لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

15. سُر معذوري

تو سَڱ، ساهَ گهڻن سين، جِيَڻَ گوشي جاءُ،
مَرَڻُ مُونسين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر معذوري ص233سال 1900ع)


تو سَڱُ، سَاهَه کَڻڻ سين، جيئَڻَ گوشي جَاءُ،
مَرَڻ مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پنڌُ ڪَرِيَان.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 86سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

تو سَڱُ، ساهَ! گهڻن سين، جِئَڻَ! گوشي جاءُ،
مُرَڻ! مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَريان.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص160مڪتبه بُرهان )

تو سَڱُ، ساهَ! گهڻن سين، جِيَڻَ! گوشي جاءُ،
مرڻَ! مُون سين آءُ، ته پُٺِي تو پَنڌُ ڪَريان.
(ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص352سال 1995 )

تو سَڱ، ساهُه گهڻنَ سِين، جيَڻَ گوشي جاءُ،
مَرڻ مون سين آءُ، تَه پُٺيءَ تَو پنڌُ ڪريان.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص27سال 1995 )

تو سَڱُ، ساهُه کڻَڻَ سين، جِيڻَ کي جَبَلُ،
مَرَڻُ! مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَريان.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 226سال 2013)

تو سَڱُ، ساهَ کَڻَڻَ سِين، جِيڻَ گوشي جاءُ،
مَرَڻُ مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَريان.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر معذوري سنڌ ثقافت کاتو ص200سال 2009)

تو سڱ، ساهه کڻڻ سينءَ، جِيڻ گوشي جاءِ،
مرڻَ! مون سينءَ آءُ، ته پٺيءَ تو پير ڪَڙيان.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 241سال 2009ع مهراڻ)

تو سَڱُ، ساهَ! گهَڻن سين، جِئَڻَ گوشي جاءُ،
مَرَڻَ! موُن سين آءُ، ته پٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر معذوري ص 71سال 1994 )

تو سڱُ، ساهَ گهڻن سين، جِيَڻَ گوشي جاءُ،
مَرَڻَ! مَونسين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص271مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

تو سَڱُ، ساهَه کڻڻ سين، جيڻ گوشي جاءُ،
مَرڻَ مَونسين آءُ، ته پُٺيءَ تو پُير ڪَڙيان.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 299بااختيار ادارو سال 1994 )

تو سَڱُ، ساهَ! گَهڻَن سِين، جِئَڻَ! گوشي جاءُ،
مَرَڻُ مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَريان.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص438سنڌي ادبي بورڊ 1993 )


تو سڱ، ساهه کڻڻ سين، جِيئڻ گوشي جاءِ،
مرڻ مون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 131سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

تو سنڱ ساهه کَڻَڻ سِين، جِيَئَڻ کي جَبل،
مرڻ مون سِين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌَ ڪريان.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر معذوري ص 187سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

تو سَڱُ، ساهَ گهَڻَن سِين، جِيَڻَ گوشي جاءُ،
مَرَڻ! مُون سين آءُ، ته پُٺِي تو پَنڌُ ڪَرِيان.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص169سال 2013ع روشني)

تو سڱ، سَاه کڻڻ سينءِ، جِيئَڻَ گوشي جاءِ،
مرڻَ مُون سينءَ آءُ، ته پٺيءَ تو پير ڪَڙيان.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 280سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)


تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سڱ)، (کڻڻ، گهڻن) (جاءِ، جاءُ، جاءَ)، (پنڌ ڪريان، پير ڪڙيان)

الف. سڱ: قارئين ڪرام! مڙني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”سڱ“ لکيو آهي. علامه آءِ آءِ قاضي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به لفظ ”سڱ“ لکيو آهي. اسان جي خيال مطابق انهن بزرگن لفظ ”سڱ“ لکڻ وقت غور نه فرمايو. جيڪڏهن ذري ڀر سوچن ها ته اهي صاحب لفظ ”سڱ“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت ۾ نه لکن ها يا نه لکرائن ها.
ياد رهي ته هن بيت ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ طرفان روح ۽ جسم جي پاڻ ۾ گفتگو فرمايل آهي.
روح ۽ جسم ٻه الڳ شيون آهن. روح جو رشتو بدن سان ڪجهه عرصو گڏ رهڻ ۽ سنگت ڪرڻ وارو آهي ۽ نه سڱ بند رکڻ وارو.
جسم جو واسطو روح سان ڪجهه مُتعين عرصو آهي جسم جو روح سان رت جو رشتو نه آهي. جنهن سان رت جو رشتو هوندو آهي تنهن رشتي کي سڱ وارو رشتو چئبو آهي .
روح امر ربّي آهي ۽ جسم خاڪي آهي. تنهنڪري هنن جو پاڻ ۾ سڱ جو رشتو ٿي ئي نه ٿو سگهي. مطلب ته ديوان تارا چند (1900ع) کان وٺي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 2009ع تائين سڀني صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع جو ٻيو لفظ اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ ”سنگ“ آهي.

ب. کڻڻ، گهڻن: ”شاهه جو رسالو“ جي مرتبن ۽ محققن منجهان جن صاحبان لفظ ”گهڻن“ لکيو آهي. سي صاحبان آهن. غلام محمّد شاهواڻي، ديوان تاراچند، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، ممتاز مرزا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر گُربخشاڻي.
هنن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. ساهه جو واسطو هڪ جسم سان ٿئي ٿو ۽ نه گهڻن جسمن سان.
جن صاحبن ”کڻڻ“ برابر لفظ لکيو سي صاحبان آهن، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ٻانهو خان شيخ، باگو جي ڏانو جي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.

ت. جاءِ، جاءُ، جاءَ: قارئين ڪرام! سگهڙ حاجي الهداد جنجهي بيت جي پهرين مصرع مڙني ليکڪن کان مختلف لکي آهي هن لکيو آهي ”جئڻ کي جبل“ اسان جي تحقيق موجب غلط لکيو اٿس. باقي مرتب ۽ محقق ۡحضرات منجهان ڪن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي قافيي جي طرف توجه ئي نه ڏنو آهي. جن صاحبن بي توجهي ڏيکاري سي آهن، باگوجي ڏانوجي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
هنن صاحبن لفظ ”جاءِ “ لکيو آهي. اسان انهن جي لکيل لفظ کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي ته لفظ ”جاءِ“ جي معنيٰ آهي. ”هنڌ يا ٽڪاڻو“ . جن صاحبن لفظ ”جاءُ“ لکيو آهي. تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته ”جاءُ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”وڃ“. درست لفظ ”جاءُ“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

ث. پنڌ ڪريان، پير ڪڙيان: قارئين ڪرام! جن صاحبن جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۽ گنج منجهان اسان بيت لکيا آهن تن منجهان سواءِ ٽن صاحبن جي باقي مرتبن ۽ محققن الفاظ ”پنڌ ڪريان“ نهايت ئي درست الفاظ لکيا آهن. مگر شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگي جي ڏني جي الفاظ ”پير ڪڙيان“ غلط لکيا آهن.

تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]تو سنگ، سَاهه کڻڻ سين، جِيئڻ گوشي جاءُ،
مرڻَ مُون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪَريان.[/b]

معنيٰ: سسئي پنهنجي جسم کي مخاطب ٿي چئي ٿي ته اي منهنجا جسم تو سان منهنجو رشتو ۽ ناتو ساهه کڻڻ سان ۽ ساهه جي هجڻ تائين محدود آهي. تون سنگ آهين، تون مون سان گڏ آهين ته مان ساهه کڻان ٿي. اي جياپا تون مون کان پري ڪُنڊائتو ٿي وڃ، مون کان گوشو ڪري وڃ، تنهنجي ضرورت نه آهي.
ٻي طرف موت کي چئي ٿي ته اي موت تون مون سان گڏجي منهنجي اڳيان هل ته مان تنهن جي پٺيان پنڌ ڪريان. (اي موت تون اُها پُل آهين جيڪا هڪ حبيب کي ٻي حبيب سان ملائي ٿي) الموت جِسرُ‘ يُوَصِل الحَبيبِ باالحَبيب.
*****

ڏَکَا ڏُنکَرَ جَا مِرُو مَرُ ٿَا مُنتي ڪَنِ،
پُندَا ڪِينَ پَريَٽِ تي، سَڌَرَ ٿَا سُڃَنِّ،
سَکَائِيَ جِي سَيّدُ چَي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هُندَ نهَ هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرَابَتَ ڪَمُّ ڪِئُو.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُرود سسئي ص 56)

ڏَڪَا ڏُونکَرَ جَا مَر ٿَا مِرُو مُونتي ڪَنِ،
پُونَدا ڪِينَ پَريٽِ تي، جِـ هِ جَا سَڌَرَتَا سُڃَنِّ،
سَکَائِيَ جِي سَيّدُ چَي، اٰهي سُڌِ سَڀَنِّ،
هُوندَ نهَ هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرَابَتَ ڪَمُّ ڪِئُو.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر معذوري ص169)

ڏَکهَا ڏُونکَرَ جَا مِرُون مَرُ تهَا مُون تي کَنِ،
پَوَندَا کِي نَه پَرٿِ تي، هِنَ جَا سَدَهَرَ تهَا سُڄَنِ،
سَنکَائِيَ جِي سَيّدُ چَوي آهي سُدهِه سَبهِنِ،
هُونّدَ نهَ هِتِ ٿَرَنِ، پَرَ کو قَرَابَتَ کَم کِئو.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر معذوري ص311سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

ڏَکا ڏونگر جا مُرون مَرُ ٿا مونتي ڪن،
پُوندا ڪينَ پَرِيٽِ تي، جنهنجا سَڌَر ٿا سُڄن،
سَگهائي جي، سيّد چئي، آهي سُڌ سڀن،
هوند به هِت ٽَرنَ، قَرابَتَ ڪم ڪيو.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر معذوري ص224سال 1900ع)

ڏَکا ڏُونگَر جَا مِرُون مَرُ ٿَا مُون تي ڪَنِ،
پُوندَا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، سَڌَرَ ٿَا سُڄَنِ،
سَڳَائِي جِي، سَيَدُ چئي آهي سُڌ سَڀَنِ،
هُوندَ نَه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرَابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 69سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرون مَرُ ٿا مون تي ڪَنِ،
پُڙندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيَ جِي، سَيّدُ چئي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هُوندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پر قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص155مڪتبه بُرهان )

ڏَکا ڏونگرَ جا مرون مَرُ ٿا مون تي ڪَن،
پُوندا ڪينَ پَرِيَٽِ تي، اُن کي سَڌَر ٿا سُجهن،
سَگهائِئ جي، سيَد چئي، آهي سُڌ سڀنِ،
هوند نَه هِتِ ٽرنِ، پر قرابت ڪم ڪُيو.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ودسسئي ص56سال 1995 )

ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
پُڙَندا ڪِينَ پَرِٽِ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيءَ جي، سَيّدُ چئي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هُوندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪئو.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 218سال 2013)

ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُو مَرُ ٿا مُون تي ڪَن،
پُونَدا ڪِينَ پَريٽَ تي، جِنـ ه جا سَڌَرَ سيڻَ سُڄَنِ،
سَڳائِيءَ جي سَيدُ چَئي، آهي سُڌِ سَڀنِ،
هُوءِ نه هوندَ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر معذوري سنڌ ثقافت کاتو ص194سال 2009)

ڏَکا، ڏوُنگَرَ جا مروُن، مَرُ ٿا موُن تي ڪَن،
پُڙندا ڪِينَ پَرِيَٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيءِ جِي، سَيّدُ چئي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هوُندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پر قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.

(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر معذوري ص 145سال 1994 )

ڏُکا، ڏونگر جا مرون مَرُ ٿا مونتي ڪن،
پُوندا ڪين پَرِيَٽَ تي، جنهنجا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَگهائيءَ جِي، سَيّدُ چئي آهي سُڌ سڀن،
هوند نه هِت ٽَرَن، قَرَابَتَ ڪم ڪيو.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص263مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

ڏَکا ڏونگر جا مُرون مَرُ ٿا مونتي ڪن،
پُوندا ڪينَ پَريٽِ تي، جنهنجا سَڌَر ٿا سُچن،
سَگهائي جي، سيد چئي آهي سڌ سڀن،
هوند به هتِ ٽَرنَ، قرابت ڪم ڪُيو.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 299بااختيار ادارو سال 1994 )

ڏَکا ڏوَنگَرَ جَا مِروُن مَرُ ٿَا مُون تي ڪَنِ،
پُڙَندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿَا سُڄَنِ،
سَڳائِيءَ جِي، سَيّدُ چئي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هُوندَ نَه هتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرَابَتَ ڪَمُ ڪِيو.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سسئي معذوري ص411سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

ڏَکا، ڏُنگَرَ جا مِرُون مَرُ ٿا مون تي ڪن،
پُڙنَدا ڪِينَ پَرِيَٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيَ جِي، سَيّدُ چي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هُندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
(ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص348سال 1995 )

ڏَکا ڏونگر جا مرون مر ٿا مون تي ڪن،
پوندا ڪينَ پَريٽ تي، جِنهنجا سڌر ٿا سُڄن،
سَڳائيءَ جي سيّد چئي، آهي سُڌ سڀن،
هوند نه هِت ٽَرن، پَر قرابت ڪم ڪيو.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 241سال 2009ع مهراڻ)

ڏَکا ڏُونگر جا مِرون مر ٿا مون تي ڪن،
پوندا ڪين پريٽ تي، ان کي سَڌَر ٿا سُڄن،
سَگهائيءَ جي، سيد چئي، آهي سُڌ سڀن،
هوند نه هت ٽَرنَ، پر قرابت ڪم ڪَيو.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 127سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

ڏَکا ڏُونگر جا مِرون مر ٿا مون تي ڪن،
پَوَندا ڪيئن پَرٽ تي، جِنهن جا سَڌَر ٿا سُڄن،
سَگائي جي سيد چئي، آهي سُڌ سَڀَن،
هوند نه هِت ٽَرن، پَر قرابت ڪَمُ ڪِيو.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر معذوري ص 183سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

ڏَکا، ڏُنگَرَ جا مِرُون مَرُ ٿا موُن تي ڪَنِ،
پُڙَندا ڪِينَ پَرِيَٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيَ جِي، سَيّدُ چي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هُندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص165سال 2013ع روشني)

ڏَکا ڏونگر جا مرون، مر ٿا مون تي ڪن،
پوندا ڪينَ پَريٽ تي، جنهنجا سڌَر ٿا سُڄن،
سَڳائيءَ جي سيد چئي، آهي سُڌ سڀن،
هوند نه هِت ٽَرن، پَر قرابت ڪم ڪيو.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 280سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

ڏَکا، ڏُنگَرَ جا مِرُون مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
پُڙنَدا ڪينَ پَرِٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائِيَءَ جِي، سَيدُ چئي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هُوند نَه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 86سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

نوٽ: جن ليکڪن جا مٿي بيت لکيا ويا آهن. تن صاحبن منجهان علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بيت جي آخري مصرع ۾ هڪ لفظ ”پر“ کٽائي لکيو آهي ۽ ٻين صاحبن منجهان هر محقق ۽ مرتب مختلف الفاظ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت کي متضاد ۽ متنازعه بڻائي ڇڏيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏَکا، ڏُکا، ڏڪا)، (مرُو، مرون)، (مرٿا)، (پندا، پوندا، پڙندا)، (ان کي، هن جا، جنهنجا)، (سڄن، سچن، سجهن)، (سگهائي، سگائي، سڳائي، سنکائي)، (هوند نه هت، هوءِ نه هند، هوند به هت)، (پر قرابت، قرابت).

الف. ڏَکا، ڏُکا، ڏڪا: قديم ڪاتب حاجي محمّد سمي لفظ ”ڏَکا“ بجاءِ لفظ ”ڏَڪا“ لکيو. اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿو سونهين.
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”ڏُکا“ لکيو آهي. ”ڏُکا“ لفظ جي معنيٰ لکي اٿس ”حملا“ (ص 263). غلط معنيٰ لکي اٿس.
قارئين ڪرام! هڪ ته لفظ غلط لکيو ويو آهي ٻيو وري لفظ جي معنيٰ ٻين مرتب ۽ محقق حضرات واري لکي ويئي آهي.
لفظ ”ڏَکا“ باقي ٻين سڀني مرتب ۽ محقق حضرات لکيو آهي. افسوس سان لکڻو ٿو پئي ته ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ”ڏَکا“ لفظ جي معنيٰ ”حملا“ لکي آهي.
اهو اعتراض هن ڪري ٿا ڪريون ته لفظ ”ڏَکا“ جي معنيٰ آهي ”ڊيڄارڻ ۽ الرون ڪرڻ ۽ نه حملو ڪرڻ“. جانور جو حملو ان کي چئبو آهي جيڪو ڊوڙي اچي جسم کي چڪ پائي. جهنگ جا جانورن ته سسئي کي صرف ڏَکا ڏيئي ڊيچاري رهيا هئا حملو نه ڪري رهيا هئا.

ب. مرُو، مرون: لفظ ”مرُو“ سيّد عبدالعظيم ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. قديم ڪاتب ته ”ن“ غنو اڪثر نه لکندا هئا. جئن لفظ ”مرُو“ لکيو ويو ته ان لفظ کي ”مرون“ پڙهيو ويندو هو. ”مِرو“ غلط العام لفظ آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”مرو“ غلط لکيو آهي. جامع سنڌي لغات جي ص 310 تي لفظ ”مرون“ ۽ سندس جمع به ”مرون“ لکيل آهي جنهن جي معنيٰ لکيل آهي ”سوئر، ۡخنزير، درندو“ .

ت. مرٿا: قارائين ڪرام! لفظ ”مرٿا“ سڀني مرتب ۽ محقق حضرات لکيو آهي. اسان کي اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب ۽ پرڪشش نه لڳو تنهنڪري اهو خيال ذهن ۾ رکي اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي مختلف رسالن جو مطالعو ڪيو ته لفظ ”مرتان ۽ مرجان“ نظر آيا.

مَــرُ تان چالِيههِ چَئي، سَڱان سُپيرِين جي.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سر سهڻي ص 392)

مَـر جان چالِيههِ چَي، سَڱان سُپيرِين جي.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي، سر سهڻي ص 268)

قارئين ڪرام! اسان مٿيان ٻه مثال ڏيئي هي ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”مرٿا“ لفظ ”مرتان ۽ مرجان“ جو بگڙيل غلط العام لفظ آهي، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ غلط العام لفظ استعمال نه ٿو ڪري سگهي ڇا ڪاڻ ته عالم جو اهو شان نه آهي.

ث. پندا، پوندا، پڙندا: لفظ ”پوندا“ ٻانهي خان شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حاجي سگهڙ الله داد جنجهي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ديوان تاراچند، ممتاز مرزا ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن لفظ مناسب نه لکيو آهي. سيّد عبدالعظيم لفظ ”پندا“ لکيو آهي اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”پڻندا“ ۽ ”پڙندا“ ٿيندا.
لفظ ”پوندا“ جي معنيٰ آهي ”ڪنهن تي يا ڪنهن جي مٿان سمهڻ يا پوڻ“. لفظ ”پوندا“ جو مصدر آهي ”پوڻ“. سنڌيڪا لغت جي ص 243 جو مطالعو ڪندو ته اوهان کي لفظ ”پوڻ“ جي معنيٰ ملندي ”داخل ٿيڻ، گهڙڻ، ليٽڻ، مٿان ڪرڻ، اچڻ نازل ٿيڻ“.
لفظ ”پڙندا“ جو مصدر آهي ”پڙڻ“ جنهن جي معنيٰ آهي ”غالب پوڻ، پڄڻ“ (ص 232 سنڌيڪا لغت).
تنهنڪري لفظ ”پوندا“ کان ”پڙندا“ وڌيڪ مناسب لڳي ٿو. جن صاحبن برابر لفظ ”پڙندا“ لکيو آهي سي آهن غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

ج. ان کي، هن جا، جنهنجا: جن صاحبن الفاظ ”هن جا سڌر“ لکيا تن درست لکيا آهن. درست الفاظ هن ڪري ٿا چئون ته ”هن جا سڌر“ الفاظ جو اشارو سسئي جي مڙس پنهل ڏانهن آهي ته جبل جي هر هڪ مرون کي هي سڌ آهي ته هن جو پنهون هن جي (سسئي) سٺي ڌر آهي يعني هن جو حمائتي آهي. اهي درست الفاظ عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومري لکيا آهن.

ح. سڄن، سچن، سجهن: لفظ ”سچن“ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان تحقيق ڪري هي معلوم ڪيو آهي ته لفظ ”سڄن“ بجاءِ لفظ ”سچن“ لکڻ واري غلطي پروف ريڊر جي آهي ۽ نه شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي.
رهيو سوال ”سڄن ۽ سجهن“ جو ته قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڄ، جهه“ کي لکڻ بدران ”ڃ“ اکر استعمال ڪندا آهن. جڏهن ته اهو اصل لفظ ”سُجهن“ آهي، ”سَڄن“ ۽ ”سُڄي“ غلط العام الفاظ آهن. ڇا ڪاڻ ته هر هڪ لفظ جي پنهنجي حيثيت آهي. لفظ ”سڄن“ جي لغوي معنيٰ سُڄي وڃن ۽ ٿلها ٿي وڃن آهي.
لفظ ”سجهن“ فقط ممتاز مرزا لکيو آهي ۽ باقي ٻين صاحبن درست لفظ نه لکيو آهي. قديم سنڌي صوورت خطيءَ ۾ ”سجن“ لکبو هو ڇاڪاڻ ته ”جهه“ اکر قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ نه هو.

خ. سگهائي، سگائي، سڳائي، سنکائي: لفظ ”سنکائي“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ سيّد عبدالعظيم لکيو آهي. جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ٿيندو ”سڱائي“ اهو لفظ ”سڱ“ لفظ جي لڙهي منجهان نڪري ٿو. جنهن جي معنيٰ ”سڳائي“ ٿئي ٿي.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”سگهائي“ لکيو تن درست لفظ نه لکيو آهي. درست لفظ نه لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ. انهن صاحبن جي لکيل لفظ ”سگهائي“ کي اسان هن ڪري غلط قرار ڏنو ته ”سگهائي“ لفظ جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت سان ڪو تعلق نه آهي. هن بيت سان تعلق لفظ ”سگائي“ جو به نه آهي. ڇا ڪاڻ ته ”سگائي“ لفظ اردو زبان ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ سنڌي ٻولي ۾ لفظ ”سڳائي“ استعمال ٿيندو آهي. برابر لفظ ”سڳائي“ جن صاحبن لکيو آهي سي آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ٻانهون خان شيخ، ڊاۡڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.

د. هوند نه هت، هوءِ نه هند، هوند به هت: اهو غلط فقرو ”هوند به هت ٽرن“ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان تحقيق ڪري معلوم ڪيو. ته لفظ ”به“ غلطي وچان ”ن“ بجاءِ پريس وارن کان لکجي ويو ۽ پروف ريڊر جي غلطي سببان رهجي ويو.
فقرو ”هوند نه هت ٽرن“ جن لکيو آهي تن جو فقرو هن ڪري مناسب نه ٿو لڳي ته هي فقرو اڃا ڪجهه وضاحت طلب آهي مناسب ۽ بهترين فقرو ”هوءِ نه هوند ٽرنۡ“ آهي. اهو فقرو فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي.

ذ. پر قرابت، قرابت: جن صاحبن فقط لفظ ”قرابت“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق هڪ لفظ ”پر“ کٽائي لکيو آهي ۽ اهو لفظ ”پر“ هن حقيقت جو اظهار ڪري ته جبل جا مرون سسئي تي حملي ڪرڻ کان هرگز نه ٽرن ها ”پر“ سسئي جي پنهون سان قرابت جبل جي مرن کي حملي ڪرڻ کان روڪيو ٿي. جن مناسب لفظ ”پر“ نه لکيو سي صاحبان آهن، ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ غلام مصطفيٰ قاسمي.
قارئين ڪرام! ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ هڪ لفظ ”کو (ڪو)“ بيت جي آخري مصرع ۾ وڌيڪ لکيو آهي ٻي ڪنهن به نه لکيو آهي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هيٺين صورت بيهي ٿي.

[b]ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرُون مَرتان مُون تي ڪَنِ،
پُڙنَدا ڪينَ پَرِيٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُجهن،
سَڳائِي جِي، سَيدُ چئي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هوءِ نه هُوند ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِيو.[/b]

معنيٰ: سسئي چوي ٿي ته ڏونگر ۽ جبل جا مرون (درندا) مون تي ڀل جان، اُلرون ڪن، مرجان مون کي ڏَکا ڏين، مرتان، مون کي ڊيڄارين، اهي مون پريٽ تي، مون ڌوٻياڻي تي، حملو نه ڪندا. ڇا ڪاڻ ته منهنجا طاقت وارا ۽ سٺي ڌر وارا وارث آهن.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته سسئي ۽ پنهون جي سنڱ بند (سڳائي) جي سڀني کي سُڌ ۽ خبر آهي. جهنگ جا مرون (هوءِ) شايد هن (سسئي) تي حملي ڪرڻ کان هرگز نه ٽرن ها پر سسئي جي پنهون سان قرابت ڪم ڪري ويئي.

*****