لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

20. سُر ليلان چنيسر

هَيبَتَ ڪَانَ هُيَاسِ، ڪَا دِلِ مَٽِيندُو داسَرو،
پَرُوري پِشِيمَانُ ٿِي، جَڏِه هَٿَا کَالِ وَيَاسِ،
سُورَ پَرايا۽ سَيّد چي، پُوءِ ٿي کَلَ پِٽَئَاسِ،
ڪُوَرتِ هَارَ ڪِيَاسِ، ٿِي چَرِي چَنيسَرَ ڃَامَري.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر ليلان چنيسر ص493)

هَيبَتَ ڪَانَ هُيَاسِ، تَڪَا دِلِ مَٽِيدُو دَاسَرُو،
پَرِيَ ري پِشِيمَانَ ٿِي، جَڏِه هَٿَا کَالِ وَييَاسِ،
سُورَ پَرايا۽ سَيّد چي، پُوءِ ٿِي ڪَلَ پِييَاسِ،
ڪُونَتَ هَارَ ڪِيَاسِ، ٿِي چَرِي چَنيسَرَ ڃَامرَي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص357)

هَيبَتَ ڪَا نَه هُيَاسِ، ڪَا دِلِ مَٽيندو داسَڙو،
پَروُڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏِهِين هَٿَان ڳالِهه وِيَاس،
سُورَ پِرايَائِين سَيدُ چئي، پوءِ ٿي کَلَ پَٽِئَاسِ،
ڪُوَڻَتِ هَارَ ڪِئاسِ، ٿِي چَرِي چَنيسَرَ ڄَام ري.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو سُر ليلا چنيسر رسالو سُر ص214سال2012 )

هيب ڪا نَه هُياس، ته ڪا دِل مَٽيندو داسَڙو،
پروڙي پشيمانُ ٿِي، جڏهن هٿان ڳالهه وَياسِ،
سورَ پِرايائين سيد چئي، پوءِ ٿي ڳَلَ پٽياسِ،
ڪُورتِ هارَ ڪياسِ، ٿِي چَرِي چَنيسر ڄامَ ري.
(ممتاز مرزا گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ليلان چنيسر ص493سال 1995 )

هيبت ڪا نَه هُياس، ته ڪا دِل مٽيندو داسَڙو،
پرينءَ ري پشيمان ٿي، جَڏهن هٿان ڪالهه وياس،
سور پرايائين سيّد چئي، پُوءِ ٿي ڪَل پِياس،
ڪُوڻت هارَ ڪياس، ٿِي چري چَنيسر ڄامَ ري.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص 661بااختيار ادارو سال 1994 )

هيبت ڪا نه هياس، ته ڪا دل مٽيندو داسڙو،
پرينءَ ري پشيمان ٿي، جڏهن هٿان ڳالهه وياس،
سور پرايائين سيّد چئي، پوءِ ٿي ڪل پياس،
ڪوڻت هار ڪياس، ٿي چري چنيسر ڄام ري.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص 507سال 2009ع مهراڻ)

هيبت ڪا نه هياس، ته ڪا دل مَٽِيندو داسَڙو،
پوءِ پشيمان ٿي پرين ري، جَڏهن ڳالَهِه هَٿان وِياس،
سور پرائي سيد چئي، پُوءِ ٿي ڪَل پِياس،
اَڻَ وَڻَت، هارِ ڪياس، ٿِي چري چَنيسر ڄامَ ري.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ليلان چنيسر ص382سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

هيبت ڪا نه هياس، ته ڪا دل مٽيندو داسڙو،
پرينءَ ري پشيمان ٿي، جڏهن هٿان ڳالهه وياس،
سور پرايائين سيد چئي، پوءِ ٿي ڪِل پياس،
ڪوڻت هار ڪياس، ٿي چري چنيسر ڄام ري.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص 693سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

هيبت ڪانَ هُياس، ته ڪا دل مَٽيندو داسڙو،
پرينءَ ري پشيماني، جڏهن هٿان ڳالهه وياس،
سُور پرائي سيد چئي، پوءِ ٿي ڪل پياس،
اَوَڻت هار ڪياس، ٿي چري چنيسر ڄام ري.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص 319سال 2008ع )
نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق اهو بيت نه لکيو آهي.
قارئين ڪرام! گنج شريف کان علاوه قديم ڪاتب حاجي محمّد سمي، جي ڪتابت ڪيل رسالي ۾ اهو بيت شامل آهي. فقير تاج محمّد نظاماڻي جي ترتيب ڏنل رسالي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي ”شاهه جو گنج“ ۾ به اهو بيت لکيل آهي. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ٻانهي خان شيخ ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي به پنهنجن ترتيب ڏنل رسالن ۾ اهو بيت لکيو آهي. تنهنڪري انهي بيت تي تحقيق ڪرڻ مناسب سمجهون ٿا.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (هيب، هيبت)، (ڪا دل، تڪا دل، ته ڪا دل)، (پوءِ ، پروڙي ، پري رَي ، پرين ري)، (ڳالهه وياس، ڪالهه وياس، کال وياس)، (سور پرايائين، سور پرائي)، (کل پَٽياس، ڳل پِٽياس، ڪِل پياس، ڪل پياس)، (اوڻت، ڪوڻت، ڪورت).

الف. هيب، هيبت: لفظ ”هيب“ فقط ممتاز مرزا بيت ۾ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته گنج شريف ۾ لفظ ”هيبت“ لکيل آهي. پڪ آهي ته ممتاز مرزا به لفظ هيبت لکيو، مگر ڪمپوزر جي غلطي سببان لفظ ”هيب“ لکجي ويو پروف ريڊر جي بي ڌياني سببان لفظ غلط لکجي ويو.

ب. ڪا دل، تڪا دل، ته ڪا دل: الفاظ ”ڪا دل“ ٻانهي خان ۽ ممتاز مرزا لکيا آهن. ممتاز مرزا گنج جي ڪاتب جي پوئواري ڪندي لکيا ۽ ٻانهي خان شيخ تقليد ڪندي لکيا. اسان جي تحقيق مطابق ”ڪا دل“ کان ”ته ڪا دل“ بهتر الفاظ آهن، اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”ته“ يقين ۽ پڪ ڏياري ٿو. انهي ڪري بيت ۾ لکڻ مناسب آهي. رهيو سوال ”تڪا دل“ ۽ ”ته ڪا دل“ جو ته انهن ٻنهي لفظن منجهان ”ته ڪا دل“ لکڻ زياده مناسب آهي. اهو هن ڪري ته ”تڪا“ لفظ بيت ۾ نه ٿو سونهين. جڏهن الڳ لکبو ته زياده بهتر ٿيندو. ”تڪا“ گڏيل لفظ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ڪاتب لفظ گڏي لکندا هئا.جنهن ڪري پڙهندڙ مونجهاري جو شڪار ٿيندا هئا.

ت. پوءِ ، پروڙي ، پري رَي ، پرين ري: اسان انهن سڀني لفظن تي وڏو غور ڪيو آهي. لفظ ”پروڙي“ سڀني لفظن کان بهتر ثابت ڪيو آهي. هن خيال کان ته ليلان ڪونروءَ جي هٿان هار وٺي چنيسر جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيندي ئي پشيمان ٿي ڇا ڪاڻ ته هن جي هٿان چنيسر جهڙو پيار ڪندڙ پتي هار جي بدلي هٿان هليو ويو.

ث. ڳالهه وياس، ڪالهه وياس، کال وياس: قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڳ“ جو اکر استعمال نه ٿيندو هو. ”ڳ“ بجاءِ ”ک“ اکر استعمال ڪندا هئا، تنهنڪري سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي الفاظ ”کال وياس“ لکيا آهن.
قارئين ڪرام! ”ڪالهه وياس“ الفاظ بنهه غلط لکيا ويا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ڪالهه ته گذري ويئي تنهنڪري ليلان جي ڪهڙي ڪم جي هئي؟ انهن لفظن جي مقابلي ۾ ”ڳالهه وياس“ بيت ۾ لکڻ مناسب لڳن ٿا. غلط الفاظ ”ڪالهه وياس“ فقط شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لکيا آهن.

ج. سور پرايائين، سور پرائي: الفاظ ”سور پرائي“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن درست الفاظ لکيا آهن ۽ جن لفظ ”پرايائين“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي.

ح. کل پَٽئاس، ڳل پِٽياس، ڪل پياس: قارئين ڪرام! هي حقيقت آهي ته ڪنهن غلطي ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو سور پرائيندو آهي، ان جي دل پريشان ٿيندي آهي. ليلان ته اهم ترين غلطي ڪئي هئي جنهن ڪري سور پرائي چريائپ وچان پنهنجي کَل ٿي پٽيائين ڇا ڪاڻ ته هو ذهني مريض ٿي چڪي هئي.
ياد رهي ته! گهڻي پريشاني سببان ڪي مرد پنهنجا ڳل پٽيندا آهن ۽ ڪي عورتون به پنهنجا ڳل پِٽينديون آهن. مگر ليلان ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي قول مطابق چري ٿي چڪي هئي، چريا چريائپ وچان پنهنجي کَل پَٽيندا آهن. اسان جي تحقيق مطابق فقط ٻانهي خان شيخ درست الفاظ ”کَل پَٽِئاس“ لکيا آهن.

خ. اوڻت، ڪوڻت، اڻ وڻت، ڪورت: لفظ ”ڪورت“ سيّد عبدالعظيم لکيو، تنهن ڪري ممتاز مرزا به نامناسب لفظ ”ڪورت“ لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته هن صاحب کي ”ڪُوڻت“ لفظ لکڻو هو. قديم صورت خطيءَ ۾ ڪاتب اڪثر ”ڪورت“ لکندا رهيا آهن. اهو هن ڪري ته قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڻ“ اکر استعمال نه ٿيندو هو. تنهنڪري ڪاتب ”ڻ“ بجاءِ ”ر“ ۽ ”ن“ اکر استعمال ڪندا هئا. اهڙو اشارو خود ممتاز مرزا گنج جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ص 8 ۽ 9 تي ڏنو آهي.
اسان کي سيّد عبدالعظيم جي لکيل صورت خطيءَ جي طرزِ تحرير کان ته واقف ڪيائين مگر پاڻ عمل نه ڪيائين.
لفظ ”اڻ وڻت“ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. ۽ ”اوڻت“ لفظ فقير تاج محمّد نظاماڻي به لکيو آهي. جن صاحبن ”ڪُ وڻت“ لکيو تن درست لکيو آهي. انهي درست لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. ٻانهون خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگو جي ڏانو جي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ”اوڻت ۽ ڪُوڻت“ ٻنهي لفظن منجهان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪهڙو لفظ فرمايو؟ ظاهر آهي ته ٻنهي منجهان وڌيڪ مناسب لفظ فرمايائين، اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”ڪوڻت“ تجنيس حرفي جي خيال کان بيت ۾ فرمايائون .

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]هيبت ڪا نَه هُياس، تَه ڪَا دِل مَٽيندو داسُڙو،
پَروڙي پِشيمان ٿِي، جَڏهن هَٿان ڳَالهه وَيَاس،
سُور پِرائي سيّد چَئي، پُوءِ ٿي کَل پَٽياس،
ڪُ وَڻت هار ڪَياس، ٿِي چَري چَنيسر ڄام ريءَ.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته چنيسر جي دل ۾ ليلان لاءِ اٿاهه عشق هيو. تنهنڪري ليلان جي دل ۾ چنيسر جي باد شاهه هئڻ واري هيبت نه هَئي ۽ هِي خيال ڪڏهن به هن جي هردي ۾ نه آيو هو، ته داسڙو (چنيسر) هن کان ڪنهن سببان دل مٽي ويندو.
ليلان جڏهن ڪونروءَ جي هار تي هرکجي چنيسر جو هٿ ڪونروءَ جي هٿ ۾ ڏنو ته سندس هٿان ڳالهه نڪري ويئي پوءِ پنهنجي غلطي کي پروڙي پشيمان ۽ پريشان ٿي پنهنجي کَلَ ٿي پَٽيائين ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه چواڻي چنيسر جي چاهه ۾ آخر چري ٿي ويئي هُئي.

*****