16. سُر ديسي
نينَ هيرَائِي نِنڊَّسِِ، جَتَنِ لَنکِي جُوءِ،
هَاڃُو ڪَري هُوءِ، آڌِيَ اُوءِ اُٿِي وِئَا.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر ودسسئي ص 89)
سَنجي مُن مُن نَه سَنڀَالِئُو، مَارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ،
ننينَ هيرَائي نِنڊرَسِِ، جَتَنِ لَنکِي جُوءِ،
هَانڃُ‘ ڪَريَ هُوءِ، آڌِي اُوءِ اُٿِي وِئَا.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ديسي ص212)
سَنّجهي مُون نَه سَنبهَالِئو، مَارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ،
نيڻَ هيَرايَمِ نِنڏرَ سِين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
هَانڃو ڪَري هُوءِ، آدهِيَ رَاتِ اُتهِي وِيَا.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ديسي ص320سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريسَ سُورَ صُبُوح،
نيڻَ هيرائي نِنڊ سِين، جَتَنِ لَنگهي جُوءِ،
هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌيءِ رات اُٿي ويا.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ديسي ص260سال 1900ع)
سَنجهي مون نه سنڀاليو، ماريسَ سُورَ صبوحَ،
نيڻَ هيرائي ننڊَ سِين، جتَن لَنگهي جُوءِ،
هاڃو ڪريَ هوءِ، آڌِيءِ اوءِ اُٿي ويا.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص89سال 1995 )
سَنجهي مون نَه سَنڀالِيو، مارِيَسِ سورَ صُبوحُ،
نِيڻَ هِيرائي ننڊَ سِين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿِي ويا!
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 255سال 2013)
سَنجهي موُن نه سنَڀالِيو، ماريَس سُورَ صُبُوحِ،
نيڻَ هيرايَءِ نِنڊَ سين، جَتَن لَنگهي جُوءِ،
هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌيءَ راتِ اُٿي وِيا.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ديسي ص 180سال 1994 )
سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريس سُور صُبُوح،
نيڻَ هيرائي نِنڊ سِين، جَتَنِ لَنگهي جُوءِ،
هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ رات اُٿي ويا.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص299مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريسَ سُورَ صُبُوح،
نيڻَ هيرائي نِنڊ سِين، جَتن لَنگهي جُوءِ،
هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ رات اُٿي ويا.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 344بااختيار ادارو سال 1994 )
سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، ماريسَ سُورَ صُبُوح،
نيڻَ هيرايئِي نِنڊَ سِين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿِي وِيا.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص462 ادبي بورڊ 1993 )
سَنجهي مون نه سنڀاليو، ماريَس ِسُورَ صُبُوح،
نيڻَ هيرايءِ نِنڊَ سِين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿي وِئا.
(ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص376سال 1995 )
سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريس سور صبوح،
نيڻ هيرائي ننڊ سين، جتن لنگهي جوءِ،
هاڃو ڪري هوءِ، آڌيءَ رات اُٿي ويا.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 276سال 2009ع مهراڻ)
سَنجهي موُن نَه سنَڀالِيو، مارِيَس ِسُورَ صُبُوحِ،
نيڻَ هيرايَءِ نِنڊَ سين، جَتَنِ لَنگهي جُوءِ،
هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيَ راتِ اُٿِي وِئا.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص185سال 2013ع روشني)
سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريس سور صبوح،
نيڻ هيرائي ننڊ سين، جتن لنگهي جوءِ،
هاڃو ڪري هوءِ، آڌيءَ رات اُٿي ويا.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 338سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
سَنجهي موُن نه سنَڀالِيو، ماريَس سوُرَ صبُوحُ،
نيڻَ هيرايَئي ننڊَ سين، جَتَن لَنگهي جوءِ،
هاڃو ڪَري هوءِ، آڌيءَ رات اُٿي وِيا.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 99سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي اهو بيت نه لکيو.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (صُبوحُ، صُبُوح، صُبُوحِ، صُبُوحَ )، (هيرايئي، هيرايءِ، هيرائي، هيرايم)، (آڌي رات، آڌي اُوءِ)
الف. صُبوحُ، صُبُوح، صُبُوحِ، صُبُوحَ : اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”صُبوحُ، صُبُوح، صُبُوحِ، صُبُوحَ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق نامناسب لفظ لکيو آهي. تنهنڪري انهن جي لکيل مختلف صورت خطيءَ وارن لفظن تي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ بي سود آهي. اها راءِ اسان هن ڪري ڏني آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن ٽن مصرعن واري بيت ۾ ٽي قافيا آهن.ٽن منجهان ٻه قافيا آهن ”جُوءِ ۽ هُوءِ“ ته ٽيون قافيو ”ڀُوءِ“ ٿيڻ گهرجي هن بيت ۾ ”ح“ جو قافيو مناسب نه آهي. قافيي ”ءِ“ ۽ ”ح“ جو پاڻ ۾ جوڙ ئي نه آهي. اهي الفاظ هڪ ٻي جا قافيا ٿي نه ٿا سگهن.
اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالي جو مطالعو ڪري ڏٺو آهي. جنهن ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”سُڀاءِ“ فرمايو آهي. بيت جي مصرع ملاحظه فرمايو:
”سڀا ءِ“ائين چونداءِ، اسان تو اڪاريو
قارئين ڪرام! ”سڀاءَ، سڀاڻي، سڀوءِ“ اهي الفاظ لفظ ”سُڀا“ جي لڙهي منجهان نڪرن ٿا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهن لفظن جي لڙهي منجهان هڪ لفظ ”سڀوءِ“ استعمال فرمايو مگر محقق حضرات انهي لفظ تي تحقيق نه ڪئي. اسان جي تحقيق مطابق خالص سنڌي لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪهڙو نه سهڻي نموني مصرع ۾ استعمال فرمايو؟!
سَنجهي موُن نَه سنَڀالِيو، مارِيَس ِ سُورَ ”سڀوءِ“
ب. هيرايئي، هيرايءِ، هيرائي، هيرايم: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. ته جن صاحبن الفاظ ”هيرايئي، هيرايءِ، هيرائي“ لکيا آهن، تن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ درست لفظ نه لکيا آهن. اسان اها راءِ هن ڪري ٿا ڏيون ته اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالن جو مطالعو ڪري ثابت ڪيو آهي ته فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي لکرايل ”شاهه جو رسالو“ ۾ درست لفظ لکيل آهي ۽ اهو لفظ آهي ”هيرايم“.
اسان هن لفظ کي درست هن ڪري قرار ڏنو آهي ته بيت جي پهرين مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو:
”سنجهي مون نه سنڀاليو“
يعني سسئي چئي ٿي ته مون کي سنجهي خيال ڪرڻ گهربو هو مگر ”مون نه سنڀاليو“.
تنهنڪري ٻي مصرع ۾ لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”هيرايم“ فرمايو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي لکرايل مصرع ملاحظه فرمايو:
”نيڻَ هيرَايم ننڏر سِين“
مطلب ته سيّد عبدالعظيم کان وٺي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تائين سواءِ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ٻين حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي ٻي مصرع جو لفظ غلط لکيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”ننڊر“ جي ”ڊ“ اکر کي مٿي چار نقطا ڏيئي لکرائيندو هو.
ت. آڌي رات، آڌي اُوءِ: قارئين ڪرام! اسان هيٺ ڄاڻايل مصرعن تي گهڻو ئي غور ۽ فڪر ڪيو آهي اهي مصرعون آهن:
هاڃو ڪريَ هوءِ، آڌِيءِ اوءِ اُٿي ويا
هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿِي ويا
انهن منجهان ٻي مصرع درست آهي.
پهرين مصرع ۾ الفاظ ”هوءِ“ ۽ ”اوءِ“ استعمال ٿيل آهن اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعراڻي خوبي جو چٽو ثبوت آهن. انهي ”اوءِ“ منجهان مراد آهي ”جَت“. تنهنڪري اسان انهيءَ مصرع کي باقي ٻين صاحبن جي لکيل مصرع ”هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿِي ويا“ تي ترجيح ڏيون ٿا.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:
[b]سَنجهي موُن نَه سنَڀالِيو، ماريَس سوُرَ سُڀوءِ،
نيڻَ هيرايَم ننڊَ سين، جَتَن لَنگهي جُوءِ،
هاڃو ڪَري هوءِ، آڌيءَ اُوءِ اُٿي وِيا.[/b]
معنيٰ : حضرت ڀٽ ڌڻيءَ اسان کي سسئي جي پڇتاءُ کان باخبر ڪندي سسئي جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته مونکي سنجهي کان وٺي ئي جتن جي چرپر تي تمام ترين توجه ڏيڻو هو مگر غلطي سببان مون ڪو خيال نه ڪيو. پنهون سان گڏ رهندي رهندي سڪون سببان نيڻن کي ننڊ تي هيرائي ڇڏيم تنهنڪري آئون ننڊ ۾ سُتل ئي رهيس ته جت ڀنڀور کي ڇڏي مون سان هاڃو ڪري آڌي رات جو اُوءِ اُسهي ويا.
*****
ديسِ وِجِي جَتُ دَامُ، سَاهُ ڀَڃَائي سَانُ وِئُو،
تَـ هِ ڪَڊَ ويدِيَسِ ڪيچَڏي آهي اِي اَنجَامُ،
ڇَالَ ڇَپَرَ جو ڃَامُ، هُوتُ ڌَرِيدُو هَٿَرَا.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر ود سسئي ص 108)
ديسِ وِجهي جَتُ دَامُ، سَاهُه ٻَجَهائي سَاڻُ وِئو،
تَنهِن ڪَڍَ ويندِيَس ڪيچ ڏي، آهي اِيءُ انجامُ،
ڇَالَ ڇَپَرَ جو ڄَامُ، هوتُ ڌَرِيندو هَٿَڙَا.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 160سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
ديسِ وجهي جَتُ دامُ، ساهُه ٻَڄائي ساڻُ وِيو،
تنهن ڪَڍَ ويندِيَس ڪيچ ڏي، آهي اِيءُ انجام،
ڇالَ ڇَپرَ جو ڄَامُ، هوتُ ڌَرِيندو هٿڙا.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ودسسئي ص108سال 1995 )
ديس وجهي جَت دام، ساه ٻَجهائي ساڻ ويو،
تنهن ڪڍ وينديس ڪيچ ڏي، آهيم ايءُ انجام،
شال ڇپر جو ڄام، هوت ڌريندو هٿڙا.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 153سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
وِيس وِجهي جَت دام، ساه سَجهائي سَاڻَ ويو،
ڪَڏهن وينديس ڪيچ ڏي، آهي اي اِنجام،
شال ڇَپر جو ڄَام، هوت ڌَرِيندو هَٿڙا.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ديسي ص 215سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
وينديسِ وِجهي دام، ساهه ٻجها ساڻ وِيو،
تنهن ڪڍ ڪيچ وينديس ، آهي اِيءَ انجام،
شال ڇپر جو ڄام، هوت ڌريندم هٿڙا.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 367سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
نوٽ: حاجي محمّد سمي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تاراچند، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي محمّد عثمان ڏيپلائي، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت نه لکيو آهي.
اسان کي سيّد عبدالعظيم جي لکيل، گنج سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو گنج“، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ٻانهي خان شيخ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ اهو بيت پڙهڻ ۾ آيو. اسان بيت جي الفاظ ۽ ان جي رنگ ڍنگ کي ڏسي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت تسليم ڪيو آهي. تنهنڪري ان بيت جي تحقيق لازمي سمجهي سون.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ديس، وينديس، ويس)، (ٻجها، ٻجهائي، ڀڄائي، ڀڃائي، سجهائي)، (تنهن ڪد وينديس، ڪڏهن وينديس، تنهن وٽ وينديس)، (آهم، آهي)، (شال، ڇال)، (ڌريندو، ڌريندم).
الف. ديس، وينديس، ويس: جن صاحبن لفظ ”ديس“ لکيو آهي، تن غلط لفظ لکيو آهي. اهي صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهون شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي.
فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”ويس“ اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. باگي جي ڏاني لفظ ”وينديس“ بنهه غلط لکيو آهي.
ب. ٻجها، ٻجهائي، ڀڄائي، ڀڃائي، سِجهائي: لفظ ”ٻجها“ باگي جي ڏاني جي غلط لکيو آهي. لفظ ”ٻَجهائي“ فقير تاج محمّد نظاماڻي به اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اسان مٿين ٻن لفظن کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي ته اهي الفاظ مصرع جي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان منجهيل آهن.
لفظ ”سجهائي“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. اسان جي تحقيق موجب لفظ ”سجهائي“ هن ڪري مناسب نه آهي جو ”سجهائي“ جي معنيٰ آهي ”سِجي ڪري، سيڪي ۽ ساڙي“. پر انهي لفظ سان گڏ ”ساڻ ويو“ الفاظ لکيل آهن. تنهن ڪري ”سجهائي ساڻ ويو“ جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون. هڪ معنيٰ آهي، ”ساهه سجهائي پاڻ سان گڏ کڻي ويو“ ۽ ٻي معنيٰ آهي. ”هڪ ته سسئي جي ساهه کي دام وجهي ويا ۽ ٻيو درد ۽ تڪليف ڏيئي ويا“.
انهي لفظ ”سجهائي“ جي مقابلي ۾ لفظ ”ڀڄائي“ نهايت ئي موزون ۽ مناسب آهي. اهو لفظ ”ڀڃائي“ سيّد عبدالعظيم قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي. قديم ڪاتب ”ڄ“ ۽ ”ڃ“ جي لکت ۾ ڪو فرق محسوس نه ڪندا هئا. ساڳي وقت ”ج“ اکر کي به ”ڃ، ڄ ۽ جهه“ جي بدران استعمال ڪندا هئا. تنهنڪري لفظ ”ڀڃائي“ جديد صورت خطيءَ ۾ ”ڀڄائي“ لکبو. اهو سبب آهي جو ممتازا مرزا لفظ ”ڀڃائي“ بجاءِ لفظ ”ڀڄائي“ لکيو آهي.
قارئين ڪرام! لفظ ”ڀڄائي“ هن ڪري درست سمجهون ٿا ته محبوب عاشق جي دل جو ڌاڙو هڻي دل کسي ۽ دل ڦري ساڻ کڻي ڀڄي ويندا آهن.
ت. تنهن ڪڍ وينديس، ڪڏهن وينديس، تنهن وٽ وينديس: الفاظ ”ڪڏهن وينديس“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق الفاظ نا مناسب لکيا اٿس. اهي الفاظ سواليه آهن جن جي معنيٰ آهي ”سسئي پڇي ٿي ته ڪڏهن وينديس“ تنهنڪري اهي لفظ بيت ۾ نه ٿا سونهين.
”تنهن وٽ وينديس“ الفاظ توڙي جو سيّد عبدالعظيم لکيا آهن تڏهن به اهي الفاظ اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جا نه ٿا سمجهون، ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي معياري خيال مطابق نه آهن. انهن لفظن جي مقابلي ۾ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ٻانهي خان شيخ ”ڪڍ وينديس ڪيچ ڏي“ نهايت ئي مناسب الفاظ لکيا آهن.
ث. آهيم، آهي: قارئين ڪرام! لفظ ”آهيم“ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ”ي“ زائد ۽ وڌيڪ آهي اهو لفظ ”آهيم“ بجاءِ ”آهم“ بيت ۾ مناسب لڳي ٿو. الفاظ ”آهم هي انجام“ کي ”آهي هي انجام“ تي اسان هن ڪري اهميت ڏيون ٿا ته اهو اشارو سسئي پاڻ ڏانهن ڪري ٿي ته مون کي جت دام وجهي ويا. تنهنڪري لفظ ”آهم“ ٻي مصرع ۾ لکڻ مناسب لڳي ٿو.
ج. شال، ڇال: قارئين ڪرام! لفظ ”ڇال“ اتر سنڌ جي شهر شڪارپور ۽ ان جي گرد و نواح ۾ عام ۽ خاص طور تي ڳالهايو ويندو آهي. لفظ ”ڇال“ ڀنڀور ۽ ان جي اوسي پاسي نه ڳالهايو ويندو آهي. اسان پنهنجي تحقيق جي تائيد ۾ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي لکيل ٽين مصرع جو پهريون فقرو ”شال ڇپر جو ڄام“ ص 215 وارو پيش ڪريون ٿا. فقير تاج محمّد نظاماڻي به ”شال ڇپر جو ڄام“ ص 153 تي لکيو آهي.
انهن مثالن ڏيڻ بعد اسان پنهنجي تحقيق مطابق لفظ ”شال“ کي بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهون ٿا.
ح. ڌريندو، ڌريندم: جن صاحبن لفظ ”ڌريندو“ لکيو آهي. انهن صاحبن جي مقابلي ۾ لفظ ”ڌريندم“ جن لکيو آهي. تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا لکون ته ”ڌريندم“ لفظ جي نسبت سسئي پاڻ ڏانهن ڏيکاري ٿي.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:
[b]وِيُس وِجهي جَت دام، ساهه ڀَڄائي سَاڻَ ويو،
تنهن ڪڍ وينديس ڪيچ ڏي، آهم اي اِنجام،
شال ڇَپر جو ڄَام، هوت ڌَرِيندم هَٿَڙا.[/b]
معنيٰ: سسئي چئي ٿي ته جت (پنهون) منهنجي ساهه کي محبت جي دام ۾ ڦاسائي منهنجو ساهه ساڻ کڻي ڀڄائي هليو ويو آهي. مان انهيء جي ڪڍ ۽ پويان پنڌ ڪري وينديس اهو منهنجو پڪو انجام آهي ۽ دُعا آهي ته منهنجو ڄام شال منهنجا هٿ مضبوط ڪندو منهنجي هٿ ۾ هٿ ملائيندو.
*****
پييم پَٽارَن سنِِ، ٻُولِي جي نَه ٻُڄَنِ،
آءُ سِنڌِيَا ئَي نَه سَمُجَان، اُوءِ پَارِسِي پُڇَنِ،
اَلاَ! ڪَيچَڌنِيَنِ، مُنسنِِ پَوي نَمَامِرُو.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر ودسسئي ص 93)
پييَمِ پَٺَانَنِ سنِِ، ٻُولِي جي نَه ٻُجَنِّ،
آءُ سِنڌِي پُن نَسَمُجَان، هُوءِ پَارِيَسِي پُڇَنِّ،
مُن پُن مُلاَتَنِ سَرَتِيءٌ سُورُ پرِاَنئِيُو.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ديسي ص219)
پييم پَٽارَن سين، ٻولي جي نه ٻُجهنَ،
آئون سنڌيا ئَي نه سمُجهان، اوءِ پارسي پُڇنِ،
الا! ڪَيچ ڌڻين، موَن سين پوي نه مامِرو.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ودسسئي ص93سال 1995 )
پييَم پَٺَاڻَنِ سين، ٻولِي جي نَه ٻُجَهِن،
آئُون سِنڌيَا ئِي نَه سمُجَهان، اُوءِ پَارسي پُڇَنِ،
اَللهَ! ڪَيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پوي نَه مَامِرو.
(ٻانهون خان شيخ جو رسالو سُر سروديسي ص213سال2012 )
پييَم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن،
آءُ سنڌي پڻ نه سمجهان، هو پارسيون پُڇن،
مون پڻ مُلاتن، سرتيُون سُور پرائيو.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 356بااختيار ادارو سال 1994 )
پييم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن،
آءُ سنڌي پڻ نه سمجهان، هو پارسي پڇن،
مون پڻ مُلاتن، سرتيون سور پرايا.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 169سال 2008ع )
نوٽ: هي بيت ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِآءِ قاضي، عثمان علي انصاري، محمّد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، باگي جي ڏاني ۽ سگهڙ حاجي الله دادا جنجهي نه لکيو آهي.
اسان انهي بيت تي تمام گهڻو غور ۽ فڪر ڪيو بيت جي پسِ منظر کي سامهون رکي مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪيوسين ته اسان کي سنڌ جي نامعياري اديب ڄيٺ مل پرس رام گل راجاڻي جي لکيل ڪتاب ”شاهه جون آکاڻيون“ ۾ ٻه مصرعون نظر آيون. جڏهن ته گنج شريف ۽ چئن مختلف رسالن ۾ ٽي مصرعون لکيل آهن. اسان کي پڪ ٿي ويئي ته اهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو آهي تنهنڪري تحقيق جي دائري ۾ آندوسين.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پڀيم، پيم، پييم)، (پٽارن، پٺاڻن)، (پارسيون، پاريسيون، پارسي)، (اللهَ، الا)، (سنڌيائي، سنڌي پڻ)، (پرايو، پرائيو)
الف. پڀيم، پيم، پييم: قارئين ڪرام! ”پڀيم“ حاجي محمّد سمي جي بيت ۾ لکيل آهي، اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سمي صاحب لفظ ”پييم“ لکڻ ٿي چاهيو مگر کانئس غلطي سببان ”پڀيم“ لکجي ويو. سيّد عبدالعظيم، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ ”پييم“ لکيو آهي . مگر فقير تاج محمّد نظاماڻي ”پيم“ لکيو آهي. اسان سيّد عبدالعظيم جي لکيل لفظ کي اهميت هن ڪري ڏني آهي ته سيّد عبدالعظيم حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي وفات حسرت آيات کان چاليهه سال پوءِ (1207هه) ۾ گنج لکيو لفظ ”پييم“ ان دور ۾ مروّج هو (اڄ به لکڻ جائز آهي)، تنهنڪري ته سيّد عبدالعظيم اهو لفظ بيت جي پهرين مصرع ۾ پهرين لفظ طور لکيو.
ب. پٽارن، پٺاڻن: قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم بيت ۾ لفظ ”پٽارن“ لکيو ته ممتاز مرزا به لفظ ”پٽارن“ لکي ڇڏيو. ممتاز مرزا اهو لفظ غلط لکيو. غلط هن ڪري ٿا چئون ته ممتاز مرزا خود (جديد گنج) جي ص 9 تي لکيو آهي ته 1. ”ر = ر ۽ ڙ“ 2. ”ن ۽ ر = ڻ“ جي لکيو ويو آهي. ڇا ڪاڻ ته ڪتابت جي الف ب غير متوازن آهي.
ٻانهي خان شيخ ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي، ”پٺاڻن“ لفظ لکيو آهي ۽ حاجي محمّد سمي لفظ ”پٽانن“ قديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”پٺاڻن“ لکبو.
ت. پارسيون، پاريسيون، پارسي: لفظ ”پاريسيون“ حاجي محمّد سمي لکيو آهي، اهو نامناسب لفظ لکيو اٿس. لفظ ”پارسي“ جو جمع سنڌي ۾ پارسيون آهي ۽ نه پاريسيون.
قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”پارسيون“ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مناسب لکيو آهي. مناسب لفظ آهي ”پارسي“. اهو لفظ سيّد عبدالعظيم، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ٻانهي خان شيخ ۽ ممتاز مرزا به لکيو آهي.
ث. اللهَ، الا: اسان الفاظ ”اللهَ، الا“ تي بحث ڇيڙڻ نه ٿا چاهيون ڇا ڪاڻ ته انهي مصرع کي، جنهن ۾ ”الله / الا“ لکيل آهي سا حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي فرمايل مصرع تسليم نه ٿا ڪريون ڇا ڪاڻ ته مٿيَن ٻن مصرعن ۾ سسئي جو معاملو پٺاڻن سان آهي ۽ نه ڪيچين سان. جڏهن ڪيچن سان معاملو ئي نه آهي ته پوءِ اسان ٽين مصرع کي ڇو ۽ ڇا لاءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل مصرع مڃون؟ اسان جي تحقيق مطابق بيت جي اها ٽين مصرع ڪنهن فقير پنهنجي طرفان تضمين طور چئي ڇڏي، جنهنڪري بيت جي ٽين مصرع متضاد ۽ متنازعه ٿي پيئي. اسان حاجي محمّد سمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، فقير تاج محمّد نظاماڻي جي لکيل مصرع کي درست قرار ڏنو آهي.
ج. سنڌيائي، سنڌي پڻ: قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سنڌيائي“ سيّد عبدالعظيم کان سهو سببان لکجي ويو حالانڪه لفظ ”سنڌياڻي“ لکڻ ٿي چاهيائين. ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان بغير تحقيق ڪرڻ جي لفظ ”سنڌيائي“ لکي ڇڏيو.
ياد رهي ته! سسئي سنڌياڻي هئي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ڪئن فرمائيندو ته سسئي کي پنهنجي مادري زبان سنڌي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ نه ايندي هئي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي مقصد هو ته سسئي چيو ”مان سنڌياڻي آهيان، مان فارسي نه ٿي سمجهي سگهان مگر پٺاڻن ۾ ڦاسي ويئي آهيان اهي مون کان فارسي ۾ سوال ۽ جواب ٿا پڇن“. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لفظ ”سنڌياڻي، لکڻ گهرجي. اهو لفظ ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽ محقق نه لکيو آهي. معلوم ائين ٿيو آهي ته ڪنهن به ڪاتب،مرتب ۽ محقق کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت سمجهه ۾ ئي نه آيو. بس فقط نقل اتاريندا رهيا.
ح. پرايو، پرائيو: حاجي محمّد سمي لفظ ”پِرائيو“ لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب مناسب لفظ نه لکيو آهي. نامناسب لفظ هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پِرائيو“ واحد لفظ آهي ۽ واحد طور جملي ۾ استعمال ڪيو ويندو. سسئي ته پٺاڻن وٽان هڪ نه مگر گهڻا سور پرائيا هئا.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]
پييَم پَٺاڻن سِين، ٻولِي جي نَه ٻُجَهنِ،
آءُ سنڌياڻي، نَه سمجهان هُو پارسي پُڇَنِ،
مُون پُڻ مُلاتنِ، سَرتيون سُور پرائيا.[/b]
معنيٰ: سسئ چئي ٿي ته پنهل جي قافلي جي ڳولا ۾ پنڌ ڪندي ڪندي وڃي پٺاڻن جي سر زمين ۾ پهتم. اهي پٺاڻ جيڪي منهنجي ٻولي ئي نه سمجهن مان خالص سنڌياڻي ۽ هُو خالص فارسي ڳالهائيندڙ، تنهنڪري آئون پارسي سمجهان به نه مگر هو مون کان سوال ۽ جواب پارسي ۾ پيا پڇن. اي سرتيون مون انهن پٺاڻن وٽان ڏاڍا سور پرائيا.
*****
ڪَرَرا ڏُونکَرَ، ڪَـا هَ کَنِِ، جِتِ وِئَا رُوڏَا رِنکائي،
سَانکَاڀي سينَنِ جي ٿِي وِندِرُ وَاجَائي،
رَهِيَس رَسُ، لَطِيفُچي، تِـ ه ڪَمِينِي ڪَاهي،
آريانَِِ آهي، مَنَـ هِ مَعذُوريَنجي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر معذور جو ص218)
ڪرڙا ڏونگر، ڪـ ه گهڻي، جِت ويا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻن جي ٿي وِندُرِ واجهائي،
رَهِيَس رَسُ، لطيف چئي، تنهن ڪميني ڪاهي،
آرياڻَي آهي، منهن معذورن جي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ديسي ص268سال 1900ع)
ڪرڙا ڏونگر، ڪهه گهڻي، ويا روڏا رِنگائي،
رَهِيَس رَسُ، لطيف چئي، تنهن ڪميڻيءَ ڪاهي،
ساکَاپي سيڻَنِ جي ٿي وِندرُ واجهائي،
آرياڻِي آهي، مَنَههُ مَعذورِنِ جو.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سرو دسئسي ص113سال 1995 )
ڪَرڙَا ڏُونگَرَ ڪَـ هَه گَهڻِي، وِئا روڏا، رنگائي،
رَهِيَسِ رَسُ لطيف چئي، تِنهِن ڪَمِيڻِيءَ ڪَاهي،
سَاڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ وَاجَهائي،
آرِيَاڻِي آهي، مَنَـهُن مَعذُورِنِ جو.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص139سال2012 )
ڪَرڙا ڏُونگَرَ، ڪَـ هَ گهڻِي، جِتِ وِئا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
رهيَس رَسُ، لطيفُ چي، تِـ ه ڪميڻي ڪاهي،
آرياڻِي آهي، مَنَـ ِهِ مَعذوريَنِ جِي.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص380 سا ل 1996 )
ڪَرِڙا ڏونگَرَ، ڪَـ هَ گَهڻي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي ٿِي وِندُرِ واجهائي،
رَهِيَس رَسُ، لطيف چئي، تنهن ڪَميِڻيءَ ڪاهي،
آريِاڻَي آهي، مَنَهِن مَعذوُرِنِ جي.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص180 )
ڪَرِڙا ڏونگَرَ، ڪَـ هَ گَهڻي، جِتِ روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻن جي ٿِي وِندُرِ واجهائي،
رَهِيَس رَسُ، لطيف چَئي، ٿي ڪَميڻِي ڪاهي،
آريِاڻَي آهي، مَنَهُن مَعذوُرِينِ جو.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص217 سال 2009)
ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَـ هَه گَهڻِي، جِتِ وِيا روڏا، رنگائي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
رَهِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چي، تِـ ه ڪَمِينيَءَ ڪاهي،
آرِياڻِي آهي، مَنَــ ِهَنِ مَعذُورِنِ جي.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 262سال 2013)
ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَـ هَ گَهڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻَن جي، ٿِي وندُرَ واجهائي،
رَهيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئي، تنهن ڪَمِينيءَ ڪاهي،
آرِياڻِي آهي، مَنَهِن مَعذوُرِنِ جِي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ديسي ص 213سال 1994 )
ڪرڙا ڏونگر، ڪـ ه گهڻي، جِت ويا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻن جي ٿي وِندُرِ واجهائي،
رَهِيَس رَس، لطيف چئَي، تنهن ڪَميني ڪاهي،
آرياڻي آهي، منهن معذورن جي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص306مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
ڪرڙا ڏونگر، ڪـ ه گهڻي، جت ويا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻن جي ٿي وِندرِ واجهائي،
رَهِيَس رَسُ، لطيف چئي، تنهن ڪميني ڪاهي،
آرياڻي آهي، مَنهه معذورن جي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 354بااختيار ادارو سال 1994 )
ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گَهڻِي، جِتِ ويا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي ٿِي وِندُرِ واجهائي،
رَهِيَس رَسُ، لَطِيف چَئي، تنهن ڪَمِيڻيءَ ڪاهي،
آرِياڻِي آهي، منهِن مَعذُورِنِ جي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص474سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
ڪرڙا ڏونگر ڪـ هه گهڻي، جت ويا روڏا رنگائي،
ساڱاپي سيڻن جي، لطيف چئي تنهن ڪمينيءَ ڪاهي،
آرِياڻِي آهي، مَنَه معذورن جي.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 285سال 2009ع مهراڻ)
ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَـ هَ گَهڻِي، جِتِ وِئا روڏا، رنگائي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
رَهِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چي، تِـ ه ڪَمِيڻِيَ ڪاهي،
آرِياڻِي آهي، مَنَــ ِهِ مَعذُورِيَنِ جي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص188سال 2013ع روشني)
ڪرڙا ڏونگر ڪـ ه گهڻي، جت وِيا رَوڏا رُونگَائي،
سانگاپي سِيڻن جي، ٿِي وِندر واجهائي،
رَهيس رَس لطيف چئي، ويئي ڪَميڻي ڪاهي،
آرياڻَي آهي، مَنَهه معذورين جي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ديسي ص 220سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
ڪرڙا ڏونگر، ڪـ هه گهڻي، جت ويا روڏا رنگائي،
ساڱاپي سيڻن جي، لطيف چئي تنهن ڪمينيءَ ڪاهي،
آرِياڻِي آهي، مَنَهه معذورن جي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 350سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
ڪرڙا ڏونگر ڪـ ه گهڻي، وِيا روڏا رِنگائي،
سانگاپي سيڻن جي، ٿي وندر واجهائي،
رهيس رس لطيف چئي، ڪمينيءَ ڪاهي،
آرياڻي آهي مَنَهِن معذورين جي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 160سال 2008ع )
ڪَرڙا ڏوُنگَرَ ڪَـ هَ گَهڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻَن جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
رَهيَسِ رَسُ لَطيِفُ چي، تنهن ڪَمينيءَ ڪاهي،
آرِياڻي آهي، مَنهَنِ مَعذورِنِ جي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 101سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪاه، ڪــَ ه)، (ويا)، (جت، جِت)، (ساڱاپي، سانگاپي، ساکاپي، سانکاڀي)، (تنهن، تـ ه، ٿي، ويئي)، (معذورِن)، (جي، جو).
الف. ڪاه، ڪــَ ه: قارئين ڪرام! تحقيق هيٺ آيل هن بيت جي پهرين مصرع جي ٽين نمبر لفظ کي ڪاتبن مرتبن ۽ محققن متنازعه بڻايو آهي. ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، عثمان علي انصاري، باگي جي ڏاني جي، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لفظ ”ڪَـ هَ“ لکيو. ڪن ليکڪن لفظ ”ڪـ ه“ کي زيرن ۽ زبرن سان لکيو آهي ۽ ڪن صاحبن بغير زير زبر جي لکيو آهي.
هن لفظ ”ڪ ه“ جي معنيٰ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”وڏي منزل“ لکي آهي. (ص 217).
عثمان علي انصاري، معنيٰ لکي آهي ”گهڻو ۽ ڏکيو پنڌ“ (ص 698).
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ معنيٰ لکي آهي ”تڪليف، پنڌ“ (لغات لطيفي ص179).
ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي ”اهنجي ڏکي واٽ“.
قارئين ڪرام! مٿين سڀني صاحبن جن جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ منجهان اسان بيت لکيا آهن تن سڀني سواءِ حاجي محمّد سمي جي لفظ ”ڪ ه“ لکيو.
حقيقت هي آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ لفظ ”ڪاهه“ فرمايو محقق حضرات انهي لفظ کي بغير تحقيق جي لکندا رهيا. اسان جي انهي راءِ جو ثبوت هي آهي ته حاجي محمّد سمي ”شاهه جو رسالو“ جي ص 218 تي جيڪو بيت لکيو آهي تنهن ۾ لفظ ”ڪاه“ استعمال ڪيو اٿس. متان ڪو صاحب هي اعتراض ڪري ته ڪاتب کان ”ڪـ ه“ بجاءِ لفظ ”ڪا ه“ اتفاق سان لکجي ويو. اسان ان جي جواب ۾ هي عرض ڪريون ٿا ته حاجي محمّد سمي ”ڪرڙا ڏونگر ڪاه گهڻي“ واري سلسلي جا پنج بيت ص 217 کان 218 تائين مسلسل لکيا آهن.
ب. ويا: قاريئن ڪرام! سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ٻين ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”ويا“ بيت ۾ لکيو آهي. مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لفظ ”ويا“ نه لکيو آهي. هڪ ته بيت جي پهرين مصرع جون ماترائون گهٽايائين ۽ ٻيو بيت جو مقصد به ڦيرائي ڇڏيائين. ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”جن تي ڪرڙا ڏونگر آهن اتي روڏا رنگائي به آهن“. حالانڪه حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمايو ته هڪ ڏونگر ڪرڙا ٻيو ڪاهه به گهڻي آهي ۽ ٽيون جَت روڏا به رنگائي هليا ويا آهن (آءُ هت اڪيلي آهيان).
ت. جت، جِت: قارئين ڪرام! لفظ ”جِت“ ڪن صاحبن لکيو آهي ۽ ڪن صاحبن انهي لفظ ”جت“ تي اعرابون (زير، زبر، پيش) نه ڏنيون آهن. جن صاحبن ”ج“ کي زير ڏيئي لکيو آهي ۽ جن ”ج“ ۽ ”ت“ اکرن هيٺان زير ڏني آهي تن جي لفظ ”جِتِ“ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”جتي، جنهن جاءِ تي“.
ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي صاحبن لفظ جَت يا ”جِت“ نه لکيو آهي. انهن صاحبن مصرع لکي آهي:
”ڪَرڙا ڏوُنگَرَ ڪَـ هَ گَهڻِي، وِيا روڏا رِنگائي“
قارئين ڪرام! اسان جڏهن اها مصرع پڙهي ته اسان جي ذهن ۾ هڪ سوال اُڀريو ته ”ڪير روڏا رنگائي ويا؟“ ته وري اسان جي ذهن ۾ انهي سوال جو جواب آيو ته ۡ:
”ڪرڙا ڏونگَرَ ڪاه گهڻي، جَتَ ويا روڏا رِنگائي“
انهي مصرع لکڻ کان پوءِ اسان اُنهن سڀني صاحبن جي لکيل لفظ ”جِت“ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ ناموزون ۽ غلط قرار ڏنو آهي مگر لفظ ”جَتَ“ درست ثابت ڪيو آهي.
ث. ساڱاپي، سانگاپي، ساکاٻي، سانکاڀي: قارئين ڪرام! لفظ ”سانکاڀي“ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. اسان انهي لفظ تي تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سمي صاحب لفظ ”سانکاپي“ لکڻ ٿي چاهيو مگر ”پ“ کي ٽن نُقطن بجاءِ چئن نُقطن سان ڀل وچان لکيائين.
لفظ ”ساکاٻي“ ممتاز مرزا لکيو آهي. اهو هن ڪري لکيائين ته گنج قديم جي ص 113 تي به ”ساکاٻي“ لکيل آهي ۽ ”پ“ بجاءِ ”ٻ“ لکڻ جي سهو ڪيائين. اهو لفظ ”ساکاپي“ اصل ۾ ”سانڱاپي“ لکيو ويندو. ممتاز مرزا کان لفظ لکڻ جي غلطي ٿي ويئي آهي.
غلط لفظ ”سانگاپي“ جن لکيو آهي سي صاحبان آهن، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي. جن صاحبن درست لفظ ”ساڱاپي“ لکيو آهي سي آهن ديوان تارا چند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام مصطفيٰ مشتاق، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگو جي ڏانو جي.
اسان هنن جي لکيل لفظ ”ساڱاپي“ کي برابر هن ڪري تسليم ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”سيڻن“ استعمال فرمايو اهو لفظ ”سيڻن“ لفظ ”ساڱاپي“ جي تصديق ڪري ٿو.
ج. تنهن، تـ ه، ٿي، ويئي: لفظ ”ويئي“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. نهايت ئي نامناسب لفظ لکيو اٿس. اهو هن ڪري ٿا چئون ته انهي مصرع جي درست معنيٰ نه ٿي نڪري. جن صاحبن لفظ ”تـ ه“ لکيو آهي سي آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، حاجي محمّد سمون، غلام محمّد شاهواڻي هنن صاحبن قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”تـ ه“ لکيو آهي. جن صاحبن لفظ ”تنهن“ لکيو آهي سي صاحبان آهن، ديوان تارچند، عثمان علي انصاري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ٻانهون خان شيخ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام مصطفيٰ مشتاق، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ممتاز مرزا.
قارئين ڪرام! لفظ ”تـَ ه“ ۽ ”تنهن“ جن صاحبن لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”تنهن“ ۽ ”تـ ه“ بيت جي ٽين مصرع ۾ ڪا مناسبت نا ٿا رکن. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ٿي“ لکيو آهي. تن درست لفظ لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته ٻي مصرع ۾ اهو لفظ نهايت ئي با معنيٰ لڳي ٿو ٻي مصرع ملاحظه فرمايوۡ:
رَهيَسِ رَسُ لَطيِفُ چي، ٿِي ڪَمينيءَ ڪاهي،
هن مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته ”ڪميڻي چوي ٿي ته تنهنجي طرف ڪاهيان ٿي پر راه ۾ رهجي ويئي آهيان، مون ڪميڻي جي طرف ڪاهي اَچ مون وٽ رس ۽ پهچ.
ح. معذورِن: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اِهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هڪ سسئي جي زباني فرمايو آهي ۽ نه گهڻين لاءِ. تنهنڪري لفظ ”معذورِن“ سڀني مرتب ۽ محققن غلط لکيو آهي اِهو لفظ اصل ۾ ”معذورڻ“ آهي قديم ڪاتبن ”معذورن“ هن ڪري لکيو ته قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڻ“ اکر نه هو.
خ. جي، جو: قارئين ڪرام! لفظ ”جي“ جن صاحبن لکيو آهي سي صاحبان آهن، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ديوان تاراچند، غلام مصطفيٰ مشتاق، باگوجي ڏانوجي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
اسان انهن جي لکيل لفظ ”جي“ کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي ته هنن صاحبن مصرع لکي آهي. ”آرياڻي آهي منهه معذورن جي“. جيڪڏهن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهي مصرع ۾ لفظ ”منهي“ استعمال ڪري ها ته پوءِ لفظ ”جي“ درست قرار ڏجي ها. مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ته ”منهه“ لفظ فرمايو ”منهه“ مذڪر لفظ آهي تنهنڪري لفظ ”جو“ استعمال ٿيندو ۽ نه ”جي“ اسان انهن صاحبن جي تعريف ڪريون ٿا جن بيت جي آخري مصرع ۾ لفظ ”جو“ استعمال ڪيو آهي. ”جو“ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهون خان شيخ ۽ ممتاز مرزا.
ممتاز مرزا اهو لفظ ”جو“ هن ڪري لکيو ته سيّد عبدالعظيم سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن کان اڳ ۾ لفظ ”جو“ بيت ۾ لکيو.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]ڪَرڙا ڏوُنگَرَ ڪَـااهَه گَهڻِي، جَتَ وِيا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻَن جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
رَهيَسِ رَسُ لَطيِفُ چي، ٿِي ڪَمينيءَ ڪاهي،
آرِياڻي آهي، مَنهَه مَعذورِڻ جو.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيء پهريَن ٻن مصرعن ۾ پهاڙن جي سختي ۽ سسئي جي سيڻن لاءِ وندر ۾ واجهائڻ واري حقيقت بيان ڪندي فرمايو آهي ته کَهُرا ۽ اڻانگا پهاڙ آهن، پنڌ پري جو آهي، منزل دور آهي (پنهل جا) جَت اُٺ ڪاهي (روڏا رنگائي) هليا ويا آهن. سسئي سيڻن (جَت) جي سنڱ سياڪي جي آڌار تي پنهل ۽ ان جي قافلي کي پئي واجهائي ۽ ڳولي.
بيت جي آخري ٻن مصرعن ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي جي زباني فرمائي ٿو ته اي پنهل آئون ڪميڻي قافلي جي پٺيان هلندي هلندي ٿڪجڻ سببان پوئتي رهجي ويئي آهيان تون مهرباني ڪري مون تائين پهچ ۽ رس.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي جي روپ ۾ فرمايو ته آرياڻي مون معذور جو منهه، ڇپر ۽ ڇانءُ آهي.
*****
جَڏيَ وَٽِ جَالي، مَانَ للهِ ڪَارَن لِکِهَ سِينئَ،
آهِيَان آرِيَڃَامَجي، هِتِ هُتِ حَوَالي،
عَيبَ مُـنـ۾ اکَرَاَ، مَانَ نِرمَلُ نَقَالي،
پِرِِ سَا پَالي، ڪَامِل نِيُندو ڪيچَڏي!
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر معذور جو ص212)
جَڏِيَ وَٿِ جَالي مَانَ لِلّهَ کَارَٺِ لِکَهه سيِن،
آهي اَرِيَ آسِري، هِت هُت حَوَالي،
عَيبَ مَنَ مَان ِاَڳِرَا، مَنَ نِرمَلُ نِکَالي،
پَرٿِيَاٺِي پَالي، کَامِلُ نِيندو کيچَ ڏي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ديسي ص360سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
جَڏئ وٽ جالي مانَ لِله ڪارڻ لِکَه سيِئن،
آهي اَريءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
عَيبَ مون ۾ ِاَڳِرا، نِرمَلُ نڪالي،
پَرٽَياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچ ڏي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ديسي ص260سال 1900ع)
جَڏِيَءَ وَٽِ جَالي، مَان نَه للهِ ڪَارڻِ لِکَ سِينءَ،
آهِيَان آرِيَءَ ڄَامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
عَيبَ موُن ۾ اَڳِرا، مَان نَه نِرمَلَ نِڪَالي،
پَرٽِيَاڻِي پَالي، ڪَامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سروديسي ص173سال2012 )
جَڏِيَ وٽِ جالي مانَ للهِ ڪارَڻِ لِکَ سيِنءَ،
آهي اَريءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
عيبَ مون ۾ اَڳرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
پَرٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِندو ڪيچَ ڏي!
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص376سا ل 1996 )
جَڏيِءَ وَٽِ جالي مانَ اَلِلّهِ ڪارَڻِ لِکَ سيِئن،
آهي آريءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حوالي،
عَيبَ موُن اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
پَرِٽياڻي پالي، ڪامُل نِيندو ڪيچَ ڏي!
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه رسالو سُر ديسي ص176)
جَڏِيءَ وَٽِ جالِي مانَ للهِ ڪارَڻِ لِکَ سِين،
آهِيان آرِيءَ ڄامَ جي، هِتَ هُتِ حَوالي،
عَيبَ مُون اڳَرا، نِرمَلَ نِڪالي،
پريتاڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص213سال 2009)
جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اَللهُ ڪارَڻِ لِکَ سيِئن،
آهي آرفيءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حوالي،
عَيبَ موُن اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 255سال 2013)
جَڏِيَءَ وَٽِ جالي، مَان اَللهِ ڪَارڻِ لِکَ سِيئَن،
آهي آرِيءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
عَيبَ موُن ۾ اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
پَرِٽيَاڻِي پَالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ديسي ص 103سال 1994 )
جَڏيءَ وٽ جالي، مانَ الله ڪارڻ لَک سِيئَن،
آهي آرِيءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
عَيبَ مون ۾ اَڳرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِل نيُندو ڪيچ ڏي!
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص299مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
جَڏِيَ وٽِ جالي مانَ للهِ ڪارَڻِ لِکَه سيِئَن،
آهي اَريءَ ڄامَ جي، هِت هُت حَوالي،
عيبَ مون ۾ اَڳرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
پَرٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 345بااختيار ادارو سال 1994 )
جڏيِءَ وَٽِ جالي مانَ للهِ ڪارَڻِ لِکَ سيِنءَ،
آهي آريءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
عَيبَ موُن اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِل نِيندو ڪيچَ ڏي!
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص462سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
جَڏئ وٽ جاني، مانَ للهِ ڪارڻ لِکَ سيِئن،
آهي اَريءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
عَيبَ مون ۾ ِاڳرا، نرمل نڪالي،
پرٽياڻي پالي، ڪامل نِيندو ڪيچ ڏي.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 278سال 2009ع مهراڻ)
جَڏِيَ وَٽِ جالي، مانَ ِللهِ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ،
آهي آرِيَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
عَيبَ موُن ۾ اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِندو ڪيچَ ڏي!
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص185سال 2013ع روشني)
جڏي وٽ جالي، مان لله ڪارڻ لِک سين،
آهيان آرِي آسري، هِت هُت حوالي،
عيب مون ۾ اڳرا، مانَ نرمل نڪالي،
پَرٽياڻي پالي، ڪامل نِيندُو ڪِيچ ڏي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ديسي ص 205سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
جَڏيءَ وٽ جاني، مانَ للهِ ڪارڻ لِکَ سيِئن،
آهي آريءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
عَيبَ مون ۾ ِاڳرا، نرمل نڪالي،
پَرٽياڻي پالي، ڪامل نيندو ڪيچ ڏي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 339سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
جَڏيءَ وٽ جالي، مانَ للهِ ڪارڻ لِک سين،
آهيان آري آسري، هِت هُت حوالي،
عيب مون ۾ اڳرا، مانَ نرمل نڪالي،
پَريٽياڻي پالي، ڪامل نيندو ڪيچ ڏي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 144سال 2008ع )
جَڏيءَ وَٽِ جالي، مانَ اَللهُ ڪارَڻِ لِکَ سيِئن،
آهي آرفِيءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حوالي،
عَيبَ موُن اَڳَرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي!
پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 104سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
نوٽ: ممتاز مرزا اهو بيت نه لکيو ڇا ڪاڻ ته گنج شريف ۾ اهو بيت لکيل نه آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جالي، جاني)، (مان، مان نه)، (اَلِلـ ه ڪارڻ، للهِ ڪارڻ)، (آهي، آهيان)، (آرفيءَ ڄام، آري ڄام، آري آسري، آري جي آسري)، (مون ۾ اڳرا، مون اڳرا، مون ۾ اکرا)، (نڪالي، نقالي)، (پرٽياڻي، پريٽياڻي، پرتياڻي، پِرِِ سَا پالي)، (نيندو، نندو)
الف. جالي، جاني: قارئين ڪرام! لفظ ”جاني“ محمّد عثمان ڏيپلائي لکيو آهي. ان جي پوءِ واري ۽ تقليد ڪندي باگي جي ڏاني جي به لفظ ”جاني“ لکيو آهي، انهن صاحبن جو لکيل لفظ ”جاني“ بنهه غلط لکيل آهي. باقي ٻين صاحبن جن جا اسان مٿي بيت لکيا آهن تن لفظ ”جالي“ بيت جي مصرع جو پهريون قافيو درست لکيو آهي.
ب. مان، مان نه: الفاظ ”مان نه“ فقط ٻانهي خان شيخ لکيا آهن، لفظ ”مان“ واري ”ن“ تي جزم نه ڏنل آهي. الفاظ بلڪل غلط لکيا اٿس. معنيٰ ٿئي ٿي ”شال نه“ انهي محقق جي مقابلي ۾ ٻين باقي ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”مانَ“ يعني ”شال“ نهايت ئي درست لفظ لکيو آهي.
ت. اَلِلـ ه ڪارڻ، للهِ ڪارڻ: قارئين ڪرام! ڪلياڻ آڏواڻي بيت جي پهرين مصرع ۾ ”اَلِلّـ هِ ڪارڻ“ نهايت ئي نامناسب الفاظ لکيا آهن.
الفاظ ”للهِ ڪارڻ“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آٰءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ، غلام محمّد شاهواڻي، ديوان تاراچند، حاجي محمّد سمون، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الهداد جنجهي،محمّد عثمان ڏيپلائي، ٻانهون خان شيخ، باگوجي ڏانو جي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيا آهن.
هنن صاحبن جي لکيل الفاظ کي اسان تحقيق بعد غلط قرار ڏنوآهي. اهو هن ڪري ته ” ِلله“ جي معنيٰ آهي ”واسطي ۽ ”ڪارڻ“ جي معنيٰ به آهي ”واسطي“.
درست قرار ڏنو آهي ”الله ڪارڻ“ الفاظ کي انهن لفظن جي معنيٰ آهي ”الله جي واسطي، الله جي صدقي“. اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل بيت اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا. اهو بيت اسان جي تحقيق جي تصديق ڪري ٿو. ملاحظه فرمايو.
اَلله ڪارَڻ اوٺِيا، ڪَرَها مَ ڪاهِيو.
جانِبَ! جَڏَي جِيءُ جو، آڳانڍو آهيو.
لاڳاپو لاهِيو، مَتان مُنهنجو، سُپرين!
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، سر ديسي ص 39 سال 2013)
قارئين ڪرام! هن بيت جي پهرين مصرع جا ٻه لفظ ”الله ڪارڻ“ لکيل آهن ۽ نه ”ِلله ڪارڻ“.
درست الفاظ ”الله ڪارڻ“ لکڻ وارا صاحبان آهن عثمان علي انصاري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق .
ث. آهي، آهيان: جن صاحبن لفظ ”آهي“ لکيو ، تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”آهيان“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته پهرين مصرع ۾ سسئي چئي ٿي ته ”مانَ، شالَ، الله ڪارڻ مون جڏي وٽ لِک برابر ذري برابر گهڙي پل منهنجو آرياڻي گذاري .
ٽين مصرع ۾ لفظ آهن ”عيب مون ۾ اڳرا“ تنهنڪري لفظ ”آهيان“ ٻي مصرع ۾ نهايت ئي درست لڳي ٿو. جن صاحبن درست لفظ ”آهيان“ لکيو سي صاحبان آهن، حاجي محمّد سمون، ٻانهون خان شيخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
ج. آرفيءَ ڄام، آري ڄام، آري آسري، آري جي آسري: قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق عثمان علي انصاري الفاظ ”آرفيءَ ڄام“ نه لکيا هوندا ڇا ڪاڻ ته ان کان اهڙي عظيم غلطي ٿي نه ٿي سگهي اها غلطي ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي ٿي سگهي ٿي. جنهن جي غلطي سببان الفاظ ”آرفيءَ ڄام“ لکجي ويا. رهيو سوال غلام مصطفيٰ مشتاق جي ”آرفيءَ ڄام“ لکڻ جو ته اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته هن صاحب هر بيت عثمان علي انصاري جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ تان هو به هو نقل ڪيو آهي. هن ڪا به تحقيق نه ڪئي آهي. تنهن ڪري هن جي سراسر غلطي ثابت ٿي چڪي آهي. هن صاحب وڏن نالن ۾ پنهنجي نالي کي شمار ڪرڻ لاءِ ”شاهه جو رسالو “ عثمان علي انصاري جي ترتيب ڏنل رسالي تان هو به هو نقل اتاري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي عاشقن کي پڙهڻ لاءِ پيش ڪيو آهي.
الفاظ ”آري جي آسري“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکرايا آهن ۽ الفاظ ”آري آسري“ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن جا الفاظ نا مناسب لکيل آهن.
جن صاحبن الفاظ ”آري ڄام“ لکيا تن نهايت درست الفاظ لکيا آهن.
اهو هن ڪري ٿا چئون ته
”آهيان آري ڄام جي هِت هُت حوالي“
هي موزون مصرع آهي هن منجهان نهايت ئي درست معنيٰ نڪري ٿي.
ح. مون ۾ اڳرا، مون اڳرا، مون ۾ اکرا: جن صاحبن الفاظ ”مون اڳرا“ لکيا تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب الفاظ نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”عيب مون اڳرا“ فقري جو مقصد واضح نه ٿو نڪري انهي فقري جي مقابلي ۾ جن ليکڪن ”عيب مون ۾ اڳرا“ فقرو لکيو تن جو فقرو تحقيق مطابق درست آهي. ڇا ڪاڻ ته هن فقري جي معنيٰ صحيح نموني سمجهه ۾ اچي ٿي.
رهيو سوال الفاظ ”مون ۾اکرا“ جو ته لفظ ”اکرا“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيا ويا جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهي الفاظ ٿين ٿا ”عيب مون ۾ اڳرا“.
خ. نڪالي، نقالي: حاجي محمّد سمي لفظ ”نقالي“ لکيو آهي. اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب نه آهي اهو هن ڪري ته لفظ ”نقالي“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ با معني ثابت نه ٿو ٿئي هن لفظ جي معني آهي نقل ڪرڻ ۽ لفظ ”نڪالي“ جي معنيٰ آهي ”ڪڍي، مون کي عيبن کان آجو ڪري“ هي درست لفظ آهي. تنهنڪري ئي اسان حاجي محمّد سمي جي لکيل لفظ ”نقالي“ بيت ۾ مناسب نه ٿا سمجهون، کيس نِڪالي ٿا ڏيون.
د. پرٽياڻي، پريٽياڻي، پرتياڻي، پِرِِ سَا پالي: الفاظ ”پرِِ سَا پالي“ حاجي محمّد سمي لکيا آهن اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ نه ٿا سُونهِن. الفاظ ”پريٽياڻي ۽ پرٽياڻي“ ساڳي معنيٰ وارا الفاظ آهن. اسان جي تحقيق مطابق اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب نه ٿا لڳن. هن ڪري مناسب نه ٿا لڳن ته ”پرٽياڻي“ جي معنيٰ آهي ”ڌوٻڻ“.
قارئين ڪرام! ”ڌوپڻ کي پالي ڪيچ ڏي وٺي وڃڻ“ وارو خيال درست نه آهي مگر ”پريتاڻي پالي“ الفاظ جي معنيٰ آهي ”پريت کي فروغ ڏيئي محبت کي نظر ۾ رکي، سسئي کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي“.
اها راءِ هن ڪري درست آهي ته سسئي چيو ته شال منهنجو محبوب مون منجهان عيب ڪڍي ڇڏي، پنهنجِي ۽ منهنجِي پريت ۽ محبت کي برقرار رکندي مون کي ڪيچ وٺي وڃي.
قارئين ڪرام! اسان ”پريتاڻي پالي“ الفاظ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهون ٿا.
ذ. نيندو، نندو: جن صاحبن لفظ ”نندو“ لکيو آهي تن قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”نِندو“ لکيو ويو آهي. اهو لفظ جديد توڙي قديم صورت خطيءَ ۾ ”نيندو“ ڳالهايو ۽ پڙهيو ويندو هو.
نامناسب لفظ ”نندو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:
[b]جَڏيءَ وٽ جالي، مانَ اَللهِ ڪارڻ لِکَ سيِنءَ،
آهيان اَرِيءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
عَيبَ مُون ۾ ِاڳرا، مانَ نرمل نِڪالي،
پِريتاڻِي پَالي، ڪَامل نِيندو ڪِيچ ڏي.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي جي زباني فرمائي ٿو مانَ، شالَ الله جلّ شانـ هُ جي صدقي مون جڏي وٽ لِک ڀر پلڪ کن منهنجو محبوب مون سان گڏ گذاري، مون وٽ رهي، مون وٽ ترسي.
مان ته آري ڄام جي آهيان ۽ هِت (هِن جهان ۾) توڻي هُت (اڳئين جهان ۾) انهي جي نالي ۽ حوالي آهيان.
مون ۾ عيب گهڻا (اڻ ڳڻ ۽ اڪيچار)آهن شال خدا ڪري ته منهنجو محبوب مون منجهان عيبن کي ڪڍي.
مون کي اميد آهي ته منهنجي ۽ پنهنجي پريت کي پالي (پاڙي) مون کي پاڻ سان گڏ ڪيچ وٺي ويندو.
*****
مَتا ڪَا ٻَرِي، ٻُولِ ٻَارُوچيِ وِسَهي،
هُندَ نَه سُتَيِسِ سَرَتِيءٌ ويهِي رَهِيَسِ وَنِي،
جَتهَ پَاهَجِئ جَوئِـ۾، کَارِينِ مَانَ کَٺِي!
ڪيچِينِ آءٌ تَڪَڙِي ڪَـ هِ ڏُجَنِ ڏَاوَنُ ڏَائِيُون.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر ودسسئي ص 131)
ٻُولَ ٻَارُوچيِ وِسَهي، مَتَانڪَا ٻَڙِي،
هُندَ نه سُتِيَسِ سَرَتِيءٌ، هُندَ ويهِي رَهِيَسِ وَني،
جَتَ پانهجِيَ جُوئِـ۾ کَارِين مَانَ کَڙِي،
ڪيچِيَنِ آءُ نَه ڪَڙِي، ڪِ ه ڏُکِيَ ڏانَونَ ڇُوڙئَا.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر معذور جو ص221)
مَتَان کَا ٻَڙِي، ٻولِ ٻَروچيِ وِسهَي،
هُوندَ نَه سُتِيَسِ سَرتِيُون، ويهِي رَهِيسَ وَرِي،
جَتَ مُنهِن جي جوءِ مين کهَارِنِ مَانَ گَهڙِي،
ڪيچِنِ آن نَه ڪَڙِي، پَرَ ڪَنهِن ڏُدهِيَ ڏَاوَڻُ ڏائِيو.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ديسي ص349سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
متان ڪا ٻَڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
هُوندَ نه سُتيَس سَرتيون، ويهي رهيسَ وَري،
جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾ گهارِيِن مانَ گَهڙي،
ڪيچين آءُ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکي ڏاوَڻُ ڏائيون.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ديسي ص273سال 1900ع)
مَتَان ڪَا ٻَڙِي، ٻولِ ٻَاروچيِ وِسَهي،
هُوندَ نه سُتيَس سَرَتِيُون، ويهِي رَهِيسَ وَڻِي،
جَتَ پَانهِنجي جوءِ ۾، گهَارِينِ مَان نَه گهَڙِي،
ڪيچِيَنِ آئُون نَه ڪَڙِي، ڪَنهِن ڏُڄَڻِ ڏَاوُڻُ ڏائيو.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو جلد ٻيو سُر سروديسي ص210سال2012 )
متان ڪا ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
هُندَ نه سُتِيَسِ سرتيون! ويهِي رهيَسِ وِڙي،
جَتَ پَهِجي جُوءِ ۾، گهارِنِ مانَ گهَڙِي،
ڪيچيَنِ آن نه ڪَڙِي، ڪِـ ه ڏکِي ڏاوَڻُ ڏائَيو.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص382سا ل 1996 )
مَتان ڪا ٻَڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
هُوندَ نه سُتيَس سَرَتِيون، ويهي رَهِيَس وَڙي،
جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾ گهارِيِن مانَ گَهڙي،
ڪيچِيُنِ آئون نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکيءَ ڏاوڻُ ڏائيو.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص183)
متان ڪا ٻَڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
هُوندَ نه سُتيَس سرتيونَ! ويهِي رهيس وَڙي،
جَت پَانهنجِئ جَوءِ ۾، گهَارَين مانَ گَهڙِي!
ڪيچِينِ آئون ته ڪَڙِي، ڪنهن ڏڄَڻِ ڏانوڻُ ڏائِيو.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سرودسئسي ص131سال 1995 )
مَتان ڪا ٻَڙي! ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
هُوندَ نَه سُتيَس سَرَتِيُون! ويهِي رَهيسَ وَڙي،
جَتَ پَنهنجي جُوءِ ۾، گهَارِين مانَ گَهڙِي!
ڪيچِيُنِ آئون نه ڪَڙِي، ڪنهن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 266سال 2013)
مَتان ڪَا، ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچيِ وِسَهي،
هُوندَ نه سُتِيَسِ سَرَتِيُون! ويهِي رَهِيَسِ وَڙِي،
جَتَ پَنهنجي جوُءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي!
ڪيچِيُنِ آئُون نه ڪَڙِي، ڪنهن ڏُکِي ڏاوَڻُ ڏائِيو.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ديسي ص 254سال 1994 )
متان ڪا ٻَڙِي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
هُوندَ نَه سُتيَس سَرتيون! ويهِي رهيس وڙي،
جَتَ تنهنجي جُوءِ ۾، گهَارِين مانَ گَهڙي!
ڪيچين آءٌ نَه ڪَڙي، ڪ ه ڏُکي ٽلُون ڏائيو.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص311مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
متان ڪا ٻڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهي،
هُوندَ نه سُتيَس سرتيون، ويهي رهيسَ وري،
جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾ گهارِيِن مانَ گهڙي،
ڪيچين آءُ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکئ ڏاوَڻُ ڏائيون.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 361بااختيار ادارو سال 1994 )
مَتان ڪا ٻَڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
هُوندَ نَه سُتِيَسِ سَرَتِيُون! ويهِي رَهِيسَ وَڙي،
جَتَ پنهنجِي جُوءِ ۾، گهارِن مانَ گَهڙي!
ڪيچِيَنِ آن نَه ڪڙي، ڪ ه ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص479 ادبي بورڊ 1993 )
متان ڪا ٻڙي، ٻول ٻاروچيِ وسهي،
هوند نه ستيس سرتيون، ويهي رهيس وري،
جَتَ پَنهنجي جوءِ ۾، گهارِين مانَ گهڙي،
ڪيچين آءٌ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکيءَ ڏاوڻ ڏائيو.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 288سال 2009ع مهراڻ اڪيڊمي)
متان ڪا ٻَڙِي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
هُندَ نَه سُتيَس سَرَتِيُون! ويهِي رَهيسَ وَڙي،
جَتَ پهَجي جُوءِ ۾، گهَارِنِ مانَ گَهڙي!
ڪيچِيَنِ آن نَه ڪڙي، ڪ ه ڏُکِيَ ڏاوڻُ ڏائِيو.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص190سال 2013ع روشني)
متان ڪا ٻَڙي، ٻَول ٻاروچيِ وِسهي،
ستيس ڪين سَرتيون، وِيٺيس هوند کڙي،
جَتَ پَنهنجي جوءِ ۾، گَهارِينَ مان گَهڙي،
ڪيچين آئون نه ڪَڙي، ڪِنهن ڏکي ڏاوُڻ ڏاَئيو.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ديسي ص 204سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
متان ڪا ٻڙي، ٻول ٻاروچيِ وسهي،
هوند نه ستيس سرتيون، ويهي رهيس وري،
جَتَ پَنهنجي جوءِ ۾، گهارِين مانَ گهڙي،
ڪيچين آءٌ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکي ڏاوڻ ڏائيو.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 356سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
متان ڪا ٻَڙي ٻول ٻاروچيِ وسهي،
هُوند نه سُتيس سرتيون، ويهي رهيس وڙَي،
جَتَ پَنهنجي جوُءِ ۾، گهارِين مانَ گهڙي،
ڪيچين آءٌ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکيءَ ڏاوڻ ڏانئيو.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 143سال 2008ع )
مَتان ڪا، ٻَڙي! ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
هُوندَ نَه سُتيَس سَرَتِيُون! ويهِي رَهيسَ وَڙي،
جَتَ پَنهنجي جُوءِ ۾، گهَارِين مانَ گَهڙِي!
ڪيچِيُنِ آئون نه ڪَڙِي، ڪنهن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 102سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
نوٽ: جنهن بهترين بيت جي تحقيق ڪري رهيا آهيون. تنهن بيت کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام منجهان خارج ڪري ڇڏيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (متان ڪا، متانڪا)، (ٻڙي)، (هوند نه ستين، ستين ڪين، هند نه سين، ستين ڪين)، (ويهي رهيس، ويٺيس هوند)، (وڙي، وري، وڻي، وني)، (پنهنجي، پانهنجي، منهِن جي، تنهنجي)، (نه ڪڙي، ته ڪڙي)، (گهارِين، گهارن)، (مانَ، مان نه )، (ڪنهن ڏڄڻ، ڪنهن ڏکي، ڪنهن ڏدهي)، (ڏاون، ڏواڻ، ڏانوڻ، ٽلوڻ)، (ڏائيو، ڏانئيو، ڇوڙيا)
الف. متان ڪا، متانڪا: قارئين ڪرام! هي مصرع:
”متان ڪا ٻڙي ٻول ٻاروچي وسهي“
ويهن (20) قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ پڙهي سين ته اسان اها مصرع ”حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل“ نه مڃي. اها مصرع اسان هن ڪري تسليم نه ڪئي جو اهو خيال ڪافرانه ۽ ملحدانه آهي. سسئي جو ٻاروچو پنهون آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو ٻاروچو الله (جلّ شانـ هُ) ۽ الله جو رسولﷺآهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ڪئن سسئي جي زباني فرمائيندو ته :
”متان ڪا ٻڙي ٻول ٻاروچي وسهي“
اسان هنن ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن جي لکيل مصرع جي معنيٰ ڳولي ته سواءِ ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ٻانهي خان شيخ جي باقي ڪنهن به محقق انهي مصرع جي معنيٰ نه لکي آهي.
ڪلياڻ آڏواڻي مصرع جي معنيٰ لکي آهي، ”ٻڙي؛ متان ڪا منڌ ٻاروچي جي سخن تي ويسهه ڪري“ (ص 183)
ٻانهي خان شيخ انهي مصرع جي لفظي معنيٰ لکي آهي ”بلڪل نه، اي ٻڙي، اي ڀيڻ ٻاروچي جي ٻول تي انجام تي يا واعدي تي ڪا به اعتبار ڪري“
قارئين ڪرام! انهن صاحبن جي لکيل معنيٰ اسان جو اندر ساڙي ڇڏيو تنهنڪري مختلف رسالن جو بار بر مطالعو جاري رکيو سين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگراني ۾ سن 1995ع ۾ حاجي محمّد سمي جو ڪتابت ڪيل شاهه جو رسالو شايع ٿيو. سندس لکيل رسالي ۾ مون کي سسئي جي پنجن سُرن بجاءِ چار سُر لکيل نظر آيا. ڇا ڪاڻ ته سُر ديسي کي، سُر معذور ۾ ملائي لکيو ويو هو. اها ڄاڻ مون کي تڏهن ملي جڏهن صفحي 201 تي ”سُر ديسي جو“ لکيل پڙهيم.
سُر ديسي جو مطلعو شروع ڪيم ته ”متان ڪا ٻڙي“ سان شروع ٿيندڙ مصرع نظر نه آئي. پوءِ سوچيم ته متان مصرع کي ڪاتب اُبتو لکيو هجي، اهو خيال دل ۾ رکي وري مطالعو شروع ڪيم ته ص 221 تي مون کي پنهنجي مقصد واري مصرع ملي ويئي. اها مصرع هي آهي:
”ٻول ٻاروچي وسهي، متا نڪا ٻڙي“
قارئين ڪرام! دل باغ بهار ٿي ويئي، دماغ کي تراوت اچي ويئي، انهي قديم سنڌي عربي رسم الخط ۾ لکيل مصرع کي جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ جڏهن لکيم ته مصرع ٺهي.
”ٻُول ٻاروچي وسهي، متان نَه ڪَا ٻَڙي“
معنيٰ: متان ڪا شيطان وانگر متڪبّر عورت ٻاروچي جي ٻول تي اعتبار نه ڪري. هن کي ٻاروچي جي ٻول تي ويساهه رکڻ ۽ اعتبار ڪرڻ گهرجي.
ب. ٻڙي: قارئين ڪرام! سڀني مرتبن ۽ محققن لفظ ”ٻڙي“ لکيو آهي. اسان کي انهي لفظ لکڻ تي ڪو به اعتراض نه آهي ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ واقعي اهو لفظ ”ٻڙي“ پنهنجي بيت ۾ استعمال فرمايو آهي. اسان کي انهيءَ لفظ جي ان معني تي اعتراض آهي جيڪا معنيٰ ٻانهي خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، عثمان علي انصاري ۽ باگي جي ڏاني جي ”اڙي ادي“ لکي آهي.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ٻڙي“ جي معنيٰ ڪنهن به مرتب ۽ محقق نه سمجهي آهي ۽ نه وري سنڌيڪا لغت جي ليکڪ ۽ جامع سنڌي لغات جي ليکڪن لکي آهي. اسان انهيءَ لفظ ”ٻڙي“ تي تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اسان جي سنڌ ۾ ”اڙي“ ۽ ”ٻڙي“ ٻه الفاظ مختلف معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن. ”اڙي“ عام عورت کي مخاطب ٿي چئبو آهي ۽ ”ٻڙي“ شيطان وانگر مغرور ۽ متڪبّر عورت کي چئبو آهي. سنڌي ٻولي ۾ ”بڙ“ مارڻ چئبو آهي، پنهنجي اجائي، بڙائي ۽ وڏائي جو اظهار ڪرڻ. انهي ”بڙ“ لفظ جي لڙهي منجهان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”بڙي“ مان ”ٻڙي“ جوڙي، پنهنجي بيت ۾ استعمال فرمايو.
ت. هوند نه ستين، ستين ڪين، هند نه ستين، ستين ڪين: فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي الفاظ ”ستيس ڪين“ لکيا آهن. بنهه غلط الفاظ لکيا اٿس. ”ستيس ڪين“ جو مقصد آهي ”ننڊ نه ڪيم، جاڳندي رهيم“ .
قارئين ڪرام! سسئي جڏهن سُتي ڪين ته پوءِ ظاهر آهي ته جاڳندي رهي ۽ جڏهن جاڳندي رهي ته پوءِ پنهل، جت ۽ انهن جو قافلو ڪئن سسئي جي اکين کان اوجهل ٿيا. معلوم ٿيو ته ”ستيس ڪين“ الفاظ سگهڙ صاحب غلط لکيا آهن.
مگر ”هوند نه ستيس“ يعني جيڪر نه سمهان ها. اهي درست الفاظ باقي ڪاتبن مرتبن ۽ محققن لکيا آهن
ث. ويهي رهيس، ويٺيس هوند: الفاظ ”ويٺيس هوند“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن، نه صرف اهي الفاظ غلط لکيا اٿس مگر پوري مصرع سگهڙ صاحب غلط لکي آهي. سندس لکيل مصرع ملاحظه فرمايو.
ستيس ڪين سَرتيون، وِيٺيس هوند کڙي،
ٻين صاحبن الفاظ ”ويهي رهيس“ اسان جي تحقيق مطابق درست لکيا آهن.
ج. وڙي، وري، وڻي، وني: لفظ ”وني“ قديم صورت خطيءَ ۾ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي لکيا آهن. تنهن ڪري ٻانهي خان شيخ غلط لفظ ”وڻي“ لکيو آهي هن صاحب کي لفظ سمجهه ۾ نه آيو. اها راءِ هن ڪري ڏيون ٿا ته چئن مصرعن واري بيت جا چار قافيا آهن. پهريون قافيو ”ٻڙي“ ٽيون ”گهڙي“ ۽ چوٿون ”ڪڙي“ ٻانهي خان شيخ بيت ۾ لکيا آهن. هن صاحب کي ٻي مصرع جو قافيو ”وڙي“ لکڻ گهربو هو، مگر نه لکيائين.
لفظ ”وري“ ديوان تاراچند مناسب نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته هن صاحب قديم صورت خطيءَ منجهان جديد صورت خطيءَ ۾ ”شاهه جو رسالو“ ٽرانسليٽ ڪيو انهي اڌ اکري سنڌي ۾ لفظ ”وري“ لکيل هيو. ديوان صاحب جيڪڏهن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي باقي قافين تي توجه ڏئي ها ته لفظ ”وري“ بجاءِ لفظ ”وڙي“ ضرور لکي ها.
تحقيق منجهان هي گمان به ٿئي ٿو ته متان پروف ريڊر کان غلطي ٿي هجي. باقي صاحبن لفظ ”وڙي“ نهايت درست لکيو آهي. ”وڙي“ لفظ جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي آهي ”وانجي، مڙهجي ص 396.
ڪلياڻ آڏواڻي معنيٰ لکي آهي ”واڻجي“ (ص 183). غلام محمّد شاهواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نقل ڪندي معنيٰ ”وانجي، مڙهجي“ لکي آهي (ص 190).
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق معنيٰ نه لکي.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”وڙي“، واڙ ۽ واڙي جي لڙهي جو لفظ آهي هن جي معنيٰ واڻجي نه مگر واڙ جي ويهڻ يعنيٰ بند ٿي ويهڻ ٻاهر نه نڪرڻ آهي.
ح. پنهنجي، پانهنجي، منهن جي، تنهنجي: قارئين ڪرام! لفظ ”تنهنجي“ فقط غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو اٿس. جن صاحبن لفظ ”پنهنجي، پهنجي“ لکيو سي آهن، ديوان تارا چند، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، الله داد جنجهي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگوجي ڏانو جي، محمّد عالم سومرو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن لفظ ”پنهنجي ۽ پاهنجي“ غلط لکيو آهي.
جن صاحبن ”پانهنجي“ لکيو سي آهن، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ، ۽ حاجي محمّد سمون. انهن صاحبن به اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي ۽ لفظ ”منهنجي“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ درست لکرايو آهي.
قارئين ڪرام! اسان مٿين سڀني صاحبن جي لکيل لفظ کي هن ڪري غلط قرار ڏنو آهي ته جَتن جي ترسڻ واري جوءِ ته ڪيچ مڪران هئي ۽ جتي عارضي طور رهيل هئا سا سسئي جي جُوءِ هئي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي جي زباني مصرع ۾ فرمايو:
”جت منهنجي جوءِ ۾، گهارن مان گهڙي“
اها مصرع ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي ۾ بلڪل درست لکيل آهي. ٻين سڀني صاحبن مصرع ۾ لفظ ”پنهنجي، پهنجي، پانهنجي، پاهجي ۽ تنهنجي“ غلط لکيا آهن.
خ. نه ڪڙي، ته ڪڙي: ”ته ڪڙي“ الفاظ فقط ممتاز مرزا، لکيا آهن، هن صاحب انهي ڪري لکيا ته گنج شريف ۾ به ”ته ڪڙي“ الفاظ لکيل آهن اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڪاتب کان غلطي سببان ”نه“ بجاءِ ”ته“ اکر لکجي ويو. ممتاز مرزا بغير سوچ ويچار جي لکي ڇڏيو.
د. گهارين، گهارن: قاريئن ڪرام! لفظ ”گهارين“ جي هڪ ماترا (هڪ پد) وڌيل آهي. مگر لفظ ”گهارن“ بيت ۾ لکڻ هر طرح مناسب لڳي ٿو. جن صاحبن درست لفظ ”گهارن“ لکيو آهي سي آهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي.
ذ. مانَ، مان نه : فقط ٻانهي خان شيخ الفاظ ”مان نه“ لکيا آهن غلط الفاظ لکيا اٿس. غلط هن ڪري ٿا چئون ته ٻين صاحبن ”مان“ لفظ لکي ”ن“ جي مٿان واضع طور تي زبر ڏني آهي، جنهن جي معنيٰ ٿئي ٿي ”شال“ ۽ ٻانهي خان جي لکيل لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”شال نه“ .
ر. ڪنهن ڏڄڻ، ڪنهن ڏکي، ڪنهن ڏدهي: قارئين ڪرام! لفظ ”ڏدهي“ اردو لپي ۾ لکيل آهي اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڏڌي“ لکبو. ”ڏڌي“ لفظ جي معني آهي ”اڌ سڙيل“. ۽ ”ڏکي“ جي معنيٰ آهي ”غم زده ۽ غم جي ماريل“. ڪنوار جي ڏڄڻ يعني ڪنوار جي دشمن عورت ڪنوار سان دشمني پاڙيندي رسمي طور تي ابتو ڏاوڻ ڏائي سگهي ٿي. هي قديم رسم آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ان رسم جي نشان دهي ڪئي آهي.
ز. ڏاون، ڏواڻ، ڏانوڻ، ٽلوڻ: لفظ ”ٽلوڻ“ علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي اهو لفظ نامناسب لکيل آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته ”ٽلوڻ“ جي معنيٰ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکي آهي. ”نڀاگي“.
ياد رهي ته! شادي ۾ ڏاوڻ ڏايڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي، ان رسم جي مراد هي هوندي آهي ته ٻيئي گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي سان ٻڌل رهن .
س. ڏائيو، ڏانئيو، ڇوڙيا: قارئين ڪرام! لفظ ”ڇوڙيا“ حاجي محمّد سمي لکيا آهن. ڏاوڻ ڏائبا آهن، پوءِ ڇوڙبا آهن مگر حاجي محمّد سمي پهريون ئي لفظ ”ڇوڙيا“ نا مناسب لکيو آهي.
لفظ ”ڏانئيو“ مناسب لفظ نه آهي ڇا ڪاڻ ته اهو لفظ ”ڏانئڻ“ منجهان نڪري ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي. روح کي پريشان ڪرڻ واري بلا“ اِن لفظ جي مقابلي لفظ ”ڏائيو“ درست آهي ڇا ڪاڻ ته اهو لفظ ڏايڻ جي لڙهي منجهان نڪتل آهي.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي:
[b]مَتان نَه ڪَا، ٻَڙِي ٻُولَ ٻاروچيِ وِسهَي،
هُوندَ نَه سُتيَس سَرَتِيُون! ويهِي رَهيسَ وَڙي،
جَتَ مُنهِنجِي جُوءِ ۾، گهَارِن مانَ گَهڙِي!
ڪيچِيُنِ آئون نه ڪَڙِي، ڪنهن ڏَڄڻ ڏاوَڻُ ڏائيو.[/b]
معنيٰ: متان ڪا شيطان صفت متڪبّر عورت پنهنجي اجائي، بڙائي، تڪبّر هٺ ۽ وڏائي سببان ٻاروچل جي ٻول تي ويساهه ۽ اعتبار نه ڪري.
مان ستل هئس جيڪر نه سمهان ها، اي جيڏيون مان پنهنجي گهر ۾ وڙي ۽ واڙجي ويهي رهيس. (ٻاهر نه نڪتيس جيڪر ٻاهر نڪران ها)
شال جَت منهنجي جوءِ (ڀنڀور جي پسگردائي) ۾ ڪا گهڙي پلڪ گهارن (ته جئن مان وٽن پهچي وڃان)
مان ڪيچين کي ڪوڙي ۽ اڻ وڻندڙ ته نه هئس مگر پنهل سان منهنجي شادي جي موقعي تي منهنجا ۽ پنهل جا، سنڌ جي رسم ۽ رواج مطابق جنهن عورت ڏاوڻ ڏايا تنهن جي مون سان ڪا دشمني هئي، اُن ڏڄڻ عورت منهنجي سهاڳ کي بد دعا ڪئي تڏهن ته مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو آهي.
*****