19. سُر مومل راڻو
رَکِي ڪَامَ ڪِنِڪِئُو، مَارِيَسِ تِـ ه کُمَانَ،
هَڏِ نَجِيَان هَانِ، سِکُو مُوٽِجِ سُپرِِ.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص804)
ڪَاڪِ ڪَڙِي، وَنَ وِئَا، جَلِي مُهجِي جَانِ،
رَکِي ڪَامَ ڪِنِڪِوءُ، مَارِيَسِ تِـ ه کُمَانَ،
هَڏِ نَه جِيَان هَانِ، سِکُو مُوٽِجِ سُپرِِ.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻو ص88)
کَاکِ کَڙهِي، وَٺَ وِيَا، جَلِي منهن جِي جَانِ،
رَکهِي کَامَ کهِسکِئو، مَارِيَسِ تَنهِن کُمَان،
هَڏِ نَه جِيَان هَاٺِ، سِگهو موٿِجِ سُپِرِين.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻو ص522سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
ڪاڪ ڪَڙهه، وڻ ويا، جَلي منهنجي جانِ،
رَکي ڪامَ ڪِڻڪِيو، ماريَسِ تنهن گُمانَ،
هَڏِ نه جيان هاڻِ، سِگهو موٽج سُپرين.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص397سال 1900ع)
ڪَاڪَ ڪَڙِهِي، وَڻَ وِئَا، جَلِي مُنهِنجِي جَانِ،
رکِي ڪَامَ ڪِڻڪِئو، مَارِيَس ِتِـنهِن گُمَانَ،
هَڏِ نَه جِيَان هَاڻِ! سِگهو مَوٽِجِ سُپرڀين.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو جلد ٻيون سُر راڻو ص447سال2012 )
ڪاڪِ ڪَڙهي، وڻَ وئا، جَلي مُهِجِي جانِ،
رکي ڪامَ ڪِڻڪِئو، ماريَس ِتـ ه گمانَ،
هَڏِ نه جِيان هاڻِ، سِگهو موٽجِ سُپريِن.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص484سا ل 1996 )
ڪاڪِ ڪَڙهي، وڻَ وِيا، جَلي مُنهنجي جانِ،
رَکي ڪامَ ڪِڻڪِيو، مارِيَس ِتـنهِن گمان،
هَڏِ نه جِئان هاڻِ! سِگهو موٽِجِ سُپريِن.
(ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص244 )
ڪاڪِ ڪڙِهي، وڻ ويا، جلي منهنجي جَان،
رکي ڪام ڪڻڪيو، مارِيَس، تنـهن گُمانَ،
هَڏِ نه جِيان هاڻِ! سِگهو موٽجِ سُپريِن.
(ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص804سال 1995 )
ڪاڪِ ڪَڙِهِي، وَڻَ وِئا، جَلِي مُنهِنجِي جانِ،
رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَس ِتِـنـ هِ گُمان،
ٿِي جِيَان منَجهه جَهانَ! سِگهو موٽِجِ سُپرين.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 260سال 2009)
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِئا، جَلِي مُهِنجِي جانِ،
رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِئو، ماريَس ِ، تِـ هِ گُمانَ،
هَڏِ نه جِيان هاڻِ! سِگهو موٽِجِ سُپِريِن.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 361سال 2013)
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، جَلِي مُنهنجِي جانِ،
رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِيو، مارِيَس ِ، تِنهن گُمانَ،
هَڏِ نه جِئان هاڻِ! سِگهو موٽِج سُپِريِن.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 205سال 1994 )
ڪاڪ ڪَڙهي، وڻ ويا، جَلي منهنجي جانِ،
رکي ڪام ڪِڻڪِيو، ماريَس تنهن گُمانَ،
هَڏِ نه جيان هاڻ، سِگهو موٽج سُپرين.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 531بااختيار ادارو سال 1994 )
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، جَلِي مُنهنجِي جان،
رَکِي ڪامَ ڪِڻڪِيو، مارِيَس تِنهن گُمانَ،
هَڏِ نَه جِيان هاڻ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص620سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ويا، جلي منهنجي جان،
رکي ڪام ڪڻڪيو، ماريس، تنـهن گمان،
هڏ نه جيان هاڻ! سگهو موٽجِ سُپرين.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 414سال 2009ع مهراڻ)
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِئا، جَلِي مُهجي جانِ،
رکي ڪامَ ڪِڻڪِئو، ماريَسِ تِـ هِ گُمانَ،
هَڏِ نَه جِيان هاڻِ! سِگهو موٽِج سُپِريِن!
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص250سال 2013ع روشني)
ڪاڪ ڪڙهي، وڻَ وِيا، جَلي منهنجي جان،
رکي ڪام ڪِڙڪِيَو، مارِيَس ِتـنهِن گُمان،
هڏ نه جِيان هَاڻ! سِگهو مَوٽِج سِپرين.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص300سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ويا، جلي منهنجي جان،
رکي ڪام ڪڻڪيو، ماريس، تنـهن گمان،
هڏ نه جيان هاڻ! سگهو موٽجِ سُپرين.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 532سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
ڪاڪ ڪَڙهي، وڻ ويا، جَلي منهنجي جانِ،
رکي ڪام ڪِڙڪي ويو، ماريس تنهن گُمان،
هَڏِ نه جيان هاڻ، سِگهو موٽ سپرين.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 241سال 2008ع )
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وڻَ وِئا، جَلِي مُهِنجِي جانِ،
رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِئو، ماريَس ِ، تِـ هِ گُمانَ،
هَڏِ نه جِيان هاڻِ! سِگهو موٽج سُپريِن.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 145سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
نوٽ: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ منجهان خارج ڪري ڇڏيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪنڪئُو، ڪڻڪيو، ڪڻڪئو، ڪڙڪيو، ڪڙڪي ويو، کهسکئو)، (هڏ نه جيان هاڻ، ٿي جيان منجهه جهان)
الف. ڪنڪئُو، ڪڻڪيو، ڪڻڪئو، ڪڙڪيو، ڪڙڪي ويو، کهسکئو: قارئين ڪرام! قديم دور جي ڪاتبن ”ڪ ۽ ک“ جو فرق نه رکيو ڪٿي ”ڪ“ ۽ ”ڪٿي ”ک“ اکر لکندا هئا. هن بيت ۾ ڪاتبن کي ”ک“ اکر لکڻو هو. مگر ”ڪ“ اکر لکيائون ۽ ”ڻ“ اکر بجاءِ ”ن“ اکر لکندا هئا. ان حالت ۾ اسان کي لفظ ”ڪنڪئُو“ جديد صورت خطيءَ ۾ ”کڙڪِئو“ لکڻ گهرجي، ڪنهن به ليکڪ نه لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن ”ڪنڪئُو، ڪڻڪيو، ڪڻڪيو، ڪڙڪيو، ڪڙڪي ويو“ لکيو آهي، تن غلط لفظ لکيو آهي، اهو لفظ ”کهسکئو“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکرايو آهي.
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته بيت ۾ لفظ ”کِسکيو“ درست ٿيندو يا ”کڙڪيو“، ان لاءِ اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته الفاظ ”ڪنڪيو، ڪڻڪيو، ڪڙڪيو“ ڪاتبن مرتبن ۽ محققن لکيا آهن. انهن جي لکيل لفظن جو اصل لفظ آهي ”کڙڪيو“. تنهنڪري بيت ۾ لفظ ”کسڪيو“ بجا ”کڙڪيو“ مناسب لڳي ٿو. ڇا ڪاڻ ته سيّد عبدالعظيم به ”ڪنڪئو“ يعني ”کڙڪيو“ لکيو آهي. باقي رهيو سوال الفاظ ”ڪڙڪي ويو“ ته اِهو اصل لفظ آهي ”کِڙڪي، ويو کڙڪيو“ به ساڳي لڙهي جا لفظ آهن. ٻنهي منجهان ”کڙڪيو“ زياده مناسب آهي. هن ڪري ته کڙڪي ويو الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سُونهِن.
ب. هڏ نه جيان هاڻ، ٿي جيان منجهه جهان: فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”ٿي جيان منجهه جهان“ فقرو لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب اهو فقرو نامناسب لکيو آهي. بيت جو اصل فقرو جيڪو سيّد عبدالعظيم ڊاۡڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، حاجي محمّد سمي توڙي ٻين مرتب ۽ محقق حضرات ”هڏ نه جيان هاڻ“ لکيو آهي سو درست آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته ”ٿي جيان منجهه جهان“ ٻولي ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ سان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل فقرو ٿي ئي نه ٿو سگهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، جَلِي مُنهِنجِي جانَ،
رَکِي ڪامَ کِڙڪِيو، مَاريَس ِ، تنهن گُمانَ،
هَڏِ نه جِيان هانَ! سِگهو موٽج سُپريِن.[/b]
معنيٰ: مومل جي زباني حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته سوڍي (راڻي) مينڌري جي وڃڻ کان پوءِ ڄاڻ ته منهنجي لاءِ ڪاڪ جي باغات جا وڻ جلي ويا ۽ منهنجي جان به جدائي جي ڪري جلي ويئي. سوڍو لڪڻ کٽ تي رکي کِڙڪي ۽ کِسڪي ويو هن کي دل ۾ اهو گمان پيدا ٿيو ته مون سان ڪو غير مرد گڏ ستل آهي، سندس انهي گمان مونکي ماري ڇڏيو آهي.
هاڻ مان هڏهين ۽ هرگز جئري نه آهيان بظاهر پساهه کڻان ٿي. اي راڻا سگهو ڪاڪ تي ڪهي آءُ ته منهنجو ماندو من، سرهو ٿئي.
*****
جِن اِيدِهِِ مُوٽِـ ه مَئِدَرا اِيَ وَڏِي جَارَ ڪِيَاءِ،
وَرُنَهُئيِِ وَلَهَا، هُندَ جَٽي مُن جَاکَاءِ،
سُتي جِي سَاجَاءِ، سُوڊَا سِکِيَائِي ٿِييِِ.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص803)
اِيندِهِِ مُوٽِـ ه مَينڌَرا وَڏِي جَاڙ ڪِيَاءِ،
وَرُنَهُـ هِِ وَلَهَا، هُندَ جَٽي مُن جَاکَاءِ،
سُتي جِي سَانَڃاءِ، سُوڊَا سِکِيَائِي ٿِيِي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص300)
جِنيءِ اِيندي موٿِئين مَيڌهَرَا وَڏِي جَاڙَ کِيَاءِ،
وَرِٺو نه هوءِ وَلَها، هوندَ حَٿري مُونِ جَاکَاءِ،
تَه سُتي جِي سَانڄَاههِ، سوڌهَا سِگهِيَائِي تِهيَان.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص540سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
جئن ايندي موٽئين مينڌرا وڏي جاڙَ ڪياءِ،
وَرڻو نه هُئين وَلَها، هوند جَٽي مون جا ڳاءِ،
سُتي جي ساڃاءِ، سوڍا سِگهيائي ٿئي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص410سال 1900ع)
جيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرَا وَڏِي جَاڙَ ڪِئَاءِ،
وَڙُ نَه هُئين وَلَهَا! هُوندَ جَٽي مُون جَاڳَاءِ،
سُتي جِي سَاڃَاءِ، سوڍَا! سِگهِيَائِي ٿِيَئِي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص473سال2012 )
جِن اِيندهِ موٽِـ ه مَيڌَرا وَڏي جاڙَ ڪِئاءِ،
وَرُ نَه هُئين ؟ وَلَها! هُندَ جَٽِي مُون جاڳاءِ،
تهَ سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِيءِ.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص488سا ل 1996 )
جِئَن اِيندي ئِي موٽِئين مينڌرا، وَڏِي جاڙَ ڪَياءِ،
وَرُ نه هُئين؟، وَلَها! هوُندَ جَٽِي، مُون جاڳاءِ،
ته سُتيءَ جي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِيَءِ.
(ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص249)
جيئن اِيندي موٽهين مينڌرا، ايَ وڏي جَاڙَ ڪيَاءِ،
ورُ نَه هُئين ولَها، هُوندَ جَٽي مُون جَاڳَاءِ،
سُتِي جِي سَاڃاءِ، سُوڍَا! سِگهِيائي ٿِيِيي.
(ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص803سال 1995 )
ايندِهِن، موٽئِين، مَينڌرا! وَڏِي، جاڙَ ڪِياءِ،
وَرَڻُ نه هُوءِ وَلَها، هُندَ جَٽي، مون جاڳاءِ،
ته سُتِيءَ جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهيائِي ٿِئي.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 264سال 2009)
جِن اِينده، موٽِئين، مَيڌَرا! وڏي، جاڙَ ڪئاءِ،
وَرُ نه هُئين؟، وَلَها! هُندَ جَٽِي، مون جاڳاءِ،
ته سُتي جِي ساڃاءِ، سِگهِيائِي ٿِييَءِ.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 361سال 2013)
جَئَن اِيندي ئِي موٽِئين مينڌرا، وَڏِي جاڙَ ڪَياءِ،
وَرُ نه هُئين؟، وَلَها! جَٽِي مُون جاڳاءِ،
ته سُتيءَ جي سڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِيَءِ.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 109سال 1994 )
جئن ايندي موٽئين مينڌرا وڏي جاڙ ڪياءِ،
وَرڻو نه هُئين وَلَها، هوند جٽي مون جا ڳاءِ،
ستي جي ساڃاءِ، سوڍا سِگهيائي ٿئي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 551بااختيار ادارو سال 1994 )
جئن اِيندي موٽئين مَينڌرا وَڏي جاڙَ ڪِئاءِ،
وَرڻُون نَه هُوءِ وَلَها! هوُندَ جَٽي مُون جا ڳاءِ،
تهَ سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِئي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص606سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
جئن ايندي موٽئين مينڌَرا! لوڏي، جاڙَ ڪياءِ،
وَرڻو نه هُئين وَلَها! هوند جٽي، مُون جاڳاءِ،
سُتي جي ساڃاءِ، سَوڍا سِگهيائي ٿئي.
(غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص455سال 1999ع )
جئن ايندي موٽئين مَينڌرا، وڏي جاڙ ڪياءِ،
ورڻو نه هئين ولها، هوند جتي مون جاڳاءِ،
ستي جي ساڃاءِ، سوڍا! سگهيائي ٿئي.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 431سال 2009ع مهراڻ)
جِنءَ اِيندِه موٽِـ ه مَيڌَرا وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ،
وَرُ نَه هُئين ؟ وَلَها! هُندَ جَٽِي مُون جاڳاءِ،
تَه سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِييءِ.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص254سال 2013ع روشني)
جِيئن وئين موٽي، مينڌرا! وَڏِي، جاڙِ ڪياءِ،
وڃڻ نَه هوئِي وَلها! هوند جَٽي، مُون جاڳاءِ،
ته سُتي جي ساڃاءِ، سَوڍا سَڀيئي ٿِئي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجhي شاهه جو گنج سُر راڻو ص307سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
جي ايندين موٽي مينڌرا، وڏي جاڙ ڪياءِ،
ورڻ نه هئين ولها، جتي تون جاڳاءِ،
ستي جي ساڃاءِ، سوڍا سکيائي ٿيئان.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 561سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
جيئن اينديئي موٽيين مينڌرا، وڏي جاڙ ڪياءِ،
ورڻ نه هئين وَلها، جٽي مون جاڳاءِ،
ستيءَ جي ساڃاءِ، سوڍا سُکياڻي ٿيان.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 249سال 2008ع )
جِن اِينده، موٽِئين، ميَڌَرا! وَڏِي، جاڙَ ڪئاءِ،
وَرُ نه هُئين؟، وَلَها! هُندَ جَٽِي، مُون جاڳاءِ،
ته سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِييَءِ.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 148سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
نوٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ منجهان خارج ڪري ڇڏيو .
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جِن، جئن، جنءَ، جيئن)، (اينده، ايندي، اينديئي، وِئين، ايندين)، (موٽئين، موٽـ ه، موٽي، موٽيين، موٽهين)، (ميڌرا، مينڌرا)، (لوڏي، وڏي) (ورُ نه هئين؟، ورڻو نه هئين، ورڻ نه هوءِ، ورڻون نه هوءِ، وڃڻ نه هوئي، ورڻ نه هوءِ، وِڙ نه هئين، وِر نه هئين، وَرُنَهُئيِِ، وَرُنَهُـ هِِ)، (هُند، هوند)، (جٽي، جتي)، (مون، تون)، (سُتي، ته ستي)، (سڃاءِ، ساڃاءَ)، (سُکيائي، سيکاڻي، سگهيائي، سڀيئي)، (ٿيئي، ٿِيَيءِ، ٿئي، ٿيءِ، ٿيين، ٿيئان، ٿيان)
الف. جِن، جئن، جنءَ، جيئن: لفظ ”جِن“ عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي، اهو لفظ هنن صاحبن درست نه لکيو آهي. لفظ ”جنءَ“ قديم دور جا ڪاتب لکندا ۽ پڙهندا هئا ۽ جديد دور جا ليکڪ ”جئن“ ۽ ”جيئن“ لکندا آهن. انهن قديم ۽ جديد ليکڪن جي لکت ۾ فرق هي آهي ته قديم ليکڪ ”جيم“ جي اکر کان پوءِ ”ن“ جو اکر لکندا هئا ۽ جديد دور جا ليکڪ ”جيم“ کان پوءِ ”الف“ جو اکر لکت ۾ آڻيندا آهن. ٻنهي کي درست قرار هن ڪري ڏنو ويو آهي ته نثر لکڻ ۽ نظم چوڻ وارن اهو فرق گهٽ رکيو آهي ۽ لفظ ”جيئن“ کي به اڄ ڪالهه مروّج سمجهيو وڃي ٿو مگر اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”جئن“ زياده مقبول آهي.
ب. اينده، ايندي، اينديئي، وِئين موٽي، ايندين، ايندهين: الفاظ ”وئين موٽي“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکياآهن. اسان جي تحقيق مطابق هن اهي الفاظ نا مناسب لکيا آهن.
لفظ ”اينده“ لکڻ وارا صاحبان آهن، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. انهن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي.
لفظ ”ايندي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ديوان تارا چند. هنن صاحبن به اسان جي تحقيق مطابق لفظ مناسب نه لکيو آهي.
لفظ ”اينديئي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ٻانهون خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
لفظ ”ايندين“ ممتاز مرزا ۽ باگي جي ڏاني جي به نامناسب لکيو آهي.
قارئين ڪرام! لفظ ”ايندهِِ“ قديم دور جي ڪاتبن، سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. اهو لفظ جديد دور ۾ ”ايندهين“ لکبو. اهو لفظ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ۽ انهي قديم لفظ کي جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”اينديئي“ لکبو اهو لفظ ٻانهي خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ فقير تاج محمّد لکيو آهي. جديد سنڌي صورت خطيءَ جي لحاظ کان الفاظ ”ايندي ئي“ زياده مناسب آهن.
ت. موٽئين، موٽـ ه، موٽي، موٽيين، موٽهين: الفاظ ”موٽـ ه“ غلام محمّد شاهواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي به، درست نه لکيا آهن.
لفظ ”موٽي“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگي جي ڏاني جي به نامناسب لکيا آهن.
قارئين ڪرام! لفظ ”موٽـ هِ“ لکڻ وارا قديم ڪاتب سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمون آهن. هنن صاحبن آخري لفظ ”ه“ جي هيٺيان ٻه زيرون ڏيون آهن، تنهنڪري اهي الفاظ به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن.
لفظ ”موٽهين“ ممتاز مرزا لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي به ”موٽهين“ لکڻ گهربو هو، اهو هن ڪري ٿا چئون ته هن صاحب بيت جي پهرين مصرع جو پهريون لفظ ”ايندهن“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق قديم سنڌي صورت خطيءَ وارا لفظ درست ته آهن مگر جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”موٽئين ۽ موٽيين“ درست آهي ۽ وري انهن ٻنهين لفظن منجهان قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”موٽهين“ لکبو هو. تنهن ڪري جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”موٽيين“ لکڻ گهرجي.
ث. ميڌرا، مينڌرا: قارئين ڪرام! جن جديد دور جي ليکڪن لفظ ”ميڌرا“ لکيو آهي تن درست نه لکيو آهي ۽ جن قديم دور جي ڪاتبن لفظ ”مينڌرا“ لکيو آهي تن اسان تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته قديم دور جا ڪاتب ”ن“ اکر کي اڪثر مخفي طور تي ڇڏي ڏيندا هئا. يعني لکندا ”ميڌرا“ هئا مگر پڙهندا ”مينڌرا“ هئا. اسان جي تحقيق مطابق سواءِ مٿين ٻن صاحبن جي باقي صاحبن درست لفظ ”مينڌرا“ لکيو آهي.
ج. لوڏي، وڏي: قارئين ڪرام! سڀني صاحبن لفظ ”وڏي“ لکيو آهي. فقط علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ لفظ ”لوڏي“ لکيل آهي. اسان جي تحقيق مطابق ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي غلطي سببان لفظ ”وڏي“ بجاءِ ”لوڏي“ لکجي ويو.
ح. ورُ نه هئين؟، ورڻو نه هئين، ورڻ نه هوءِ، ورڻون نه هوءِ، وڃڻ نه هوئي، ورڻ نه هوءِ، وِڙ نه هئين، وِر نه هئين، وَرُنَهُئيِِ، وَرُنَهُـ هِِ : قارئين ڪرام! قديم ڪاتبن ”ورنَهُئين“ الفاظ ملائي لکيا آهن اهي الفاظ اصل ۾ آهن ”ور + نه + هو + ئين“ آهن. انهن صاحبن سوال ”؟“جي نشاني نه ڏني تنهنڪري انهي فُقري جي معنيٰ ٿئي ٿي اي مينڌرا تون منهنجو مڙس نه هئين.
اسان جي تحقيق مطابق اهو فقرو شاه صاحب جي بيت ۾ نه ٿو سونهين انهن لفظن جي ڀيٽ ۾ انهي درست فقري لکڻ وارا صاحبان آهن. عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق، ٻين سڀني صاحبن سوال جي نشاني نه ڏئي اسان جي تحقيق مطابق اُنهن فقرو غلط لکيو .
قارئين ڪرام! ٻانهي خان شيخ، فقرو لکيو آهي، ”وڙ نه هئين ولها“ هن صاحب به اهو فقرو غلط لکيو آهي. ديوان تارا چند ”ورڻو نه هئين ولها“ ۽ ممتاز مرزا ”ور نه هئين ولها“ بغير سواليه نشاني جي لکيو آهي. فقير تاج محمّد نظاماڻي ”ورڻ نه هوءِ ولها“ لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ باگي جي ڏاني جي ”ورڻ نه هوءِ“ الفاظ لکيا آهن. علامه آءِ آءِ قاضي ”ورڻون نه هئين ولها“ لکيو آهي. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ”وڃڻ نه هوئي“ لکيو آهي.
انهي مڙني صاحبن اسان جي تحقيق مطابق غلط فقرو لکيو آهي. بيت جو درست فقرو اسان جي تحقيق مطابق هي آهي.
”ور نه هئين ولها؟“ يعنيٰ ”اي منهنجا وارث، اي منهنجا مالڪ، ڇا تون منهنجو مڙس نه هئين؟“
خ. هُند، هوند: قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”هُند“ لکيو ويندو هو، ۽ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”هوند“ لکبو ۽ پڙهيو ويندو آهي. ٻيئي لفظ درست آهن مگر ”هُند“ لفظ کان ”هوند“ لفظ جديد صورت خطي جي اصول مطابق زياده درست آهي.
د. جٽي، جتي: قارئين ڪرام! لفظ ”جتي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانو جي هنن صاحبن اهو لفظ بنهه غلط لکيو آهي ۽ لفظ ”جَٽي“ باقي صاحبان لکيو آهي سڀني صاحبن لفظ ”جٽي“ جي ”ج“ اکر مٿان زبر ڏني آهي. عثمان علي انصاري هن لفظ جي معنيٰ ”جٽاءُ ڪرڻ، گذار، ٽڪ“ لکي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ”جٽي“ لفظ معنيٰ لکي آهي ”جٽڻ، ترسڻ“ (ص 526 سن 1996). ٻانهي خان شيخ لفظ ”جٽي“ جي معنيٰ لکي آهي ”ترسي“. ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”جٽي“ جي معنيٰ لکي آهي. ”ڪجهه ترسي“ (ص 264 بيت 6).
قارئين ڪرام! افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت سان به ڪنهن مرتب توڙي محقق، انصاف نه ڪيو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. ته اهو لفظ ”جُٽي“ آهي. هن لفظ جي پهرين اکر تي پيش (ُ) ڏيڻ گهرجي.
ياد رهي ته هي لفظ ”جُٽي“ (جٽ، جوٽ، جاٽ) جي لڙهي منجهان نڪتل آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ نهايت ئي موزون لفظ ”جُٽي“ استعمال فرمائي پنهنجي ڄاڻ ۽ اَٿاهه علم جو مظاهرو فرمايو.
هن لفظ جو پسِ منظر هي آهي ته مومل ۽ راڻي جي ڪهاڻي ۾ هي ڳالهه مشهور آهي ته مومل جو سيتل سان عشق هو. اهو شڪ راڻي کي دل ۾ ويٺل هو، جڏهن راڻو ڪافي عرصي کان پوءِ رات جو ڪاڪ محل ۾ پهتو ته مومل سان گڏ هڪ مرد کي ڀاڪرين ستل ڏٺائين. تنهنڪري مينڌرو ٻنهي جي وچ ۾ لڪڙ رکي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري هليو ويو. انهي حقيقت کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ جاءِ ڏني آهي. جنهن ۾ اظهار فرمايو اٿس ته مومل راڻي کي ميار ڏني آهي ته اي مينڌرا تون ايندي ئي پوئين پيرين واپس وري وئين. مون سان وڏي جاڙ ڪيهءِ ڇا تون منهنجو مڙس نه هئين؟ تون ته منهنجو پتي هئين توکي هي حق ٿي پهتو ته تون مون کي جڏهن غير مرد سان جُٽ (ڀاڪر پائي ستل ) ڏٺو ته تنهنجو فرض هيو ته تون مون کي جاڳائين ها.
ذ. مون، تون: لفظ ”تون“ فقط باگي جي ڏاني جي لکيو آهي هن صاحب اهو لفظ غلط لکيو آهي. باقي سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”مون“ درست لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته لفظ جُٽي سان لفظ مون جو تعلق آهي ۽ ”مون“ لفظ جو تعلق مومل سان آهي .
ر. سُتي، ته ستي: جن صاحبن لفظ ”سُتي“ لکيو آهي تن جي مقابلي ۾ ”ته ستي“ الفاظ لکڻ واران کي اسان درست قرار ڏنو آهي. اهو هن ڪري ته الفاظ ”ته ستي“ لفظ ”سُتي“ کان زياده مناسب آهي ۽ مناسب هن ڪري آهي ته ”ته“ لفظ مصرع ۾ ”ستيءَ جي“ زياده وضاحت ڪري ٿو. الفاظ ”ته سُتي“ لکڻ وارا صاحبان آهن عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.
ز. سُکيائي، سيکاڻي، سگهيائي، سڀيئي: آخري مصرع ۾ اهي الفاظ استعمال ڪيا ويا آهن.اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”سِگهيائي“ ٻين لفظن کان زياده مناسب آهي اهو هن ڪري ته ”سُتي“ جي ساڃاه ڪرڻي هئي اها ساڃاه تڏهن ٿئي ها جڏهن ٻنهي جٽ سُتلن کي جاڳايو وڃي ها تنهن ڪري ”سکيائي، سکياڻي ۽ سڀيئي“ الفاظ نامناسب لڳن ٿا.
س. ٿيئي، ٿِيَيءِ، ٿئي، ٿيءِ، ٿيين، ٿيان: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”ٿيئي، ٿِيَيءِ“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي. اهو لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، ٻانهون خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.
[b]جِئن اِيندي ئِي مُوٽِيين مِينڌرا، وَڏي جَاڙ ڪَياءِ،
وَرُ نَه هُئين وَلهَا؟، هُوند جُٽي مُون جَاڳاءِ،
ته سُتي جِي سَاڃاءِ، سُوڍا سِگهيائِي ٿِئي.
[/b]
معنيٰ: مومل مينڌري کي ميار ڏيندي چوي ٿي ته اي مينڌرا تو مون سان وڏو ظلم ڪيو وڏي زيادتي ڪئي جو محل ۾ ايندي ئي مون تائين پهچندي ئي مونکي جٽ ستل ڏسندي ئي هڪ دم واپس هليو وئين. ڇا تون منهنجو مڙس نه هئين؟ تون ته منهنجو مڙس ۽ پتي هئين تو کي هي حق پهتو ٿي ته تو جڏهن مونکي ڌارئي مرد سان ستل ڏٺو ته پوءِ تنهنجو هي فرض ٿي ٿيو ته تون، مون کي غير مرد سان جُٽ (ڀاڪر پائي ستل) ڏٺو ته مون کي جاڳائين ها ۽ جڏهن جاڳائين ها ته توکي حقيقت جي خبر پئجي وڃي ها ته مان ڪنهن غير مرد سان ستل هئس يا پنهنجي ڀيڻ سومل سان سُتل هيس، جنهن کي مون پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ تنهن جي رکيل پوشاڪ پارائي گڏ سمهاريو هيو.
*****
کُجَرِ کَارُورِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيِِ،
مَٿي پِيئي تَنِ ٻَڌَا پَانَ هَنَنِ جي.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص792)
اچَئُو آڏي اُڀِيِِ کُجَرِ کَارُوڙيَنِ،
مَٿَا پيئِي تَنِ ٻَڌَا پَانِ هَنَنِ جي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص285)
گُجَرِ کَارُوڙنِ، اَچِئُو اوڏِي اُبَهيِ،
مَتَهان پيئِي تَنِ ٻَدهَا ٻَانِ هَٺَنِ جي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص517سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
گجر گاروڙِين، اچيو اوڏي اُبهُي،
مَٿان پَيئي تن، ٻڌَا ٻاڻَ هڻن جي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص393سال 1900ع)
گُجَر گاروڙِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيي،
مَٿِي پَيئي تَنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص439سال2012 )
گُجَرِ گاروڙيَن، اَچو آڏَي اُڀيِي،
مَٿِي پَيئي تِنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص477سا ل 1996 )
گُجَر گاروڙِيَنِ، اَچيو آڏِي اُڀِيي،
مَٿِي پَيئي تِنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
(ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص238)
گجر گاروڙين، اَچي آڏي اُڀِيين،
مَٿِي پَيئي تَنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻنِ جي.
(ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص792سال 1995 )
گُجَرَ گاروڙِيَنِ، اَچئو آڏِيءَ اُڀيي،
مَٿان پَئي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هڻَنِ جي.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 258سال 2009)
گُجَرِ گاروڙِينِ، اَچو آڏِي اُڀِيي،
مَٿا پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هڻَنِ جي.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 348سال 2013)
گُجَرِ گاروڙِيُنِ، اَچيو آڏِي اُڀِيي،
مَٿانَ پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 238سال 1994 )
گجر گاروڙَينِ، اچيو اوڏي اُبهُي،
مَٿان پَيئي تن، ٻڌَا ٻاڻَ هين جي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 525بااختيار ادارو سال 1994 )
گُجَرِ گاروڙِيَنِ، آچو آڏيِ اُڀِيي،
مَٿان پَيئي تِنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هَڻَنِ جي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص592سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
گُجَر گاروڙَِين، جا اچيو اوڏي ابُهي،
مٿان پيئي تن، ٻڌَا ٻاڻَ هڻن جي.
(غلامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص442سال 1999ع )
گجر گاروڙين، اچيو اوڏي ابهي،
مٿان پيئي تن، ٻڌا ٻاڻ هڻن جي.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 410سال 2009ع مهراڻ)
گُجَر گارُوڙِيُنِ، اَچو اَڏِي اُڀِيي،
مَٿا پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص243سال 2013ع روشني)
گجر گاروڙين، اچيو آڏي اُبهي،
پِيئي مَٿان تَن، ٻَڌا ٻاڻ هَنن جي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص297سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
گجر گاروڙين، اچيو اوڏي ابهي،
مٿان پيئي تن، ٻڌا ٻاڻ هڻن جي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 526سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
گُجر گاروڙين، اچي آڏو اڀيئي،
پئي مٿان تن، ٻَڌا ٻاڻ هڻن جي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص239سال 2008ع )
گُجَرِ گاروڙِينِ، آچو آڏَي اُڀِيي،
مٿا پَيئي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هڻَنِ جي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 142سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (آچو، اچو، اچي، اچئو، اچيو)، (آڏي، اَڏي، آڏيءَ، اوڏي، آڏو)، (اُڀيي، ابهي، اڀيين، اڀيئي)، (پيئي، پئي)، (ٻاڻ هڻن، ٻاڻ هنن، ٻاڻ هين)
الف. آچو، اچو، اچي، اچئو، اچيو: قارئين ڪرام! تحقيق هيٺ آيل بيت جي پهرين مصرع جو ٽيون لفظ سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن پنجن مختلف صورتن ۾ لکي پڙهندڙ خواتين و حضرات لاءِ مونجهارو پيدا ڪيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ته هڪ لفظ فرمايو، جيڪو هر لحاظ کان لاجواب هو اهڙي مونجهاري کان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي عقيد مندن کي بچائڻ لاءِ تحقيق ڪرڻ لازمي سمجهي سون. لفظ ”آچو“ علامه آءِ آءِ قاضي، جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيل آهي. اسان پروف ريڊر جي غلطي سمجهون ٿا ۽ نه علامه آءِ آءِ قاضي جي. غلام مصطفيٰ مشتاق لفظ ”آچو“ اکيون ٻوٽي نقل ڪيو آهي. اسان لفظ ”آچو“ کي غلط هن ڪري ٿا چئون ته اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ ٺهي ئي نه ٿو.
لفظ ”اچو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ عثمان علي انصاري پڻ غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته اهو لفظ ”اچو“ امري لفظ آهي هن بيت ۾ نه ٿو سونهين.
لفظ ”اچيو“ ديوان تاراچند شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، باگي جي ڏاني جي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سگهر حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن به اهو لفظ ”اچيو“ نامناسب لکيو آهي لفظ ”اچئو“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي اهو نامناسب لکيو اٿس. اسان نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي مصرع مطابق لفظ ”اچي“ زياده مناسب لڳي ٿو. اهو لفظ قديم ڪاتبن جي دور ۾ به پڙهيو ويندو هو. تنهنڪري لفظ ”اَچِي“ سيّد عبدالعظيم گنج شريف ۾ لکيو ته ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ به ”اَچي“ لفظ لکيو.
ب. آڏي، اَڏي، آڏيءَ، اوڏي، آڏو: قارئين ڪرام! لفظ ”اَڏي“ فقط غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيل آهي.
لفظ ”آڏو“ لفظ ”آڏ“ لفظ منجهان نڪري ٿو هن لفظ جي لڙهي جا ٻيا ڪجهه لفظ آهن، ”آڏي، آڏيون، آڏا“ وغيره. لفظ ”آڏو“ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي.
”آڏ“ لفظ جي معنيٰ ”روڪ ۽ رنڊڪ“ (جامع سنڌي لغات جلد 1 ص 35 سال 1995).
لفظ ”آڏي“ جن لکيو آهي تن به غلط لفظ لکيو آهي. انهي غلط لفظ لکڻ وارا صاحبان، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ممتاز مرزا، سيّد عبدالعظيم.
لفظ ”اوڏي“ جي معنيٰ آهي ”سامهو، منهن مقابل، ويجهي“.
اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ درست لڳي ٿو. انهي لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ باگوجي ڏانوجي.
ت. اُڀيي، ابهي، اڀيين، اڀيئي: لفظ ”اڀيين“ ممتاز مرزا لکيو آهي. اهو هن ڪري لکيو اٿس ته سيّد عبدالعظيم لفظ ”او ڀيِِِ“ لکيو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”اڀيين“ بيت ۾ مناسب نه لکيل آهي. اهو هن ڪري ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن بيت ۾ مومل سان مخاطب نه آهي.
لفظ ”اُڀيي“ اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ مناسب لکيل آهي، انهي لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٻانهون خان شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي.
ث. پيئي، پئي: لفظ ”پيئي“ جن صاحبن لکيو آهي سي آهن، ”غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، علام غلام مصطفيٰ قاسمي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٻانهون خان شيخ، دويوان تاراچند، باگوجي ڏانوجي، ممتاز مرزا ۽ سيّد عبدالعظيم.
اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن جي مقابلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي، درست لفظ ”پئي“ لکيو آهي.
ج. ٻاڻ هڻن، ٻاڻ هنن، ٻاڻ هين، پان هنن جي: سيد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي الفاظ لکيا آهن، ”پان هنن جي“ جنهن جي جديد صورت خطي ٿئي ٿي. ”پاڻ هڻن جي“ اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ الفاظ لکيا آهن، ”ٻاڻ هين جي“ اسان جي تحقيق مطابق شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جيڪڏهن ٿورڙو توجه ڏئي ها ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو اصل فرمايل لفظ کيس سمجهه ۾ اچي ها.
باقي ٻين صاحبن ”ٻاڻ هڻن جي“ الفاظ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن به بغير تحقيق جي الفاظ لکيا.
قارئين ڪرام! ٻاڻ يعني تير هڻڻ واري ته مومل هئي جنهن پنهنجي نظرن جا تير هڻي پنهنجن عاشقن جي دلين کي زخمي ٿي ڪيو. بيت جي غلط مصرع ملاحظه فرمايو.
”مٿان پئي تن، ٻڌا ٻاڻ هڻن جي“
هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي ”مومل انهن جي مٿان اچي ٿي بيٺي جي ٻڌا ٻاڻ هڻن“.
قارئين ڪرام! مومل ۽ راڻي جي ڪهاڻي مطابق عاشقن کي ته تير هڻڻ جي طاقت نه هئي. اسان هن بيت جي انهي مصرع تي تمام گهڻو غور ۽ فڪر ڪري پوءِ هن نتيجي ته پهتا آهيون ته اهو لفظ قديم ڪاتب جي لکڻ جي ڪري بگڙي ويو. تنهنڪري مرتب ۽ محقق ۡحضرات مونجهاري جو شڪار ٿيا. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”ٻانَهڻِن“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”نوڪرياڻين“.
ياد رهي ته! مومل کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي راجا، بادشاهه، شاهزادا ۽ راجڪمار آيا ٿي سي سومل جي سِٽيل طلسماتي محل جي ورن وڪڙن وارن رستن ۾ ڀلجي ٿي پيا. مومل ۽ سومل جون ٻانهيون انهن راه رُلين عاشقن کي پڪڙي ٻڌي ويهارينديون هيون. پوءِ مومل انهن گرفتار ٿيل پنهنجن عاشقن جي مٿان اچي بيهندي هئي. مومل ۽ سومل جون ٻانهيون انهن کان مال متاع ڦري کين ڪاڪ محل کان ٻاهر تڙي ڇڏينديون هيون.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]گُجر گَاروڙِين، اَچي اوڏي اُڀيي،
مَٿان پَئي تَن، ٻَڌا پَانهڻِن جي.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ مومل جي عاشقن جي گاروڙين سان تشبهه هن ڪري ڏني آهي ته گاروڙي فقير واسينگ نانگ کي پڪڙي هٿ ڪندا آهن. مومل به واسينگ وارن واري محبوبه هئي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ راجا، راجڪمار، بادشاهه، شهزادو ۽ وزير سندس طلسماتي محلات ۾ ٻانهين هٿان گرفتار ٿي پنهنجو مال متاع ڦرائي فقيرن جهڙي حالت ۾ ڪاڪ محل کان تڙجي نڪرندا هئا. انهن جو ذڪر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي انهيءَ بيت ۾ فرمايو آهي ته گجر (مومل) پنهنجن گرفتار ٿيل عاشقن جي مٿان اچي بيهندي هئي جن کي سندس ٻانهين ٻڌي ٿي وهاريو.
*****
تَنِ بَاغَنِئُو بَسِ، جِي ڪَنڌِيَ ڪَاڪِ ڪَڪُورِيا،
سُوڍي رِءَ سَرَتِيُ‘ ڪَاڪِ نَه اَچي ڪَسِ،
رَانِي پَائي رَسِ تَنُ ٻيڙِيَجِيَ تَانِئُو،
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص797)
جي ڪَنڌِيَ ڪَاڪِ ڪَڪُورِيا، تَنِ بَاغَنِئَا مُن بَسِ،
سُوڍي ڌَاَرا سَرتيُ‘ ڪِِ پُن اَچي نَڪَسِ،
رَانِِ پَائي رَسِ تَنُ ٻيڙِيَ جِهِِ تانِئُو،
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص299)
تَنِ باغَنِئُان بَسِ، جي کَندهِيَ کَاکِ کَکورِيَا،
سوڌهي رِيَ سَرتِيُون، کَاکِ نَه اَچي ڪَس،
رَاٺِي پَائِي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيَ، جَان تَاٺِئو
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص539سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
جي ڪنڌِئِ ڪاڪ ڪَڪوريا، تن باغَنِئان بَسِ،
سوڍي رِئ سرتيون ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
تَنُ ٻيڙِيَ جِيئن تاڻِيو، راڻي پائي رَسِ،
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص409سال 1900ع)
تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪَاڪ ڪَڪورِئَا،
سوڍي رِءَ سَرتِيُون، ڪَاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
رَاڻي پَائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِي، جِيئَن تاڻِئو
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص447سال2012 )
تَنِ باغَنِئون بَسِّ، جي ڪنڌِيَ ڪاڪِ ڪڪوريا،
سوڍي رِءَ سَرَتِيُون! ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙِيَ جِن تاڻِيو
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص488سا ل 1996 )
تَنِ باغَنِئون بَسِّ، جي ڪنڌِيَ ڪاڪِ ڪڪوريا،
سوڍي رِءَ سَرَتِيوءن! ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙِيَءَ جِئن تاڻِيو
(ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص248)
تِنِ باغنِئُون بَس، جي ڪنڌيءَ ڪَاڪ ڪَڪورِيا،
سوڍي رِي سرتيون! ڪاڪ نه اچَي ڪَسِ،
راڻي پَائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيَ جيئن تاڻِيو
(ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص797سال 1995 )
تَنِ باغَنِئُون بَس، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
سوڍي رِءَ سرتِيُون، ڪاڪِ نه اَچي ڪَس،
راڻي پائي رَسُ، تَنُ ٻيڙيءَ جِئن تاڻِيو
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 264سال 2009)
تَنِ باغَنِئون بَسِّ، جي ڪَنڌِيَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
سوڍي رِءَ سَرِتيُون، ڪاڪِ نه اچي ڪَس،
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيَ جِن تاڻِيو
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 369سال 2013)
تِنِ باغَنِئُون بَسِّ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
سوڍي رِءَ سَرَتِيُون! ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِّ،
راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙيءَ جِئَن تاڻِيو
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 68سال 1994 )
جي ڪنڌِيء ڪاڪ ڪڪوريا، تن باغِنِئان بس ،
سوڍي رِيء سرتيون ڪاڪ نه اچي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙي جِيئن تاڻيو
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص550بااختيار ادارو سال 1994 )
تِنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
سوڍي رِيءَ سَرِتيُون! ڪاڪِ نَه اَچي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙيءَ جِئَن تاڻِيو
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص607سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
تَنِ باغَنِئُون بَسِّ، جي ڪنڌِيَ ڪاڪِ ڪَڪوريا،
سوڍي رِيَ سَرَتِيُون! ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِّ،
راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙِيَ جِنءَ تاڻِيو
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص255سال 2013ع روشني)
تن باغنئون بس، جي ڪَنڌيءَ ڪاڪ ڪُڪُورِيا،
سوڍي ريءَ سرتيون، ڪاڪ نه اچي ڪَس،
راڻي پائي رَس، تَنُ ٻيڙيءَ جيئن تاڻِيو
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص300سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
تن باغئون بَس، جي ڪنڌي ڪاڪ ڪڪوريا،
سوڍي بنا سرتيون، ڪاڪ نه اچي ڪس،
راڻي پَائي رس، تڻ ٻيڙيءَ، جيئن تاڻيو
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص559سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
تن باغئون بَس، جي ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪڪوريا،
سوڍي ريءَ سَرتيون، ڪاڪ نه اچي ڪَس،
راڻي پَائي رَس، تن ٻيڙيءَ، جيئن تاڻيو
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص241سال 2008ع )
تَنِ باغَنِئون بَسِ، جي ڪنڌِيَ ڪاڪِ ڪڪوريا،
سوڍي رِءَ سَرتِيون، ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيَ جِن تاڻِيو
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 148سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪس)، (ريءَ، رءِ، بنا، ڌارا)
الف. ڪس: قارئين ڪرام! سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”ڪس“ لکيو آهي، لفظ جي صورت خطيءَ ته درست لکي اٿن، مگر اسان جي تحقيق مطابق لفظ جي معنيٰ غلط لکي اٿن. ڇا ڪاڻ ته بيت جي روح کي نه سمجهيا آهن.
ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”ڪس“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”پسند، وڻندڙ، موافق“ (ص 527).
غلام محمّد شاهواڻي ”ڪس“ لفظ جي معنيٰ ”پسند ۽ وڻندڙ“ لکي آهي. (ص 255).
ڪلياڻ آڏواڻي، ”ڪس“ لفظ جي معنيٰ ”پسند“ لکي آهي (ص 248).
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لفظ ”ڪَس“ جي معنيٰ لکي آهي ”ڪش، پسند“ (ص 232).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهي لفظ جي معنيٰ نه لکي آهي.
عثمان علي انصاري، معنيٰ لکي آهي ”پسند، ڪٽ، دل جو غبار“ (ص 697).
قارئين ڪرام! سڀني صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت تي تحقيق نه ڪئي. سطحي سوچ سوچيائون ۽ پڻ هڪ ٻئي جي تقليد ڪيائون. اوهان جيڪڏهن اهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالي ۾ پڙهندو ته اوهان کي انهيءَ بيت جي سلسلي وارا ٻيا به بيت نظر ايندا. جن ۾ مومل جي سوچ مطابق ”ڪاڪ ڪڙهي ۽ سڙي وئي“، باغات اجڙي ويا ۽ رات ڏينهن راڻي جي رُسي وڃڻ بعد من مونجهو ۽ ماندو ٿي رهيس. راڻو هن ڪري مومل کان رسي ويو ته راڻي کي ڪو ماڻهو ڪاڪ محل ۾ مومل سان ستل نظر آيو هو. حالانڪه ڪو به مرد ماڻهو ڪاڪ محل ۾ مومل سان گڏ سُتل نه هو، سندس ڀيڻ سومل (راڻي وارن ڪپڙن ۾) گڏ ستل هئي. انهي واردات کان پوءِ مومل نه ٿي چاهيو ته ڪو ماڻهون ڪاڪ محل ۾ يا ڪاڪ محل جي باغات ۾ اچي گهمي ڦري. انهي پسِ منظر کي سامهون رکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه تحقيق هيٺ آيل بيت فرمايو.
ب. ريءَ، رءِ، بنا، ڌارا: قارئين ڪرام! لفظ ”ريءَ، رءِ“ جي صورت خطيءَ ۾ فرق آهي مگر سندن معنيٰ ۾ ڪو به فرق نه آهي ساڳي وقت ۾ ٻيئي لفظ نثر توڙي نظم ۾ اڄ تائين مروج آهن. ڪي ”رءِ“ لکندا آهن ته ڪي ”ريءَ“ لکندا آهن. پڙهندڙ تي انهن لفظن جو ڪو منفي، اگرو ۽ خراب اثر نه ٿو پوي.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ”ريءَ “ ۽ ”بنا“ جي معنيٰ ۾ ڪجهه فرق نه آهي. لفظ ”بنا“ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته مومل چوي ٿي ته راڻي کان سواءِ ”بناۡ“ ڪو به باغات ۾ يا ڪاڪ محل ۾ نه اچي. اسان جي تحقيق مطابق باگي جي ڏاني جي جو لکيل لفظ ”بنا“ لفظ ”ريءَ“ کان وڌيڪ مناسب نه آهي ۽ ”ري“ لفظ جي معنيٰ به اِها نڪري ٿي ته ”سوڍي کان سواءِ“ ۽ سوڍي ڌاران جي معنيٰ به ساڳي نڪري ٿي. سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمو قديم ڪاتب آهن، اسان قديم ڪاتبن جي لکت کي ترجيح ڏيون ٿا.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]تن بَاغَنِئُون بَس، جي ڪَنڌِيءَ ڪَاڪَ ڪُڪُورِيا،
سوڍي رِيءَ سَرتِيُون، ڪَاڪَ نه اچي ڪَس،
راڻي پائي رَس، تَنُ ٻيڙِيءَ جِيئن تاڻِيو.[/b]
معنيٰ: اي سرتيون مون ڪاڪ ندي جي ڪناري پوکيل باغات ۾ گهمڻ ڦِرڻ کان بس ڪئي، انهن باغن کان بيزار آهيان. سوڍي کان سواءِ، باغات، جيڪي ڪاڪ ندي جي ڪناري تي ڪڪوريل آهن، تن ۾ ڪو به ماڻهو راڻي کان سواءِ نه اچي.
ٻي ڪنهن به نه فقط راڻي ئي منهنجي من کي ائين گرفتار ڪيو ۽ ٻڌو آهي جئن ملاح طرفان ٻيڙي کي رسو ٻڌي ڇڏجي جيڪا پنهنجي حد کان سواءِ هيڏانهن هوڏانهن نه وڃي سگهي.
*****
لُڊورِئا لُوڌي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِه وِصَالَ،
اَج اَرَتُواکيِِ، ڪَاڪِ پيتَاءٌ ڪَالَ،
ويئِي وِيڄَارَنِ وِسِرِي، صَبَاحَ جِي سَڀَالَ،
پَرِيَ کَا پَاسي ٿِئَا، اِيُ مَامُويَنِ مِثَالَ،
جَانِبَ جِي جَمَالَ، رَنکّي سَڀ رِيٽُو ڪِئَا.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص783)
لڊُونِئَا لُوڊِي ٿِئَا، وَتَنِ مَنجِه وِصَالَ،
اَڃُ اَرتُواَکِيِِ، ڪَاڪِ پيتَاءٌ ڪَالَ،
ويئِي وِيچَارَنِ وِسِرِي، صَبَاحَ جِي سَنڀَالَ،
پَرِيَکَا پَاسي ٿِئَا، مَامُويَنِ مِثَالَ،
جَانِبَ جِي جَمَالَ، رَنکي پَسُ رِيٽُو ڪِئَا.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻو ص280)
لوڌرَاٺِئَا لودهِي تهيَا، وَتَنِ مَنجهِه وِصَالَ،
اڄ اَرتو اَکهِئين، کَاکِ پِيتَائون ڪالهَه،
ويئِي ويچَارَن وِسِرِي، صُبَحَ جِي سَنبهَالَ،
پَري کهَان پَاسي تهِيَا، مَاموئِنِ مِثَالَ،
جَانِبَ جِي جَمَالَ، رَنگي پَس ريٿو کِيَا.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻو ص509سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
لڊوڻيا لوڍي ٿيا، وتن منجهه وِصال،
اڄ ارتو اکئين، ڪاڪ پيتاءُ ڪالهه،
ويئي وِيچارن وسري، صُباحَ جي سنڀال،
پِرينءَ کان پاسي ٿيا، مامُوئِنِ مِثالَ،
جانب جي جَمالَ، رَڱَي پَسُ ريٽو ڪيا.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص388سال 1900ع)
لُڊُوڻِئَا لوڌِي ٿِئَا، وَتَنِ مَنجهِه وِصَالَ،
اَڄ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَهَه،
ويئِي ويچَارَنِ وِسَرِي، صَبَاحَ جِي سَنڀَالَ،
پَرِيءَ کَان پَاسي ٿِئَا، اِي مَامويَنِ مِثَالَ،
جَانِبَ جي جَمَالَ، رَڱَي سَڀِ ريٽو ڪِئَا.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص426سال2012 )
لُڊوڻئا لوڌي ٿئا، وَتَنِ منجهِه وصالَ،
اَڄُ اَرَتَو اَکِين، ڪاڪِ پِيتائون ڪالَ،
ويئِي ويچارَنِ وِسرِي، صُباحَ جي سنڀالَ،
پَرِيَ کان پاسي ٿئا، مامويَنِ مثالَ،
جانِبَ جي جمالَ، رَڱَي پَس ريٽو ڪِئا.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص480سا ل 1996 )
لڊوڻيان لوڌي ٿِيا، وتن منجهه وِصالَ،
اَڄُ اَرتو اکيين، ڪاڪ پيتائون ڪالَ،
ويئي وِيچارن وسري، صباحَ جي سنڀال،
پرينء کان پاسي ٿيا، ايءُ ماموين مثال،
جانبَ جي جمالَ، رڱي سڀَ ريٽو ڪِيا.
(ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص783سال 1995 )
لُڊُوڻِئا لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجهِه وِصالَ،
اَڄُ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ،
ويئي ويچارَنِ وِسرِي، صُبحَ جي سَنڀالَ،
پَرينءَ کان پاسي ٿِئا، مامويُنِ مِثالَ،
جانِبَ جي جَمالَ، رَڱَي پَسُ ريٽو ڪَئا.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 255سال 2009)
لُڊوڻئا لوذِي ٿئا، وَتَنِ منجهِه وصالَ،
اَڄُ اَرَتَو اَکِيينِ، ڪَاڪِ بيتائيون ڪالَ،
ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، صُباحَ جي سنڀالَ،
پَريَ کان پَاسي ٿِئا، مامويَنِ مثالَ،
جانِبَ جي جمالَ، رَڱِي پَس رِيٽو ڪِئا.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 352سال 2013)
لُڊُوڻِيان لوڌي ٿِيا، وَتَنِ منجهِه وِصالَ،
اَڄُ اَرتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ،
ويئي ويچارَنِ وِسرِي، صُباحَ جي سَنڀالَ،
پَريءَ کان پاسي ٿِيا، مامويُنِ مثالَ،
جانِبَ جي جَمالَ، رَڱَي پَسُ ! ريٽو ڪَيا.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 246سال 1994 )
لڊوڻئا لوڍي ٿيا، وتن منجهه وِصال،
اڄ ارتو اکئين، ڪاڪ پيتائون ڪالهه،
ويئَي وِيچارن وسري، صُباح جي سنڀال،
پِرينءَ کان پاسي ٿيا، مامُوئن مثال،
جانب جي جَمالَ، رڱَي پَُ ريٽو ڪيا.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 517بااختيار ادارو سال 1994 )
لُڊاڻِئا لوڌي ٿِيا، وَتَنِ مَنجِهه وِصالَ،
اڄُ اَرَتو اکِيين، ڪاڪِ پِيتائون ڪالَهه،
ويئِي وِيچارَنِ وِسَري، سُڀان جي سَنڀالَ،
پَريَ کان پاسي ٿيا، مامويَنِ مِثالَ،
جانِبَ جي جَمالَ، رڱَي پَسُ ريٽو ڪِيا.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص598سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
لُڊُاڻِيا لوڌي ٿِيا، وتنِ منجهه وِصالَ،
اڄ ارتو اکئين، ڪاڪَ پِيتاءٌ ڪالَهه،
ويئِي ويچارنِ وِسِرِي، صُباح جِي سنڀالَ،
پِرينءَ کان پاسي ٿِيا، مامُوئِن مِثالَ،
جانب جي جَمالَ، رَڱَي پسُ ريٽو ڪَيا.
( علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص437سال 1999ع )
لَڊُوڻيا لوڍي ٿيا، وتن منجهه وصال،
اڄ اُرتو اکئين، ڪاڪ پيتائون ڪالهه،
ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال،
پرينءَ کان پاسي ٿيا، ماموئن مثال،
جانب جي جمال، رڱي پس ريٽو ڪيا.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 403سال 2009ع مهراڻ)
لُڊُوڻِئا لوڌي ٿِئا، وَتَنِ مَنجهِه وِصالَ،
اَڄ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ،
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ،
پَرِيَ کان پاسي ٿِئا، مامويَنِ مِثالَ،
جانِبَ جي جمالَ، رَڱَي پَسُ! ريٽو ڪِئا.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص246سال 2013ع روشني)
لُڊوڻئا لوڊي ٿيا، وَطن مَنجهِه وصال،
اَڄ ارتو اکئين، ڪاڪ پِيتائون ڪالهه،
ويئي وِيچَارَن وِسري، صُبح جي سنڀال،
پرين کَان پاسي ٿِيا، مامَويَنِ مِثال،
جانب جي جَمال، رَڱَي پَس رِيٽَو ڪَيا.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص295سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
لَڊُوڻيا لوڍي ٿيا، وتن منجهه وصال،
اڄ اُرتو اکئين، ڪاڪ پيتائون ڪالهه،
ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال،
پرينءَ کان پاسي ٿيا، ماموئن مثال،
جانب جي جمال، رڱي پس ريٽو ڪيا.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 520سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
لڊوڻيان لوڊي ٿيا، وطن منجهه وصال،
اڄ اَرتو اکيين، ڪاڪ پيتائون ڪال،
ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال،
پرينءَ کان پاسي ٿيا، ماموئين مِثال،
جانب جي جمال، رنڱي پس ريٽا ڪيا.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 237سال 2008ع )
لُڊونِئا لوڌي ٿئا، وَتَنِ منجهِه وِصالَ،
اَڄُ اَرتَو اَکيين، ڪاڪ پِيتائيون ڪالَ،
ويئِي ويچارَنِ وِسرِي، صُباحَ جي سنڀالَ،
پَرِيَ کان پاسي ٿئا، مامويَنِ مثالَ،
جانِبَ جي جمالَ، رَڱَي پَس ريٽو ڪِئا.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 143سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (لڊونئا، لڊوڻيا، لڊوڻئا، لڊاڻيان)، (لوڌي، لوڍي، لوڊي، لوذي، لوڊورئا)، (وتنِ، وطن)، (پيتائيون، پيتائون)، (ڪالَ، ڪالهه)، (صبح، صباحَ، سڀان)، (پَرِيَ، پِرينءَ، پَريَ، پِرين)، (پَس، سڀ)، (ريٽو، ريٽا).
الف. لڊونئا، لڊوڻيا، لڊوڻئا، لڊاڻيان، لوڊورئا: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سيّد عبدالعظيم (گنج شريف) جي ڪاتب کان سواءِ ٻين سڀني ڪاتبن توڙي مرتبن ۽ محققن تحقيق هيٺ آيل بيت جي پهرين مصرع جو پهريون لفظ غلط لکيو آهي . گنج شريف ۾ لفظ ”لڊورئا“ لکيل آهي ممتاز مرزا گنج شريف جي ٽرانسليٽر کي لفظ ”لوڊورئان“ لکڻ گهربو هو. اهو هن ڪري ٿا چئون ته اسان لغتن جو ۽ مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪري ثابت ڪيو آهي ته اصل لفظ ”لودورو“ ۽ ”لوڊرو“ آهي جنهن کي ”لڊورئا“ عام توڙي خاص ماڻهو اچاريندا هئا. لفظ ”لودورو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيت ڏنل رسالي جي ص 495 جي حاشي ۾ لکيل آهي ۽ ”لڊروو“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏياريل جامع سنڌي لغات جلد 5 جي ص 202 تي لکيل آهي.
قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ انهي لفظ کي ”لڊور“ ڪوٺيندا هئا. تنهنڪري ئي سيّد عبدالعظيم تحقيق هيٺ آيل بيت ۾ لفظ ”لڊورئا“ لکيو جنهن کي جديد صورت خطي ۾ ”لڊورئان“ لکبو. مطلب ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو اصل فرمايل لفظ ”لڊورئان“ فقط سيّد عبدالعظيم لکيو آهي ۽ ٻين صاحبن بيت ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل لفظ بجاءِ عام فقير شاعرن ۽ سگهڙن طرفان چيل لفظ لکيو آهي ۽ وڏي ڳالهه هي آهي ته ويهن رسالن اندر ڇهن مختلف صورتن ۾ اهو لفظ لکيو ويو آهي. ڪيڏو نه حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مونجهارو پيدا ڪيو اٿن!
ب. لوڌي، لوڍي، لوڊي، لوذي: لفظ ”لوذي“ عثمان علي انصاري جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيل آهي. مناسب نه لکيو اٿس، منهنجي راءِ آهي ته اِها پروف ريڊر جي غلطي آهي.
لفظ ”لوڊي“ حاجي محمّد سمي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي لکيو آهي، ياد رهي ته! قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”لوڊي“ ۽ جديد صورت خطيءَ ۾ ”لوڍي“ لکبو هو.
لفظ ”لوڍي“ جن صاحبن لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ مومل جي عاشقن جي حالت بابت بيت فرمايو آهي. اهو لفظ اصل ۾ ”لوڌي“ آهي، انهي لفظ جو پسِ منظر هي آهي ته مومل جا طلبگار جئن سومل جي طلسماتي محلات ۾ گهڙيا ٿي تئن ئي رستو ڀُلي ٿي ويا. تن کي مومل ۽ سومل جون ٻانهيون گرفتار ڪري سندن مال ملڪيت ڦري فقير ڪري ٻاهر لوڌي ڇڏينديون هيون. تنهن ڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”لوڌي“ ۽ نه لوڍِي“ فرمايو.
ت. وتنِ، وطن: لفظ ”وطن“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّدنظاماڻي بيت ۾ لکيو آهي. هن لفظ جي معنيٰ آهي ديس ۽ مُلڪ هن لفظ جو بيت سان ڪو تعلق نه آهي. باقي ٻين صاحبن لفظ ”وَتَنِ“ درست لکيو آهي.
ث. پيتائيون، پيتائون: قارئين ڪرام! اهي ٻيئي لفظ ڪنهن ڪنهن صاحب لکيا آهن ان تي بحث ڪرڻ اجايو آهي. بي سود بحث هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهن ٻنهي لفظن منجهان ڪو به لفظ نه فرمايو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. حضرت جن لفظ ”ڀيٽيائون“ فرمايو. هن لفظ جو بنيادي لفظ آهي ”ڀيٽ“ جنهن منجان لفظ ”ڀيٽا ڏيڻ“ به ٺهي ٿو، هن لفظ جي معنيٰ ڏسڻ ۽ ديدار ڪرڻ آهي، نذرانو ڏيڻ، ديدار ڪرڻ وغيره (جامع سنڌي لغات جلد 2 ص 41).
ج. ڪالَ، ڪالهه: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت جون پنج مصرعون آهن، پنج ئي قافيا هم وزن ۽ هم آواز هئڻ گهرجن. لفظ ”ڪالهه“ ٻين قافين جو هم وزن ۽ هم آواز نه آهي.مگر لفظ ”ڪالَ“ هم وزن ۽ هم آواز آهي تنهن ڪري بيت ۾ لفظ ”ڪال“ لکڻ گهرجي. لفظ ”ڪالهه“ غلط قافيي لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارچند، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس علماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگوجي ڏانو جي ۽ ٻانهو ن خان شيخ.
ح. صبح، صباحَ، سڀان: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ لفظ ”صبح“ فرمايو هو اهو لفظ سيّد عبدالعظيم، بيت ۾ لکيو آهي. لفظ ”سڀان“ فقط علامه آءِ آءِ قاضي لکيو آهي. مناسب لفظ نه لکيو اٿس. جن لفظ ”صباح“ لکيو آهي. تن جي لکيل لفظ جي هڪ ماترا وڌيڪ آهي. انهي خيال کان اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي درست لفظ ”صبح“ لکيو آهي.
خ. پَرِيَ، پِرينءَ، پَريَ، پِرين: قارئين ڪرام! اسان مٿين ليکڪ صاحبن جا لکيل لفظ وڏي غور سان پڙهيا آهن هنن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق بيت جي هن انمول لفظ تي به تحقيق نه ڪئي جيڪڏهن تحقيق ڪن ها ته لفظ ”پَرينءَ“ يا ”پَرينهن“ لکن ها جنهن جي معنيٰ آهي. ”اڄ نه ، صبح نه، مگر ٻي ڏينهن“.
قارئين ڪرام! بيت ۾ انهي لفظ جو پسِ منظر هي آهي، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته مومل جا عاشق ڪاڪ محل پهتا. اُتان ناڪام ٿي موٽيا ته رستن تي ٿي رُليا ۽ رت ٿي رنائون انهن ويچارن کي صبح جي سنڀال نه رهي اهي ماموين جي مثال مئل هئا. يعنيٰ ماموئي ته مري چڪا هئا مگر مومل جا عاشق به مومل جي هجر و فراق سببان دنيا ومافيها کان بي خبر مئن جي مثال هئا. ماموئين وانگر ٿي چڪا هئا، انهن کي اڄ، صبح ۽ پرينءَ جي ڪا خبر نه هئي اهي اڄ، صبح ۽ پرينءَ کان به پاسي هئا.
د. پَس، سڀ: قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”پس“ استعمال ڪيو آهي تن مناسب لفظ نه لکيو آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”سڀ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. انهي لفظ ”سڀ“ جو پسِ منظر هي آهي ته جيڪي شهزادا، راجڪمار، راجائون، راءُ، ۽ بادشاهه، مومل جي عشق ۾ ڪاڪ طرف روانه ٿيا ۽ انهن مومل جو جلوو ۽ حسن جي جهلڪ ڏٺي سي سڀ مومل جي حسن و جمال جي رنگ ۾ رڱجي ويا.
ذ. ريٽو، ريٽا: جن صاحبن لفظ ”ريٽو“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ لکيو آهي. انهن جي مقابلي ۾ جن ليکڪن لفظ ”ريٽا“ لکيو آهي. تن درست لفظ نه لکيو آهي. اهو اسان هن ڪري ٿا لکون ته لفظ ”ريٽو“ فقط رنڱ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. فقير تاج محمّد نظاماڻي غلط لفظ ”ريٽا“ لکيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]
لُڊورِئان لُوڌِي ٿِيا، وَتَنِ مَنجهه وِصال،
اَڄ اَرتو اکيين، ڪَاڪ ڀيٽيائون ڪَال،
وِيئِي ويچارن وِسرِي، صُبح جي سَنڀال،
پَرِينءَ کان پاسي ٿِيا، ماموين مِثال،
جانِب جِي جَمال، رَڱي سڀ ريٽو ڪيا.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي، مومل جا عاشق لُڊور واري ايراضي ۾ طسلماتي محل اندر رهندڙ مومل وٽان لوڌجي ۽ تڙجي نڪتا، مومل جي ديدار واري نشي ۾ سرشار ٿي گهمندا ٿي وَتيا. ڪالهه انهن ڪاڪ ڀيٽيو هو اُتان تڙجي نڪرڻ جي ڪري اڄ رت ٿا روئن. انهن ويچارن کي صبح به ياد نه آهي ته پَرينءَ کين ڪئن ياد رهندو؟ هُو ته پَرينءَ کان به پاسي آهن يعنيٰ اڄ سڀان پَرين جي پچار ۽ ياد گيري نه اٿن محبوبه جي تصوّراتي وصال ۾ رهن ٿا. انهن عاشقن جي زندگي مري ويل ماڻهن جهڙي آهي. اِهي ماموين جي مثال آهن انهن کي مومل جي حسن جي جلوي رڱي لال گلال ڪري ڇڏيو آهي.
*****
سِڃُه صَبَاهِِ جَا ڪَري، سَاوَنِڪَ،
سَهِي نَسکَان سَاعَتَسِِ ، تَنِ رَاسِيُنِ جِي رَونَقَ،
ڪِ رَتَئيءِ لاَکَسِِ ڪِ ڏِنَيِئِ پَانَنِ پِڪَ،
سَندِيَ سُوڊَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪُور جَلِي.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص.787)
سِڃُه اُڀَرَندي جَا ڪَري، سَامِيء سَاوَنِڪَ،
سَهِي نَه سَکِجي سَاعَتَ سِيئَ، تَهجِي رَاسِيَنجِي رَونَقَ،
ڪِ رَتَاهو لاَکَـ۾ ڪِ ڏِنَا۽ پَانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سُوڊَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪُورءٌ جَلِيءٌ.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻو ص284)
سِجُ صُبَاٺي جَا کَري سَامِيَ سَا وَنِکَ،
سَهِي نَه سَکهَان سَاعَتَ کَا تَنّهِن جي رَاِسنِ جِي رَونَقَ،
کِي رَتَي لاَکَهه مين کِي ڏِنَيِ پَانَنِ پِکَ،
مون سوڌهَلِ جي سِکَ کَپَرَ کورين جهَلِئو.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻو ص516سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
سِج سڀاڻي جا ڪري، ساميءَ سا وَنِڪَ،
سَهِي نه سَگهان ساعتَ سِيئن، تَنـهِنجي راسِنِ جي رونَقَ،
ڪ رَتاءِ لاکَـ۾؟ ڪِ ڏِناءِ پانَنِ پِڪَ،
سندئ سوڍل سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جهَليون.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص392سال 1900ع)
سِڄُ صَبَاحِين جَا ڪَري، سَامِيء سَا وَڻِڪَ،
سَهِي نَه سَگهَان سَاعَتَ سين، تَن رَاسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيُئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پَانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهِليُون.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص436سال2012 )
سِڄُ سڀاڻي جا ڪري، سامِيَ سائِي وَنِڪَ،
سَهِي نه سگهان ساٿَ سِنءَ تِـ هِ جي راسِنِ جي رونقَ،
ڪِ رَتائين لاکَ ۾ ڪِ ڏنائين پانَنِ پِڪَ،
سنديَ سوڍَلِ سِڪَ ڪَپَرَ ڪوُرون جهليون.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص476سا ل 1996 )
سِڄُ صباهين جا ڪري، ساميء سائي سا وَڻِڪَ،
سَهي نه سگهان ساعت سين، تَنِ راسيُن جي روَنقَ،
ڪِ رَتيئي لاکَ سِين، ڪِ ڏنيُئِي پانن پِڪَ،
سَنديءَ سوڍلَ سِڪَ، ڪپر ڪورون جهلَيون.
(ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص787سال 1995 )
سِجُ اُڀَرنَدي جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ،
سَهِي نه سَگهان ساعتَ سِين، تِـنـ هِ جي راسِينِ جي رونَقَ،
ڪي رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِنِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ،
سَندِي سَوڍَلِ سِڪَ ڪپر ڪورُون جهَلِيُون.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 254سال 2009)
سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيَ سائِي وَنِڪَ،
سَهِي نه سَگهان ساٿَ سِنءَ، تَـ هِ جي راسَن جِي رونقَ،
ڪِ رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ،
سَنديَ سوڍَل سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جهَلِيون.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 346سال 2013)
سِجُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيء سَائي وَنِڪَ،
سَهِي نه سَگهان ساٿَ سِنءَ، تنهن جي راسِنِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِنائِين پانَنِ پڪَ؟
سَنديءَ سوڍَلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهلِيُون.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 170سال 1994 )
سِج سڀاڻي جا ڪري، ساميء سا وَنِڪَ،
سَهِي نه سَگهان ساعتَ سِيئن، تَنـهِنجي راسنِ جي رونَقَ،
ڪِ رَتائين لاکـ۾؟ ڪِ ڏِنائين پانن پڪ،
سندئ سوڍل سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليون.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 522بااختيار ادارو سال 1994 )
سِڄُ اُڀرِندي جا ڪري، سامِيء سائي وَنڪ،
سَهِي نَه سَگهان ساعتَ سِئن، تَنـهِن جي راسِنِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتائين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِنائين پانَنِ پِڪَ،
سَندئ سوڍَلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪوروُن جَهلِيُون.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص890سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
سِجُ سُڀاڻي جا ڪري، ساميء سَا وَينڪَ،
سَهي نه سَگهان ساعَتَ سيئن، تَنهنجي راسِن جي رَونقَ،
ڪِ رَتاءِ لاک ۾؟ ڪِ ڏِناءِ پانَن پِڪَ؟
سندِي سوڍَلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليون.
(غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص441سال 1999ع )
سڄ سڀاڻي جا ڪري، ساميء سا وَنَڪ،
سهي نه سگهان ساعت سيئن، تنهنجي راسن جي رونق،
ڪ رَتائين لاک ۾؟ ڪ ڏنائين پانن پڪ؟
سنديءَ سوڍل سڪ، ڪپر ڪورون جهليون.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 407سال 2009ع مهراڻ)
سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيَ سائِي وَنِڪَ،
سَهِي نَه سَگهان ساتَ سِنءَ تِـ هِ جي راسِنِ جي رونَقَ،
ڪِ رَتائين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِٺائين پانَنِ پِڪَ،
سَنديَ سوڍَلِ سِڪَ ڪَپَرَ ڪوُرون جَهلِيُون.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص242سال 2013ع روشني)
سِجُ سُڀاڻي جَا ڪَري، سَامِيء سَائئ وَنَڪَ،
سَهِي نه سگهان ساعت سينءَ، تن راسين جي رَوَنَقَ،
ڪِڪي رَتيون لاک ۾، ڪي ڏِيئي پانن پِڪَ،
سندي سوڍل سِڪَ، ڪَپر ڪورون جَهليون.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص297سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
سڄ سڀاڻي جا ڪري، ساميء سا وَنَڪ،
سهي نه سگهان ساعت سيئن، تنهنجي راسن جي رونق،
ڪ رَتائين لاک ۾، ڪ ڏنائين پانن پڪ؟
سنديءَ سوڍل سڪ، ڪپر ڪورون جهليون.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 524سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
سج سڀاڻي جا ڪري، ساميء سَا ئي وَنِڪَ،
سَهي نه سگهان ساعت سين، تن راسين جي رونق،
ڪِ رَتيون لاک ۾، ڪ ڏِنيئي پانن پِڪ؟
سَندي سوڍل سِڪ، ڪَپَرَ ڪورون جَهليون.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 239سال 2008ع )
سڄ سڀاڻي جا ڪري، سامِيَ سائِي وَنَڪ،
سَهِي نه سگهان ساٿَ سِنءَ، تِـ ه جي راسِنِ جِي رونَقَ،
ڪِ رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏنائين پانَنِ پِڪَ؟
سنديَ سوڍلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جهليون.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 142سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سڄ، سج، سڃه)، (سڀاڻي، صباحين، صباهين، اُڀرندي)، (سائي، سا)، (ونڪ، وڻڪ، وينڪ)، (ساٿ، سات، ساعت)، (تـ ه جي، تن جي، تنهنجي)، (راسن، راسين)، (ڪِ، ڪي، ڪِڪي)، (ڪِ، ڪي، ڪن)، (ڏنائين، ڏٺائين، ڏناءِ)، (جهليون، جهلئون).
الف. سڄ، سج، سڃه: اسان جي تحقيق مطابق قديم ڪاتب ”سج“ کي ”سڃه“ جي صورت ۾ به لکندا هئا. تنهنڪري جديد دور جا ڪجهه ”شاهه جو رسالو/شاهه جو گنج“ جا مرتب ۽ محقق حضرات ”سڄ“ لفظ به لکن ٿا. مگر اهو اصل لفظ ”سج“ آهي اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪڏهن به ”سڄ“ نه فرمايو آهي، مگر ”سج“ فرمايو آهي. ”سڄ“ الڳ لفظ آهي ۽ ”سج“ الڳ لفظ آهي. ”سڄ“ لفظ منجهان ”سڄو، ساڄو، سڄر“ لفظ نڪرن ٿا ۽ ”سج“ لفظ منجهان ”سجي“ خاص لفظ نڪري ٿو جنهن جي معنيٰ آهي ”سوڪ ٿيڻ سڙڻ، پچڻ ۽ پڄرڻ“. ”سجي“ جي اها معنيٰ ثابت ڪري ٿي ته ”سج“ جيڪو آسمان ۾ اُڀري ٿو سو ساري سنسار کي روشن ڪري ٿو ۽ گرمي پهچائي ٿو تنهن جو اصل نالو ”سج“ آهي ۽ نه ”سڄ يا سڃه“ .
ب. سڀاڻي، صباحين، صباهين، اُڀرندي: قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم گنج شريف جي ص 78 تي ٻه بيت لکيا آهن. جن ۾ الفاظ ”صباهِِ“ ۽ ”سڀاهِِِ“ لکيل آهن. جنهن جي هڪ هڪ مصرع ملاحظه فرمايو:
”سِڃُ سَڀاهِِ جا ڪَري سامي سائي روءِ“
”سِڃ صباهِِ جا ڪري سامي ساوَنِڪ“
اصل لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪهڙو فرمايو؟. اها خبر ته ڪاتب ۽ ٻڌندڙ فقيرن کي نه پيئي ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لکت ۾ ته بيت نه ڏنو مگر ٻڌايو هو تنهنڪري ڪِٿي ڪاتب ”صباهِِ“ ته ڪٿي ”سباهِِ“ لکيو ته وري ڪنهن ليکڪ ”صباهين“ ته ڪنهن ڪاتب ”صباحين“ لکيو. ان سببان مونجهارو پيدا ٿيو.
قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کي جڏهن ڪو سنڌي لفظ بيت ۾ ٺهڪندڙ نه مليو ته پوءِ ٻين ٻولين جي لفظن منجهان الفاظ استعمال ڪيا. جئن ته لفظ ”سڀائين“، ”سڀاڻي“ سنڌي ۾ عام مروج لفظ هئا تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”سڀائين“ استعمال ڪيو. باقي جن صاحبن الفاظ لکيا آهن. سي مناسب نه لکيا اٿن.
ياد رهي ته! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”اڀرندي“ بنهه غلط استعمال ڪيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”سج“ اڀرڻ“ سان ته سج جون راسيون گم ٿي وينديون آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي زبردست تشبيهه کي بلوچ صاحب جيڪڏهن سمجهي ها ته سج اڀرندي لفظ بيت ۾ نه لکي ها. ڇا ڪاڻ ته سج اڀرڻ کان ڪجهه وقت اڳ ۾ سج جون راسيون اُڀري چڪيون هونديون آهن.
ت. سائي، سا: جن صاحبن لفظ ”سائي“ غلط لکيو سي صاحبان آهن، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
اسان هنن جي لفظ کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي جو بيت جي پهرين مصرع ۾ لفظ ”جا“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ۽ نه ”جائي“. جيڪڏهن ”جائي“ فرمائي ها ته پوءِ لفظ ”سائي“ درست لڳي ها.
اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”سا“ لکيو آهي. تن درست لفظ لکيو آهي.
ث. ونڪ، وڻڪ، وينڪ: قارئين ڪرام! اسان کي حضرت ڀٽ ڌڻي جي استعمال ڪيل لفظن جو هر هنڌ ڪمال نظر آيو آهي. ڪٿي به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بي جاءِ ۽ بي مقصد لفظ استعمال نه ڪيو آهي. اسان هن بيت ۾ لفظ ”ونڪ“ کي مناسب سمجهيو آهي ۽ نه لفظ ”وينڪ“ کي. لفظ ”وينڪ“ جي ڪا معنيٰ ئي نه آهي. اهو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي. پروف ريڊر جي غلطي به ٿي سگهي ٿي.
لفظ ”وڻڪ“ به اسان کي نامناسب لڳو آهي. ڇا ڪاڻ ته هي لفظ ”وڻڪار“ جو واحد لفظ آهي ۽ ”ونۡڪ“ جي معنيٰ آهي ”رنگ“ اهو لفظ ساميءَ (مومل جي تڙيل عاشق) جي رنگت بابت چيل آهي.
ج. ساٿ، سات، ساعت: لفظ ”سات“ لکڻ وارا صاحبان آهن، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ غلام محمّد شاهواڻي. اسان انهن جي لکيل لفظ کي غلط قرار ڏنو آهي.
لفظ ”ساٿ“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. هنن صاحبن به غلط لفظ استعمال ڪيو آهي.
قارئين ڪرام ! جن صاحبن لفظ ”ساعت“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي.
ح. تـ ه جي، تن جي، تنهنجي: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته لفظ ”تن“ جن صاحبن لکيو آهي. تن درست لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”سامي“ جي رنگت جي تشبيهه سج جي اڀرڻ کان اڳ وارين راسين سان ڏني آهي ۽ ”راسيون“ لفظ جمع آهي ”راس“ جو. جن صاحبن لفظ راسين کي ذهن ۾ رکي لفظ ”تن“ لکيو سي صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ٻانهون خان شيخ، ممتاز مرزا ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي .
خ. راسن، راسين: لفظ ”راسن“ ۽ ”راسين“ ٻئي جمع جا الفاظ آهن. اسان جي تحقيق مطابق ”راسِنِ“ زياده مناسب لفظ آهي. اهو لفظ ”راسِنِ“ لکڻ وارا صاحبان آهن ديوان تاراچند، شمس علماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق .
د. ڪِ، ڪي، ڪِڪي: الفاظ ”ڪِڪي ۽ ڪي“ اسان جي تحقيق مطابق مناسب نه لکيل آهن. مناسب هن ڪري لکيل نه آهن ته ”ڪي“ جي معنيٰ آهي ”ڪجهه ۽ ڇا“ ۽ لفظ ”ڪجهه“ جو بيت سان ڪو به تعلق نه آهي. مگر لفظ ”ڪِ“ بيت جي ٽين مصرع ۾ مناسب لڳي ٿو. مناسب هن ڪري لڳي ٿو ته ”ڪ“ جي معنيٰ آهي. ”ڄاڻ ته“ اها معنيٰ بيت جي مصرع سان مناسبت رکي ٿي. بيت جي مصرع ملاحظه فرمايو:
”ڪِ رَتائِين لاکَ ۾ ڪِ ڏنائين پانَنِ پِڪَ“
معنيٰ: ڄاڻ ته لاک سان يا پانن جي پڪ سان رتائين ۽ لال ڪيائين.
ذ. ڪِ، ڪي، ڪن: قارئين ڪرام! اهي ٽي لفظ ”ٽين“ مصرع جي آخري فقري ۾ ليکڪن لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڪِ“ ٻين لفظن کان زياده مناسب ۽ بهتر آهي. اسان هن کان اڳ ۾ انهي ”ڪِ“ ۽ ”ڪي“ لفظن بابت وضاحت ڪري چڪا آهيون.
ر. ڏنائين، ڏٺائين، ڏناءِ: لفظ ”ڏٺائين“ غلام محمّد شاهواڻي جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان اها غلطي پروف ريڊر جي سمجهون ٿا. رهيو سوال ”ڏنائين ۽ ڏنا۽“ لفظن جو ته قديم ڪاتب ”ڏنا۽“ الف حمزي کي ٻه زيرون ڏيئي عربي طرزِ تحرير مطابق لکندا هئا. ٻيئي الفاظ درست آهن مگر جديد صورت ۾ لفظ ”ڏنائين“ لکيو ويندو آهي.
ز. جهليون، جهلئون: ياد رهي ته! ٻيئي لفظ معنيٰ جي لحاظ کان درست آهن. قديم صورت خطيءَ ۾ لفظ ”جهلئون“ لکيو ويندو هو. جديد صورت خطيءَ ۾ لفظ ”جهليون“ لکيو ويندو آهي.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]سِجّ سُڀائين جَا ڪَري، سامِيَ سَا وَنَڪ،
سَهِي نَه سَگهان سَاعت سِينءَ، تن راسِنِ جِي رونَقَ،
ڪِ رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ؟
سندِيَ سوڍلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهلِيُون.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته مومل جي نينهن جي ناوڪ جو زخمي، جيڪو سامي فقيرن جي روپ ۾ پيو گهمي. تنهنجي چهري جي چمڪ، سونهن ۽ رونق اهڙي آهي جهڙي صبحُ جي سج وارين راسين جي رونق. انهي سامي جي ڳلن جي ڳاڙهاڻ ۽ لالاڻ هوش رُباءَ آهي ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟!
سامي جي رُخِ روشن جي لالاڻ اهڙي آهي. ڄڻ ته پانن جي پڪ ۽ لاک جي ڳاڙهاڻ سان رڱيل آهي. مومل چئي ٿي ته سوڍي جي سڪ منهنجي من ۾ ايتري سمايل آهي جو، ان جي ڪا نه حد آهي نه حساب آهي.
*****