِئين.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص460سال 1900ع)
سَدا سَنَاسِيَنِ جُون، اکِيُون آلو مَاهُه،
وَاري نيڻَ نِنڊَان، جَانڪِي جَهلِئا جُوڳِيين.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص80سال2012 )
اَکِيُون آلو ماهُ، سَدا سناسِيُنِ جُون،
واري نيڻَ نِنڊاهُ، جاڳِي جَهلِيا جوڳِئين.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص364)
سَندا سَنَا سِيَنِ جُيون، اکيون آلو مَاهُ،
وَاري نيڻَ نِنڊَا، جَاَن ڪِي جهلِيا جُوڳِيين.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر رام ڪلي ص580سال 1995 )
اکيون آلو ماهُ، سَدا سناسين جَون،
واري نيڻَ نِنڊانءَ، جاڳي جهَليا جوڳئين.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص624بااختيار ادارو سال 1994 )
اَکِيُون آلو ماهُ، سَدا سناسِيَنِ جُون،
واري نيڻ ننڊانءُ، جاڳِي جَهلِيا جوڳِيين.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص203سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
اکيُون آلو ماهُ، سَدا سَناسِيَن جِيُون،
واري نيڻَ نِنڊاءَ، جانڪي جهَليا جوڳيين.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص 321سال 2009)
اَکيُون آلو ماهُ، سَدا سَناسينِ جُون،
واري نيڻ نِنڊانءُ، جاڳِي جَهلِيا جوڳِئين.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص504سال 1999ع )
اَکِيُون آلو ماهُه، سَندا سَناسِنِ جِيُون،
واري نيڻَ نِنڊاهُ، جاڳِي جَهلِيا جوڳِيين.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص393سال 2013ع روشني)
اکيُون آلو ماهُه، سَدا سَناسِيَن جُون،
واري نيڻَ نِنڊاءَ، جان ڪي جهلِيا جوڳِين.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص585سال 2013)
اَکيُون آلو ماهُ، سَدا سَناسِيُنِ جُون،
واري نيڻَ نِنڊاهُ، جاڳِي جَهلِيا جوڳِئين.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر رام ڪلي ص 36سال 1994 )
اکيون آلو ماهه، سَدا سناسين جون،
واري نيڻ ننڊاءُ، جاڳي جهليا جوڳئين.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص 486سال 2009ع مهراڻ اڪيڊمي)
اَکَيُون آلَوَ مَاه، سَدا سناسين جون،
واري نِيَڻ ننڊاهه، جاڳي جَهليا جَوڳئين.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر رام ڪلي ص351سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
اکيون آلو ماهه، سَندا سناسين جون،
واري نيڻ ننڊاءُ، جاڳي جهليا جوڳئين.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص 681سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
اکيون آلو ماه، سَدا سنياسين جيون،
واري نيڻ ننڊاءِ، جانڪي جهليا جوڳيين.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص 289سال 2008ع )
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سندا، سدا)، (ننڊانءُ، ننڊاه، ننداءِ، ننڊان، ننڌران)، (جانڪي، جاڳي)
الف. سندا، سدا: لفظ ”سندا“ لکڻ وارا صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا ۽ غلام محمّد شاهواڻي. ياد رهي ته سيّد عبدالعظيم لفظ ”سندا“ لکيو ته ممتاز مرزا به اکيون ٻوٽي لفظ ”سندا“ لکي ڇڏيو. غلام محمّد شاهواڻي به لفظ ”سندا“ لکيو آهي.
اسان انهن ٽنهين صاحبن جي لکيل لفظ کي غلط قرار ڏنو آهي. اهو هن ڪري ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي انهي بيت ۾ لفظ ”سَدا“ لکڻ گهرجي جنهن جي معنيٰ آهي ”هميشه“. لفظ ”سندا“ جو هن بيت سان انهي ڪري واسطو نه آهي جو ”سندا“ جي معنيٰ آهي ”پنهنجا، سنياسين جا“.
ب. ننڊانءُ، ننڊاه، ننداءِ، ننڊان، ننڌران: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي، جن صاحبن ”ننڌران، ننڊان، ننڊاءِ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق لفظ غلط لکيا آهن.اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين قافيي جو لفظ آهي ”ماه“ تنهنڪري ٻي قافيي جو لفظ ”ننڊاه“ ٿيڻ گهرجي لفظ ”ننڊاه“ غلام محمّد شاهواڻي،سگهڙ حاجي الهداد جنجهي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ڊاڪٽر محمّد عالم سومري لکيو آهي. باقي ٻين سڀني غلط لفظ لکيو آهي.
ت. جانڪي، جاڳي: اسان انهن ٻنهي لفظن تي گهڻو ئي سوچيو آهي. سوچي سوچي هن نتيجي تي پهتا آهيون ته جن صاحبن لفظ ”جاڳي“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. جاڳي اکين کي ننڊ کان جلهڻ جي معنيٰ آهي جاڳڻ اهو ته عام خيال آهي، هي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت آهي هن تي گهڻو ڌيان ڌرڻو ۽ سوچڻو آهي، اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”جانڪي“حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾فرمايو،جانڪي لفظ جي معنيٰ آهي،”جڏهن کان وٺي“. درست لفظ ”جانڪي“لکڻ وارا صاحبان آهن،سيّد عبدالعظيم، ٻانهون خان شيخ، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عثمان علي انصاري، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]سَدا سَنَا سِيَنِ جُون، اَکيُون آلو مَاهُ،
وَاري نيڻَ نِنڊَاه، جَانْ ڪِي جهلِيا جُوڳِيين.
[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته سناسين يعني شُناس وارن، عارفن، الله وارن جون اکيون هميشه پرينءَ کي ياد ڪرڻ سببان پُرنم ۽ آليون رهنديون آهن، انهن سناسين جي اکين جو گوشت هميشه ڳوڙهن سان آلو ئي آلو رهندو آهي. انهن الله وارن جڏهن کان وٺي پنهنجا نيڻ ننڊ کان روڪيا آهن. يعني جاڳندا رهن ٿا ننڊ نڀاڳي کي ترڪ ڪري ڇڏيو اٿون. تڏهن کان وٺي سندن اکيون آليون ئي آليون رهنديون آهن.
*****
جِهَڙا ڪَڻج ڪَکَڙا، تِهَڙا جايَنِ ڦُلَ،
تَن سامِين سَڌَ مَران جَنِ گودَڙِينِ ۾ گُلَ
اَندَرِ مُلَ اُمله ٻَاهَرِ ڪوجها ڪاپڙي
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو 2009ع سر رام ڪلي صفه 321)
تَهِڙا ڪَڙڄَ ڪَڪِرا جَهِڙا جائُن ڦُلَ،
تِنِ سامِيُن جي سِڌ مَران جِن جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ
اَندَرِ مُلاَن مُل ٻَهَر ڪوجها ڪاپَڙي
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو سالو سر رام ڪلي صه 407)
جِهڙا ڪَڻِڄ ڪَکَڙا تِهڙا جُائن ڦُلَ
تَن سَامِيَن جي سَڌَ مَران جَنِ جي گودَڙِيُن ۾ گُلَ
اَندَرِ مُلَ اَمُلَهَه ٻَهرِ ڪوجَها ڪَاپَڙِي
(ٻانهو خان شيخ شاهه جو رسالو سر رام ڪلي صه 19-94)
جِهَڙَ ڪَڻِڄَ ڪَڪَرا تِهَڙا جَائِنِ ڦُلَ
تَنِ سَامِنِ جي سَڌَ مَراَن اُنِ جي گودڙي ۾ گل
اَندَرِ مُلهَه اُمُلَ ٻَهَرِ ڪوجهَا ڪَاپَڙي
(ڊاڪٽر ارنيست ٽرمپ شاهه جو رسالو 2008 سر رام ڪلي صه 591.11)
تهِڙا ڪَڙَڄ ڪڪرا تهڙا جائن ڦل،
تن سامين جي سَڌَ مران جن جي گودڙين ۾ گل
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر رام ڪلي ص 610 بااختيار ادارو سال 1994 )
تهِڙا ڪَڙَڄ ڪَڪرا جِهڙا جائنِ ڦل،
تَن سامِيَنِ جِي سڌَ مَران جنِ گودڙِينِ ۾ گل
اندَرَ ۾ اَمُل ٻَهرِ ڪوجها ڪاپَڙي
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر رام ڪلي ص182 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
تحقيق ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪڻج، ڪڙڄ، ڪڻڄ)، (ڪڪرا، ڪکڙا)، (جاين، جائن) (مل اُملهه، اندر ملان مل، اندر مل امل)،
الف: ڪڻج، ڪڙڄ، ڪڻڄ: لفظ ”ڪڻج“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيت ۾ استعمال ڪيو آهي. جنهن جي معنيٰ لکي اٿس ”ڪک ۽ ڪاٺيون“.
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي۽ ڪلياڻ آڏواڻي لفظ ”ڪڙڄ“لکيو آهي،جنهن جي معنيٰ”ڪک،ڪانا،ڪن ڪچرو“آهي.(ص 2069 سنڌي لغات جلد 4). لفظ معنيٰ سميت درست لکيو اٿن.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ٻانهي خان شيخ لفظ ”ڪڻڄ“ استعمال ڪيو آهي.
ب: ڪڪرا، ڪکڙا: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ڪکڙا“ لکي معنيٰ لکي آهي ”ڪک ڪاٺيون“ ڪلياڻ آڏواڻي ”ڪکڙا“ لکي معنيٰ ”ڪاٺيون، ڪک ڪانا“ لکي آهي.
علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لفظ ”ڪڪرا“ غلط لکيو آهي. اهو لفظ ”ڪکڙا“ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ڪک، ڪانن جا ڇلڪا. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڪکڙا“ برابر لکيو اٿن. ”ڪکڙا“ لفظ کان سواءِ باقي ٻيا لفظ غلط استعمال ڪيا ويا آهن.
ت: جاين، جائن: ”جاين“ لفظ، صرف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ۽ معنيٰ ”جايون“ يعني جڳهيون لکي اٿس.
ڪلياڻ آڏواڻي ”جائو ٻوٽن جا گل“ لکيو آهي. ڪيترو نه ٻنهي صاحبن جي سوچ ۾ فرق آهي؟ اسان جي تحقيق مطابق ڪلياڻ آڏواڻي وارا استعمال ڪيل الفاظ ”جائن ڦل“ درست آهن.
ث. اندر مل اُملهه، اندر ملان مل، اندر مل امل: ٽين مصرع جو پهريون اڌ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ لکيو آهي، ”اندر مُل اُملهه“. قافيي جي لحاظ سان ”املهه“ لفظ غلط آهي. ڇاڪاڻ ته ٻيا قافيا گل ۽ ڦل آهن. جنهن ڪري ٽيون قافيو ”امل“ ٿيندو.
ڪلياڻ آڏواڻي لکيو آهي. "اندر ملان مُل". غلط لکيو اٿس. هن کي "اندر مل امل" لکڻ گهرجي ها.
ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي، "اندر ملهه اَمل". اهو مناسب لکيل نه آهي.
تحقيق بعد بيت جي آخري صورت هي بيهي ٿي.
[b]جَهِڙا "ڪَڙڄ ڪکَڙا"، تَهِڙا "جَائُن ڦُل“،
تَن سَامين جي سَڌَ مَران، جن جِي گودڙِيَن ۾ گُل،
”اندر مُل اَمل“، ٻَاهر ڪوجها ڪاپڙِي.[/b]
معنيٰ: سامين جي رهائش گاهه تي ڪاٺين، ڪکن ۽ ڪانن جي باهه ٻري ٿي ائين ٿو محسوس ٿئي ته اها باهه نه آهي مگر لاله زار آهي ڄاڻ ته جائن جي ٻوٽن جا گل ٽڙيا بيٺا آهن. انهن سامين سان ملڻ جي منهنجي سيني ۾ سڌ ۽ خواهش آهي انهن جي گودڙين ۾ گل آهن. اهي ڪاپڙي بظاهر ڪوجها آهن مگر سندن اندر اُجرا آهن من اندر امل ماڻڪ لڪايو گهمن ٿا.
*****