2. سُر يمن ڪلياڻ
ٿِئَا جي نِيشَانَ، پهِريس ٍ پُورَا هُوءَا.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر جمن ڪلياڻ ص 32 سال 1995ع)
ڪيو ڇڏين ڪان، هڏ نه هڻائين ٿا،
ٿئا جي نيشَان، ته پهرئين سان پورا هئا.
(ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 41 سال 1900ع)
ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،
ٿيا جي نِيشانُ، ته پِهرئين سان پُورا هئا.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 32 )
کهنيوء چهڏين کَانُ، هَڏِ نَه هَٺَائِينِ تهَا،
تهَيَا جي نِيشَانَ، تَه پِهرين سَان پُورَا هُوا.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالوسُر جمن ڪلياڻ ص 52 سال 2008ع )
ڪَيو ڇَڏيِنِ ڪَانُ، هَڏِ نه هَڻَائِينِ ٿَا،
ٿِئَا جي نِشَانُ، تَه پِهريِين سان پُورا هُئَا.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 87 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
ڪيو ڇڏينِ ڪانُ، هِڏِ نه هڻائِينِ ٿا،
ٿئا جي نِيشانُ، ته پِهري سان پورا هئا.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالوسُر ڪلياڻ ص 120 سال 1996ع )
ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏ نه هَڻائين ٿا،
ٿيا جي نشانُ، ته پهريَن سين پورا هَئا
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت ۾ ص 210 سال 1995)
ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏِ نه هڻائين ٿا،
ٿيا جي نيشان، ته پهرين سان پورا ٿيا.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 531 سال 1994 )
ڪيو ڇڏينِ ڪَانُ، هڏ نه هڻائين ٿا،
ٿئا جي نيشان، ته پِهرين سان پورا هئا.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 66 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
ڪيو ڇڏينِ ڪان، هڏ نه هڻائين ٿا،
ٿئا جي نيشان، ته پهرئين سان پورا هئا.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 53 بااختيار ادارو سال 1994 )
ڪيو ڇَڏينِ ڪانَ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،
ٿيا جي نيشان، ته پِهرئين سان پورا هئا.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 52 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
ڪَهيو ڇَنڊِينِ ڪانَ، هَڏ نه هَٽائِينِ ڪِين،
ٿئا جِي نِيشَانَ، سي پِهرِئين سِين پُورا ٿِئا.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 70 سال 2009 )
ڪَيو ڇَڏِينِ ڪانُ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،
ٿئا جي نِيشانُ، ته پِهري سان پُورا هئا.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 61 سال 2013ع )
ڪيو ڇڏين ڪان، هڏ نه هڻائين ٿا،
ٿيا جي نيشان، ته پهرئين سان پُورا هئا.
س
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 58 سال 2009ع )
ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،
ٿيا جي نيشانُ، ته پِهرئين سان پُورا هئا.
(عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 40 سال 2013ع ثقافت کاتو)
ڪَهِيو ڇَڏينِ ڪانَ، هَڏ نَه هَڻائينِ ٿا،
ٿِيا جي نِيشان، سي پهرئين سِين پُورا ٿيا.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر يمن ڪلياڻ ص 34 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
ڪيو ڇڏينِ ڪانَ، هڏ نه هڻائينِ ٿا،
ٿيا جي نيشان، ته پهرئين سان پُورا هئا.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 66 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
کنيو ڇڏينِ ڪان، هڏ نه هڻائين ٿا،
ٿيا جي نيشان، ته پهرئين سان پورا ٿيا.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 24 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪيو، ڪهيو، کنيو، کهنيو)، (ڇڏين، ڇنڊين)، (هنائين ٿا، هٺائين ٿا، هڻائين ٿا، هٽائين ڪين)، (ٿئا، ٿيا)، (نيشان، نشان)، (سي، ته)، (پهرئين، پهرين، پهري)
الف. ڪيو، ڪهيو، کنيو، کهنيو : لفظ ”ڪيو“ جن صاحبن لکيو آهي. سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ٻانهو خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڪلياڻ آڏواڻي، ديوان تار چند، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگو جي ڏانو جي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ ممتاز مرزا.هنن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي.
جن صاحبن لفظ ”ڪهيو“ لکيو آهي سي صاحبان آهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي. هنن صاحبن به اهو لفظ غلط لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انهي لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”ٻولايو، چئي خبردار ڪري“.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکيل لفظ ”ڪهيو“ ۽ ان لفظ جي لکيل معنيٰ تي اسان کي اعتراض آهي. اعتراض هن ڪري آهي ته بيت ۾ ڳالهه ڪان (تير) جي فرمايل آهي، نظرن جو تير ٻُڌائي نه هڻبوآهي.
قارئين ڪرام! انهي بيت ۾ مناسب لفظ آهي ”کنيو ۽ کهنيوء“ اهي لفظ حاجي محمّد سمي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيا آهن، جيڪي اسان جي تحقيق مطابق نهايت ئي مناسب آهن. ياد رهي ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، اردو لپي ۾ اهو لفظ لکيو آهي ۽ حاجي محمّد سمي قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي اهو لفظ جديد صورت خطي ۾ ”کڻيو“ ٿيندو ۽ لکبو.
ب. ڇڏين، ڇنڊين: قارئين ڪرام! ٻين سڀني ”شاهه جو رسالو“ جي ڪاتبن توڙي مرتب ۽ محقق حضرات لفظ ”ڇڏين“ لکيو آهي. مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻين سڀني سان اختلاف رکندي لفظ ”ڇنڊين“ لکيو آهي. حقيقت هي آهي ته ڪمان جي زهه کي ڇڪي پوءِ تير انداز نشاني تي تير ڇڏيندو آهي ۽ نه تير ڇنڊيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو قديم ڪاتبن توڙي جديد دور جي ليکڪن لفظ ”ڇڏين“ لکيو آهي.
اسان مٿي حوالا ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪۡٽر نبي بخش خان بلوچ بيت ۾ لفظ ”ڇنڊين“ غلط لکيو آهي.
ت. هنائين، هٺائين، هڻائين، هٽائين: حاجي محمّد سمي لفظ ”هنائين“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو. اڳي ”ڻ“ کي ”ن“ ۾ بدلائي لکبو هيو. اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطي ۾ ٿيندو ”هڻائين“ جن صاحبن سمي صاحب کان علاوه غلط لفظ ”هڻائين“ لکيو آهي سي هي آهن. ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ٻانهون خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڪلياڻ آڏواڻي، ديوان تاراچند، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، حاجي سگهڙ الله داد جنجهي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، باگو جي ڏانو جي، محمّد عثمان ڏيپلائي، ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو. هنن صاحبن لفظ ”هڻائين“ لکي هي ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اُنهن الڙ، ڳڀرو ۽ جوان عاشقن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي تير کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هنن ليکڪن بيت نه سمجهيو ، تنهنڪري لفظ ”هڻائين“ لکيائون.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لفظ ”هٺائين“ لکيو آهي، اهو قديم صورت خطيءَ ۾ لکيو اٿس. اهو جديد صورت خطيءَ لفظ ۾ ”هڻائين“ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”هٽائين“ لکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جو لفظ نهايت ئي درست لکيو اٿس.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه محبوب تان قربان ٿيندڙ عاشقن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ فرمايو اٿس ته
کڻيو ڇڏين ڪان، هڏ نه هٽائين ٿا.
يعني محبوب ڪمان مٿي کڻي (جهڪيل نظرون مٿي کڻي) عاشقن کي ڪان هڻن ٿا، نظرن جي ڪمان هرگز هٽائين نه ٿا.
ث. ٿئا، ٿيا: قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ڪن ڪاتبن لفظ ”ٿيا“ ۽ ڪن ڪاتبن لفظ ”ٿئا“ لکيوآهي. جڏهن ته ۡڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”تهيا“ ۽ حاجي محمّد سمي ”ٿئا“ لکيو آهي، اهي ٻيئي صاحب ساڳي ئي دور جا آهن. جديد دور ۾ به ڪي صاحبان ”ٿيا“ ۽ ڪي ”ٿئا“ لکندا آهن.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ٿيا“ جديد صورت خطيءِ ۾ سن (1853ع) کان وٺي لکبو پيو اچي.
ج. نشان، نيشان: جن صاحبن لفظ ”نيشان“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته قديم دور جي ڪاتبن منجهان لفظ ”نشان“ سيّد عبدالعظيم لکيو آهي. شاعري ۾ ماترائن ۽ بحروزن ۾ ڪٿي ”نشان“ ڪٿي ”نيشان“ واقعي استعمال ڪيو ويندو آهي مگر اصل لفظ ”نشان“ ئي آهي جيڪو سيّد عبدالعظيم لکيو آهي.
ح. سي، ته: جن صاحبن لفظ ”ته“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي، اهي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ٻانهو خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڪلياڻ آڏواڻي، ديوان تارا چند، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، فقير تاج محمّد نظاماني، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، باگو جي ڏانو جي ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، محمّد عثمان ڏيپلائي،حاجي محمّد سمو، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا ۽ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
بيت جي ٻي مصرع ۾ ٻيو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”جي“ استعمال ڪيو ۽ پاڻ لفظ ”سي“ به استعمال ڪيائون مگر راوين جي چوڻ تي ڪاتبن لفظ ”سي“ بجاءِ ”ته“ غلط لکيو. فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”سي“ لکيو، کين جس هُجي.
خ. پهرئين، پهريين، پهرين، پهري: لفظ ”پهري“ جن لکيو سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گُربخشاڻي ۽ ٻيو غلام محمّد شاهواڻي. انهن صاحبن اڌ اکري سنڌي ۾ اهو لفظ نامناسب لکيو آهي.
ٻانهي خان شيخ لفظ ”پهريين“ لکيو آهي، قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ الفاظ ”پهرين“ ، ”پهريين“ ۽ ”پهرئين“ لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ استعمال ٿيندا هئا. جنهن ڪري صورت خطيءَ ۾ مونجهارو پيدا ٿي ٿيو. 1853ع کان پوءِ لفظ ”پهرئين“ زياده استعمال ٿيڻ لڳو جنهن ڪري ديوان تارا چند ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لکيو. انهن ٻنهي جي تقليد ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڪلياڻ آڏواڻي، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، محمّد ڏيپلائي، باگي جي ڏاني جي لفظ ”پهرئين“ لکيو آهي، جنهن کي اسان درست سمجهون ٿا.
د. هئا، ٿيا: جن صاحبن بيت جي آخري مصرع جو آخري لفظ ”هئا“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي ۽ جن صاحبن ”ٿيا“ لکيو آهي تن نامناسب لفظ لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته الفاظ ”پورو هئڻ“ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته عاشق پهرين نظر جي تير سان ئي ختم ٿي چڪا هئا.
نامناسب لفظ ”ٿيا“ لکڻ وارن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو آهن.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.
[b]کڻيو ڇَڏينِ ڪانَ، هَڏ نَه هَٽائينِ ٿا،
ٿِيا جي نِشان، سي پهرئين سِين پُورا هئا.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻي رحه محبوب بابت ادب ۽ محبت جي لحاظ کان جمع ۾ مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته محبوب (نظرن جي) ڪمان کڻيو بيٺا آهن، ڪمان کي نشان کان پري هرگز نه ٿا هٽائين
جيڪي عاشق محبوب جي تيرن جا نشان بڻيا سي ته پهرين ئي تير سان پورا ٿي ويا هئا. دنيا ۾ رهڻ وارن کان الڳ ٿي چڪا هئا. هنن تي نظرن جي ٻي وار ڪرڻ جي ضرورت ئي نه آهي.
*****
اڃا تو منجهان، ڪک ڇُتي رت نڪري،
منهن ۾ معشوقن جا ڪئن جهلندين گهاءَ”؟
سو تون ڪڄاڙيا سِڪڻ جون سڌون ڪرين.
(ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 44 سال 1900ع)
اَڃا تو منجهان، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
مُنهن ۾ محبوبن جا، ڪئَن جَهليِندين گهاءَ؟
سو تون ڪُڄاڙيا، سِڪَڻَ جون سَڌوُن ڪرين؟
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 38 )
اَڃَا تو مَنجهَان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري،
مُنهَن ۾ مَحبُوبَن جَا، ڪيئَن جَهلِيندين گهاءَ؟
تُون هَڏِ ڪُڄَاڙِئَان، سِڪَڻَ جُون سَڌوُن ڪَرِين.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر جمن ڪلياڻ ص 80 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
اَڃا تو منجهاءَ ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪَري،
مُـ هُ ۾ محبوبَنِ جا، ڪنِءَ جهليندين گهاءَ،
سو تون ڪُڄاڙِئاءَ، سِڪَنَ جون سَڌوُن ڪَرين؟
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالوسُر ڪلياڻ ص 122 سال 1996ع )
اڃان تو منجهِا، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نڪري،
مُنهن ۾ محبوبن ِجا، ڪيئن جهِلنديَ گهاءَ
تون هَڏِ ڪڄاڙيا، سِڪَڻ جيون سڌون ڪَري.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 228سال 1995)
اَڃا تو منجهاءَ، ڪَکَ ڇتي رَتُ نڪري،
مُنهَن ۾ محبوبَنِ جا، ڪئَن جهليندين گهاءَ؟
سو تُون ڪُڄاڙِياءَ سِڪڻ جون سَڌُون ڪرين.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 56 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
اَڃا تو منجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نڪري،
منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جهليندي گهاءَ؟
سو تون ڪُڄاڙيا، سِڪَڻَ جون سَڌوُن ڪرين.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 28 سال 1994 )
اڃا تو منجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نڪري،
منهن ۾ معشوقن جا، ڪئَن جهليندين گهاءَ؟
سو تون ڪڄاڙياء سِڪڻ جون سڌون ڪرين.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص69 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
اڃا تو منجهان، ڪک ڇُتي رت نڪري،
منهن ۾ معشوقن جا، ڪئن جهلندين گهاءَ؟
سو تون ڪڄاڙياء سِڪڻ جون سڌون ڪرين.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 56 بااختيار ادارو سال 1994 )
اڃان تو مَنجها، ڪَکَ ڇُتي رَتَ نِڪَري،
مُنـ هَ ۾ معشُوقَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ
سو تون ڪُڄاڙاءَ، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 56 سال 2009 )
اَڃا تو مَنجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪَري،
مُـ هَ ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪنءَ جَهليندين گهاءَ؟
سو تُون ڪُڄاڙِئاءَ، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرين؟
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 63 سال 2013ع )
اَڃا تو منجهاء، ڪَک ڇُتي رت نڪري،
منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جهليندين گهاءَ؟
سو تون ڪُڄاڙياء سڪڻَ جون سَڌون ڪرين؟
س
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 60 سال 2009ع )
اَڃا تو منجهانءَ، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
مُنهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جَهلِيندين گهاءَ؟
سو تون ڪُڄاڙياءَ سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين.
(عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 40 سال 2013ع ثقافت کاتو)
اَڃا تو مَنجهاءُ، ڪَکُ ڇُتي رَتُ نِڪري!
مُنهن ۾ مَحبوبن جا، ڪِيئن جَهليندين گهاءُ؟
سَو تُون ڪُڄاڙياءُ، سڪڻَ جون سُڌون ڪَرين؟
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر يمن ڪلياڻ ص 57 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
اَڃا تو منجهاءِ، ڪَکَ ڇُتَي رت نڪري!
منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جهليندين گهاءَ؟
سو تون ڪُڄاڙياء سڪڻَ جون سَڌون ڪرين؟
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 68 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
اڃان تو منجهانءَ، ڪک ڇُتي رت نڪري،
منهن ۾ محبوبن جا، ڪيئن جهليندين گهاءَ،
سو تون ڪڄاڙيانءَ، سڪڻ جيون سڌون ڪَرين؟
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 26 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
اَڃا تو منجهانءَ، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جَهليندين گهاءَ”؟
سو تون ڪُڄاڙياءَ، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو چونڊ ڪلام سُر يمن ڪلياڻ ص 21 سال 2011ع)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (منجا، منجها، منجهاءَ، منجهان، منجهانءَ، منجهاءِ، منجهاءُ)، (معشوقن، محبوبن)، (ڪيئن، ڪئن)، (جهلندين، جهليندين، جهليندي)، (گهاءَ، گهاءُ)، (سو تون، تون هڏ)، (ڪڄاڙيا، ڪڄاڙياءَ، ڪڄاڙياءِ، ڪڄاڙياءُ، ڪڄاڙيانءَ، ڪڄاڙئان)، (جون، جيون)، (سَڌون، سُڌون)، (ڪرين، ڪري)
الف. منجا، منجها، منجهاءَ، منجهان، منجهانءَ، منجهاءِ، منجهاءُ: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت جي قوافي (قافيا) تي ”شاهه جو رسالو “ جي مرتب ۽ محقق حضرات گهٽ توجه ڏنو آهي اهو ئي سبب آهي جو هن بيت جي پهرين قافيي جو لفظ مختلف طريقن سان لکيو اٿن. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”منجهاءُ“ پهريون درست قافيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته شاعر ڪن ڪن لفظن جي ڪنهن ڪنهن مناسب اکر کي گهٽائي پنهنجي بيت ۾ استعمال ڪندو آهي. ته جئن مخفف لفظ ٻين لفظن سان وزن ۽ اُچار ۾ هڪ جهڙو بيهي. اهو ئي سبب آهي جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ اصل لفظ ”منجهانءُ“ جي اَخري ”ن“ اکر کي حذف ڪري لفظ ”منجهاءُ“ فرمايو ڇا ڪاڻ ته حضرت جن بيت جو ٻيو نمبر لفظ ”گهاءُ“ فرمايو. ياد رهي ته لفظ ”گهاءُ“ کي ”گهانءُ“ نه لکي ۽ نه چئي يا اُچاري سگهجي ٿو، جيڪڏهن لفظ ”گهانءُ“ لکبو ته لفظ غلط لکبو ۽ ليکبو. تنهنڪري انهي لفظ کي حضرت جن ”گهاءُ“ ئي فرمايو.
اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ ”منجهاءُ“ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي، ٻين سڀني صاحبن لفظ غلط لکيو آهي.
ب. معشوقن، محبوبن: لفظ ”معشوقن“ جن صاحبن لکيو آهي سي آهن، ديوان تارا چند شوقيرام، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن بيت ۾ لفظ درست ۽ مناسب لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته معشوق محبوب جي مقابلي ۾ زياده شوخ ۽ سنگدل ٿيندو آهي. تنهنڪري معشوق کي شاعرن ڪافر به ڪوٺيو آهي، محبوب معشوق جي مقابلي ۾ نرم مزاج ٿيندو آهي.
قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ الڙ عاشق کي فرمائي ٿو ته تون ته معشوقن جا ڏنل گهاءُ سهڻ جي لائق به نه آهين. تون ته الڙ عاشق آهين، صرف عشق جون پيو سڌون ڪرين .
هن بيت ۾ الفاظ ”ڪک ڇُتي رت نڪري“ وارو اشارو به اسان جي رهنمائي ڪري ٿو ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه لفظ ”معشوقن“ فرمايو آهي ۽ نه ”محبوبن“. جن صاحب لفظ ”محبوبن“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق لفظ درست نه لکيو آهي.
ت. ڪيئن، ڪئن: ”ڪئن“، ”ڪيئن“ ۽ ”ڪينئن“ انهن سڀني قسمن جي لکت تي بحث هن ڪري اجايو آهي ته هڪ ڀيرو اڳ ۾ لکي چڪا آهيون. ٻيو ته اسان جي سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جا ست لهجا آهن. انهن لهجن مطابق خاص طور تي مٿيان لفظ ۽ ائين، جئين وارن لفظن جون به صورتون بدلائي اديب لکندا ۽ شاعر پڙهندا رهيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق گنج شريف ۾ لفظ ”ڪِيَ“ لکيل آهي، جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”ڪئن“ لکڻ زياده مناسب آهي.
ث. جهلندين، جهليندين، جهليندي: لفظ ”جلهڻ“ مصدر آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”روڪ رنڊڪ، پڪڙ“ (جامع سنڌي لغات جلد 2 ص 335).
لفظ ”جهل“ منجهان ٺهندڙ لفظ ”جهليندين ۽ جهلندين“ ٺهندا آهن. اسان لفظ ”جهلندين“ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهون ٿا. اهو هن ڪري ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه لفظ ”جهلندين“ فرمايو آهي، جنهن جو ثبوت گنج شريف توڻي، ديوان تارا چند ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي رسالي ۾ موجود آهي
ج. گهاءَ، گهاءُ: قارئين ڪرام! اسان تحقيق طلب الفاظ جي (الف) واري پئرا ۾ لفظ ”گهاءُ“ تي تحقيق ڪري ثابت ڪري چُڪا آهيون ته لفظ ”گهاءُ“ بيت ۾ قافيي جي لحاظ کان زياده مناسب آهي. لفظ ”گهاءُ“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي.
ح. سو تون، تون هڏ: اسان جي تحقيق مطابق الفاظ ”سو تون“ بيت ۾ مناسب لڳن ٿا اهو هن ڪري ته ”تون هڏ ڪڄاڙياءَ“ الفاظ معنيٰ جي لحاظ کان مصرع ۾ مناسب نه ٿا لڳن. ڇا ڪاڻ ته ”هڏ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”هرگز، ڪڏهن به“.
خ. ڪڄاڙيا، ڪڄاڙياءَ، ڪڄاڙياءِ، ڪڄاڙياءُ، ڪڄاڙيانءَ، ڪڄاڙئان: قارئين ڪرام! تحقيق هيٺ آيل بيت جا ٻه قافيا ”منجهاءُ“ ۽ ”گهاءُ“ اسان تحقيق ڪري ثابت ڪري چڪا آهيون، ته اهي درست قافيا آهن، هاڻ اسان جي سامهون پنج مختلف الفاظ لکيل آهن. اسان ثابت ڪيو آهي ته ٽيون قافيو ”ڪڄاڙياءُ“ درست آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته اهو قافيو ”ڪڄاڙياءُ“ ٻن قافين سان هم وزن ۽ هم آواز آهي. اهو قافيو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي.
د. جون، جيون: قديم صورت خطيءَ ۾ لفظ ”جيون“ استعمال ٿيندو هو. اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو ۽ ڳالهايو ويندو هو. مگر جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ جيڪا 1853ع کان پوءِ مروّج ٿي.
تنهن ۾ لفظ ”جون“ استعمال ڪيو ويو ۽ اڄ تائين اهو لفظ استعمال ٿيندو رهي ٿو.
ذ. سَڌون، سُڌون: لفظ ”سَڌُون“ جي معنيٰ آهي خواهشون ۽ لفظ ”سُڌون“ جو واحد لفظ ”سُڌ“ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڄاڻ، معلومات“. اسان جي تحقيق مطابق سگهڙ حاجي الله داد جنجهي بيت ۾ لفظ ”سُڌون“ غلط استعمال ڪيو آهي ۽ ٻين صاحبن لفظ ”سَڌون“ بيت ۾ درست استعمال ڪيو آهي.
ر. ڪرين، ڪري: لفظ ”ڪري“ فقط ممتاز مرزا لکيو آهي. قديم سنڌي صورت خطي ۾ لکيل گنج ۾ اهو لفظ ”ڪري“ ته واقعي لکيل آهي مگر اهو لفظ اچار ۾ ”ڪرين“ پڙهبو هن ڪري جو قديم صورت خطيءَ جي لفظ ۾ اندر توڙي آخر ۾ اڪثر ڪاتب اکر ”ن“ کي مخفي رکندا هئا. مطلب ته لفظ ”ڪري“ جديد صورت خطي ۾ ”ڪرين“ لکڻ گهرجي. جيڪو ٻين سڀني مرتب ۽ محقق حضرات لکيو آهي.
اسان جي تحقيق مطابق بيت جي هي پڙهڻي درست آهي.
[b]اَڃان تو مَنجهاءُ، ڪَکُ ڇُتي رَتُ نِڪري!
مُنهن ۾ مَعشُوقن جا، ڪِيئن جَهلندين گهاءُ؟
سَو تُون ڪُڄاڙياءُ، سِڪڻَ جُون سَڌون ڪَرين؟[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي الڙ عاشق تنهنجي منهن منجهه ته رت ئي رت آهي، تنهنجي منهن ۾ ڪک جي لڳڻ سان اڃا رت نڪري ٿو. تون معشوقن طرفان رسايل گهاءُ ڪيئن جهلندين ۽ سهندين تو پاڻ کي پرين جي پِريت ۾ پاٺو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي سَپرين جي سِڪ ۾ سُڪايو آهي ته پوءِ تون ڇا جي ڪري سڪڻ ۽ معشوق کي حاصل ڪرڻ جون سڌون ۽ خواهشون ظاهر ڪرين ٿو.
*****
ويٽي جَن ٍ وَٽِ، ڏکُندُو ڏُوِرِ ٿِي ٍ،
تُن تَن ٍ س ٍڪَٽِ اُوڏَا اَڏي پَکَراَ.
(سيّد عبدالعظيم فقير گنج سُر يمن ڪلياڻ ص 231 سال 1995ع)
ڏکُندُو ڏُور ٿـيي ويٺي جَن ٍ وَٽِّ،
تَنَ تَن ٍ س ٍ ڪَٽِ اُوڏَا اَڏي پَکَراَ.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 38 سال 1995ع)
ويٺي جنهين وٽ ڏُکندو ڏور ٿئي،
تون تنسين ڪٽِ اوڏا اڏي پکڙا.
(ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 50 سال 1900ع)
ويٺي جِنيِن وَٽِ، ڏُکَندو ڏور ٿِئي،
تَنَ! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 42 )
ويٺي جَنِي وٽِ، ڏُکَندو ڏُور ٿئي،
تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر جمن ص 38 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
ويٿهي جَنهِين وَٿِ ڏُکهَندو ڏُورِ تهئي،
تَنَ تَنهِين سَان کَٿِ اوڏا اَڏي پَکهَڙَا.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالوسُر جمن ڪلياڻ ص 62 سال 2008ع )
ويٺي جَنين وٽِ، ڏکندو ڏور ٿيين،
تون تنيِن سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پکڙا.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 231 سال 1995)
ويٺي جنين وَٽِ، ڏُکندو ڏُور ٿئي،
تَنَ! تَنيِن سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 301 سال 1994 )
ويٺي جنهين وٽ، ڏُکندو ڏور ٿئَي،
تون تنسين ڪٽِ اوڏا اڏي پکڙا.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 75 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
ويٺي جنهين وٽ ڏُکندو ڏور ٿئي،
تون تنسين ڪٽِ اوڏا اڏي پکڙا.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 64 بااختيار ادارو سال 1994 )
ويٺي جَنين وَٽِ ڏُکندو ڏورِ ٿئي،
تون تنِين سين ڪٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 64سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
ويٺي جَنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏورِ ٿيي،
تَنَ! تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 125 سال 2009 )
ويٺي جَنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏُورِ ٿِئي،
تَنَ! تَنين سين ڪَٽ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 65سال 2013ع )
ويٺي جنين وٽ، ڏُکندو ڏُور ٿئي،
تون تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.
س
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 66 سال 2009ع )
ويٺي جِنين وٽ، ڏُکندو ڏُورِ ٿئي،
تَنَ تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
(عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 49 سال 2013ع ثقافت کاتو)
وِيٺِي جَنين وَٽ، ڏُکندو ڏورِ ٿِئي،
تُون تَنِي سان ڪَٽ، اوڏا اڏي پَکَڙا.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر يمن ڪلياڻ ص 60سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
ويٺي جنين وٽ، ڏُکندو ڏؤر ٿئي،
تون تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پَکڙا.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 75سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏُور ٿئي،
تَنَ تنين سان ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 29 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ويٺي، وِيٺِي، ويٽي، ويٿهي)، (جني، جنين، جنهين، جَن ٍ)، (تَن، تُن، تون، تنين، تني، تنسين).
الف. ويٺي، وِيٺِي، ويٽي، ويٿهي : لفظ ”ويٽي“ گنج شريف سيّد عبدالعظيم لکيو آهي، قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ اکر ”ٺ“ ڪو ڪاتب اتفاق سان لکندو هو ورنه ”ٺ“ اکر بجاءِ اڪثر ڪاتب اکر ”ٽ“ استعمال ڪندا هئا.
لفظ ”ويٿهي“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ۾ لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب گهڻو ڪري اردو الفابيٽ کي شاهه جو رسالو ۾ ڪتب آندو آهي.
لفظ ”وِيٺِي“ الله داد جنجهي صاحب لکيو مگر اسان جي تحقيق مطابق پريس جي غلطي سببان اکر ”و ۽ ٺ“ هيٺان زير اچي ويئي ته ”وِيٺِي“ لکجي ويو.
قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ويٺي“ (ویٹھے) جن صاحبن لکيو. تن درست لکيو آهي.
ب. جني، جنين، جنهين، جَن ٍ: لفظ ”جَن ٍ“ بيت ۾ قديم صورت خطي وارو لکيل آهي. ”ن“ اکر جي هيٺيان ٻه زيرون ڏنل آهن. جديد صورت خطي ۾ اهو لفظ “جنين“ ٿيندو .
لفط ”جني“ ٻانهون خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. انهن صاحبن اهو لفظ نامناسب لکيو آهي.
لفظ ”جنين“ جن صاحبن لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ٻي مصرع ۾ ٻيو نمبر لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ ”تنين“ فرمايو آهي. لفظ ”تنين ۽ جنين“ هڪ ٻئي پٺيان لکڻ لازم ۽ ملزوم آهن.
اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”جنهين“ لکيو آهي تن اهو لفظ نامناسب لکيو آهي. انهن کي لفظ ”تنين“ لکڻ گهربو هو.
قارئين ڪرام! رهيو سوال ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي لکيل لفظن ”جنهين ۽ تنهين“ جو ته حاجي محمّد سمي جي ڪتابت ڪيل رسالي ۽ ان کان اڳ ۾ لکيل گنج ۾ لفظ ”جنين“ لکيل آهي ۽ ٻين مرتب ۽ محقق حضرات منجهان اڪثر صاحبن لفظ ”جنين“ لکيو آهي. تنهنڪري الفاظ ”جنين ۽ تنين“ حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جي بيت لاءِ مناسب آهن.
ت. تَن، تُن، تون: قارئين ڪرام! لفظ ”تن“ لکڻ وارا صاحبان آهن: حاجي محمّد سمون، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ عثمان علي انصاري، فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو. هنن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي.
قارئين ڪرام! ڊاڪٽر گُربخشاڻي لفظ ”تن“ جي معني لکي ئي نه آهي. ڪلياڻ آڏواڻي لفظ ”تن“ جي معنيٰ لکي آهي ”اي منهنجا سرير“ ۽ پوري بيت جي معنيٰ لکي اٿس. ”اي منهنجا جسم جن جي ويجهو ويهڻ سان پيڙا لهي وڃي، تن جي ويجهو پنهنجا پکا اڏي وڃي انهن سان ڪاٽ“ (ص 42).
عثمان علي انصاري لفظ ”تن“ جي معنيٰ ”بدن“ لکي آهي (لفظن جي پٽي ص 673).
قارئين ڪرام اسان تحقيق ڪري معلوم ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”تَن“ لکيو آهي. تن حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جي بيت ۾ نهايت ئي غلط لفظ لکيو آهي. درست لفظ ”تُن“ آهي جيڪو جديد صورت خطيءَ ۾ ”تون“ ٿئي ٿو سڀ کان پهريائين گنج شريف ۾ سيّدعبدالعظيم لفظ ”تُن“ لکيو .
اسان تحقيق ڪري هي به معلوم ڪيوآهي ته قديم ڪاتب حاجي محمّد سمي شاهه جو رسالو ۾ لفظ ”تَن“ لکيو آهي ۽ اسان هي به معلوم ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به لفظ ”تَن“ لکيو آهي. انهن صاحبن جي پوءِ واري ڪندي جن صاحبن غلط لفظ ”تَن“ لکيو سي آهنۡ: غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]ويٺي جَنين وٽِ، ڏُکندو ڏُور ٿِئي،
تُون تَنيِن سِين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي آدم زاد، اي انسان توکي صلاح ٿو ڏيان ته تنهنجو ڏکندو، تنهنجو درد، تنهنجي پيڙا، جن سان ويجهي ويهڻ جي ڪري دُور ۽ رفع دفع ٿي وڃي تون انهن سان پنهنجي زندگي جا سٺا ڏينهن ڪٽڻ ۽ گذارڻ لاءِ انهن جي ويجهو، انهن جي سامهون، انهن جي پاڙي ۾ پکڙا اَڏي جاءِ جوڙي گذار.