لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

22. سُر سورٺ

جِيُ مَکَنهَارَ، مَهُوءِ، جِن تُو مَٿي سِر َسُٽو ڪِئُو،
جُو مُن مُوِرَ نَه سَپَڃي، تَا جي سُو کُرِئُوءِ،
تَه جُنکَا جُنکِه ڏِنُوءِ، هُندَ ڏُوکُو ڏَاتَارَنِکي.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر سورٺ ص507)

جِـ ه مَٿي سِر َسَٺُو ڪِئُو، سو جِيُ مَنکنَهَارُ مَهُوءِ،
جُو مُن مُلِ مُورِ نه سَپَڃي، اَچِي سُو کِرُوءُءِ،
جَکَا جَکِه ڏِنُوءِ، ڏُونکُو ڏَاتَارَنِکي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص355)

سو جِييُ مَنکَٺهَارَ مَ هوءِ، جو تو مَتهي سر َسٿهو کئو،
جو مَن مُلهِه مُورِ نَه سَپَڄي، اَچِي سو کهريوءِ،
جهکا جهَکُ ڏِنوءِ، ڏُونّکهو ڏَاتَارَنِ کهي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص473سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

سو جِيُ مَڱڻهارَ مَ هوءِ، جِو تو مَٿي سِر َسَٽو ڪِيو،
جو مُون مُلِهه مُورِ نه سَپَجي، تَان جي سو گُهريوءِ،
تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سور ٺ ص346سال 1900ع)

جِيءُ مَڱَڻهَارَ، مَ هوءِ، جِيئَن تو مَٿي سِر َسَٽو ڪِئو،
جو مُون مُور نَه سَپَجي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
تَه جُڳَان جُڳِ ڏِنوءِ، هُوندَ ڏُونگهو ڏَاتَارَنِ کي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص344سال2012 )

سو جِيُ مَڱڻهارَ، مَ هوءِ، جِـ هِ تو مَٿي سِر َسَٽو ڪِئو،
جو مُون مُلِ مُورِ نه سَپَڄي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
تَه جُڳا جُڳ ڏنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص627سا ل 1996 )

سو جِيُ مَڱڻهارَ، مَ هوءِ، جِنهن تو مَٿي سِر َسَٽو ڪَيو،
جو مُون مُلِ مُورِ نه سَپَڄي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص307سا ل )

جي مڱڻهار، مَ هوءِ، جيئن تو مٿي سِر َسَٺو ڪيو،
جو مون مور نه سَپِڄي، تَان جي سَو گُهريوءِ،
تَه جُنگان جُنگِ ڏنوءِ، هوند ڏوکو ڏاتارنِ کي.
(ممتاز مرزا، گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر سورٺ ص418سال 1995 )

سو جِيءُ مڱڻهارَ، مَ هوءِ، جو تو مَٿي سر َسَٽو ڪيو،
جو مُون مُلهِه مُور نه سَپَجي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
تَه جڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگهو ڏَاتَارَنِ کي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سور ٺ ص 455بااختيار ادارو سال 1994 )

سو جِيءُ، مَڱَڻَهارَ، مَ هوءِ، جِنهن تو مَٿي سِر َسَٽو ڪيو،
جو مُون مُلِ مُور نه سپڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ،
تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگو ڏاتارَنِ کي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص100سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

جِيءُ مڱڻا هوءِ، جو تو مَٿي سِر سَٺو ڪيو،
جو مُل مون نه سَپجي، تان جي سو گُهريوءِ،
ته جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگهو ڏاتارن کي.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 291سال 2009)

سو جِئ مڱڻهارَ، مَ هوءِ، جِـ هِ تو مَٿي سِر َسَٽو ڪِيو،
جو مُون مُلهِه مُورِ نه سَپَجي، تان جي سو گُهريُوءِ،
تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.
(غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص388سال 1999ع )

سو جِيُ مَڱَڻهارَ! مَ هوءِ، جَـ هِ تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪِئو،
جو مُون مُل مُورِ نَه سَپَڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ،
تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص305سال 2013ع روشني)

سو جِيُ مَڱَڻهارَ! مَ هوءِ، جَنهِن تو مَٿي سِرَ سَٺو ڪَيو،
جو مون مُل مُورِ نه سَپَڄي، تانجي سو گُهرِيوءِ،
ته جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص455سال 2013)

سو جِيءُ مڱڻهارَ، مَ هوءِ، جو تو مَٿي سر َسَٽو ڪيو،
جو مُون مُلهِه مُور نه سَپَجي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
تَه جڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگهو ڏَاتَارَنِ کي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سورٺ ص 167سال 1994 )

سو جيءُ مڱڻهار مَ هوءِ، جو تو مٿي سر سٽو ڪيو،
جو مون ملهَه مور نه سَپجي، تان جي سو گهريوءِ،
ته جڳان جڳ ڏنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 324سال 2009ع مهراڻ)

سو مڱڻهار مَ هوءِ، جنهن تو مَٿي سِرَ سَٺو ڪيو،
جنهن مان امل مُور نه سَپجي، تانجي سو گهريوءِ،
جُڳان جُڳ ڏِٺوءِ، هو نه ته ڏُونگهو ڏاتارن کي.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سورٺ ص270سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

سو جيءُ مڱڻهار م هوءِ، جو تو مٿي سر سَٽو ڪيو،
جو مون ملهَه مور نه سَپجي، تان جي سو گهريوءِ،
ته جڳان جڳ ڏنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 460سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

جيءُ مڱڻهار هوءِ، جِو تو مٿي سر سَٽو ڪيو،
جو مان ملهه مور نه سَپجي، تان جي سو گهريو،
جُڳان جُڳ ڏنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 211سال 2008ع )

سو جِيُ، مَڱَڻهارَ! مَ هوءِ، جَنهن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪَيو،
جو مُون مُل مُورِ نه سَپَڄي، تانجي سو گُهرِيوءِ،
ته جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 190سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جيءُ، سو جيُ، سو جيءُ)، (مڱڻا هوءِ، مڱڻهار هوءِ، مڱڻهار م هوءِ، )، (جنهن تو، جـ ه تو، جئين تو، جو تو)، (سٺو، سٽو)، (جو مُل مون نه، جو مون مور نه، جو مون ملهه مور نه، جو مون مُلِ مور نه، جنهن مان اَمل مور)، (سپجي، سپڄي، سپڃي)، (تا جي سو، تان جي سو، اچي سو)، (ته جڳان جُڳ، جڳان جڳ، ته جنگان جنگ)، (ڏنگهو، ڏونگهو، ڏونگو، ڏنگو، هوند ڏوکو)

الف. جيءُ، سو جيُ، سو جيءُ: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ”جيءُ / سو جيُ، سو جيءُ“ سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن پنهنجي بيت جي پهرين مصرع ۾ لکيا آهن. اسان انهن سڀني ليکڪن جي مٿين لکيل لفظن کي غلط قرار ڏنو آهي. غلط هن ڪري قرار ڏنو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ راءِ ڏياج جي زباني مڱڻهار جي تعريف ڪندي فرمايو ”جَئي“ يعنيٰ توکي سلام ٿو ڪريان تو کي داد ڏيان ٿو، توکي آفرين هجي.
اسان جي تحقيق موجب حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”جَئي“ فرمايو ۽ نه ”جِيءُ، سو جُي يا سو جيءَ“.

ب. مڱڻا هوءِ، مڱڻهار هوءِ، مڱڻهار م هوءِ، : ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”مڱڻا هوءِ“ الفاظ استعمال ڪيا آهن .انهيءَ جي مقابلي فقير تاج محمّد نظاماڻي الفاظ ”مڱڻهار هوءِ“ درست لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”مڱڻا هوءِ“ الفاظ ۾ بلاغت نه آهي. ائين لڳي ٿو ته ”مڱڻا هوءِ“ الفاظ ڪنهن عام شاعر جي زبان منجهان نڪتل آهن. مگر ”مڱڻهار هوءِ“ الفاظ ردم ۽ ماترائن جي لحاظ کان درست آهن ۽ انهن ۾ صنعت بلاغت سمايل آهي. مگر الفاظ ”مڱڻهار مَ هوءِ“ لکڻ وارن ٻيجل کي داد ۽ تحسين جي لائق ئي نه سمجهيو مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ راءِ ڏياج جي زباني ٻيجل کي شاهاڻو سلام ڪيو، دل کولي کيس ”جئي مڱڻهار هوءِ“ فرمايو.

ت. جنهن تو، جـ ه تو، جئين تو، جو تو: اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته جن صاحبن ”جنهن تو / جـ ه تو“ الفاظ لکيا آهن، تن نهايت ئي نامناسب الفاظ لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع ۾ اهي الفاظ نامناسب آهن مگر انهن جي مقابلي ۾ ”جئين تو/ جو تو“ مناسب الفاظ آهن. انهن ٻنهي منجهان ”جو تو“ اڃا وڌيڪ مناسب آهن اهو هن ڪري ته ”جو تو“ جا الفاظ اشارو ڪن ٿا. ٻيجل ڏانهن.

ث. سٺو، سٽو: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لفظ ”سَٺو“ بيت ۾ استعمال ڪيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ مناسب نه لکيو اٿس. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”سَٺو“ جي معنيٰ آهي ”برداشت ڪيو“.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقابلي ۾ ٻين سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن ”سَٽو“ نهايت ئي مناسب لفظ استعمال ڪيو آهي. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”سٽو“ جي معنيٰ آهي، ”مٽو يا بدلو يا عِوض“.

ج. جو مُل مون نه، جو مون مور نه، جو مون ملهه مور نه، جو مون مُلِ مور نه، جنهن مان اَمل مور: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سيّد عبدالعظيم کان لفظ ”مُل“ لکڻ وسري ويو جيڪڏهن لکي ها ته ممتاز مرزا به اهو لفظ جديد صورت خطيءَ ۾ ”ملهه“ لکي ها. مگر ممتاز مرزا به مصرع ۾ کٽل لفظ جو پورائو نه ڪيو.
جن صاحبن ”جو مون ملهه مور نه“ لکيو تن درست فقرو لکيو آهي.

ح. سپجي، سپڄي، سپڃي: قارئين ڪرام! لفظ ”سپجي“ جن صاحبن لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ وارا ”ڄ“ ۽ ”ڃ“ سان گڏ ڪٿي ڪٿي ”ج“ اکر به استعمال ڪندا هئا. تنهنڪري جن صاحبن ”سپڄي ۽ سپڃي“ لکيو تن کي به لفظ ”سپجي“ لکڻ گهربو هو.

خ. تا جي سو، تان جي سو، اچي سو: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن الفاظ ”تان جي سو“ لکيا تن درست لکيا آهن. ”تا جي سو“ الفاظ فقط سيّد عبدالعظيم لکيا آهن. قديم صورت خطيءَ ۾ ”تا“ لکيو ويندو ۽ ”تان“ پڙهيو ويندو هو.
قارئين ڪرام! حاجي محمّد سمون واحد ڪاتب آهي جنهن الفاظ ”اچي سو“ لکيو آهي. اهي الفاظ بيت ۾ پرڪشش نه ٿا لڳن، بي چسا لڳن ٿا. اهو هن ڪري ٿا چئون ته هنن لفظن جي مقابلي ۾ ”تان جي“ الفاظ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”جيڪڏهن تون“.

د. ته جڳان جُڳ، جڳان جڳ، ته جنگان جنگ: قارئين ڪرام! ممتاز مرزا الفاظ ”جنگان جنگ“ نامناسب لکيا آهن. انهن جي مقابلي ۾ الفاظ ”جڳان جُڳ“ نهايت ئي مناسب آهن.

ذ. ڏنگهو، ڏونگهو، ڏونگو، ڏنگو، هوند ڏوکو: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. جن صاحبن لفظ ”ڏُنگو“ لکيو آهي، تن درست لفظ لکيو آهي. لفظ ”ڏُنگو“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي.
ممتاز مرزا الفاظ ”هوند ڏوکو“ لکيا آهن. لفظ ”هوند“ ته تمام مناسب لکيو اٿس. مگر ”ڏوکو“ بلڪل بي جاءِ لفظ لکيو اٿس.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]جَئي، مَڱَڻهارَ هوءِ، جو تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪَيو،
جو مُون مُل مُورِ نه سَپَجي، تَان جَي سُو گُهرِيوءِ،
ته جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، هُوند ڏُنگو ڏَاتارَنِ کي.[/b]

معنيٰ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه راءِ ڏياج جي زباني ٻيجل کي فرمائي ٿو ته اي مڱڻهار (ٻيجل) تو کي جـهءِ جـهءِ ڪار ڪريان ٿو، تو کي راجا جي حيثيت سان داد ڏيان ٿو. تنهنجو ٿورو مڃيان ٿو جو تو پنهنجي سُريلي ساز ۽ مڌر آواز جي عِوض ۽ بَدلي ۾ مون سان سر جو سودو ڪيو.
جيڪڏهن تون ساز ۽ آواز جو ملهه مون کان سر جي بدلي ڪو ٻيو ڪجهه گهرين ها ته جيڪر مون کان تو کي پلهءِ نه پئي ها، ته پوءِ ڏاتارن ۽ سخي مردن جي دلين تي گهاءُ (وڍ، زخم) جڳان جگ رهندو اچي ها. سخين جي گِلا ٿيندي رهي ها. تو مون کان سُر جي بدلي سِر گهري مون کي سنسار ۾ سرخرو ڪيو آهي. تو کي جس هجي.

*****

ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سَازُ ڪِئَائِين سَرِ،
وِيهِي ڪِي وَڏَاڻَ سين، پَاٺَ پَنهِنجِي پَرِ،
ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپَارَ ۾.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص378سال2012 )

ڪنجهي ڪيرت ڪينرو، ساز ڪيائين سُر،
ويهي تنهِن وڏاڻ سين، پاٽ ڪي جا پر،
ٻيجل کي ٻر ٻر، وڌئين ڪرٽُ ڪَپار ۾.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سور ٺ ص 445بااختيار ادارو سال 1994 )

ڪنجهي ڪيرت ڪينرو، ساز ڪيائين سُر،
ويهي تنهن وڏاڻ سين، پاٽ ڪي جا پر،
ٻيجل کي ٻر ٻر، وڌئين ڪَرٽ ڪپار ۾.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 357سال 2009ع مهراڻ اڪيڊمي)

ڪَنجهِي ڪِيرتَ ڪِينرو، ساز ڪيائين سَر،
وِيهي تِنهن وَڏاڻ سين، پاٽ ڪَئي سا پَر،
ڪري ٻيجل ٻر، وڌو ڪَرٽ ڪاپَار م.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سورٺ ص274سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

ڪِنجهي ڪيرت ڪينرو، ساز ڪيائين سُر،
ويهي تنهن وڏاڻ سين، پاٽ ڪي جا پر،
ٻيجل کي ٻر ٻر، وڌئين ڪَرٽ ڪپار ۾.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 452سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

ڪنجهي ڪيرت ڪينرو، ساز ڪيائين سَرِ،
ويهي تنهن وڏاڻ سين، پاٽ ڪئي جا پَرِ،
ٻيجل کي ٻر ٻر، وڌائين ڪرٽُ ڪپار ۾.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 215سال 2008ع )

نوٽ: هي بيت گنج شريف ۾ نه آهي، حاجي محمّد سمي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي، ڪلياڻ آڏواڻي، آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري نه لکيو آهي. جئن ته اهو بيت ٻين خاص رسالن ۾ لکيل آهي. اڪثر عوام انهي بيت کي پڙهي ٿو تنهنڪري انهي بيت جي تحقيق ۽ تصحيح لازمي سمجهون ٿا.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪنجهي)، (ويهي تنهن، ويهي ڪي)، (پاٽ، پاٺ)، (ڪئي سا پر، ڪي جا پر، پنهنجي پر)، (ٻيجل ڪري ٻر ٻر، ٻيجل ڪري ٻر، ٻيجل کي ٻر ٻر)، (وڌائين ڪرٽ، وڌو ڪرٽ، وڌئين ڪرٽ).

الف. ڪنجهي: قارئين ڪرام! اسان پهرين جلد جي ص 385 ۾ انهي سلسلي جو بيت لکي چڪا آهيون . جنهن ۾ شروعاتي لفظ مرتبن ۽ محققن ”ڪنجهي“ لکيو هو. ۽ اسان ان لفظ کي درست ڪري ”کنجي“ لکيو هو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي ۾ ص 479 سال 2009 تي بيت لکيل آهي. جنهن جي پهرين مصرع آهي:
” کهنجي کِيرَت کِينَرو وَاڄو ولاَتي“
قارئين ڪرام! هن مصرع جو پهريون لفظ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ اردو لپيءَ ۾ لکرايو سنڌيءَ ۾ اهو لفظ ”کنجي“ نهايت ئي درست لفظ آهي.
اسان جي تحقيق مطابق اهو بيت جيڪو اسان تحقيق ڪري رهيا آهيون تنهن جو پهريون لفظ سڀني مرتبن ۽ محققن غلط لکيو آهي. يعنيٰ ”ک“ اکر بجاءِ ”ڪ“ اکر سان لکيو اٿن.

ب. ويهي تنهن، ويهي ڪي: ٻانهي خان شيخ ”ويهي ڪي“ الفاظ لکيا آهن، اسان جي تحقيق مطابق نامناسب الفاظ لکيا اٿس. جن ليکڪن ”ويهي تنهن“ الفاظ لکيا آهن تن درست الفاظ لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت ۾ لفظ ”تنهن“ جو واسطو ڪيرت سان ڏيکاريو ويو آهي ۽ نه ڪينري سان.

ت. پاٽ، پاٺ: قارئين ڪرام! لفظ ”پاٺ“ کي مناسب هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پاٺ“ جون گهڻيون ئي معنائون آهن. ”پاٺ“ جي معنيٰ ”ڌرمي ڪتاب جو دور به آهي“، ۽ ”پاٺ“ جي معنيٰ ”ڳائڻ وارو“ به آهي. اسان هن بيت ۾ استعمال ڪيل پاٺ جي معنيٰ ”راڳي“ يعني ڳائڻو (ٻيجل) ورتي آهي. اسان پنهنجي راءِ جي تصديق لاءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي هي مصرع توهان جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا.
”پاٺ پهرين رات جو، ڳڙهه پاسي ڳايو“
هن مصرع جي معنيٰ آهي راڳي پهرين رات ڳڙه پاسي اچي راڳ ڳايو. ٻي مصرع به ملاحظه فرمايو:
”ٿيوغلغلو گرنار ۾، ته ڪو عطائي آيو“
هن مصرع جي معنيٰ هي ٿي ته گرنار ۾ چوٻول مچي ويو ته ڪو عطائي (جنهن تي الله تعاليٰ بهترين راڳ ڳائڻ جي خُوبي (عطا) ڪئي). آيو آهي هن بيت ۾ پاٺ جي معنيٰ راڳي ٿئي ٿي ۽ عطائي جي معنيٰ به راڳي ٻيجل ٿئي ٿي.
اهي ٻيئي مصرعون ثابت ڪن ٿيون ته جن صاحبن لفظ ”پاٽ“ استعمال ڪيو آهي تن بيت ۾ غلط لفظ استعمال ڪيو آهي.
قارئين ڪرام! فقط ٻانهي خان شيخ لفظ ”پاٺ“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ”پاٺ“ لفظ نهايت ئي مناسب آهي،

ث. ڪئي سا پر، ڪي جا پر، پنهنجي پر: اسان جي تحقيق مطابق ”ڪئي سا پر“ جن صاحبن لکيو آهي. تن درست لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته اها پر يعنيٰ اهو عمل جيڪو ڪيرت يعنيٰ ٻيجل کي ڪرڻو هو سو، ڪينري کي کنجي تيار ڪرڻ کان پوءِ شروع ڪيائين.

ج. ٻيجل ڪري ٻر ٻر، ٻيجل ڪري ٻر، ٻيجل کي ٻر ٻر: ”ٻيجل ڪري ٻر“ صرف الله داد جنجهي لکيو آهي، هڪ لفظ ”کٽائي لکيو اٿس. بيت ۾ مناسب نه ٿو لڳي الفاظ ”ٻيجل کي ٻر ٻر“ اسان جي تحقيق مطابق شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگي جي ڏاني جي غلط الفاظ لکيا آهن. اهو هن خيال کان ٿا چئون ته جيڪو لفظ هنن صاحبن ”کي“ لکيو آهي اهو لفظ اصل ۾ ”ڪِي“ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪَئي“.
جن صاحبن ”ٻيجل ڪري ٻر ٻر“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. درست لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ٻانهون خان شيخ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.

ح. وڌائين ڪرٽ، وڌو ڪرٽ، وڌئين ڪرٽ: اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”وڌئين/وڌائين“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته ”ٻيجل ڪري ٻر ٻر وڌائين ڪرٽ“ هي فقرو انهي ڪري غلط آهي ته لفظ ”وڌو“ بجاءِ لفظ ”وڌائين“ استعمال ڪيو ويو آهي. بيت ۾ لفظ وڌو هن طرح استعمال ڪرڻ گهرجي:
”ٻيجل ڪري ٻر ٻر، وڌو ڪرٽ ڪپار ۾“

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]کَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سَازُ ڪِيائِين سَرِ،
وِيهِي تنهن وَڏَاڻَ سِين، پَاٺَ پَنهِنجِي پَرِ،
ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپَارَ ۾.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ٻيجل لاءِ فرمائي ٿو ته ڪيرت (ٻيجل) ڪينري جي تارن کي کانج ڏيئي سَر ڪيو يعني وڄائڻ لاءِ تيار ڪيو، پوءِ ان ڪينري سان ٻيجل پنهنجي دل جي ڳالهه آلاپي، جڏهن ٻيجل جا آلاپ راجا جي ”در آگهاڻا ته راجا ٻيجل جي اڳيان اچي پنهنجو سيس نوايو. ٻيجل ٻر ٻر ڪندي (وات مان روئهارڪو آواز ڪڍندي) راجا جي ڪاپار تي ڪرٽ وهائي ڪڍيو.

*****